پاٿر ڄماري صنعتون ۽ سنڌ ۾ انهن جا هنڌ
1975ع
تائين هن موضوع تي تمام ٿورو ڪم ٿيو تان جو برجيت
آلچن (Bridget
Allchin)
۽ سندس ساٿين سنڌ ۾ پاٿر ڄماري صنعتن (Factories)
جي ووڙ شروع ڪئي. جن هنڌن تي ڦولها ڪئي وئي اهي
هئا: بکر جورنڪ (George)
ويجھو روهڙي ٽڪريون، ڪوٽڏيجيءَ کان اڍائي ميل پري
چنچا (شهنشاهه) بلوچ، ڪوٽڏيجي ويجھو ئي نواب
پنجابي ڳوٺ ۽ حيردآباد کان 25 ميل اولهه ۾ نيشنل
هاءِ وي تي 101 ميل (واري نشان ڀرسان موجود پاٿر
وکري صنعت).
روهڙي هنڌ اسان کي مٿئين جھوپهڻي مدي کان هڙپا
سڀيتا واري مدي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هڙيا سڀيتا جي
وکر ــ ٺاهڪن (fool
_ markers)
ٽڪريءَ جو مٺيون ڪارنر گو تهه صاف ڪري ڇڏيو هو ته
جيئن ان جي هيٺيان لڪل پٿر جي ڳنڍن تي پهچي سگھن
جيڪي هلڪي رنگ وارا هئا. کوٽيل ۽ ڦٽو ڪيل مواد ۾
گھڻي قدر وچيان جھوپهڻي (1 لک ـــــــ 40 هزار
ورهه پراڻو وکر ۽ ڪجھ مٿان جڻي وکر ملن ٿا. وچين
جھوپهڻي مدي جا هنرمند جيڪو چرٽ (chert)
ڪم آڻيندا هئا اهو گھرو خاڪي (Dark
_ grey)
هو ۽ ان ۾ سنها چٽ هئا ڄڻڪ ڪريم رنگ ڦوهارو ڪيل
هجي. (هڙپا ۾ به اهو ئي ملي ٿو) هڙپا ۾ ڌنڌوڙڪ
ٿلهن
(Work Platforms)تان
هٿ ٺهيا وکر ۽ ڦر ٺاهڻ سبب لٿل ڇلهڙ مليا آهن، اهي
ڇلهڙ اهڙي ڏِک ڏين ٿا ڄڻڪ اهي ڪنهن اهڙي پٿر جي
ڳنڍي تان لٿا هجن جنهن مان چوڪنڊا ۽ اڀا ڦر ٺاهيا
ويا هجن. ڪي ڇلهڙ اهڙا به آهن ڄڻڪ پورو ڇوٽ پاسن
واري ڦر تان لٿا هجن، ۽ مٿئين جھوپهڻي مدي سان
واسطو رکن ٿا، ممڪن آهي ته سڀروپ (Holocene)
دور جا شڪاري ـ ڪم ـــ کاڌو ــ ميڙيندڙ قبيلا
ڌراڙ/ ڀاڳيا (ڌڻ ـــ پاليندڙ) ۽ هاري (پوک ڪندڙ)
ماڻهن سان گڏوگڏ رهيا هجن ڇو ته روهڙي ـــ وکر ــ
صنعتون سڄي جھوپهڻي مدي تي پکڙيل آهن، روهڙي کان
ڪي چار ميل پري، الور ۾ وچيان ۽ مٿيان جھوپهڻي وکر
مليا آهن. وڏو امڪان آهي ته روهڙي متان سڄي دنيا ۾
سڀ کان وڏي پاٿر ڄماري صنعت هر هنڌ هجي. هن کي
پنهنجو اڪيلو مثال سمجھيو وڃي ٿو ڇو ته 4 هزار
ورهه ق م آڳاٽي هڙپا دور کان سواءِ هن قسم جو هنڌ
سڄيءَ دنيا ۾ ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ نه مليو آهي.
چنچا بلوچ (پکيڙ لڳ ڀڳ 5000=
50 + 100 چورس ميٽر) هنڌ تي وچين ۽ مٿئين جھوپهڻي
دور جون هٿ ٺهيون شيون ملن ٿيون. جن ۾ چڱي وڏي قد
وارا چرٽ جاڳندا موجود آهن ۽ انهن جو ٻاهريون ڇلڪو
(کل) لٿل ناهي. حقيقي ڳر/ماس (Core)
کي ٿوري کان ٿورو ڪم آندو ويو آهي. ائين ٿو لڳي
ته ڪنهن وڏي ڳنڍي تان ساڳي رخ ۾ وڍ ڏيندي پرت
پرت/جاپوڙو ڇاپوڙو ڪري لاٿو ويو هجي جيئن ڪنهن
ڊبل روٽي کي سلائيس (ٽڪرا) ڪرڻ لاءِ وڍ ڏنا
ويندا آهن. هڙپا واري دور ۾ وکر ـــ ٺاهڪ هنرمند
استاد ڌڪ هڻي ڦر ٺاهڻ جي فن ۾ مهارت رکندا هئا. اڻ
سڌو زور لاتو ويندو هو، شايد ڪنهن هڏي يا مُڪ
جھڙي مترڪي سان، جڏهن ته ڇلهجي ڪرندڙ چٿڙين کان
بچاءَ لاءِ ڳر کي روڪيندڙ آهرڻ/ سند تي ٽيڪ ڏني
ويندي هئي. اهڙي طرح اهي هنرمند ٿوري/ هلڪي ڌڪ سان
ڊگھا ۽ سنها ڦر ٺاهي سگھندا هئا ۽ تيستائين بنا
ڪنهن ٽوٽ فوٽ جي ڳر ڪم آڻيندا هئا. جيستائين اها
حد درجي جي سنهي ٿي وڃي. لڌل شين کي هنن نالن هيٺ
درجي بند ڪيو ويو آهي.
ـــ پرتائون (ڇلهڙ رکندڙ) ماس (flake
croses)
جا ڳنڍا.
ــــ ڦر ماس (Blade
cores)
جا ڳنڍا.
ــــ اڀي ڦر وارو ڇلهڙ لٿل ماس
Longitudinal balase core trimming fakes)
ــــ ڦر (Blades)
ــــ جھُڪٽيا ــــ اپٽيا ڇيلها (Cacavo_
convex scrapers)
ــــ جھوڪڙ ڇيلها (Carinated
scrapers)
(ٻيڙيءَ جي پيٽ جھڙي ڇلهه ڪندڙ وکر)
ـــ ڇيڻيون (Burins)
ــــ واهولا (adzes)
ــــ کرپيون (cleavers)
ـــ چاپڪ (چاپون، چاپوڙا ڪندڙ) وکر
(Chopping
tools)
(ڪات)
ــــ نوڪدار پرت (Pointed
flakes)
چنچا بلوچ ويجھو نواب پنجابي ڳوٺ واري ڪارخاني ۾
ڦر ٺاهڻ واري صنعت نمايان آهي. انهن ٻنهي هنڌن
(چنچا بلوچ ۽ نواب پنجابي) جو واسطو وچپهڻي ۽
نوپهڻي برادرين يعني هڙپا ۾ ٻنگارپهڻي کان آڳاٽين
راهين (ثقافتن) سان آهي.
نواب پنجابي ڪارخانو شايد ڪوٽڏيجي کي مال
پهچائيندو هو. ان جا وکر هڙپائي (Harappan)
وکرن جي ڀيٽ ۾ عمدي قسم جا آهن.
ميل101 ڪارخانو سنوت وارو مٿاڇرو رکندڙ نعل/ سُنب
شڪل ٽڪريءَ مٿان لڳ ڀڳ اڌ چورس ميل جي ايراضيءَ ۾
پکڙيل آهي. اها چرٽ وکرن جي تهه سان ڍڪي پئي آهي.
انهن وکرن جي درجي بندي هن طرح ڪيل آهي:
ــــ ٽڪوان ڳر (discoidal
mass)
جا ڳنڍا.
ــــ اسرالوئي ڳر(Israllois
cores)
جا ڳنڍا.
ــــ گھڻ چوٽيا ڳر (Polyhedral
cores)
جا ڳنڍا.
ـــ اڻ رخا ڳر (unindirectional
cores)
جا ڳنڍا.
ـــ ڦروان ماس (Blede
cores)
اڀاڪ (Longitudinal)
ڦروان ماس.
ـــ جھوڪڙ ڇيلها (carinated
scrapers)
ـــ چاچڪ وکر (chopping
tools)
(ڪات)
ــــ اڀي ڦر وارا ٿلهڙ لٿل ماس.
ــــ هٿ ـــ ڪهڙا (Hand_
axes)
ـــ سوئا (Points)
ـــ (اڀو ڇلهيندڙ) (ovates)
ـــ ٻک ڇيلها (End
scraprs)
ـــ نوڪدار ٻه پاسائون جھڪٽو ڇيلها (Beaked
double coneave serapers)
هيٺين جھوپهڻي مدي وارن هٿ ــــ ٺهين وکرن جي ڳڻپ
تمام گھڻي آهي. هن هنڌ تي هيٺين ، وچين ۽ مٿئين
جھوپهڻي، ٽنهي دورن جا آثار ملن ٿا. ان هنڌ تي
گھڻي ڀاڱي وچپهڻي ۽ مڇي ماريندڙ ماڻهو آباد رهيا.
سامونڊي ڪناري وارو پاسو ضرور محفوظ رهيو هوندو.
هن هنڌ هڙپائي سرگرميءَ جا آثار نه مليا آهن.
انهن، ذڪر ڪيل هنڌن سان گڏ ڪي ٻيا پاٿر ڄماري وکرن
هنڌ به هجڻ گھرجن، خاص ڪري سنڌ جي ڪوهستاني علائقي
۾، پر هن وقت تائين ان ايراضيءَ ۾ ووڙ نه ڪئي وئي
آهي.
وسنديءَ وارن هنڌن تي پاٿر ڄماري جي اڀياس لاءِ
آلچن هڪ ٻي ۽ سرواڻ ڪوشش ڪئي ته اهو سرچشمو ڳولي
لهجي جتان کين وکر پهچايا پئي ويا. اهڙا ٻه چڪاسيل
هنڌ هئا: گجي ويجھو ٺارو ٽڪر ۽ ڪراچي ۾ گولف ڪورس
وارو هنڌ. انهن هنڌن تان لڌل وکر هئا: ڏاٽا.
ڇيلها،Discoides
ماس، ڦروان ماس، اڀي ڦر وارا ڇلهڙ لٿل ماس، ڳر جون
تختيون، ٻٽا مهٽيل ڦر، متبادل ڇلهيل ڦر، ڏنڊ جھڙي
پٺ رکندڙ ڦر، سونڊ جهڙي ڦر لٿل چٿڙيون، ٽڪنڊا،
چوپاسوان (Trapeziums)،
اَڏيون انيون (تير جون منڊيون)، اڪيلا مهٽيل سوئا،
ٻٽو مهٽيل سوئا، اپٽيل سنئون ڇيلها ۽ڇيڻيون (Burins)
وغيره.
جتان اهي وکر پهتا پئي اهو سرچشمو ووڙجي نه سگھيو
آهي. انهن وکرن جو گھڻو لاڳاپو وچپهڻي ماهگير
راهپن (ثقافتن) سان آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان ئي هنڌ
ٺاهيا ويندا هجن يا ٿي سگھي ٿو ته وکر ماس دادو
ضلعي جي ڪوهستان مان ڪنهن به هنڌ تان آندو ويندو
هجي. اهو وکر ماس مٿي ڄاڻايل چئني مان ڪنهن به هنڌ
تان نه آندو ويندو هو. موهن دڙي ۽ هڙپا واريون
وسنديون روهڙي وارو آڱار (فلنٽ) ڪم آڻينديون هيون
۽ ڪوٽڏيجي کي نواب پنجابي ڪارخاني مان مال ملندو
هو. انهن راهپن کي مال پهچائڻ سان گڏ چنچا ڪارخاني
ٿي سگھي ٿو ته ٿر جي وچپهڻي برادرين کي به مال
پهچايو هجي جيڪو (ٿر) انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ گھميل هو
۽ منجهس وچين جھوپهڻي دور وارن ڏينهن ۾ ججھا وڻوٽا
موجود هئا. انهن هنڌن تان ايندڙ وکر جو ٿر ۾ واهپو
ٻڌائي ٿو ته هتي سماجي ۽ معاشي تنظيم ڏاڍي اوچيءَ
سطح تي پهچي چڪي هئي ۽ انهن قبيلن جي وچ ۾ لڳ
لاڳاپي ۽ اچ وڃ جا بهترين وسيلا موجود هئا.
روهڙي توڻي چنچا بلوچ ۽ نواب پنجابي کان وکرن جي
ڍوئي/ٽرانسپورٽ ٿي سگھي ٿو ته نارو ــ هاڪڙو ــــ
سرسوتي نديائي سرشتي وسيلي يا سنڌو وسيلي ٿيندي
هجي، جنهن جي پاڻيءَ جو ڪجھ حصو ان زماني ۾ الور
چورلڪ وٽان گذرندو هجي.
پروفيسر عبدالروف خان ڪوهستان جي برساتي ندين (نئن
) حب، کڏجي، جيراندو، نال وغيره جي مختلف ايراضين
۾ پوئين جھوپهڻي دور جا هنڌ ڳولي لڌا آهن. بدين
ضلعي ۾ هاڪڙي جي ڪيٽيءَ وٽ به ڪجھ پاٿر ڄماري هنڌ
لڌا آهن. انهن مان ڪنهن هڪ به هنڌ کي پرکڻ لاءِ ڪي
ريڊيو ڪاربان چڪاسون نه ڪيون ويون آهن. جنهن ڪري
ڪنهن به هنڌ لاءِ سن مقرر ڪرڻ ان جي درجي بندي
ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي.
سنڌ جي ٿر واري ايراضيءَ ۾ وچپهڻي راهپن جي موجودي
۽ انهن لاءِ چنچا بلوچ کان وکرن جي پهچ سنڌ ۾
شڪاري ـــ ڪم ـــ کاڌو ميڙيندڙ قبيلن ۽ سنڌو راهپ
(Indus
cltre)
جي وچ ۾ ماڻهن جي سرگرميءَ جو نئون باب کولي ٿي.
(هيل تائين اهو سمجھيو پئي ته مجموعي طرح سنڌ ۾
وچپهڻي راهپ وجود نه پئي رکيو.)
اهو ڪٿيو ويو آهي ته سڄي ڌرتيءَ جي مائوت (Hominid)
آبادي ويهه لڳ ورهن دوران هڪ لک فردن کان وڌيڪ نه
هئي جيڪي لڳ ڀڳ سڀ آفريڪا ۾ رهندڙ هئا. ٽي لک
ورهه اڳ ماڻو اڀير جي برتريءَ جي ابتدا مهل اها
آبادي ٽيهه لکن کان مٿي هئي. ڇهه هزار ورهه ق م اڳ
اها 865 لک هئي يعني هڪ چورس ميل ٽن کان به گھٽ
ماڻهن حوالي هو. مون (ايم ايڇ پنهور) پنهنجي
مضمون ”سنڌ جا اڳنوپهڻي (Preneolitis)
کاڌ خوراڪ جا سرچشما“ ۾ ڪاٿو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ 6
هزار ورهه ق م موجود آباد 2 لک کان مٿي هئي يعني
هڪ چورس ميل ۾ لڳ ڀڳ چار ماڻهو رهندڙ هئا يعني
انهن ڏينهن ۾ دنيا اندر آباديءَ جي اوسر گھاٽائيءَ
جي ٻيڻ کان وڌيڪ.
سنڌ ۾ وچپهڻي ڄمار (10 هزار ـــــــ 35 سو ق م)
سنڌ ۾ وچپهڻي دور چڱيءَ طرح ڄاتل نه هو. پر برجيت
آلچن ۽ گونڊي (Gondie)
جي تازي لکڻي ”عظيم انڊين ريگستان جو اڳ اتهاس ۽
جھوسڌ“
(The
per_ history and palaeography of the great
Indian desert)
ان تي چڱي روشني وجھي ٿي. روهڙي ۽ چنچا بلوچ ۾
وکري ڪارخانا اوڀرائين ريگستان يعني ٿر جي وچپهڻي
ماڻهن کي وکر پهچائي رهيا هئا. اهي وکر سڌا بارمير
۽ ان کان به پرتي موڪليا ويا ٿي. ميل 101 واري
وکري ڪارخاني ڪيٽيءَ ۽ سامونڊي ڪناري تي گھڻي قدر
مڇي مارڻ وارا وکر پهچايا ٿي. جا هنسن
(Johnson)
ان خيال جو آهي ته سنڌو ماٿر سڀيتا
(Indus
valley civilization)
هيٺ سنڌ جي ايراضيءَ ۾ ڪي خال ڏيکارجن ٿا يعني ڪجھ
هنڌن تي ڳوٺن وسندين يا شهرن جي مڪمل اڻهوند
ڏيکاريجي ٿي. هو سمجھي ٿو ته اهي ايراضيون انهن
ڌراڙ (Pastoral)
ماڻهن واهپي ۾ آنديون پئي جن جي معيشت جو دارومدار
جيئرو ــ ذخيرو (Live_
Stoek)
پالڻ تي هو. اها ڳالهه ان وسيع ايراضيءَ لاءِ وڌيڪ
صحيح آهي جيڪا هاڻي ڪوٽڙي بئراج وسيلي آباد ڪئي
وڃي ٿي، ٿر ۽ ڪوهستان ته اڄ سوڌو ڌراڙ آهن اهي
پڙتالون (Findings)
سنڌ ۾ پاٿر ڄمار کي وچين يا اڃا به هيٺين جھوپهڻي
دور تائين وٺي وڃن ٿيون. سنڌ ۾ انهن هنڌن جي کوج
هڪ نئون در کولي ڇڏيو آهي جنهن تي گھڻي تحقيق جي
گھرج آهي.
پروفيسر رؤف خان مختلف هنڌن تان ڪيترو ئي پاٿر
وکري سامان گڏ ڪيو آهي جنهن جو ڪجھ حصو اوائلي
نوپهڻي دور سان واسطيدار آهي. ان مواد جي درجيندي
۽ ماهرن پاران انهن هنڌن تي اونهي جاچ وقت جي هڪ
اهم گھرج آهي.
سبي ويجھو مهر ڳڙهه ۾ نوپهڻي هنڌ، جيڪو 6 هزار
ورهه ق ۾ دور جو آهي (سائوٿ ايشين آرڪيالاجي 1978
ـــ 1979) آڳاٽيءَ سنڌ جي اتر ـــــ اولهه سرحد تي
مکيه ڏيک ٿي اڀريو آهي ۽ هڪ وڌيڪ مثال آهي. سنڌ جي
پيرانديءَ وارين (ڏاکڻين) ٽڪين جي برساتي ندين ۾
اهڙن ئي قسمن جي مختلف هنڌن جي موجوديءَ جا وڏا
امڪان آهن.
ڊاڪٽر مغل ڀارت ۽ پاڪستان ۾ آمري ـــــ ڪوٽڏيجي،
موهن دڙو، هڙپا، سيمسٽري ـــــ ايڇ، جھڪر ۽ جھانگر
هنڌن تان مليل پاٽن (ٺڪر جو ٿانون ) جي ٽڪراٽن جي
وري ــــ چڪاس وسيلي ظاهر ڪيو ته اهي راهپون
(ثقافتون
Cultures)
جن بابت ڪن ڏينهن ۾ سمجھيو ٿي ويو ته هڪ ٻئي جي
ڪڍ اسريون آهن ۽ ساڳيءَ ئي راهپ يعني سنڌو ماٿر
راهپ جو لاڳيتو سلسلو هيون ۽ ان اوسر جي مختلف
ڏاڪن کي چٽو ڪري ڏيکارن ٿيون ـــ (1) اوسر وارو
ڏاڪو (آمري) ڪوٽڏيجي ۾ اوائلي يا اسرندڙ سنڌو
راهپ) (2) ساماڻپ، سامائجڻ، رچجڻ وارو ڏاڪو (موهن
دڙو ۽ هڙپا ۾”ساماڻل سنڌو راهپ)“ ۽ (3) ڊهپ، نيستي
وارو ڏاڪو (سيميٽري ـــ ايڇ، جھڪر ۽ جھانگر ۾
”جھرندڙ سنڌو راهپ)“ انهن جا خالق ماڻهو ساڳيا ئي
هئا. اهو نڪته نظر مٿي ڄاڻايل دورن دوران مختلف لڏ
پلاڻن واري نظريي کي رد ڪري ٿو. هي نڪته نظر ٻڌائي
ٿو ته وڌ ۾ وڌ اها 35 سَو 11 سوَ ورهه ق م تائين
ايراني پوٺي (Plateau)
کان ساڳين قسمن جي ماڻهن يا ممڪن آهي ته ساڳي لڏي
(Stoek)
ڇاڙهه، لڇ جي ماڻهن جي هڪ لاڳيتي لڏ پلاڻ آهي.
سرڪار جي (Sirkar)
لکڻي ”بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جا نسل“ ڌيان لهڻي ٿي
جيڪا ٻڌائي ٿي ته گھڻن هڙپائي ماڻهن جي کوپ ـــــ
ڏساڪ
(Cranial
Index)
کوپڙي جي ماپ ۽ ڀيٽ ڏسيندڙ انگ) 71 (ايڪهتر) آهي ۽
انهن تاپ حصار (Tape
Hissar)
جي ماڻهن سان ساڳيائپ رکي ٿي، ۽ اهي هاڻوڪن سکن،
جتن، جاٽن ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ٻين ڏيهي
قبيلن جھڙا ڏيکاريا هئا. هيلپش (Hellpush
) ۽ ويسٽ پال پاران پاڪستان جي جاٽن/ جتن بابت
اڀياس جت برادري جي درجي بندي ڪري ٿو. انهن لڌپن
جي روشنيءَ ۾ ٻولي ـــــ ڄاڻو نسلڀياسڪ ماهرن کي
سنڌو جي ليکت بابت پنهنجيءَ تحقيق تي نظرثاني ڪرڻ
گھرجي ڇو ته انهن انهيءَ مفروضي جي بنياد تي ڪم
پئي ڪيو آهي ته سنڌو ماڻهو دراوڙ هئا، انهيءَ ئي
جٿي جي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ ان ڪري سنڌو مهرن تي
موجود اهڃاڻ انهن جا دراوڙي اسم سمجھي پڙهڻ گھرجن. |