سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو
[هي انٽرويو محترم امير بخش حمايتي
ڪراچيءَ جي ماهنامہ ”اديون“ لاءِ ورتو ۽ ان کي
آگسٽ – سيپٽمبر، 1981ع واري پرچي ۾ ڇاپيو. غالباً
پير صاحب مرحوم جو هي ڪنهن رسالي لاءِ ڏنل آخري
انٽرويو آهي]
س: اڄڪلهه جي تعليمي سرشتي مان توهان مطمئن آهيو؟
ج: نه نه، مطمئن ڇا، مان سمجهان ٿو ته زندگي ضايع ڪرڻ آهي.
س: اسان جو نوجوان نسل چوي ٿو ته اسان کي وڏن جي ورثي کان اهو تعليمي سرشتو
مليو آهي، ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي.
ج: تعليم جيڪا اسان جي آهي، انهي
جي تشڪيل ڪندڙن مان
هڪڙو الزام انگريزن تي به آهي ڇا؟ پر انگريزن جي
زماني جي پيداوار اسان آهيون. توهان ته انگريزن
کان پوءِ ئي پيدا ٿيا. تنهن ڪري تعليم جو موجودهه
سرشتو ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انگريزن، پنهنجي مقصدن
خاطر تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي، پر ان دور جا استاد،
تعليمي ماحول، گهرو ماحول ۽ آبهوا، موجودهه دور
کان گهڻو بهتر هئا، ۽ ماڻهو فقط استاد وٽ نه پر
گهر ۾ به تعليم وٺندو آهي. بزار ۾ وٺندو آهي، شهر
۾ وٺندو آهي، ڳوٺ ۾ وٺندو آهي، اٿي ويٺيءَ ۾ تعليم
آهي، معنيٰ سڄي زندگي حقيقت ۾ تعليم آهي. تنهن ڪري
اڳي جنهن زماني ۾ اسان پيدا ٿياسين، مان سمجهان ٿو
ته سنڌ جا جيڪي ليڊر هئا، تن ڪو امتحان ته پاس
ڪونه ڪيو هو.
س: سائين تاريخ جي وصف جي اسان کي صحيح خبر ڪانهي، پر تاريخ ۾ بادشاهه،
امراءَ ۽ وزيرن جو ذڪر آهي. عوام جو ڪونهي!
ج: بلڪل صحيح آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اڄ تائين هن صديءَ ۾ يا ان کان اڳ
جي عوام کي ڪابه اهميت حاصل نه هئي، مغرب جي اثر
جو نتيجو آهي، جو عوام،
(Masses) جنهن کي چيو وڃي ٿو، ان ۾ بيداري آئي آهي، نه ته عوام جي
سلسلي ۾ نه تصور ڪندا هئا نه گفتگو ڪندا هئا.
حقيقت ۾ عوام ڪا شيءِ ئي نه هو، ان ڪري عوام جو
ذڪر ئي نه ڪيو ويو. اهڙين حالتن ۾ جن کي اسان سخت
حالتون چئون ٿا، پراڻي هڪڙي ڊارڪ
ايجز
Dark ages
چئون ٿا، ظاهر آهي ان زماني ۾ ڪوبه ماڻهو لکي نه
پي سگهيو يا چئي نه پي سگهيو يا ان قسم جي ڪا
تحريڪ ٿي نه پي سگهي. مثلاً جيڪي به تحريڪون اسان
وٽ پيدا ٿيون آهن، ۽ هر دور ۾ ماڻهو آيا آهن، انهن جدوجهدون ڪيون آهن. پر انهن جو ذڪر تاريخ ۾ ڪونهي.
اهڙن ماڻهن کي سخت اذيتون ڏئي ماريو ويو آهي، جيئن
دادوءَ جو بلاول، جنهن لاءِ مشهور
آهي
ته کيس گهاڻي ۾ پيڙهايو ويو هو يا دولهه
دريا خان وغيرهه، حقيقت ۾ اهي هئا آزادي جي تحريڪن جا علمبردار. انهي قسم جا ڪيترائي ماڻهو رهيا آهن، جن
کي تاريخ جاءِ ڪانه ڏني آهي.
س: سنڌ ۾ ماڻهن ڪيتريون ئي تحريڪون هلايون
آهن، پر انهن تحريڪن کي غلط رنگ ڏنو ويو
آهي، ڪٿي کين ڦورو ته ڪٿي ڌاڙيل ڪوٺيو ويو آهي.
ج: مان توهان کي ٻڌايو ته تاريخ حاڪمن پنهنجي
مقصدن ۽ نظرين مطابق لکرائي. ان ۾ هو هنن ماڻهن کي
ڪيئن جاءِ ڏيندا يا انهن جي عمل کي صاف ۽ واضح
ڪوٺيندا.
س: ڇا، هاڻي ان جي تصحيح يا درستي ٿي آهي؟
ج: توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته سنڌ جي تاريخ جي
سلسلي ۾ اڃا ڪابه شيءِ نه ٿي آهي. اهو توهان غلط
فهميءَ ۾ آهيو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪو ڪم ٿيو آهي.
اسان هن وقت جيڪي
Source Books
آهن انهن مان ڪجهه ڇپائي سگهيا آهيون، ۽ هاڻي
Sources فقط اهي ئي آهن، ۽ انهن تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻو
ڪجهه ڪرڻو آهي، ته هاڻي اسان جي سنڌ جي تاريخ يا
پاڪستان جي ٻين صوبن جي تاريخ نه لکي وئي آهي جيئن
يورپ ۾ ڪم ٿئي ٿو. مان فقط
Source Books کي پنهنجي
Notes سان شايع ڪري سگهيو آهيان ۽ انهن سڀني ڳالهين ڏانهن اشارا
ڪيا اٿم، جن تي لکڻ گهرجي يا جيڪي ظلم ٿيا آهن،
انهن ڏانهن مان فقط اشارا ڏنا آهن، تاريخ ڪانه لکي
اٿم.
س: اسان وٽ
Source Books (پير صاحب وچ ۾ ڪٽيندي جواب ڏنو).
ج:
Source Books توهان وٽ تمام چڱا آهن ۽ اڃا به ڪيترا ئي آهن، جن کي شايع
ڪري سگهجي ٿو. انهن
Source Books جي ڇپجڻ کان پوءِ، نوجوان لکندڙن جي هڪ جماعت هئڻ گهرجي، جن
جا ذهن صاف ۽ واضح هجن، جن کي تاريخ لکڻ جي جديد
طريقن جي ڄاڻ هجي ۽ کين يورپ مان تعليم مليل هجي.
حقيقت ۾ اسان وٽ سنڌ ۾ ڪجهه ڪونهي، ڪو ڌڻي سائين
ڪونهي، ڪو رهنما ڪونهي، ڪو صحيح سياسي ليڊر ڪونه
رهيو آهي جنهن جي دل سڙي ۽ قوم لاءِ ڪم ڪري.
اسان کي رهنما گهرجن. هاڻي توهان هندستان جي قوم
کي ڏسو، جتي سيّد (سر سيّد احمد خان) پيدا ٿيو،
انهيءَ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي ۽ پنهنجي سڄي زندگي
ان لاءِ وقف ڪئي. هاڻي توهان ڏسو، اهي سڀ
علي
ڳڙهه جا پڙهيل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ آيا، سي سڀ اتان
جي پيداوار آهن. حالانڪه مولوين چيو ته ديوبند ۾
مدرسو قائم ڪجي ۽ انگريزن سان
ڪو تعلق نه رکجي پر سر سيّد ايندڙ وقت جو سوچي
انگريزن سان
ٺاهه ڪيو ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي، جيتوڻيڪ ان ۾ سندس
تمام گهڻي بدنامي به ٿي. پر هن دور انديشي کان ڪم
ورتو ۽ جيڪڏهن سر سيّد يونيورسٽي نه ٺاهي ۽
مسلمانن کي تعليم نه ڏياري ها ته جيڪر
اڄ هندستان جا مسلمان
Red Indians
وانگر هجن ها. جڏهن ته سنڌ ۾ فقط حسن علي آفندي
اهڙو ليڊر پيدا ٿيو، جنهن مدرسو (سنڌ مدرسه) قائم
ڪيو ۽ سنڌين ۾ ڪجهه تعليم آئي ۽ توهان جيڪي به
ڪامورا ڏسو ٿا سي سڀ سنڌ مدرسي جي پيداوار آهن.
هندن به جيڪا ترقي ڪئي، سا تعليم جي ڪري، ۽ هنن
تعليمي ادارا قائم ڪيا.
جنهن يونيورسٽيءَ ۾ توهان پڙهو ٿا سا به هنن
ئي قائم ڪئي. اسان جا سنڌي نهايت ئي محنتي ۽ ذهين
آهن. اڄڪلهه جي دور ۾ به جيڪي جتي آهن، سي پنهنجي
ميدان ۾ ماهر آهن. ذهن اسان وٽ بهترين آهن ۽ ٿي
سگهي ٿو ته ٻين کان سٺا آهن، پر ان ذهن کي استعمال
ڪرڻ يا رستي تي لڳائڻ به ضروري آهي.
س: توهان جي ڳالهين ۽ خيالن مان معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ اوهان جي دل ۾ درد آهي! ته
ڇا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اوهان تاريخ بابت ڪا
اڪيڊمي قائم ڪيو. جتي يورپ کان تعليم حاصل ڪري
نوجوان اچي تحقيق ڪن ۽ انهن
۾ به جيڪي جتي آهن،
سي پنهنجي ميدان ۾ ماهر آحن. و ٿا سا به هنن ئي
قائم ڪئي. نڌين ۾ ڪجهه تعليم آئي ۽ توهان جيڪي به
ڪامورا ڏ
Source Books
۽ واضح اشارن تي ڪم ڪري، تاريخ مرتب ڪن.
ج: اڪيڊميون توهان وٽ موجود آهن. مثلاً سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌالاجي وغيرهه. نئين اڪيڊمي ٺاهڻ ڪا
سولي ڳالهه ڪانهي.
س: جيڪڏهن ڪو شاگرد يا اميدوار
Line of Action متعين ڪري ٿو ته ان جي گهروارن پاران
Resistance
ضرور ڪئي ٿي وڃي. مثال اسان جو ڪو ڇورو فوج ۾ ٿو وڃي ته گهر وارا وڃڻ نه ٿا
ڏين، يا ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو ته گهر جا ڀاتي روڄ ۽
راڙو شروع ٿا ڪن، ته ان صورت ۾ نوجوان ڇا ڪري؟
ج: مان توهان کي عرض ڪيو ته ان سلسلي ۾ گهر جو
ماحول بيحد ضروري آهي.
پر گهر جو ماحول به جيڪڏهن ٺيڪ ڪونهي ته جن
نوجوانن تي اثر پوي ٿو، اهو ماحول ٺيڪ ڪرڻ به انهن
نوجوانن جو ڪم آهي.
س: بنا ڪنهن سرپرستيءَ جي يا بنا ڪنهن ڳالهه جي دماغ ۾ ويهڻ کان سواءِ ماڻهو ڪوبه
ڪم نه ٿو ڪري سگهي، جيتر ڪنهن کي اهو ٻڌايو نه وڃي
ته تون غلط ڪم ٿو ڪرين. ان وقت تائين
هو
پنهنجو پاڻ کي درست سمجهندو،
ته غلطيءَ جي نشاندهي ڪرڻ وڏن جو فرض آهي، نه ڪي اسان جو؟
ج: مان سمجهان ٿو ته اڄ جو نوجوان وڌيڪ ذهين آهي
۽ هو پنهنجو نفعو يا نقصان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر
سمجهي سگهي ٿو.
س: سنڌي شاگرد ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ ايترو آزاد
ڪونهي.
ٻين دوستن کي فقط پڙهائي ڪرڻي پوي ٿي. کين گهر جو
ماحول به اهڙو ملي ٿو ۽ کين ٻيون سهوليتون به حاصل آهن، پر سنڌي شاگرد کي هڪ ته
پنهنجي طور تي پڙهائي ڪرڻي پوي ٿي، ٻيو ته کيس
پنهنجي پڙهائي سان گڏ پنهنجي حقن لاءِ به وڙهڻو
پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻين شاگردن لاءِ سندن اڳواڻ ۽
سندن تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، پر سنڌي شاگرد پنهنجي
قومي حقن لاءِ پاڻ وڙهندو رهي ٿو، کيس سندن اڳواڻن
بجاءِ هٿي ڏيڻ جي نقصان پهچايو آهي.
ج: ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ۽ توهان کي اهي ڏکيائيون آهن، توهان
کي تعجب ٿيندو ته اسان بنا پڙهئي ۽ بنا امتحان
ڏني، انهيءَ حد تائين لکڻ پڙهڻ ڪيئن سکيو. ان لاءِ
مان عرض ڪيان ٿو ته اسان کي حالتون سازگار مليون.
ان دور جا بزرگ حالتن کي سمجهي پنهنجي اولاد يا
نوجوانن سان هلندا هئا. جنهن ماحول ۽ معاشري ۾ اسان پيدا ٿياسون،
ان جون ضرورتون بلڪل مختلف هيون. ان زماني ۾ مثلاً
اسان کي ڪا به نوڪري جي ضرورت ڪانه هئي، آمدني جي
ضرورت ڪانه هئي ۽ جيڪي معاشي مسئلا اڄڪلهه آهن، سي
ان دور ۾ ڪونه هئا، اڳي گوشت چئين آني سير ملندو
هو ۽ هاڻي ڇويهين روپئي به نه ٿو ملي. اڳي اسان
سير گوشت لاءِ چار آنا ۽ هاڻي توهان کي ڇويهه
روپيه ڪرڻا پون ٿا. پر هاڻي انهن مشڪلاتن کي آڏو ڏسي ڇڏي نه
ڏبو. سو اڄ يونيورسٽيءَ سطح تي به نوجوانن جي ذهني
معيار کي رهنمائي ڏيڻ گهرجي. ڀيٽ ڪراچي يونيورسٽي
۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪانهي. ڀيٽ ذهن جي معيار جي
آهي. سنڌي نوجوانن جو ذهني معيار اهڙو ناهي. ڪراچي
يونيورسٽي جي شاگرد کي اهو فڪر ئي ڪونهي ته کيس
نوڪري نه ملندي يا ڪوٽا سسٽم ڪري پڙهيو ويندو. کيس ڪو به مسئلو ڪونهي. سندن
استاد، وائيس چانسيلر ۽ ٻيو اسٽاف به ڀرپور مدد
ڪري ٿو. ان ڪري سندن يونين جي چونڊن دوران نعرن کي
سطحي چئي سگهون ٿا، جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ ڪن ٿا.
منهنجي شڪايت اها آهي ته نوجوان نعرن ۾ ايترو غرق
ٿي وڃي ٿو، جو تعليم کان منهن موڙي ڇڏي ٿو.
س: وچ ۾ واقعي هڪڙو عرصو اهڙو آيو هو، جو سنڌي
نوجوان پنهنجي راهه تان ڀٽڪي ويو هو، پر هن هاڻي
موٽ کاڌي آهي، پڙهائي ۾ به اڳتي وڌيو آهي. توهان
ان لاءِ ڇا چوندا؟
ج: بهرحال، هاڻي توهان کي توجہ ڏيڻ گهرجي،
پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ تي. جيڪڏهن توهان ٺهو ٿا ته
سنڌ ٺهي پوندي. هر ماڻهو اهو سمجهي ته ڪل جو جز
آهي، جڏهن ڪو ڪا شيءِ يا
Contribution
ڪري ٿو ته اها ملڪ لاءِ فائدي واري آهي. تنهن ڪري هر ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي
جاءِ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. توهان کي مان ٻڌايان ته مان
ايڏو پشيمان ٿيندو آهيان ته اسان جي نوجواني ائين گذري وئي. سستي ۽ بيڪاري ۾ جيڪو وقت گذري ويو اهو
ائين هٿ نه ٿو اچي ۽ افسوس ٿئي ٿو ته ڪجهه نه
ڪيوسين. توهان جو
هيءَ وقت نهايت ئي غنيمت ۽ قيمتي آهي. هي دور
نهايت ئي خراب آهي، تنهن ڪري توهان کي هڪ اونداهي
مستقبل ۾ مقابلو ڪري پنهنجي راهه پيدا ڪرڻي آهي.
پنهنجي لاءِ رستو ۽ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن.
توهان ڏسو ٿا ته سرپرست به توهان جي مدد نه ٿا ڪن، حالتون به سازگار ڪونهن، وسيلا به توهان جا
محدود آهن، تنهن ڪري توهان کي پنهنجو رستو پيدا
ڪرڻو آهي. توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي واٽ ڳولي لهڻي آهي، دل
هاري وهڻو ناهي.
س: توهان مهرباني ڪري اسان کي ڪجهه نقطا اهڙا ٻڌايو جن کي
هن اونداهي دور ۾ لائين آف ايڪشن وٺي اسان اڳتي
وڌون.
ج: اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪونهي، جنهن تي هينئر ڪجهه
چئجي. پر مان اهو چوندس ته توهان کي پنهنجو پاڻ کي
مضبوط ڪرڻ ۽ ٺاهڻ ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻيو ته وسيع
مطالعو ڪرڻ گهرجي. مختلف زبانون سکو ۽ وقت ضايع نه
ڪيو. تعليم جا جيڪي ڏهه پندرهن سال آهن، انهن
تي توهان جي باقي زندگي جو دارومدار آهي. روز رات
جو پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو ته
اڄ ڪهڙو ڪم اسان ڪيو، جيڪو ملڪ ۽ پنهنجي ذات لاءِ
ضروري آهي. وقت جي قدر ڪرڻ جي بيحد ضرورت آهي.
خاص طور تي سنڌين جو هڪ هڪ منٽ نهايت قيمتي آهي.
اسان کي ايڏي فراغت ناهي ته اڄ ڪم نه ڪيو ته
پرواهه نه آهي يا اسان
جا ٻيا چار ويٺا آهن، جيڪي اسان کي ڪمائي آڻي
ڏيندا، يا پنج پٽ پڙهيل آهن، هڪ نه پڙهيو ته
پرواهه نه آهي، پر اسان جو هڪ هڪ منٽ اهم آهي. توهان جا ذهن صاف، اوچا ۽ سٺا آهن
ته مطالعو توهان کي وڌيڪ قابل بنائي سگهي
ٿو. ذهانت ايندي ۽ فائدو ٿيندو. جن حالتن ۾ اوهان
آهيو، انهن حالتن ۾ اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته
اوهان کي ڇا ٿيڻو آهي؟ جن حالتن ۾ توهان آهيو،
انهن ۾ توهان جو اولاد ايندو. هاڻي انهن جو مستقبل
به اوهان کي ٺاهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو وقت ختم
ٿي ويو آهي.
جنهن مشڪلات ۾ توهان آهيو، هاڻي اڳيون وقت ان کان
به وڌيڪ ڏکيو ايندو ۽ کين وڌيڪ مشڪلاتون درپيش
اينديون، تنهن ڪري انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾
رکندي توهان کي هلڻو آهي.
س: توهان فرمايو ته ڪو اهڙو ادارو هجي، جيڪو
سنڌين جي رهنمائي ڪري، پر اسين ٿا سمجهون ته اهڙي
ڪنهن اداري کي مشڪل سان هلڻ ڏنو وڃي!
ج: ڪنهن به اداري ٺاهڻ جي گهرج ڪانهي، پر جيڪڏهن
ادارو فلاح ۽ بهبود لاءِ آهي، ۽ ان کي سياسي نعري
بازي ۾ آندو نه وڃي ته ڪو سبب ناهي، جو ان اداري
کي هلڻ نه ڏنو وڃي، پر اهو هلائيندو ڪير، ان لاءِ
روپيه ڪٿان ايندا.
ادارو هلائڻ ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي. مان توهان
کي عرض ڪيو ته اوهان جتي به پنج سنڌي آهيو اهو هڪ
ادارو آهي. غير رسمي طرح هت ويٺا آهيو، اهو هڪ
ادارو آهي. هاڻي هر ماڻهو ادارو آهي، ٻه ماڻهو
ادارا آهن، تنهن ڪري جتي به ٻه ٽي ڄڻا گڏجي وهن،
اهي فضول گفتگو بدران ڪم جون ۽ عملي ڳالهيون ڪن.
س: شاهه لطيف جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جو
عظيم شاعر آهي. ان ۾ ڪيتري قدر حقيقت ۽ ڪيتري قدر
جذباتيت موجود آهي؟
ج: جيتري قدر سنڌي ٻولي جو تعلق آهي ته شاهه کان
بهتر شاعر اسان وٽ پيدا نه ٿيو آهي ۽ جيڪي سندس
خيال يا فلسفو سندس شعر ۾ بيان ڪيل آهي، سو عالمي
آهي ۽ انسان ذات لاءِ آهي.
باقي رهيو ته
اهو
وڌيڪ آهي يا گهٽ،
اهو مقابلو نه ٿيندو آهي. باقي ڏٺو ويندو آهي ته
جنهن ماحول ۽
جن
حالتن ۾ شاهه رهيو انهن کي هن ڪيئن نڀايو ته شاهه واقعي وڏو
شاعر آهي. پر سڄو ڌيان شاهه تي ڏيڻ، اهي شيون بي
وقتيون آهن.
س: محبت يا عشق انسان جي شخصيت جي تعمير ڪن ٿا، ان باري ۾ اوهان جو ڇا خيال
آهي؟
ج: عشق لاءِ ضروري ناهي ته عورت سان هئڻ گهرجي،
يا جنسي هئڻ گهرجي. پر عشق جو مفهوم آهي، ڪنهن به
شيءِ يا عمل سان لڳاءُ. مطلب عشق جو اهو آهي ته
ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان دل وندرائيندو آهي،
ڪو پڙهڻ سان، ڪو گل سان، يا پاڻ کي تعمير ڪرڻ سان.
س: ائين نه ٿا چئي سگهون ته انسان سان عشق يا
جنسي عشق هڪ وڏي
مقام لاءِ بنياد آهي؟
ج: نه،
مان ائين نه ٿو سمجهان.
س: معنيٰ ليليٰ مجنون يا سسئي پنهون جا داستان
عشق نه ٿيا.
ج: عشق
ته
ٿيا، پر انهن دنيا لاءِ ڇا ڪيو. مثلاً مجنون زندگي
تباهه ڪئي ليليٰ پٺيان يا رانجهي هير لاءِ، پر هنن
انسان ذات لاءِ ڇا ڪيو ۽ مان چوان ٿو ته عشق اهو
هجي جنهن سان ڪنهن کي فائدو رسي.
س: موجودهه دور ۾ توهان ڪهڙي ٻاهرين ليکڪ کان
متاثر آهيو، جنهن پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي
آهي؟
ج: موجودهه دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي اسان جا
هندو ڀارت ۾ آهن، تن وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. سچل جو
رسالو، شاهه جي رسالي جا ٻه ايڊيشن، قاضي قاضن جو
ڪلام يا اهڙو ٻيو ڪلاسيڪل ڪم جيڪو سنڌ ۾ به نه ٿيو
آهي، سو هو ويچارا ڪري رهيا آهن. غير سنڌين ۾
ڊاڪٽر
اينميري
شمل آهي، جنهن جرمن، ترڪي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾
تمام گهڻو شاهه تي لکيو آهي ۽ افسانن (سنڌي) جي هڪ
مجموعي کي جرمنيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
س: چيو وڃي ٿو ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي 25 سالن
۾
۽ سنڌ ۾ 100 سالن ۾ ختم ٿي ويندي، ان جي
باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
ج: ائين چوڻ غلط آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل خطري ۾
آهي ۽ جيڪو نئون نسل آهي، تنهن جا ڇا لاڙا آهن. في
الحال جيڪي هينئر هندستان ۾ سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪري
رهيا آهن، تن جون عمريون به پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ
آهن ۽ 15 يا 20 سالن ۾ اهي ختم ٿي ويندا. ساڳي ريت
سنڌ ۾ به هن وقت جيڪو خراب وقت سنڌي ٻولي تي آيو
آهي، اهڙو برو وقت ان کان اڳ ڪڏهن به نه
آيو آهي.
حالانڪه عربي، فارسي ۽ انگريزي سنڌ جون سرڪاري
زبانون رهيون آهن ۽ ان دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ترقي
ڪئي آهي. هن وقت جيڪي حالتون آهن، سي ان خيال کان
وڌيڪ خطرناڪ آهن، جو جنهن دور ۾ عربي يا فارسي سنڌ
جون سرڪاري زبانون هيون، ان وقت نه ريڊيو هو، نه
اخبار هئي نه ٽيليويزن
هئي، ذريعو فقط لکڻ پڙهڻ جو هو، ۽ ان جو اثر فقط
هڪ محدود طبقي تي ٿي پي سگهيو، سڄي عوام تي نه. اڄ
بي.بي.سي جي نشريات توهان کي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا
ٻڌائجن ٿيون ۽ هڪڙو ڳوٺاڻو ٻڪرار به ان کي اردو ۾
ٻڌي ٿو. هتي ريڊيو، ٽي. وي، اخبارون مطلب ته سڀ اردو ۾ آهن، ۽ ماڻهو مجبور ٿي
اهو پڙهن ٿا، ۽ ڏسن ٿا ۽ اوهان جي گهرن ۾ به
هروڀرو اردو ڳالهائي وڃي ٿي، ۽ اوهان جا ڪامورا
پنهنجي گهرن ۾ اردو ڳالهائين ٿا، پنهنجي ٻارن کي
اردو پڙهائين ٿا، اهو ذهن ۾ رکندي ته شايد ان سان
سندن معيشت جا مسئلا حل ٿي ويندا. يا فيشن طور تي به ڳالهائين ٿا. اهي سڀ اهڃاڻ ٻوليءَ لاءِ نقصان ڪار آهن. هندستان ۾ جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي
خطرو آهي ته اهو ٿيڻو آهي، پر هتي سنڌ ۾ به جيڪڏهن
اهي حالتون آهن ته سنڌيءَ جو برقرار رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان کان
علاوهه توهان جي سنڌي اخبارن جي ٻولي به بگڙجندي
وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا اخبار نويس اردو اخبارن
يا ريڊئي تان خبرون وٺن ٿا، ۽ اردو جا لفظ ۽ فقرا
سنڌي اخبارن ۾ خبر لکندي وقت استعمال ڪن ٿا، ۽
ريڊيو تان جيڪا سنڌي نشر ٿئي ٿي، سا به ذري گهٽ
اردو آهي. هاڻي اها توهان جي ذميداري آهي ته ريڊئي
۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ عملي جي سستي ۽ ڪم علمي
خلاف آواز اٿاريو.
توهان هلال پاڪستان يا عبرت پڙهو ته ڏسندا ته ان ۾
اردو جا تمام گهڻا لفظ استعمال ٿيل نظر ايندا.
توهان جو نوجوان افسانه نگار افسانن جي ڪردارن جا
جيڪي نالا لکي ٿو، سي سڀ ڌاريا آهن.
توهان انهن تي زور رکو ۽ کين شرم ڏياريو ته هو
ائين ڪرڻ کان پاسو ڪن. اهو انهن جو ذاتي فعل آهي.
انهن تي ڪا زبردستي زوري ڪانهي ته هو ائين ڪن ۽
اديب اها شيءِ شعوري طرح ڪونه ٿو ڪري، بلڪ اها غير
شعوري ٿئي ٿي. توهان کي حقيقت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو
آهي. ريڊيو، ٽي.وي ۽ اخبارن جي سڌاري لاءِ توجہ، پنهنجي
تعليم، ملڪي ۽ قومي مسئلا، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن
ڌيان ڏيڻ گهرجي.
س: تاريخ جي حوالي سان مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته
جڏهن به ڌارين سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هو محڪوم ٿي
ويا، ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو ته هنن اڳرائي ڪندڙ کي
ڀڄائي ڪڍيو هجي. عرب آيا، مغل آيا يا انگريز آيا.
تن حڪومت ڪئي، پر عوام پاران ڪڏهن به
Resistance
نه ٿيو.
ج: عوام پاران هميشه
Resistance ٿيو آهي.
جڏهن
فيروز تغلق حملو ڪيو ته عوام ۽ حڪومت کيس ڀڄائي ڪڍيو
۽ هو دهلي ويو ٻيو لشڪر وٺڻ. جڏهن هن موٽ کاڌي ته
کيس ڪڇ جي رڻ جي رستي جي خبر ڪانه هئي.
واٽ تي کيس هڪڙو واٽهڙو مليو، جنهن کان رستي جي
پڇا ڪيائون، جنهن کيس اهڙو رستو ٻڌايو جو رڻ ۾ سڄو
لشڪر تباهه ٿي ويو. فيروز تغلق جڏهن کانئس پڇيو ته
تو اهو ائين ڇو ڪيو ته هن وراڻيو ته ”مان هونئن ته
دشمن جو لشڪر تباهه نه پي
ڪري
سگهيس، پر منهنجو قومي فرض آهي ته توهان جي لشڪر کي تباهه
ڪريان، هاڻي توهان ڀلي مون کي ماري ڇڏيو.“ اهو
تاريخ جو فقط هڪڙو حوالو آهي. هاڻي اهو ذهن هڪ
ماڻهوءَ
جو ڪونه هو، بلڪ سڄي قوم جو هو، جنهن جي هن
نمائندگي ڪئي. ان کان علاوه جڏهن مغل افغانستان
کان آيا، تڏهن هنن کي سبي وٽ سنڌين شڪست ڏني.
دولهه دريا خان جي قبر تي جيڪڏهن توهان ڏسندا ته ان تي لکيل
آهي ”قنڌار ۽ هرات جي مغلن کي شڪست ڏيندڙ“. تاريخ لکي ٿي ته
ان جنگ ۾ قنڌار ۽ هرات جي
هر
گهر ۾ ماتم هو، پر جڏهن مغلن ٻيهر حملو ڪيو آهي،
تڏهن دولهه دريا خان شهيد ٿيو آهي. دولهه دريا خان
جي پٽن، مخدوم بلاول، سيّد حيدر سنائي ۽ ٻين گهڻن
ئي
Resist ڪيو آهي. مطلب ته ان وقت جي حالتن ۽ وسيلن
مطابق
Resist
ڪيو اٿن، ڪاميابي ۽ ناڪامي اها ٻي شيءِ آهي. باقي ٻاهرين خلاف نفرت هميشہ رهي آهي، ڪڏهن خاموش
طرح ته ڪڏهن ٻيءَ
طرح. هر فاتح جيڪو ٻاهران آيو آهي،
سو آخر موٽي ويو آهي. ڪو 100 سال کان پوءِ ته ڪو
50 سال کان پوءِ. تنهن کان پوءِ به جڏهن اسين پاڻ
۾ وڙهيا
آهيون، تڏهن ٻئي ڪنهن ڌارئي کي همت يا جرئت ٿي آهي
ته هو ڪاهه ڪري. افغانستان جي مغلن به اسان جي
نااتفاقي جو فائدو ورتو آهي. توڙي هي نئين سياست
جو قصو آهي. تنهن ۾ به اسان پاڻ ۾ وڙهي هروڀرو پاڻ
تي مصيبتون آنديون، ۽ قوم هميشہ گهرو فساد سبب
تباهه ٿيندي آهي يا ٻاهرين کي تڏهن ئي جرئت ٿيندي
آهي، جڏهن گهر ۾ نااتفاقي هوندي آهي.
س: سنڌ جي اصلوڪي قوم ڪهڙي آهي؟
ج: گهڻن مڪاني ماڻهن فيشن طور ڌارين جا نالا يا
ذاتيون رکيون. مثلاً بخاري يا فاروقي وغيرهه. ڪي
ٿورا وڃي رهيا، جن اها ضرورت محسوس نه ڪئي يا کين
پنهنجي قوم يا ملڪ سان محبت آهي. اهي سڀ سنڌي آهن،
۽ سيّد بابت اوهان کي ٻڌايان ته سيّد سڀ سيّد
ڪونهن، پر لڏپلاڻ هميشہ ٿيندي رهي آهي.
س: سنڌي نوجوانن مان ڪي پاڻ کي راجا ڏاهر جو
اولاد ۽ ڪي محمد بن قاسم جو اولاد سڏين ٿا. ان
سلسلي ۾ توهان
جي ڪهڙي راءِ آهي؟
ج: اهي ٻئي ڳالهيون بوگس آهن، فضول آهن. محمد بن قاسم سان نسبت ڏيڻ بي
وقوفي آهي ۽ راجا ڏاهر جو اولاد ڪوٺائڻ به ڪا
دانشمندي ڪانهي، ان جي ڪا گهرج ڪانهي.
س: توهان جي لائبريري ۾ اٽڪل ڪيترا ڪتاب هوندا؟
ج: منهنجا 23 هزار ڪتابن جا جلد، جيڪي مان اسلام
آباد يونيورسٽيءَ کي وڪرو ڪري ڏنا، جن جي سار
سنڀال ڏکيو ڪم هو. انهن کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ ۽
ڪراچي يونيورسٽي کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم انهن نه ورتا. اسلام آباد جي يونيورسٽي، نئين پي کُلي،
هنن منهنجو سڄو ڪتب خانو خريد ڪيو، پر جن ڪتابن جي
مون کي گهرج آهي، سي اڄ به منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود
آهن.
س: اوهان اڄڪلهه ڇا تي تحقيق ڪري رهيا آهيو؟
ج: مان ٻن سالن کان بيماريءَ سبب ڪو ڪم نه ڪيو
آهي. مير معصوم بکري منهنجو پويون ڪتاب آهي. هينئر به منهنجي ذهن ۾ ٽي چار شيون آهن، جن تي ٿورو ٿورو ڪم
ڪري رهيو آهيان. ان کي مڪمل ڪري سگهان يا نه، چئي
نه ٿو سگهان ۽ نه وري منهنجي گهر ۾ ڪو اهڙو فرد به
آهي، جنهن کي ان سان دلچسپي هجي. اهو ئي سبب آهي، جو مون پنهنجا ڪتاب وڪڻي ڇڏيا.
س: سنڌي ادب بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
ج: منهنجي آڏو دنيا جا سڀ ادب ته ڪونهن، پر جيتري قدر پڙهون ٿا ته مان
سمجهان ٿو ته سنڌ جو اديب جيڪڏهن ڏهه ويهه سال
ساڳي روش تي رهيو ته عجيب ذخيرو پيدا ٿي پوندو ۽
اسان وٽ هاڻي جيڪي افساني جي صورت ۾، نظم جي صورت ۾ شيون آهن، سي تمام قيمتي آهن.
س: سنڌي نوجوان، پراڻي سنڌي موسيقي بدران پاپ
ميوزڪ ڏانهن وڌيڪ راغب آهي، توهان جي ان باري ۾ ڇا
راءِ آهي؟
ج: بنيادي طرح سان هر قوم، هر ذهن کي پنهنجون روايتون ۽
پنهنجون گهرجون هونديون آهن. پاپ ميوزڪ مان نه ٻڌو
آهي. پر پاپ ميوزڪ جنهن ملڪ ۾ ايجاد ٿيو
آهي، سو ان ملڪ جي ذهني انتشار جي هڪ نشاني
آهي. پاپ ميوزڪ ڪا ڪلاسيڪل ميوزڪ ڪانهي.
ائين جيئن تجريدي آرٽ پيدا ڪيو ويو، جيڪو پڻ ذهني
انتشار جو نمونو آهي. ساڳي ريت ميوزڪ ۾ اهي جيڪي
تجربا ڪيا ويا آهن، سي باقي رهندڙ يا دائمي ڪونهن.
پاپ ميوزڪ جو لهرو ضرور ايندو، پر ڪو بامقصد ڪونهي ۽ هر غير
فطري شيءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي ۽ صدين کان جيڪا
ثقافت يا شيءِ هلندي ٿي اچي سو ته پنهنجو ورثو
آهي، ان کي ڇڏڻ ته ٺيڪ نه آهي.
س: اوهان جي هن وقت وڏي ۾ وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟
ج: ايمانداريءَ سان جي پڇو ته وڏي ۾ وڏي خواهش
اها آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي فرحت ۾، ۽ مطمئن ڏسڻ
چاهيان ٿو.
س: سنڌ اندر جيڪي ادارا هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن،
مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي وغيرهه. انهن مان
اوهان ڪنهن کان متاثر آهيو؟
ج: مان متاثر ڪنهن مان نه آهيان، متاثر ماڻهو
ٿيندو آهي ڪم کان، ڪم ڪنهن جو اچي ئي ڪونه ٿو،
متاثر ڪيئن ٿبو.
س: سائين آخر ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
ج: سنڌ جي نوجوانن لاءِ توهان مون کان وڌيڪ
سمجهو ٿا.
اوهان سان جيڪا گفتگو ٿي آهي، تنهن مان پروڙ پوي
ٿي ته اوهان کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي خبر آهي،
حالتن مطابق اوهان کي فيصلي ڪرڻ جي خبر آهي، ته ڇا
ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي. پر بنيادي طرح وقت جي
پائبندي،
مطالعي ۽ مقصد سان، پنهنجي زمين سان محبت، پاڻ کي
ٺاهڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ ۽ پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ بنا هڪ
وڏي شيءِ جو جزو سمجهڻ ۽ اهو خيال ڪرڻ ته توهان جي
عمل جو نتيجو توهان تائين محدود نه رهندو،
بلڪ ان جو سڄي سماج تي اثر پوندو. تنهن ڪري توهان
کي
ڪيئن هلڻ گهرجي. توهان تي ملڪ، زمين، قوم، قبيلي
جا ڪهڙا فرض آهن، ان مطابق هلڻ گهرجي. نوجوان لاءِ
بيحد ضروري آهي ته پڙهي ۽ مختلف زبانون سکي.
اڄڪلهه عالمي برادري ايڏي وڌي وئي آهي، جو هڪ زبان
سان ڪم ڪونه ٿو هلي، تنهن ڪري عالمي زبانن ڏانهن
ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. انگريزي، فرينچ، جرمن، عربي ۽
فارسي ضرور سکڻ گهرجي. فارسي زبان لاءِ ان ڪري
وڌيڪ زور ڏيندس ته فارسيءَ ۾ ذهني مواد يا سنڌ
بابت اوهان کي گهڻو مواد فارسيءَ ۾ ملندو. جيڪڏهن
اوهان کي فارسي نه ايندي ته ذهني طرح سان اوهان
جنهن عشق جي تلاش ۾ آهيو، ان لاءِ توهان کي مواد
نه ملندو. اهو سڀ فارسيءَ ۾ آهي. انساني خيال جي
نزاڪت اوهان کي فارسي ۾ ملندي. اوهان کي شوق جي
لحاظ کان به ڪا زبان سکڻ گهرجي. اها نهايت ضروري
آهي ۽ ڪتاب پڙهو. |