هن وقت صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو ماڻهو کان وٺي
هر قسم جي جانورن جي حياتيءَ ۽ حقن جي بچاءَ لاءِ
بين الاقوامي سطح جا ادارا ٺهيا پيا آهن پر بين
الاقوامي رياستي، قومي، طبقاتي نسلي، لساني ۽ رنگ
جي بنياد تي هن ڌرتيءَ جا ڪروڙين رهاڪو بي يقيني
جي حياتي گذارن ٿا. اسين پنهنجن ئي تاريخي شهرن ۽
ڏيهن ۾ محفوظ ڪو نه آهيون، خطري جي تلوار ڪچي ڌاڳي
۾ ٻڌل هر اشراف ماڻهو توڙي قوم جي ڪنڌ مٿان لڙڪي
رهي آهي ۽ ان ڌاڳي جو ٻيو سرو ڪنهن نه ڪنهن غنڊي
جي هٿ ۾ آهي.
ڪائنات منجھ اسين هڪ پتڪڙي هوائي جھاز، ڌرتيءَ جا
سوار آهيون پر هن هوائي جھاز ۾ اُهي اُهي خطرناڪ ۽
تباهه ڪندڙ بم ۽ بارود سٿيا پيا آهن جو اسان جو
هيءُ سهڻو جھاز سوين ڀيرا تباهه ٿي سگھي ٿو.
اهڙي بظاهر سڌيل پر حقيقت ۾ هڪ خطرناڪ، وحشي،
بربر، ظالمانه جبر ۽ ڏاڍ، دهشت ۽ داداگيري جي
ماحول ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجھد ڪرڻ کان
وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نيڪ ڪم ٿي سگھي ٿو؟ ۽ اوهين انهيءَ
اعليٰ انساني قافلي جا مسافر ۽ جدوجھد ڪندڙ ڪارڪن
آهيو، اهائي ڳالهه ذهن ۾ رکي مون سوير ئي اوهان کي
مبارڪباد پيش ڪئي هئي.
آءُ توهان کي پڪ ٿو ڏياريان ته بيشڪ ڪجھ لک
ماڻهو ڪروڙين ماڻهن کي انسان سمجھڻ
لاءِ ڪو نه آهن ۽ اهي سموري ڌرتي جي انسانن تي
وحشت ۽ ڊپ مڙهي ويٺا آهن پر اها به حقيقت آهي ته
ڪروڙين ماڻهو انهن لکن سميت
ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن کي بنا ڪنهن نسلي، رنگي،
مذهبي، لساني، علاقائي ۽ ثقافتي فرق جي
ماڻهو قبول ڪرڻ لاءِ نه رڳو تيار
آهن پر ماڻهو طور قبول به ڪن ٿا ته رهڻ به گھرن
ٿا، اهي ماڻهو انسان دوست آهن، امن پسند آهن،
سلڇڻا ۽ سيبتا آهن، مخلص ۽ پيار ڪندڙ آزادي پسند
آهن، سچار ۽ سچيت آهن، اهي اعليٰ انساني قدرن جي
عزت ڪن ٿا ۽ سڀ جي عزت محفوظ رکڻ گھرن ٿا، پر سڄي
ڌرتيءَ جي هٿياربند دهشت گردن آڏو بيوس بنايا ويا
آهن. توهين انهن کي وس وٺي ڏيو ۽ پوءِ ڏسو ته
انسانذات، انساني قدر ۽ آزاديون ڪيئن نه ترقيءَ ۽
تحفظ جي لاهه تي هونگريون ڏيندا ۽ ڪُڏڪيون ڀريندا
وڌندا پيا وڃن.
اوهين انهن ڪروڙين انسان دوست ماڻهن جو آواز آهيو،
اوهين انسانن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجھد ڪري رهيا
آهيون ۽ ان ڪري ئي اوهين ساراهه، مبارڪ ۽ عزت جا
لائق حقدار آهيو.
جڏهن مان پاڻ کي انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجھد
ڪندڙ قطارن ۾ ڏسان ٿو تڏهن سچ پچ ته پاڻ تي فخر ٿو
ٿئيم. هيءُ ڪنهن تي ڪو احسان ناهي، هيءُ انساني
فرض آهي جيڪو اسان مان هر هڪ کي ۽ انسانذات جي هر
ڀاتي کي پنهنجي وت آهر نڀائڻو آهي.
بنا ڪنهن نسلي، رنگي، مذهبي ثقافتي، لساني،
علاقائي ۽ قومي فرق جي انسانذات جي حقن جي تحفظ
لاءِ هيءَ جدوجھد ڪا اڄ شروع نه ٿي آهي ۽ نه ئي
وري اقوام متحده جي ٺهڻ کان پوءِ شروع ٿي آهي.
اسان جڏهن سماج ۽ سماجي لڳ لاڳاپن جي اوسر تي نظر
وجھنداسين ته اسان کي هيءَ جدوجھد وجود ۾آيل پهرين
انساني ٽولي کان وٺي اسان جي هن محفل تائين لکين
سالن جي ڪينواس تي هزارين رنگن ۽ ٻولين ۾ پکڙيل
نظر ايندي. قديم کان قديم ترين ڄاتل انسانن جي
ٽولي ۽ فردن کان وٺي ايمنيسٽي انٽرنيشنل جي هن
هلندڙ گڏجاڻي تائين هزارين نه پر لکن ماڻهن
انفرادي توڙي اجتماعي طرح انساني حقن جي جاوداني
لاءِ جاکوڙ پئي ڪئي آهي.
فرق رڳو اهو آهي ته اڄ جديد سائنسي وسيلن جي ڪري
هڪ سيڪنڊ ۾ هر خبر دنيا جي هر علائقي ۾ پهچيو وڃي
جڏهن ته اڳ ائين ممڪن نه هو اڳوڻي انسان کي ڪنهن
ڪچهريءَ، ڪنهن ميڙ يا ڪنهن سادي ڪتاب جي صورت ۾
پنهنجن خيالن جي اظهار جو موقعو پئي مليو ۽ انهن
اهو ڪتب آندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته لکين ماڻهن جا
انفرادي ڪچهرين ۾ ظاهر ڪيل قول ٻولين، علائقن ۽
هلنديءَ جي فرق سبب ۽ علاقائي وٿيءَ جي ڪري وسيع
پيماني تي ڪا به هلچل پيدا نه ڪري سگھيا.
ڇا اسين پهرين پيغمبر کان وٺي آخري پيغمبر صه
تائين، سقراط کان وٺي سنڌ جي لطيف سائين تائين ۽
همورابي کان وٺي شاهه عنايت جي جھوڪ تائين جن جن
ماڻهن انفرادي توڙي اجتماعي طرح انسانن جي حقن ۽
دنيا جي خوشحالي لاءِ آواز اٿاريو انهن کي ڪا به
اهميت نه ڏينداسون؟ جيڪڏهن اسان جي هن هلندڙ
جدوجھد جي نتيجي ۾ سڀني قدرتي رهاڪن ۽ قومن کي سچا
پچا انساني حق ۽ انهن جو تحفظ ملي ته (قانون جاري
ڪندڙ بيشڪ رياست هوندي پر) ڇا ان ۾ اسان جي جدوجھد
جو ڪو به حصو نه ڳڻيو ويندو؟ ٺيڪ ساڳيءَ طرح وقت
تائين ماڻهن کي جيڪي به قانوني، دستوري ۽ روايتي
حق مليا آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن جدوجھد يا ڪيترين ئي
جدوجھدن جي نتيجي ۾ مليا آهن نه ته وقت جا غاصب
حڪمران ٽولا پاڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن کي انسان سمجھن
ئي ڪو نه، ڪٿي ٿا ماڻهن کي سندس حق ۽ انهن جو تحفظ
مهيا ڪن!
هتي آءُ هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏيان ته هن وقت تائين
ٺهيل قانونن ۾ وقت جي حڪمرانن ۽ قابض رياستن يا
قومن جيڪي به حق ڏنا آهن انهن تي عمل ڪيو هجي يا
نه، پر اهي سندن پنهنجن ماڻهن لاءِ هئا، نه ڪي
غلامن لاءِ، پوءِ اهي غلام سندن ئي ڏيهن ۾ رهندا
هجن يا سندن ماتحت بيٺڪن جا رهاڪو هجن.
تاريخ ۾ اسان کي سڀ کان پهريائين همورابي جو قانون
(Code
of Hamorabi)
ملي ٿو جيڪو اڄ کان ڪي اڻيتاليهه سو سال اڳ ماڻهن
کي موجود ڪري ڏنو ويو اسين جيڪڏهن هنن قانونن کي
ان وقت جي سماجي حالتن ۾ رکي پرکينداسون تڏهن به
منجھس ڪيتريون ئي اوڻايون نظر اينديون، ان هوندي
به ماڻهن مردن توڙي عورتن جا ڪجھ نه ڪجھ حق محفوظ
ڄاڻايا ويا.
جيڪڏهن اسين ڏند ڪٿائي دنيا مان هڪ مثال کڻون ته
پوءِ همورابي جي ئي همعصر يونان جي قديم منوئن
تهذيب ۾ اسان کي پروميٿيس نالي هڪ ديوتا جو نالو
ملي ٿو جنهن وقت جي ديوتائن جي انحرافي ڪندي ۽ هڪ
هٽي ٽوڙيندي ماڻهن کي باهه جي آسائش کان واقف ڪيو
جنهن ڪري ديوتائن مٿس ناراض ٿي زنجيرن سان ٻڌرائي
کيس ڳجھن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
مصري ادب جي بچي آيل ڪجھ ٽڪرن ۾ هڪ ذهين هاري جي
هڪ ڪهاڻي ملي ٿي جيڪا همورابي کان به ڪجھ اڳ (2000
ق م ) جي تخليق آهي. ان ۾ ڦورو ۽ ظالم حڪمرانن کي
ڏاڍو سخت ڳالهايل آهي. ظاهر آهي ته اها ڪهاڻي
هارين جي ڀلائيءَ ۽ انهن جي بچاءَ ۾ لکي وئي آهي.
فرعونن منجھان هڪ بادشاه اخباتون ( 1375 ـــ 1358
ق م ) جو ذڪر پڻ بيجاءِ نه ٿيندو جنهن سج ديوتا جي
ڌرم جي اشاعت ڪرائي ۽ سندس وقت کان هڪ ڀڄن هلندو
اچي:
”تنهنجا ڪم بيحد ۽ بيشمار آهن،
اهي انسانن جي نظرن کان لڪل آهن،
اي واحد خدا، جنهن جو ڪو به همسر ڪونهي،
هيءَ ڌرتي تو پنهنجي خوشيءَ مطابق پيدا ڪئي.،“
اخناتون ٺاهه پسند طبيعت جو مالڪ هو. آمر فرعونن
جي لڏي مان هئڻ ۽ جبر ڪري سگھڻ جي سگھ رکڻ باوجود
هن صلح سانت ۽ سڌارن کان ڪم ورتو جنهن ڪري جا ٻاوا
مٿس ڪاوڙجي پيا ۽ سندس نالو نشان گم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪيائون.
حضرت موسيٰ جي پوئلڳ، يهودين جي آبادڪاري جي اوج
جا ڏينهن 1100 ق م ڌاري سمجھيا وڃن ٿا. جيڪڏهن
اسين قديم عهد نامي جي تعليمن کي پنهنجي نظر ۾ رکي
ان دور کي جاچيون ته اسان کي انسانن سان بهتر سلوڪ
۽ انهن جي حقن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون چٽي نموني
ملي وڃن ٿيون.
هومر (1000 ق م) جي شاعري ۾ هڪ راڻيءَ لوپِي ۽ ان
جي مڙس، اِٿاڪا جي بادشاهه ڊسيوس جي ذڪر ملي ٿو.
راڻي پنهنجن هٿن سان سُٽ ڪَتيندي ۽ ڪپڙو اڻندي هئي
جڏهن ته بادشاهه کي اهو فخر هو ته پنهنجي ٻنين ۾
ڪم ڪري ٿو ۽ پنهنجي کٽ پاڻ واڻي ٿو.
اسپارٽا جو رياستي نظام ٽن ٿنڀن تي بيٺل هو، جن
مان ٻن ٿنڀن يعني غلامن ۽ پيريوِيڪو ئي (ٻهراڙي
وارن) لاءِ ته ڪو به حق انصاف ڪو نه هو البته پنج
کان ڏهه سيڪڙو ماڻهو ئي اصل حڪمران هئا جن ۾ فوج
به شامل هئي. فوجي گھرجون پوريون ڪندي انهن ۾
جمھوري قدر رائج هئا.
600 ق م ڌاري اسپارٽا ۾ لائي ڪرگس نالي افسانوي
شخصيت جو ذڪر ملي ٿو جنهن ٻه اسيمبليون ٺاهيون،
پهرين صلاحڪار سڀا جنهن ۾ ممتاز شهري شامل هئا ۽
ٻي عام سڀا جنهن ۾ سمورا شهري شامل ٿي ويندا هئا.
هيءُ نظام بادشاهه، اميرن ۽ عوام ٽنهي جي صلاح
مصلحت سان هلندو هو.
اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن هتي، سنڌ ۾ چرواڪ نالي ٽولي
جو ذڪر ملي ٿو جن جو قدرتي تخليقن ڏانهن خيالي نه
پر حقيقت پسندانه رويو هو ۽ اهي پاڻ به گڏجي، کير
کنڊ ٿي، هڪ ٻي جي گھرجن جو احترام ڪندي حياتي
گذاريندا هئا.
سولن ۽ پريڪليز جي جمھوري انداز جو ذڪر اسين اڳ ئي
ڪري چڪا آهيون. سولن کان پوءِ پيسٽريٽس (560 ق م )
جو ذڪر بيجا نه ٿيندو جنهن جاگيرون ٽوڙي هارين ۾
ورهايون، فني سرگرمي جي سرپرستي ڪئي ۽ ثقافتي
زندگي کي پر رونق بنايو.
ان کان پوءِ ڪلائيسٿنز پڻ دستوري طريقي سان اڳتي
وڌي حڪمران ٿيو. هن ٿورن هٿن مان سياسي اقتدار کسي
گھڻن هٿن تائين پهچايو ۽ عوامي حلقن کي اثرائتو
بنايو.
يونان جي هنن جمھوري راڄن ۾ غلامن سان گڏ عورتن کي
پڻ ڪي به سياسي ۽ انساني حق مليل ڪو نه هئا.
قديم يوناني ادب مان سوفو ڪليز (496 ـــ 406 ق م)
جي هڪ ادبي ٽڪري جو بيان ضروري ٿو محسوس ٿئي:
”ڏاهپ ڀريو رويو مسرت جو سرچشمو آهي،
سڀ کان وڌيڪ خدا ترسي ضروري آهي،
اهو خيال رکڻ گھرجي تي تڪبر ڪندڙن جو فخر ۽ غرور،
رنج ۽ ڏک جو ڪارڻ بنجي ٿو ۽ غرور کي سزا ملي ٿي.“
سقراط (469 ــــــ 399 ق م) جمھوري نموني جي
بادشاهت جو قائل هو جنهن ۾ هر شهري جي هر حق جي
سنڀال رياست جي ذمي هجي ۽ موٽ ۾ رياست جو قدر ڪرڻ
هر شهري جو فرض اهي ئي خيال افلاطون (467 ــــ
347 ق م) جا به هئا. حقيقت ۾ افلاطون ۽ سقراط کي
ڌار ڪرڻ ممڪن ڪونهي. سقراط ۽ افلاطون جي خيالن ۾
ڄاڻ ۽ چڱائي کان وڌيڪ ٻي شيءِ اهم ناهي.
ايپيڪيورس (341 ـــ 280 ق م) ۾ سندس پوئلڳن تي
شراب ۾ بدمست هجڻ، شهوت کي ڇوهه وٺائڻ ۽ راڳ رنگ
جون محفلون سينگارڻ جون تهمتون مڙهي بدنام پئي ڪيو
ويو آهي. پر حقيقت اها آهي ته هنن جا قاعدا ۽
ظابطا يونانين جي وچٿري ۽ متوازن رويي ۽ سلوڪ ۽
عام جي سُڌ موجب بلڪل ٺيڪ هئا. ايپيڪيورس روح جي
شادماني کي جسم جي خوشيءَ کان مٿڀرو پئي سمجھيو.
روم جي عوام لڳ ڀڳ 500 ق م ڌاري ڌارين حڪمرانن کي
ڌڪي ٻاهر ڪري پنهنجي جمھوريت قائم ڪئي جيڪا لڳ ڀڳ
پهرين صدي ق م تائين قائم رهي. رومي سماج به اميرن
۽ غريبن ورهايل هو، اميرن کي پيٽريشين ۽ عوام کي
پليين سڏيو ويندو هو. ان هوندي به عوام جي ڪيترن
ئي حقن جو تحفظ رياست جي ذمي هو. جيتوڻيڪ روم جي
عورتن کي ڪي سياسي حق مليل ڪو نه هئا پر اقتصادي
حق هجڻ ڪري ئي کين هڪ قسم جي سماجي برابري مليل
هئي جيڪا يونان ۾ نظر نه ٿي اچي (سواءِ اسپارٽا جي
فوجي نظام جي).
روم جي عوامي نمائندن کي شڪايت پيدا ٿي پئي ته کين
قانون ياد نه ٿو رهي. 449 ق م ۾ قانوني اصولن کي
12 ــــ ڪاٺ جي پٽين تي اڪارائي عوام جي سُڌ لاءِ
پڌرو ڪيو ويو. ان ڏينهن کان پوءِ هر وقت اميرَ
توڙي عوامي نمائندو پٽيون پڙهي قانوني حق ڄاڻي
سگھي پيو.
گريڪائي ڀائرن 120 ق م ڌاري انساني حقن جي تحفظ
لاءِ هڪ جمھوري تحريڪ هلائي پر ٻئي ڀائر ناڪام
رهيا.
آگسٽس جي لقب سان مشهور آڪٽيوين نالي رومي حاڪم 27
ق م کان رومي سلطنت جو نظام بدلائڻ شروع ڪيو.
معاشي بدحالي سبب هن پنهنجي کيسي مان سپاهين جون
پينشنون ۽ غريبن لاءِ ماني جو بلو ڪيو ۽ پاڻي پهچ
جو نظام درست ڪرايو.
انهيءَ وچ ۾ رومي قانون منجھ اها گنجائش پيدا ٿي
چڪي جنهن موجب جيڪڏهن ڪو ظالم آقا پنهنجي غلامن
کان ڪو ناجائز فائدو وٺڻ گھري ته ان خلاف قانوني
ڪاروائي ڪري سگھجي ٿي.
روم جو مال بابت قانون اتر اميريڪا جي رياست لوئي
سيانا (يو ايس اي) ۽ صوبي قئيڪ (ڪئناڊا) ۾ 1960ع
تائين ته رائج هو.
رومي ادب مان مارڪَس آرليئس جي هڪ ٽڪري ۾ ڄاڻايل
آهي ته: ”ڪامل ڪردار جو نمايان نشان هي آهي ته هر
ڏينهن ائين گذاري ڄڻڪ اهو سندس حياتيءَ جو آخري
ڏينهن هجي، نه ڪا ڳڻتي نه ڪا سستي ۽ نه ئي وري
ڌوڪو.“
عيسوي سن جي ابتدا سان ئي يورپ جو هر علائقو
جاگيردارانه بادشاهت جي قبضي هيٺ ايندو ويو جنهن
کي ڦورو جاگيردارن ۽ مفت خور مذهبي پنڊتن جي ٽيڪ
مليل هئي. غلامن کي هاڻي غلام هاري بنايو ويو.
غلام هاريءَ جي حالت جيتوڻيڪ غلام کان ڪجھ نه ڪجھ
بهتر هئي پر هئي اها به بدتر. يورپ جو هر ڏيهه
جنگين جي تباهين بربادين، ڪوس ۽ اٿل پٿل جو ميدان
بنجي ويو هو. جيڪڏهن قانون نالي ڪا شيءِ موجود هئي
ته اها هئي بادشاهن، جاگيردارن، پنڊتن ۽ سرڪاري
ڪامورن جي مرضي.
يورپ کي ڇڏي ڪري باقي دنيا جو ذڪر ڪجي ته اسان کي
دستوري اسيمبلين ۽ قانونن جو ورلي ڪو ذڪر ملندو
انڌيرنگري ۽ چرٻٽ راجا جي هن دنيا ۾ ڪيترن ئي
انسان دوست ماڻهن مختلف قسمن جون عملي تحريڪون
هلائي رکيون هيون. اسين ٻوڌي ڀڪشوئن ۽ حضرت عيسيٰ
جي پوئلڳن جي رواجي حياتي کان ڀليءَ ڀت واقف
آهيون. هنن جون حياتيون انسان دوستي ۽ امن پسنديءَ
جو جيئرو جاڳندو مثال هيون اڳتي هلي اقتدار ۾ اچڻ
کان پوءِ اهي به پنهنجن اصولن تان ڦري ويا.
ٻي پاسي اسين صوفيانه تحريڪن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون
ٿا. هڪ پاسي انهن کي ائين پيش ڪيو ويندو آهي ته
”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“ جو مطلب هي
آهي ته صوفي مت اسان کي منهن مونن ۾ وجھي ڪنڊ پاسي
ويهي، غربت سان گذارڻ جو ڏس ڏنو. پر ڪي ٻيا ڏاها
چون ٿا ته ظالم حڪمرانن سان ظلم ۾ شريڪ ٿي بظاهر
ڍاول زندگي گذارڻ کان وڌيڪ بهتر هو ته غريب جي پر
حياتي ئي سهي پرحياتي ائين گذاري وڃي جو گھٽ ۾ گھٽ
ظالمن جي ظلم ۾ شريڪ رهڻ کان بچي وڃجي. بي عزت ٿي،
لڄ لٽائي، پٽ پٽيهر پهري ٽيڳر ۽ مستيءَ کان ڪم وٺي
ماروئڙن جا جھوپا جھڻ ڪرڻ بدران بهتر هو کٿو ۽
لوئي اوڍي، لڄ بچائي، ڏٿ ۽ ڏير تي گذران ڪجي. آءُ
سنئيون مثال بيان ڪرڻ بدران رڳو شاهه عنايت جي پر
امن، آزادي پسند ۽ صوفيانه رهائش گذاري ڏانهن
اشارو ڪندي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان سادي سودي
زندگي شاهي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي رکيو هو ۽ ماڻهن
شاهي درٻارن ۾ شان ۽ شوڪت سان رهڻ بدران صوفيانه
درگاهن کي پنهنجو آستانو بنائي پنهنجي من پسند آڇ
جو اظهار پئي ڪيو.
آءُ هن ڌرتيءَ تي عيسوي سن کان پوڻا ڇهه سو سال
پوءِ عربن جي دنيا ۾ متل ان مانڌاڻ جو ذڪر ضرور
ڪندس جيڪو حضور صلي عليه وسلم جن جي زبان مبارڪ
مان غلامن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ٻڌي وقت جي حڪمران
جي من ۾ متو هو. آءُ ڄاڻان ٿو ڪجھ عرصو اڳتي هلي
ان عظيم عوام دوست آواز کي موقعي پرست ملاشاهي
مروڙي شاهي ايوانن جي حمايت ۾ وٺي آئي ۽ اڄ متو ان
جو گلو گھٽڻ جي ڪوشش ۾ جنبيل آهي.
اسين سنڌي ماڻهو سڄي ڌرتيءَ تي امن، سانت،
ڀائيچاري، برابريءَ، آچار ۽ آزاديءَ واري تحريڪ جو
جيئرو جاڳندو مثال آهيون، اسين ڪنهن جا به مٺ
گهرانه آهيون ۽ نه ئي ڪنهن جي ننگن ۽ نگرن تي بڇڙي
نگاهه رکڻ جا قائل. اسان جي تاريخي ۽ امن پسند
ضمير جو آواز لطيف جي زباني صدين تائين ٻڌڻ ۾ پيو
ايندو ته.
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين،
جڏهن ته ٻي پاسي اسان جي آزادي پسندي جو آواز
سرمستيءَ جي هن صدا ۾ لڪل آهي:
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،
آءُ جو ئي آهيان، سو ئي آهيان.
اسين مايا جي موهه ۽ لوڀ لالچ جي گند کان پري ڀڄڻ
وارا ماڻهو آهيون اسين ڏاڍ ڏمر ڪري چوسيل انساني
رت ۽ چٻاڙيل انساني هڏين ۽ ماس تي پلجڻ بدران رُکي
سُڪي کائي، امن، انصاف ۽ آزاديءَ جو جهنڊو اوچو
رکڻ گھرون ٿا ۽ ان ڪري ئي پاڻ کي انساني حقن جي
عالمگير جدوجھد ۾ عملي طرح شامل سمجھون ٿا.
ڪجھ ماڻهن ڏاڍ ڏمر خلاف جدوجھدون ڪندي پنهنجون
حياتيون قربان ڪري ڇڏيون. انسانيت جو انسان دوست
قافلو هلندو رهيو ۽ هلندو ئي رهي پيو.
هتي جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري پنهنجو پاڻ کي ان ذڪر
ڏانهن وٺي هلون ته ماڻهن جي قانون پسند جدوجھد
ايوانن ۾ ڪيئن تبديلي آندي ته اسين تاريخ جي ان
پهلو کان وڌيڪ بهتر نموني واقف ٿي سگھنداسون.
برطانيه ۾ بادشاهه هنري جو دور ان ڪري ڪري به ذڪر
لائق سمجھيو وڃي ٿو جو هن اينگلو ـــــــ سيڪسن جي
قديم فوجي ترتيب موجب 1171ع ۾ فوج کي هٿيارن جي
قانون (Azziso
of arms
) وسيلي نئين شڪل ڏني ۽ هر ماڻهو کي سندس آمدني
موجب اهڙي موزون هٿيار رکڻ جو زميوار سڏيو حڪو
سلطنت جي حفاظت ۾ ڪم ڏئي سگھي.
هنري جي پٽ جان سان اميرن
جو جھيڙو ٿي پيو 1213ع ۾ پوپ هن کي معاف ڪيو تڏهن
هن حلف کنيو ته پنهنجن گذريل وڏڙن جا قانون بحال
ڪندو. سندن من ۾ کوٽ هئي پر اميرن هڪ منشور
تيارڪري ورتو جيڪو جان کي منظور ڪرڻو پيو 150 جون
1215ع تي منظور ڪيل هن منشور کي عظيم منشور (Mangna
carta
) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. والٽيئر سميت
برطانيا ۽ اميريڪا جا سياسي مدبر جيتوڻيڪ هن منشور
کي آزاد حقن لاءِ پيڙهه جو پٿر سمجھن ٿا پر ان ۾
ڪٿي به سڀني ماڻهن جي آزادي، برابري ۽ اڻمٽ حقن جو
ڪو به ذڪر ڪونهي. هن ۾ ته رڳو جاگيردارن ۽ اميرن
لاءِ رعايتن جو ذڪر آهي. بهرحال هن جون ڪجھ شِقون
عوام جي فائدي ۾ ضرور هيون.
هن منشور ۾ چاليهه ڀيرا ترميمون ڪيون ويون ۽
سورهين صدي هلندي ان کي ڄڻڪ وساريو ويو. سترهين
صدي ۾ اسٽئرٽس خلاف بغاوت مهل هن منشور کي وري
ياد ڪيو ويو. هاڻي منشور جي پوءِ ڪيل تعبيرن ۾ ڪجھ
اهميت نظر اچي ٿي. اهميت جو هڪ پاسو هن دستاويز جا
ٻه بنيادي اصول آهن. پهريون هي ته بادشاهه قانون
جي تابع آهي ۽ ٻيو هي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته
بادشاهه کي قانون جي پابندي تي مجبور ڪري سگھجي
ٿو.
1355ع ۾ برطانوي پارليامنٽ مئگنا ڪارٽا جي توثيق
ڪئي ۽ قانون جو واجبي عمل (
Due process of law)
منظور ڪيو. هن ئي ترميم وسيلي اهي واڌارا ڪيا ويا
ته:
”ڪنهن به آزاد ماڻهو کي پڪڙيو نه ويندو. نه قيد ۾
وڌو ويندو، نه ئي جائداد کان محروم ڪيو ويندو، نه
ئي قانون جي دائري کان ٻاهر سمجھيو ويندو، نه ئي
جلاوطن ڪيو ويندو (۽) نه ئي وري ڪنهن به ٻي طريقي
سان آزار پهچايو ويندو ....“
هڪ پاسي جاگيرداري ۽ بادشاهت جي اهڙي بدتر دور ۾
ان قسم جون ترميمون پئي ڪيون ويون ۽ اهي به اڄ کان
ڇهه سو ڇٽيهه سال اڳ ۽ ٻي پاسي هِتي، اسان وٽ اهي
ترميمون پيون ڪيون وڃن ته ڪنهن به ماڻهو کي شڪ جي
بنياد تي ٻڌي سگھجي ٿو ۽ ڪنهن به گھر ۾ شڪ جي
بنياد تي گھِڙي سگھجي ٿو!
1279ع ۾ هڪ ڀيرو وري برطانوي پارليامنيٽ ان ساڳي
قانون جي توثيق ڪئي.
1694ع ۾ پارليامنيٽ جي اقتدار جون حدون مقرر ڪيون
ويون.
1289ع ۾ حق جي قانون (Bill
of rights
) جي منظوري ڏني وئي ۽ انساني حقن کي چٽو ڪيو
ويون. هن ڀيري دستورکي پارليامنيٽري جمھوريت جي
شڪل ڏيڻ لاءِ ٽي ڏاڍا اڻٽر قدم کنيا ويا:
سمورا تنقيدي اختيار پارليامينٽ جي اڪثريت جي هڪ
ڪمپني يعني ڪابينا جي حوالي ڪيا ويا جن جو سرواڻ
”اتم وزير“ (وزيراعظم يا پرائيم منسٽر) هوندو.
2. بالغ فردن کي ووٽ ڪرڻ (راءِ ڏيڻ) جو حق مليو.
3. اميرن جي ايوان (House
of lords)
کي عوام جي ايوان
(
House of commons
)تي برتري ڏني وئي.
اهي ٽئي قدم پوري طرح عمل ۾آڻيندي آڻيندي ٻه سوَ
سال کان به وڌيڪ عرصو لڳي ويو.
1690ع ۾ جان لاڪ ۽ 1726ع ۾ روسو سماجي لاڳاپن ۽
رياستي جوڙجڪ جي آمرانه پاسن تي ڀرپور وار ڪيا.
1776ع ۾ جان جارج سين اميريڪي رياست ورجنيا مان
بنيادي حقن جو منشور جاري ڪيو جنهن ۾ پريس جي
آزادي، مذهبي آزادي ۽ فرد کي پنهنجن حقن جي حفاظت
لاءِ عدالتن ڏانهن وڃڻ جو حق مليل هو. مهيني کن
کان پوءِ اميريڪا جي آزادي وارو اعلان پڌرو ٿيو
جيڪو مئگنا ڪارٽا ۽ مٿي ڄاڻايل عالمن جي راين جي
روشني ۾ ٺاهيل هو.
1789ع ۾ امريڪي ڪانگريس آئين ۾ ڏهه ترميمون منظور
ڪيون جن کي حقن واري قانون جو منشور چيو وڃي ٿو.
1789ع ئي اهو سال آهي جنهن ۾ فرانس جي قومي
اسيمبلي انساني حقن جو منشور منظور ڪيو جيڪو عوامي
حقن لاءِ هڪ ڊگھي ويڙهه جو نتيجو هو. (ان تحريڪ جو
پس منظر ڄاڻڻ لاءِ محمّد ابراهيم جويو صاحب جن جو
ترجمو ڪيل ڪتاب ”فرينچ انقلاب“ ضرور پڙهڻ گھرجي.)
1792ع ۾ ٿامس پين ”ماڻهو جا حق“ نالي پمفليٽ شايع
ڪيو
جنهن انساني حقن لاءِ جدوجھد ۾ جوش ۽ ولولو پيدا
ڪيو.
1848ع ۾ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس جي ”ڪميونسٽ
پڌر نامو“ نالي اها لکڻي ميدان تي آئي جنهن ٿوري
ئي عرصي سڄي دنيا جي ماڻهن تي نئين زندگي جا
دروازا کولي ڇڏيا.
1868ع ۾ اميريڪي قانون ۾ چوڏهين ترميم ڪري فرد کي
ذاتي آزادي ملڪيت جي حفاظت لاءِ قانوني تحفظ مهيا
ڪيو.
1917ع ۾ سويت يونين ٺهي جنهن جي قانونن ۾ پهريون
ڀيرو پورهيتن جي حقن کي برتر حيثيت ڏني وئي.
1920ع کان ليگ آف نيشنس نالي هڪ ڏاڍي وڏي بين
الاقوامي تنظيم ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ رياستن جو
معاملا نبيرڻ لاءِ عالمي عدالت جو تصور ڦٽي نڪتو.
1940ع ۾ ايڇ جي ويلز صاحب نيو ورلڊ آرڊر (نئين
عالمي ترتيب) جي نالي سان انساني حقن جو منشور
منظور ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.
1946ع ۾ جپان انساني حقن جي منشور کي پنهنجي دستور
۾ شامل ڪيو.
1947ع ۾ اٽلي به انساني حقن جي منشور کي پنهنجي
دستور ۾ شامل ڪيو.
10 ـــ ڊسمبر 1948ع تي اقوام متحده (يونائيٽيڊ
نيشنس آرگنائيزشن) جو انساني حقن وارو منشور جاري
ٿيو.
16 ـــــ ڊسمبر 1922ع تي اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي
حقن جو بين الاقوامي ٺاهه منظور ڪيو ويو.
7 ــــ نومبر 1967ع تي عورتن سان امتيازي سلوڪ جي
خاتمي جو پڌرنامو ظاهر ڪيو ويو. |