شاهنامي جا ڪجهه
قلمي نسخا:
سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت ۽ عظمت جو احوال مٿي آيو آهي. جنهن مان ظاهر آهي
ته سنڌ کي شاهنامي جي قلمي نسخن سان مالا مال هجڻ
کپي، پر ائين نه آهي جو ان جا ڪجهه سبب آهن.
جنهن ڏينهن کان فارسيءَ جو رواج گهٽيو ۽ نئون نسل مشرقي علمن کان بيگانو
رهيو، تڏهن سوين ڪتاب ۽ ذاتي علمي خزانا فارسي نه
ڄاڻڻ ۽ توجہ نه هجڻ ڪري، برباد ٿي ويا ۽ اها علمي
تباهي شاهنامي سان به لاڳو رهي.
شاهنامي جي تتبع بابت جن تاريخي
شاهدين جو ذڪر ڪيو اٿئون، انهن مان به معلوم ٿئي
ٿو ته سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت جي ڪري، ايراني
واپارين کي به شوق جاڳيو ته اهي قلمي نسخا سنڌ مان
خريد ڪري، اميرن ۽ بادشاهن کي سوکڙي ڪري ڏين ۽
انعام وٺن. جنهن وقت هند جا تيموري بادشاهه سنڌ تي
مڙهجي ويا ۽ پنهنجا والي مقر ڪيائون، ته انهن
والين مان هر هڪ پنهنجي دور ۾ اها ڪوشش ٿي ڪئي ته،
وقت جي بادشاهن کي بهترين سوکڙين جي ذريعي خوش
رکن. ان ڪري جنهن جي به نظر تي ڪا اهڙي چيز چڙهي
ته، اها آگري ۽ دهلي ٿي موڪليائون. ظاهر آهي ته
شاهنامي جا نسخا ان چڪر جي ور چڙهي ويا. اهڙن
اميرن مان هڪ جي باري ۾ جهانگير لکي ٿو:
”جمادي الاول 1013هه، مصطفيٰ خان ٺٽي جي حاڪم شاهنامو ۽ شيخ نظاميءَ جو خمسو
تصويرن سان، جيڪي تصويرون ماهر استادن ٺاهيون، ٻين
تحفن سان گڏ سوکڙي ڪري موڪليا ۽ منهنجي نظر مان
گذريا“ (36).
جنهن وقت اصفهان کي افغانن تاراج ڪيو، جو ڪجهه به انهن کي هٿ لڳو، بنا ڪنهن
ڊپ جي پاڻ سان کڻي ويا. گهڻو پوءِ اهي هت آڻي، سنڌ
جي اميرن کي وڪرو ڪري ڏنائون. اهڙن ذخيرن ۾
شاهنامو به هو. انهن مان هڪ نسخو اصفهان کان آيو،
جو اڄ به حيدرآباد ۾ ٽالپوري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
اهڙي لٽيل مال مان گهڻو سون، چاندي، جواهرات ۽
نوادارت، ميان نور محمد خدايار خان سنڌيءَ خريد
ڪيا. جنهن وقت نادر شاه، ميان جي خزاني کي ضبط ڪيو
۽ نوادارت هٿ ڪيا ته، انهن مان ايران جو به گهڻو
سامان سڃاتو ويو. بيان واقع ۾ آهي ته:
”هن افساني جو لکندڙ سامان ۽ مال جي محاسبي وقت حاضر هو. گهڻيون چيزون صفوي
بادشاهن جون هيون سي سڃاتيون ويون. جانچ کان پوءِ
خبر پئي ته قنڌار جا افغان جنهن وقت ايران جا حاڪم
هئا، انهن اهي اڻ لڀ شيون ۽ سوکڙيون چوڌاري وڪرو
ٿي ڪيون“ (37).
گلدستهءَ نورس بهار، به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي:
”بهترين ۽ ناياب شيون هنن ڪميڻن جي هٿ لڳيون ته، اهي هندستان ملڪ جي حدن ۾
آڻي اڌ قيمت ۾ وڪڻي ٿي ڇڏيائون“ (38).
نادر شاهه به ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڪتبخانو زوريءَ کڻي ويو ۽ جنهن جو پاڻ
مرڻ گهڙيءَ تائين افسوس ڪندو رهيو.
پنهنجي ڪتاب ”منشورالوصيت“ ۾ به ان جو ذڪر ڪيو اٿس (39). خبر ناهي ته هن علمي ذخيري جون
ڪهڙيون شيون پاڻي لنگهندي گم ٿيون ۽ ڪهڙيون ايران
پهتيون (40).
ان ريت سنڌ جا ڪتبخانه هر دور ۾ تباهه ۽ برباد پي ٿيا آهن. ارغونن
(927-962هه) سنڌ جي تختگاهه ٺٽي ۽ ٻين شهرن کي جي
علمي مرڪز هئا لٽيو ۽ ساڙيو. سومرن توڙي سمن جي ذخيري کي تباهه ڪيو
ويو. ترخانن جي دور (962-1001هه) ۾ پرتگالين جي هٿان ۽ ان کان پوءِ گهرو لڙاين ۽
هندستان جي تيمورين ۽ ترخانن جي ڪشمڪش سبب ۽ جو
ڪجهه ارغونن ۽ ترخانن پاڻ سان علمي ذخيرو هرات ۽
بخارا مان آندو هو، اڳين تباهي کان پوءِ جو ڪجهه
بچيو هو، سو اسان جي هٿن مان نڪري ويو. ان کان
پوءِ ميرن ٽالپورن جا ڇهه يا ست بهترين گڏ ڪيل
ڪتبخانه انگريزن جي ور چڙهيا يا وري اهي ولايت کڻي
ويا.
اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ڳوٺن واهڻن ۾، جيڪي علمي مرڪز
آهن، فارسيءَ جو ذخيرو موجود آهي، پر جيئن ته ان علمي ذخيري جي ڳولا ۾ دلچسپي
نه ورتي وئي آهي، ان ڪري ان متعلق پوري ڄاڻ نه ملي
سگهي آهي. ڪنهن وقت اهڙي ذخيري تائين رسائي ٿئي ته
بيشڪ شاهنامي جا ڪيئي ناياب نسخا ملي سگهن ٿا. هت
شاهنامي جي چند نسخن جي لسٽ ڏجي ٿي، جن کي سرسري
طورتي ڏٺو ويو آهي.
(الف) ڪراچيءَ جي قومي عجائب گهر جي ڪجهه نسخن جو احوال:
1. شمارو3/913- NM.1957- شاهنامي جو آخري اڌ آهي. صفحا 196، ڪتابت جي تاريخ 2 محرم
752هه ۽ ڪاتب محمد بن عبدالڪريم بن محمد بن ابوالحسن الفقيري
تبريزي، پهرئين اڌ جي خبر نه ٿي پوي. ڪيفيت هن ريت
آهي.
(الف):
الله اڪبر، از نايب اموال نواب غفران پناه ابوي داخل عاريت خان شد – حرره
احسن الله بن ابوالحسن المخاطب بظفر خان (41).
(ب) عبارت وسطي:
........وديره صاحب محمد عمر خانجيو از دست خود هشت صد بوجہ تمام اموال
سرکار کردهه ديگر زحمتي کہ رفتہ در شمار نياورده
تا بغايت هيفدهم ذي الحج 1192 هجري.
(ج) مالکہ، مهر، کتاب شاهنامہ معرفت مولوي محمد الياس صاحب بقيمت مبلغ پنجاه
روپيا خريد نمودهه شد در 1276....
(هه) دو مهر بالا و دو پايين و درميان آنها، در حاشيه بيضي اين نوشة نصف دوم
از کتاب شاهنامہ از گفتار سلطان الشعرا فردوسي
عليہ الرحمة.
2. شمارو 181NM.
– ڪاتب فقير مير علي مشهدي، ص 576، تاريخ 995هه. هيءُ نسخو اصل
قومي عجائب گهر جي ملڪيت آهي، ليڪن هن وقت عارضي
طور لاهور جي قلعي ۾ آهي.
3. شمارو –NM.
1958-23/3 صفحا 680 ڪاتب علي رضا قهپايي. ڪتابت 20 ربيع الثاني 1077 هه، نسخو مڪمل
آهي.
4. شمارو –NM.
1957-881
صفحا 536- ڪن جاين تان کٽل
آهي. هن نسخي ۾ ٻئي ڪنهن ڪاتب لکيو آهي ته هيءُ
ابوالقاسم فردوسي طوسيءَ جو شاهنامو، شهنشاهه
نورالدين جهانگير بادشاهه جي دور ۾ پورو ٿيو. بقلم
عبدالله ڪتاب شاهي 1029هه.
5. شمارو 31، –NM. صفحا 634- هن نسخي تي ٻئي ڪنهن صاحب لکيو آهي ته هي نسخو ماه رمضان سن
746هه ۾ ملڪ ايران جي شهر شيراز ۾، ڪاتب احمد خان
جي هٿان لکجي پورو ٿيو. شاهنامي تي خان حفظ الله
جي فرمائش تي ٻه سؤ روپيا خرچ ٿيو.
6. شمارو
126-1962-NM- 513 صفحا، 53 تصويرون، هي نسخو گهڻو
سينگاريل آهي.
(ب) سيدالله بخش
شاهه، ٽنڊي محمد خان واري جو ذخيرو:
ڪنهن وقت هتي زبردست علمي خزانو هو، پر هاڻي زماني جي دستبرد ان ذخيري کي
برباد ڪري ڇڏيو آهي. سيّد الله بخش شاهه انهن مان
ڪجهه قلمي نسخا پاڻ وٽ محفوظ ڪيا آهن. شاهنامي جو
هڪ اڻ پورو نسخو وٽس موجود آهي.
(ج) ميرن جو
ذخيرو:
حيدرآباد جي اميرن
ٽالپرن جي باقي بچيل علمي ذخيري ۾
ڪجهه ڪتاب آهن. هي ذخيرو خاندان جي پونير ڊاڪٽر
مير نور محمد خان ٽالپر، استاد شعبه رياضي سنڌ
يونيورسٽيءَ وٽ محفوظ آهي (42). هن ڪتب
خاني ۾ به
شاهنامي جو هڪ نسخو آهي، جنهن ۾ ڪل 1111 صفحا آهن.
مينا ڪاري ۽ نقش نگاري ۾ بي مثل آهي. ان جو واسطو
تيموري عهد سان آهي. گمان آهي ته هي نسخو اصفهان
کان لٽجي وڪري لاءِ هت پهتو، ڇو ته منجهس هڪ جاءِ
تي دارالسلطنت اصفهان چٽو لکيل آهي.
(د) انجمن ترقي
اردو ڪراچي:
(1) شمارو 3-ق.ف 255، صفحا 1232، ڪتابت سن 11 هجري.
(2) شمارو 3-ق.ف 256، صفحا 474، منڍ ۽ پڇاڙي کٽل
اٿس. گهڻو ڪري 12 صدي هجريءَ جو نسخو آهي.
(هه) ڊاڪٽر
حميده کهڙو:
ڊاڪٽر حميده کهڙي جي ذخيري ۾ به شاهنامي جو خط نستعليق ۾ هڪ سينگاريل نسخو
موجود آهي. تاريخ ڪتابت نامعلوم.
حاشيا ۽ واڌارا:
(1) مقالات الشعرا، ص 77.
(2) ايضاً، ص 78.
(3) تحفة الڪرام، ص 296 (راشدي ايڊيشن)
(4) ايضاً، ص 301.
(5) مهراڻ جون موجون، ص 67.
(6)
Employed a poet…. To record them in verse like
ferodzi, and called the book in rival
distinction to his immortal work the Shah Nameh,
the futteh Nameh. The Futteh Nameh is rehearsed
in durbar, and many of the courtiers mark their
adulation, by committing the most fulsome
passages to the memory. (A visit to the court of
Sindh, P. 47, footnote).
(7)
مير نصير خان قرآن مجيد جا ٻه نسخا آستانه قدس رضويه (مشهد)
۾ رکايا جي خطاطي ۽ ميناڪاريءَ جي لحاظ کان بي
مثال آهن. ڏسو: رهنمائي گنجينہ قرآن، گلچين معاني، ص 311. انگريزن کان شڪست کائڻ
کان پوءِ، مير نصير خان کي بمبئي ۽ بنگال ڏي جلاوطن ڪيو ويو هو.
(8) تڪمله مقالات الشعرا، ص 105.
(9) ايضاً، ص 105.
(10) ايضاً، ص 94.
(11) ايضاً، ص 94.
(12) ايضاً، ص 666، ص 667
(13) مقالات الشعرا، ص 163.
(14) تکمله مقالات الشعرا، ص 3.
(15) ديوان عظيم، ص 207 (طبع سنڌي ادبي بورڊ 1962ع).
(16) سنڌي ادبي بورڊ ۾ نسخو آهي، جنهن تي سال 1166هه لکيل
آهي.
(17) سن 1261هه جو لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. ان ۾ 187
صفحا ۽ هر صفحي تي 50 بيت آهن. ڪاتب غلام حسين بن
غلام حيدر سبزپوش.
(18) مقالات الشعرا، ص 494. هي شاعر نادر شاهه سان گڏجي سنڌ
۾ آيو هو.
(19) نادر جي حملي بابت شعر ”منشور الوصيت“ ۾ ڏسو (ص 89-96).
(20) مثنويءَ جي شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته امير حسين خان
لزڪي نسب جي حڪم سان احمد شاهه درانيءَ جي دور ۾
لکيا ويا. چوي ٿو:
ز تاريخ نادر شہ
نامدار
دلش خواست نظمي شود استوار
بہ فرمان آن سپهر پر هنر
کهن خامہ فکر افکنده سر
***
بسر بردم اين
داستانِ دراز
به اقبال آن داور سرفراز
زصناع شاهان صفوي نزاد
پي خامہ قاسمي کرده ياد
”شهنشاهه نامہ“ بان آب وتاب
شد از نور توصيف او چهر تاب
***
سخن سنج خان
عدالت شعار
کہ باشد بہ دولت خراسان مدار
چو از قدرداني درين انجمن
شکوهش در آورد روي بمن
***
چو زد قرعہ نظم
اين داستان
بنام من آن سرور راستان
در اقصاي ايران بنظم سخن
مرا يافت ممتاز ازين انجمن
حسن خان ڏي اشارو ڪري ٿو:
بفرمايش خان
لزکي نسب
کہ شد نظم اين
داستان را سبب
ز
لزکي نزاد آن ملک فراه (کذا)
بزرگي سزاوار تخت و کلاه
بيکدست تيغ و بدستي قلم
ز دولت بملک خراسان علم
***
خراسان از و
يافتہ زيب و زين
بدولت سرفراز نامش حسين
ز ايوان شہ صاحب اختيار
بملک خراسان رعيت مدار
***
بتحرير اين داستان شگرف
اساسي بر افگند از صوت و حرف
درين روزگار فراغت گداز
کزين نظم شد خامہ ام سرفراز
بہ هر هفته بيشتر ازسہ روز
بپروردم از فکر شب را بہ روز
ازين پيش در معرض ماه وسال
سپهر ستمگر ندارم مجال
بدين ضابطہ چار ده ماه پيش
بکردم کنون صرف اوقات خويش
***
بشکرانہ ام بخش
جام نبيد
کہ ”تاريخ نادر“ بہ پايان رسيد
پس از الف وصد چونکہ هفتاد دو
نورديد اين جرگہ چار سو
بماه ربيع نخست اين مقال
بسر برد اين کلک فرخنده حال
(21) قومي عجائب گهر ڪراچيءَ جو نسخو
آهي، جنهن جي آخر ۾ سن 1184هه ۽ 1192هه جون مهرون لڳل آهن.
(22) هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي. ان ۾ 103
صفحا ۽ هر صفحي تي 32 ۽ 33 بيت آهن.
(23) مطبع سنڌي ادبي بورڊ، ص 16-17.
(24) يوسف نالي شاعر مير صوبدار جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن
”فتح نامہ“ جي ماده تاريخ هن ريت چئي آهي:
کنون فتح نامہ
بنظم آوريد
برنگين مضامين و طرز حسن
امير زمان صوبدار جهان
کہ چون او نباشد شهي در زمن
***
همہ جنگ هاي پدر
شرح وار
بيان کرد يکسر ز سر تابہ بمن
***
پي سال تاريخ
تصنيف او
خرد خواستم رهبر آمد بمن
سروش نکو فال فرخنده نام
بگفتا: عجب شمع بزمِ سخن
شاعر يوسف ڪجهه قصيدا مير موصوف جي ساراهه ۾ ساڳئي بحر ۾ چيا
آهن. ڏسو سندس ديوان: ص 478-490. ديوان جو قلمي
نسخو راقم جي ڪتب
خاني ۾ موجود آهي.
(25) هي مثنوي ”تڪمله مقالات الشعرا“ ۾ ڇپيل آهي. ص 710.
(26) هي مثنوي پڻ ”تڪمله“ ۾ ڇپيل آهي. ص 717-726.
(27) هن جو نسخو ٽالپري ڪتبخاني حيدرآباد ۾ موجود آهي.
(28) تڪمله مقالات الشعرا، ص 748-755.
(29) ايضاً، ص 732.
(30) ايضاً، ص 732-747.
(31) ڪجهه سال اڳ هن مثنويءَ جو اختصار سنڌي
مسلم
ادبي سوسائٽي ڇپيو آهي.
(32) تڪمله مقالات الشعرا، ص 569. اصل نسخو
ٽالپرن جي ڪتب
خاني ۾ آهي ۽ 405 صفحن تي مشتمل آهي.
(33) تڪمله مقالات الشعرا، ص 444، ص
787-811.
(34) پاڪستان کان اڳ لس ٻيلي (بلوچستان) ۾ رياست جو حاڪم
هوندو هو.
(35) هن جو هڪ نسخو منهنجي ڪتبخاني ۾ آهي.
(36) توزڪ جهانگيري، نولڪشور، ص 351، تحفة الڪرام، ص 392.
(37) بيان واقع، عبدالڪريم، ص 57 (ايڊٽ: ڊاڪٽر ڪي. بي. نسيم.
ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور 1970).
(38) نورس بهار، قلمي ص 75، ۽ تاريخ ڪلهوڙا، جلد 1. ص 446
(اردو).
(39) منشورالوصيت. ص 15. ”سفاڪ ناپاڪ (نادر) سنڌ ملڪ ۾ آيو ۽
اسان جو ڪتب خانو ۽ ڪتاب کڻي ويو.“
(40) بيان واقع. ص 59. ”اتان جڏهن قنڌار روانو (نادر) ٿيو ته
ڪرشڪ درياهه مان گذرندي،
هندستان مان آندل ڪجهه سامان، پاڻيءَ جي آفت سبب تباهه ٿيو.“
(41) احسن الله خان، ظفر خان، تخلص احسن (وفات: 1073هه)، پٽ
ميرزا ابوالحسن تربتي (وفات 1042هه)، شاعر صائب جو
سرپرست ۽ ممدوح توڙي ٻين شاعرن جو محسن. ديوان جو صاحب ۽ ڪجهه مثنوين جو مصنف. ڏسو: شعراي کشمير، ص
26-75 (جلد 1، ڪراچي 1967ع).
(42) افسوس جو ڊاڪٽر مير نورمحمد
خان ٽالپر، اٽليءَ ۾ 20 مئي 1975ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري ويو. جنهن جي وفات جو راقم کي دلي
صدمو پهتو آهي.
اصفهان جي هڪ
يادگار شام
[پير حسام الدين
راشديءَ جو هيءُ مضمون اسلام آباد مان سال 1977ع ۾
ڇپيل ڪتاب ”پيوندهاي فرهنگي ايران و پاڪستان“ ۾
شايع ٿيو هو. هن مضمون جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ نمبر
01، سال 1997ع ۾ شايع ٿيو]
جهان را اگر
اصفهاني نبود
جهان آفرين را جهاني نبود
ايران جي آرٽ، عمارتسازيءَ جي فن ۽ ٻين
فنون لطيفه کي ٻه محسن اهڙا مليا آهن، جن انهيءَ
جي تحفظ، ان جي تحقيق ۽ ان کي ابد تائين زندهه رکڻ ۾ پنهنجي سڄي عمر
صرف ڪئي آهي. هڪڙي سڄي ايران کي پنهنجي دامن ۾ گڏ
ڪيو ۽ ٻئي رڳو هڪ ئي شهر يعني ”اصفهان نصف جهان“
تي لکڻ کي پنهنجو فرض ڄاڻي، ان جي هڪ هڪ عمارت ۽
هڪ هڪ گهٽي ۽ پاڙي کي ڏٺو: بربادين ۽ آبادين جي
تحقيق ڪئي ۽ انهن جي تاريخي نوعيت کي معلوم ڪري
سندن تاريخ کي هميشہ هميشہ لاءِ مٽجي وڃڻ کان
محفوظ ڪيو.
اوبم پوپ:
پهريون اوبم پوپ
(Arthur
Upham Pope)
هو، جنهن 90 ورهين جي وڏي ڄمار ماڻي ۽ شعور کان
وٺي آخري دم تائين پوري زماني ۽ وڏي عمر ۾ ايران
جي خاڪ ڇاڻي ۽ تاريخي آثار ۽ عمارتون، خط، نقش
نگار، ڪتبا ۽ ٻين سجاوٽي آرٽ تي ٻارنهن ضخيم
جلدن ۾ هڪ ڪتاب
(Survey
of Persian Art)
يعني ”تاريخ هنر
ايران“ لکيو. جڏهن حياتيءَ جي آخري پساهن ۾ موت جي ويجهو پهتو، تڏهن هن وصيت ڪئي ته کيس اصفهان ۾ ”زنده
رود“ جي ڪناري دفن ڪيو وڃي، جيئن مرڻ کان پوءِ به
”زنده رود“ جون موجون ۽ لهرون مدفن جي دامن کي
چمنديون رهن. اڄ هن جو خوبصورت مقبرو، جنهن جڳهه
تي هن چاهيو هو، انهيءَ هنڌ تي ايران حڪومت
ٺهرائي، هڪ طرف هن مرحوم جي روح کي تسڪين پهچائي
آهي ته، ٻئي طرف پنهنجي بزرگواري ۽ علمي قدردانيءَ
جو زنده مثال قائم ڪيو آهي.
انهيءَ پوڙهي بزرگ سان آخري ڏينهن ۾
منهنجي به ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتون رهيون. وفات کان
ڪجهه مهينا اڳ هن جي طرفان شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ
ڪانفرنس جو دعوت نامو آيو، ليڪن ڪانفرنس ٿيڻ کان
اڳ ۾ هن جو انتقال ٿي ويو ۽ ڪانفرنس به ملتوي ٿي
وئي.
بہت شوق سے سن رہا تھا زمانہ
ہمیں سوگئے داستاں کہتے کہتے۔
لطف الله هنرفر:
ٻيو عالم آهي ڊاڪٽر لطف الله هنرفر، جنهن
”گنجينئه آثار تاريخي اصفهان“ جي نالي سان هڪ هزار
صفحن ۽ سوين تصويرن تي مشتمل ڪتاب لکي، شهر اصفهان ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن
آثارن ۽ ثقافتي ورثي کي هميشہ جي لاءِ روشن ۽
محفوظ ڪري ڇڏيو. هي حضرت به منهنجو عزيز دوست ۽
عنايت فرما آهي. اصفهان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو
پروفيسر ۽ انهيءَ شعبي جو سربراهه آهي. هن جو صبح
يونيورسٽيءَ ۾ گذرندو آهي ۽ سندس شام اصفهان جي
آثارن کي ڳولڻ، ڏسڻ ۽ انهن جي تحقيق ۾ گذرندي آهي.
هن جون راتيون لکڻ پڙهڻ ۾ گذري وينديون آهن.
جوانيءَ جي ڏهاڙن کان وٺي اڇي مٿي ٿيڻ تائين هن جو
ڏينهن رات اهو ئي معمول ۽ مشغلو
رهيو آهي. هڪ ضخيم ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي مضمونن لکڻ
جي باوجود سندس خيال آهي ته اصفهان تي اڃا ڪجهه نه
لکيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻ اڃا باقي آهي.
گمان مبرکه، بپايان رسيّد کار مغان،
هزار بادهء
ناخورده، در رگ تاک است.
هاڻي ڇا ڏسڻو آهي:
مان ڪيترا ڀيرا اصفهان ويو آهيان، مشهور
جايون، مسجدون، بازاريون ۽ مقبرا بار بار ڏٺا آهن،
ليڪن اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به ”نصف
جهان“ واقعي آهي. موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته
معلوم ٿيندو اٿم ته هي آثار هئا، هي مقبرا ۽ هي
تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃا گهڻو
ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي.
هن ڀيري مارچ
(1974ع)
۾ ٻه اڌ ڏينهن هن ”نصف جهان“ ۾ رهڻ نصيب ٿيو.
سترهين تاريخ جي ٻن پهرن جو پهتس ۽ ٻئي ڏينهن يعني
ارڙهين تاريخ ٽن پهرن کان پوءِ اتان روانو ٿيس. هن
ڀيري پڪو ارادو هو ته ڏٺل جايون نه ڏسندس. بلڪ
انهن بجاءِ:
1. نظام الملڪ طوسي جي مزار،
2. ملڪ شاهه سلجوقي ۽ ان جي خاندان جو
مدفن،
3. ۽ مسجد لنبان،
ڏسڻا آهن. تنهن ڪري جهاز مان لهندي ئي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هنرفر کي مون ٻڌائي
ڇڏيو ته،
هاڻي مشهور هنڌن کي ڇڏي فقط ماضيءَ جي تاريخي
جهروڪن ۾ ڏسنداسين.
زماني جي رسم کي پورو ڪرڻ ضروري هو. يورپي
ملڪن جا اٺ ”ايران شناس“ ساڻ هئا. پهرين اسان
ميدان شاهه، عالي قاپو، مسجد شاهه، مسجد لطف الله،
چهل ستون ۽ ٻيون قابل ديد عمارتون ۽ هنڌ ڏٺاسين.
هي اهي هنڌ آهن جن جي ڪري اصفهان کي شهرت حاصل آهي
۽ هر ايندڙ انهن کي ڏسڻ، اصفهان جي سفر کي حاصل
مقصد سمجهندو آهي.
مدرسه ملڪ شاهه سلجوقي:
اصفهان جي هڪڙي محلي جو نالو ”احمد آباد“
آهي. ان ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ”دارالبطيخ“ چوندا
آهن ۽ عوام جي زبان تي ان جو بگڙيل نالو ”دالبيتي“
يا ”دالبتي“ چڙهي ويو آهي. اها گهٽي تاريخ آهي.
سلجوقين جي دور ۾ هي محلو، جنهن جو قديم نالو
”محله ڪران“ آهي، ڏاڍو وسندڙ ۽ علم و فن جو مرڪز هو. ملڪ شاهه سلجوقي جو جوڙايل وڏو مدرسو به انهيءَ محلي ۾
واقع هو. جنهن ۾ ڏورانهن ملڪن جا طالب علم اچي علم
پرائيندا هئا. انهن جو ۽ استادن جو خرچ وغيرهه
حڪومت طرفان ادا ڪيو ويندو هو.
مدرسي جو نالو نشان مٽجي ويو آهي، ۽ محلو به پنهنجو پراڻو رنگ ڍنگ، بناوٽ ۽
نقشو وڃائي چڪو آهي. نوان گهر، سڌيون گهٽيون ۽
جديد طرز جا محلا وجود ۾ اچي ويا آهن. محلي جو
پراڻو نالو ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ”ڪران“ جي
جاءِ تي ان کي ”احمدآباد“ چون ٿا. تاريخي آثارن ۾
ملڪ شاه سلجوقي جو قبرستان ۽ سندس مشهور عالم وزير نظام الملڪ طوسي جي مزار
هڪ ئي احاطي ۽ هڪ ئي ڇت جي هيٺان باقي رهجي ويا
آهن.
سلجوقي
سلاطين:
سلجوقي سلاطين جون پنج شاخون، اسلامي ملڪن جي پنجن مختلف حصن تي
حڪمران هيون. بنيادي شاخ اها هئي جيڪا ايران تي
حڪمران هئي. ٻي شاخ عراق تي حڪومت ڪندي هئي، ٽين
شاخ ڪرمان تي حاڪم هئي ۽ چوٿين شاخ اها هئي جيڪا
روم ۽ رومي سلطنت جي قبضي هيٺ يعني ترڪي تي قابض
هئي. پنجون سلسلو شام تي مسلط هو.
ايران جي بنيادي شاخ کي تاريخ ۾ ”سلاجقئه
بزرگ“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. انهيءَ
سلسلي ۾ ئي سلاجقه جا نالي وارا بادشاهه ٿي گذريا
آهن.
سلاطين جو مدفن:
هي بادشاهه هڪ شهر يا هڪ ئي هنڌ مدفون نه آهن. مختلف شهرن ۾
دفن ٿيا.
زماني جي لاهن چاڙهن ڪيتريون
ئي
قبرون اجاڙي ڇڏيون ۽ ڪيترن جي مقبرن جو نالو نشانو
مٽائي ڇڏيو. هن بنيادي ”سلاجقئه بزرگ“ جا سلاطين
هن طرح دفن ٿيا آهن:
1- طغرل بيگ بن ميڪائيل (429-465) ري (طهران).
2- الپ ارسلان بن چغري بيگ (455-465) مرو.
3- ملڪ شاه بن الپ ارسلان (465-485) اصفهان.
4- برڪيارق بن ملڪ شاهه (487-498) اصفهان.
5- محمد بن ملڪ شاهه (498-511) اصفهان.
6- محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (511-525) اصفهان
7- سنجر بن ملڪ شاهه (511-552) اصفهان.
عراق جيئن ته
ايران جو حصو هو، ان ڪري اتان جا سلجوقي گهڻو ڪري
“همدان“ ۽ ”ري“ ۾ دفن ٿيا، جن جي فهرست هي آهي:
1- طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (526-527) مدرسه طغرل همدان.
2- مسعود بن محمد بن ملڪ شاهه (527-547) مدرسه طغرل همدان.
3- محمد بن محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (548-554) همدان.
4- سليمان بن محمد بن ملڪ شاهه (554-556) همدان.
5- ارسلان بن طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (556-573) همدان.
6- طغرل بن ارسلان بن طغرل بن محمد (573-590) مقبرو طغرل بيگ ري.
مسجد لنبان:
مون کي هن دفعي
هڪ ته ملڪ شاهه ۽ نظام الملڪ جون قبرون ڏسڻيون
هيون ۽ ٻي مسجد
”لنبان“. ڊاڪٽر لطف الله هنرفر پهريان ”مسجد لنبان“ جو رخ ڪيو. ميدان شاهه کان نڪري ”چهار باغ“ جي شاهي رستي کي پار ڪري، خيابان شيخ بهائي جي ذريعي اسان جي موٽر ”مسجد لنبان“ جي دروازي تي اچي
بيٺي.
مسجد لنبان،
صفوي دور ۾ خدا جي گهر کان علاوهه هڪ سماجي ۽
ثقافتي مرڪز جي حيثيت به رکندي
هئي. هي پراڻو محلو اصفهان جي شروعاتي آباد ٿيندڙ محلن مان آهي، ان ڪري ٻاهران
هر نئون ايندڙ مسافر هن مسجد جو هڪ ٻه ڦيرو ضرور
ڏيندو هو. شهر جا پڙهيل لکيل عالم، اديب ۽ شاعر
روزانو هت
ايندا هئا. انهن جون محفلون، مباحثا ۽ شعر و سخن جون مجلسون
هتي ٿينديون هيون. ٻئي هنڌ ملاقات نه ٿي سگهي ته هتي ملاقات يقيناً ٿئي. ڄڻ ته سڄي اصفهان جو
ثقافتي ۽ سماجي مرڪز هي هو.
طاهر نصرآباديءَ پنهنجي مشهور
”تذڪره شعرا“ (1083هه) ۾ هن مسجد ۽ مسجد ۾ ميل
ملاقاتن جو ڏاڍو ذڪر ڪيو آهي. هي مرزا طاهر اهو ئي
آهي جنهن جو جد امجد
مرزا صادق مينا هندستان ۾ اچي رهيو ۽
ٻه نهايت اهم تاريخون لکيائين: ”صبح صادق“، جنهن
کي هن 1048هه ۾ مڪمل ڪيو ۽ شهزادي شجاع جي نالي
منسوب ڪيو. ٻي تاريخ آهي ”شاهد صادق“، جنهن کي
1056هه ۾ مڪمل ڪيائين. مان جنهن زماني ۾ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ مرتب ڪري رهيو هئس
ته ان وقت ”تذڪره نصرآبادي“ ۾ اڪثر شاعرن ۽ عالمن
جي محفلن ۽ دلچسپ مجلسن جو ذڪر پڙهيو هئم ۽ ائين
لڳو ته هي مسجد اصفهان جو هڪ نهايت اهم علمي مرڪز
هو. قدرتي طور مون کي هن جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ۽ ان
وقت تائين ان خواهش کي نپائيندو رهيس.
”لنبان“ هڪ سڄي
محلي جو قديم نالو آهي. اصل ۾ هي شهر کان ٻاهر هڪ
ديهه جو نالو هو ۽ جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه
اصفهان جو هڪ محلو ٿي وئي. ان جي دروازي جو نالو
”دروازه لنبان“ هو. هن محلي ۾ ڪيترائي عالم، صوفي،
درويش، اديب ۽ شاعر رهندا هئا، جن جو ذڪر تاريخ ۾
انهيءَ محلي جي مناسبت سان درج آهي. چوٿين صدي
هجريءَ جا محدث ۽ عالم ”لنباني“ نسبت سان مشهور ۽
معروف آهن. ”تذڪره عرفات العاشقين“ جو مؤلف اوحدي
(973-1030هه) هن ئي محلي جو هو، جيڪو هندستان ۾
آيو ۽ هتي رهي پنهنجو مشهور تذڪرو لکيائين.
مسجد لنبان اٺين
صدي هجريءَ ۾ جمال الدين وزير ديلمي ٺهرائي. مسجد
جي هينئر اها پراڻي عمارت نه رهي آهي. وقت بوقت
ٿيندڙ مرمت هن جي اصل شڪل کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن
وقت اها بلڪل جديد عمارت آهي. فقط گچ جي ديوار جو
هڪ حصو، صفوي عهد جي ڪاشي ڪاريءَ جا چند نمونا ۽
انهيءَ دور جا ڪجهه تاريخي ڪتبا يادگار طور رهجي
ويل آهن. البت اڱڻ ۾ هڪ وڏو ۽ گهاٽو وڻ اٺين صديءَ
جي ياد ڏياري رهيو آهي. هي چنار جو وڻ آهي، جنهن
سڄي اڱڻ ۾ ڇانوَ پکيڙي ڇڏي آهي. مسجد جي هال جي
هيٺان هڪ نهر وهي ٿي، جنهن ۾ حاجت مند پنهنجون
مرادون ۽ ضروريات جا عريضا لکي لوڙهي ڇڏيندا آهن.
انهن جو عقيدو آهي ته سندن مرادون پوريون ٿي وڃن
ٿيون. اهڙيءَ طرح اهو به مشهور آهي ته هن مسجد ۾
حضرت امام حسن نماز پڙهي آهي. مسجد جو منبر ”منبر
صاحب الزمان“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو اصفهان جي منبرن ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ سبب نفيس ترين منبر شمار ڪيو
ويندو آهي ۽ ان تي 1114هه سال لکيل آهي.
”رساله محاسن اصفهان“ جو فارسي
مترجم بنياد رکڻ وقت پاڻ به موجود هو ۽ هُن ”عمارت
جمال الدين“ جي نالي سان ان کي ياد ڪيو آهي ۽ باني
جو نالو لکيو آهي: ”صاحب معظم، قدوت اعاظم الامم،
جلال الوزراء، جمال الدولة والدين، محمد ديلم
دستجردي الاصفهاني.“
سعيد هروي
انهيءَ زماني جو شاعر هو، هُن ان جي تعريف ۾ شعر
لکيا آهن:
از پئي ذوق و تفرج، گربه لنبان
ميروي
مسجدي بيني مروح، بر سر آب روان
در جوارش صاحب ”صاحب قدم“ را
بقعئه
کز لب تعظيم بوسد، آسمانش آستان
صاحب عادل جمال الدين محمد، کا ورد
سبز خنگي آسمان را، حکم او در زير ران
ڪاشيءَ جي قديم ڪتبن ۾ ٻه ڪتبا
محمد رضا الامامي الاصفهاني (1080هه) جا آهن ۽ هڪ
ڪتبو محمد باقر شيرازي (1256هه) جو آهي. هن ڪتبي
جي مٿان دروازي جي بلڪل پيشانيءَ تي محمد طاهر
نصرآبادي جا شعر، رضا اماميءَ جي خط ۾ ڪاشيءَ جي
تختي تي لکيل آهن:
در زمان دادور گيتي ستان بحر دل
آفتاب دولت مشرق، سليمان پادشاهه
پادشاهي، کز برائي کسب اقبال و شرف
فتح در ظل همائي رايتش گيرد پناه
يافت تعمير اين بنا از لطف آن گردون شکوه
شامل حال شريفش بار الطاف الــــه
تا بود مسجد برائي سجدهء اهل ورع
آستانش پادشاهان جهان را سجدهء گاه
خامه بهر سال تاريخش، عبارت زد رقم
نو، شد اين مسجد، ز
امر عادل عالم پناه
(1080هه)
نصرآباديءَ
پنهنجي تذڪري ۾ اهي شعر ڏنا آهن. اندر ٻاهر، گنبذ،
مناري، درن ۽ ديوارن تي ڪاشيءِ جو بهترين ڪم ٿيل
آهي. جنهن وقت اسان اتي پهتاسين ته ان وقت به
مناري جي مرمت ٿي رهي هئي. مسجد جي ڏاڍي خوبصورت
اڱڻ
۾ عمارت وڻندڙ ۽
محلو اهڙي هنڌ واقع آهي جو هر ايندڙ ويندڙ جو گذر
هتان ضرور ٿئي ٿو.
معاشرو بدلجي ويو آهي. محفلن جي مرڪزن جي نوعيت به مختلف ٿي وئي
آهي ۽ اسان جي تهذيب به وقت جي تبديليءَ سان بدلجي وئي آهي، ان ڪري هاڻي
مسجدون تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز نه رهيون آهن، سواءِ تاريخي
اهميت جي. خود مذهبي معاشري ۾ به انهن کي ڪو خاص
مقام حاصل نه رهيو
آهي. مسجدن ۾ اڪثر چوڪيدار ويٺل آهن ۽ سياح هيڏانهن هوڏانهن فوٽو ڪڍندي ڏسجن
ٿا.
جڏهن اسان مسجد
لنبان ۾ داخل ٿياسين ته ڪير به ڪونه هو. تقريباً
هڪ ڪلاڪ اسان ان کي ڏسندا رهياسين ۽ جڏهن ٻاهر
نڪتاسين ته ان وقت به ڪو اچڻ وارو نه مليو.
دارالبطيخ:
مسجد لنبان مان
نڪري اسان جي موٽر هاڻي ميدان شاهه طرف هلي.
خيابان حافظ کان ٿيندي محله احمد آباد جي هڪ
گهٽيءَ ۾ مڙي ٻن گهٽين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي
چنار
جي گهاٽي وڻ جي ويجهو اچي بيٺي.
ان وقت موسم
ڏاڍي خوشگوار هئي. ڪڪرجا ننڍا ننڍا ٽڪرا سج سان گڏ
اک ٻوٽ کيڏي اس ۽ ڇانو جو سمو پيدا ڪري رهيا هئا.
گهٽي آباد هئي.
ڪرياني جا دڪان کليل هئا. عورتون ڪارا برقعا پائي
کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪري رهيون هيون ۽ گهٽيءَ
۾ ڪم تي ويندڙ مردن جي اچ وڃ مسلسل جاري هئي.
هي چنار جو وڏو
وڻ بيٺو آهي. انهيءَ ڪري ان حصي کي ”مقبره پائي
چنار“، ”تڪيه پائي چنار“ ۽ ”تربت نظام“ چيو وڃي
ٿو. هي چنار ڊاڪٽر هنرفر جي تحقيق مطابق، انهيءَ ”مدرسه
ملڪ شاهه“ جو باقي بچيل يادگار آهي.
ان قسم جا ڪجهه قديم وڻ اصفهان ۾
موجود آهن، جن کي پنهنجي قدامت سبب تاريخي حيثيت
حاصل آهي. مثلاً،
”چنار امام زادهه اسماعيل“، ”چنار دستگرد“ ۽ ”چنار باغ زرشک“.
انهيءَ جڳهه کي
”دارالبطيخ“ ان ڪري چوندا آهن، جو قديم دور ۾ هتي
منڊي هئي، جنهن ۾ سبزي کان علاوه هر قسم جا ميوا،
خاص ڪري اعليٰ قسم جا گدرا، گهڻي مقدار ۾ ايندا
هئا.
هتي ملڪ شاهه
سلجوقيءَ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ وسيع باغ ان جي
ڀرسان لڳرايو هو. انهيءَ باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ خواجه
نظام الملڪ طوسي کي دفنايو ويو، جنهن کان پوءِ هي
حصو ”تربت نظام“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سال 724هه
۾ هن جاءِ کي انهيءَ نالي سان ڪتابن ۾ لکيو ويو.
گورستان:
هتي، برصغير ۾
عبدالرزاق ڪانپوري مرحوم پهريون شخص هو، جنهن نظام
الملڪ طوسيءَ جي مفصل ۽ مستند سوانح عمري لکي، هن
جي عظمت ۽ هن جي ڪارنامن جي اسان کي ڄاڻ ڏني.
پڙهيل لکيل طبقو ان کان بعد ئي هن جي شخصيت سان
متعارف ٿيو. نظام الملڪ جي حياتيءَ تي غالباً ان قسم جو مفصل ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه لکيو ويو
آهي.
خواجه نظام الملڪ طوسي، سلطان ملڪ شاهه سلجوقي سان
گڏ بغداد وڃي رهيو هو ته،
نهاوند جي حدن ۾ منزل ”سحنه“ تي هڪ باطنيءَ
درخواست جي بهاني ويجهو اچي کيس خنجر هڻي ماري
وڌو. هي 12 رمضان 485هه جو واقعو آهي. هي تمام وڏو
حادثو هو، جنهن تي عالم اسلام ماتم ڪيو. سندس لاش
کي اتان کڻي اچي اصفهان جي هن محلي ۾ ”مدرسهء ملڪ
شاهي“ جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو.
|