سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

باب :1

صفحو :4

اهڙيءَ طرح تنظيم ٺاهڻ جي حق ۽ گڏيل ڳالهين ڪرڻ واري حق جو ٺاهه، ٻهراڙين جي پورهيتن جي تنظيم ۽ انهن جي اقتصادي ۽ معاشي ترقيءَ واري ڪردار متعلق ٺهراءَ ۾ دنيا جي انسان دوست ۽ امن پسند اڪابرن، دانشورن ۽ سڌارڪن جي جدوجھدن ۽ ڳالهين کي ذهن ۾ رکي اسين ڪجھ گڏيل نقطا بيان ڪري سگھون ٿا (جيڪي تفصيل سان 10 ڊسمبر 1948ع واري انساني حقن جي منشور ۾ڄاڻايل آهن.)

1. هر هڪ ماڻهو کي زندگي گذارڻ، آزاديءَ ۽ تحفظ جو پورو پورو حق هئڻ گھرجي. سڀني جا حق هڪ جھڙا ۽ برابر آهن پوءِ ڇو نه سندن واسطو ڪنهن به نسل، رنگ، جنس، ٻوليءَ، مذهب، ثقافت يا علائقي سان هجي.

2. غلاميءَ، اذيت، ڏاڍ ۽ غير انساني توهين ڪندڙ هلت يا سزا جو ڪنهن به ماڻهو کي نشانو نه بنايو ويندو.

3. سڀ ماڻهو قانون اڳيان هڪ جھڙا آهن ۽ قانوني تحفظ جا حقدار آهن. ڪنهن کي به بنا ڪنهن معقول سبب جي گرفتار ڪرڻ، جيل ۾ رکڻ يا ڏيهه نيڪالي ڏيڻ جو حق ڪونهي. هر ماڻهو کي پنهنجي وڪالت ۾ ڳالهائڻ ۽ خود مختيار غير جانبدار ٽربيونل ٻڌو وڃڻ جو حق آهي.

4. هر ماڻهو تيستائين بيڏوهي آهي جيستائين مٿس ڏوهه ثابت نه ٿو ٿئي.

5. هر ماڻهو جي ذاتي توڙي گھريلو معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪئي ويندي ۽ ڪنهن جي به عزت ۽ ناموس تي وار نه ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هر ماڻهو کي قانوني تحفظ وارو حق مليل هوندو.

6.  مرد ۽ عورتون جيڪي عاقل ۽ بالغ آهن، بنا ڪنهن نسل ۽ مذهب جي حدبندي جي اهو حق رکن ٿا ته ڪنهن سان به شادي ڪري گھر آباد ڪن. کين هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ هڪ جيترا ۽ هڪ جھڙا حق هوندا ۽ کين رياستي تحفظ ميل هوندو.

7.  هر ڪنهن کي خيالن رکڻ جي آزادي، پنهنجي ضمير موجب سوچڻ ۽ مذهب اختيار ڪرڻ جو حق هوندو.

8. هر ماڻهو سياسي نظريو رکڻ جو حق رکي ٿو ۽ ڪنهن به جماعت ۾ شريڪ ٿي سگھي ٿو.

آءُ هتي هڪ ڳالهه چٽي ڪري زور ڏئي چوڻ گھران ٿو ته انساني حقن جي منشور تي جيڪا به رياست صحيح وجھي ته ان کي پابند بنايو وڃي ته اها ڄاڻايل انساني حقن سان ڪنهن به طرح هٿ چراند نه ڪندي.

هاڻي اسين ان ڏاڪي تي پهچي چڪا آهيون جتي صلاح مصلحت ۽ سوچ ويچار لاءِ پنهنجي پاران ڪجھ رٿون پيش ڪري سگھون. آءُ جن ڳالهين کي وڌيڪ اهميت ڏئي بيان ڪرڻ گھران ٿو انهن مان ڪجھ هي آهن:

1. سمورا ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ برابر هئڻ گھرجن.

2. سڀني ماڻهن کي هڪ جيترو معاشي، تعليمي، رهائشي ۽ طبي سهولتن مان فائدو ملڻ گھرجي ته جيئن زندگيءَ جا مزا ماڻي سگھن،

3. سمورا ماڻهو بک، ڏوجھري ۽ ڏڪر کان محفوظ هئڻ گھرجن،

4. ڏوهه کي جنم ڏيندڙ سمورا سبب ختم ڪرڻ جي مخلصانه ڪوشش ٿيڻ گھرجي ۽ ٿيندي رهڻ گھرجي.

5. سڀني ماڻهن کي گھر ٺهرائي آباد ڪري سگھڻ جا موقعا ميسر هئڻ گهرجي،

6. سڀني ماڻهن کي ضروري ۽ صحتمند کاڌو ملڻ گھرجي،

7. هر ماڻهو هر قسم جي معاشي داٻ کان آزاد هئڻ گھرجي،

8.  هر ماڻهو کي پنهنجي سلڇڻي ضمير موجب ڪم ڪرڻ جو حق هئڻ گھرجي،

9. تحرير ۽ تقرير لاءِ پوري آزادي ميسر هئڻ گھرجي، ۽

10. سمورين قومن، ملڪن ۽ سڀني فردن کي آزاديءَ جو مڪمل تحفظ هئڻ گھرجي.

سموري انسانذات جو اهو سڀاويڪ سپنو آهي ته هر ماڻهو امن، آزاديءَ، انصاف ۽ برابريءَ جو مزو وٺي.

اهي ۽ اهڙا سمورا حق سڀني ماڻهن کي تيستائين ميسر ٿي نه ٿا سگھن جيستائين انساني سماج مان غير انساني روش جو خاتمو  نه ٿو آڻجي.

آءُ جن شين، ڳالهين ۽ عملن کي غير انساني روش ۾ شامل ٿو سمجھان انهن مان ڪجھ هي آهن: قبضي بازي، ڦرلٽ، تباهي، قتل، بيهودگي، ٺڳي، دٻاءُ، ڀڙڪاءُ، ساڙ، دشمني، تِيسو، بيعزتي، لڄالٽ، دغابازي، بي ايماني، ڪوڙ، ڏاڍ، داداگيري، دهشتگردي ۽ ڌاڙيلپ سان گڏ اهي سمورا عمل جيڪي ڪنهن به طرح امن، آزاديءَ، انصاف، زندگيءَ ۽ فطرت کي جوکو رسائي سگھن.

اڄ ڪجھ غير انساني روش رکندڙ ماڻهو برتريءَ جي حرص ۾ ايترو ته انڌ تي سوار آهن جو خود پنهنجي ئي ڌرتيءَ کي پنج سو ڀيرا تباهه ڪري سڄو سج ــ سرشتو ڊانوڊول ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته اهي پاڻ به ڄاڻڻ ٿا ته ڌرتي هڪ ڀيرو ئي تباهه ٿي سگھي ٿي ڇو ته ٻيو ڀيرو تباهه ڪري سگھڻ لاءِ نه ڌرتي هوندي ۽ نه ئي وري تباهه ڪندڙ.

هڪ ماڻهو جون وزن عام طرح 130 پائونڊ ٿئي ٿو جڏهن ته هر ماڻهو لاءِ 230 پائونڊ بارود تيار رکيو آهي.

رڳو جنگي مقصدن لاءِ هر سال 9 ــــ ارب ڊالر يعني لڳ ڀڳ ٻه کرب رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن رڳو هڪ سال جو جنگي خرچ ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪجي ۽ هڪ ماڻهو کي هڪ لک رپيا گھر ٺاهڻ ۽ هڪ لک رپيا ننڍي واپار لاءِ ڏنا وڃن ته هر سال ڏهه لک ڪُٽنبن جا گھر ٺهي ۽ روزگار هلي سگھن ٿا ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي ڌرتيءَ تان ڏڪر جي حالت ختم ڪري سگھجي ٿي وغيره.

هن وقت اسان جي ڌرتيءَ تي 5 ــ ڪروڙ ماڻهو اکين جي مرض، ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو ڪوڙهه ۽ پوڻا ٻه ڪروڙ مانهو سلهه جھڙي موذي مرضن ۾ ڦاٿل آهن جڏهن ته سوا ارب ٻارن کي ڪا به تعليم حاصل ڪري سگھڻ جي پهچ ناهي، ڏيڍ ارب ٻار چئن سالن جي ڄمار کان رڳو کير جي کوٽ سبب مري وڃن ٿا ۽ ڏيڍ ارب ماڻهو بک ۽ ڏڪر جو شڪار آهن.

هر سال سڄي ڌرتيءَ تي مختلف جشنن جي نالي ۾ جيڪو بارود ساڙيو وڃي ٿو جيڪڏهن اسين رڳو انهن جو خرچ ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪريون ته به تعليمي شرح ۾ شاندار وڌارو ٿي سگھي ٿو ۽ ٻي پاسي فضا جي گندگي ۽ اوزون تهه جي تباهي پڻ گھٽ ٿيڻ سبب سڄي انسانذات کي فائدو رسي سگھي ٿو.

قدرت ته اسان کي جيڪو ڪجھ مهيا ڪري ڏنو آهي ان ۾ ڪنهن لاءِ به ڪا به تفريق ڪونهي ــــ سج ۽ اُس، چنڊ ۽ چانڊوڪي، هوا ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي تي يا ڌرتيءَ اندر موجود هر نعمت سڀ جي لاءِ آهن. اها غير انساني روش ئي آهي جيڪا فضا کي خراب ڪري ٿي، ڌرتيءَ ۽ ڌرتي جي نعمتن کي ”تنهنجي“ ۽ ”منهنجي“، ”هِن جي“ ۽ ”هُن جي“ ۾ ورهائي رنگ، نسل، مذهب، علائقي، ٻوليءَ، ثقافت ۽ سگھ جي بنياد تي ماڻهن ۾ گھٽ يا وڌ هجڻ جي تفريق ڪري ٿي ۽ ڌرتيءَ کي ايٽمي توڙي ڪيميائي بمن سان تباهه ڪرڻ جو سانباهو رکي ٿي.

ماڻهو وٽ هزارين ساراهه جوڳيون ۽ نراليون لياقتون آهن. سوچڻ، ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ، خلقڻ ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ اعليٰ انساني خصلتون آهن. ماڻهو ئي سٻاجھو، سلڇڻو، سيبتو، سچيت، سچار، سگھارو، نرم دل، رحمدل، مانائتو، مروت ڀريو، ماٺيڻو، سانتيڪو، سهپ رکندڙ ۽ سُک چين جي حياتي لاءِ واهرو آهي. هو امن، انصاف، ميٺاج، آزاديءَ، خلوص، ڀائپيءَ، دوستيءَ، برابري ۽ خود پيار ان پيار ڪري ٿو. اسان کي انساني گڻ اجاگر ڪرڻا آهن ۽ ڀلائي جي جذبي سان جيئڻو آهي.

آخر ۾ آءُ ڪجھ گذارشون عرض ڪرڻ گھران ٿو:

1. هڪ قدرتي ۽ تاريخي قوم ميساري پئي وڃي. اها قوم سنڌي آهي جنهن پنهنجي تاريخ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا ۽ سخت سور سٺا آهن. هن قوم کي ڄاڻي ٻُجھي هڪ ٿورائي ۾ بدلايو پيو وڃي ۽ ان کان پوءِ ان کي فنا ڪيو ويندو. لکين ماڻهو مختلف ڏيهن ۽ علائقن کان لڏي هتي اچي هتان جي قدرتي رهاڪن جي مرضيءَ کان سواءِ رهي پيا آهن ۽ ٻيا کوڙ هيڏانهن لڏ پلاڻ جي سنبت ڪيو ويٺا آهن، جن ۾ خاص طرح آءُ بِهاريُن جو ذڪر ڪرڻ گھران ٿو. انهن جو قدرتي وطن بِهار آهي ۽ انهن کي سندن کيڏيل ظالمانه ڪردار باوجود بنگلاديش ۾ رهائش جي آڇ لاءِ سرڪاري طور ڪئي وئي آهي. انهن کي هتان حصو طور هيڏي لَڏي اچڻ لاءِ پئي وڃي. اسين هن ڌرتيءَ جا قدرتي رهاڪو اڳ ئي خطرناڪ ڏاڪي تي پهچايا ويا آهيون، سنڌ جي آباديءَ ۾ اسان حقيقي رهاڪن جي ڳڻپ 52 سيڪڙو مس وڃي بچي آهي ۽ اسان کي ڏتاريل، بي گھر ۽ بي روزگار بنائي اڳ ئي غلاميءَ ۽ ٽين درجي جي شهريءَ جھڙي سطح تائين ڪيرايو ويو آهي. جيڪي ماڻهو سچ پچ انساني حقن لاءِ جدوجھد ڪن ٿا آءُ انهن جي آڏو هڪ سوال رکان ٿو ته ڇا اهي پنهنجي ئي تاريخي ۽ قدرتي ڌرتيءَ تي رهندڙ هڪ قوم کي جيڪا اڳ ئي ٿورائي ۾ بدلجي وڃڻ ۽ ميسارجڻ جي ڀو ۾ ويڙهيل آهي، بچائڻ ۽ بقا ڏيڻ پسند ڪندا يا انهن جو پاسو وٺندا جن کي اڳ ئي بنگلاديش ۾ رهڻي اختيار ڪرڻ جي سرڪاري طور آڇ ڪئي وئي آهي؟

2. اسان جي ٻولي سنڌي ۽ اسان جي ثقافت جو لاڳيتو اڀمان ڪيو پيو وڃي. سنڌي ٻولي ڪورٽن، آفيسن ۽ گھڻي حد تائين تعليمي ادارن مان ڌڪي ٻاهر ڪئي وئي آهي. توهان اندازو ان مان ڪري سگھو ٿا ته سنڌي ٻولي کي پنهنجي ئي قدرتي ڌرتيءَ تي ڏهاڙي ڏهه ڪلاڪ ٽي وي نشريات ۾ رڳو اڌ ڪلاڪ ڏنو وڃي ٿو ۽ سنڌي ٻولي کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪو هڪ به سرڪاري ادارو ڪونهي.

3. اسان کي نديءَ جي پاڻي مٿان مليل بين الاقوامي حق کان محروم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سڄي ڌرتيءَ کي قدرت رڳو هڪ ندي، سنڌو عنايت ڪئي آهي ۽ اها ئي اسان جي ٻنين کي سيراب ڪري ٿي. سنڌ جي سڄي ڳوٺاڻي آباديءَ کي ڄاڻي ٻجھي بک، تاسَ ۽ تباهيءَ طرف ڌڪيو ويو آهي. سنڌ جي مٽيءَ کي هر سال پاڻي جي کوٽ ڏسڻي پوي ٿي. اسان کي پنهنجو درياءُ موٽائي ڏنو وڃي.

4. اسين، هن ڌرتيءَ جا قدرتي رهاڪو لاڳيتي دهشت گردي جي عذاب هيٺ ڏنا ويا آهيون. اسان کي پنهنجي ئي شهرن ۾ قتل ڪيو ٿو وڃي. رڳو گذريل چئن سالن ۾ 15 سو ماڻهو قتل ڪيا ۽ ڏهن هزارن کان وڌيڪ لڏايا (يا تڙيا) ويا آهن. دهشت گردن کي تحفظ ڏنو ٿو وڃي ۽ اسان قدرتي رهاڪن کي انساني حقن کان به محروم ڪيو پيو وڃي (ڪوشش اها ڪئي پئي وڃي ته اسان جي ڌرتيءَ کي ورهائي هڪ ننڍو ”ڀارت“ ٺاهيو وڃي.)

اسين ان لطيف جي ڌرتيءَ جا قدرتي رهواسي، جنهن پنهنجي مالڪ وٽ سمورين ڌرتين جي سک ۽ سينگار لاءِ ٻاڏايو پئي، ان حد تي پهچايا ويا آهيون. جو اسان کي ميسارجي وڃڻ جو خطرو ٿي پيو آهي.

اسان ماڻهن انساني حق پهرين ترجيح آهن. ۽ آءُ توهان سڀني کي امن سان پيار ڪندڙ سنڌي ماڻهن پاران پڪ ٿو ڏياريان ته انساني حقن جي جدوجھد ۾ اسان کي اڳين قطارن ۾ ڏسندو. اسين انسان دوست تعليمن  جا چارڪ آهيون، جنهن چيو آهي،

سائينم  سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

آءُ توهان سڀني جو دل جي گھراين سان ٿورائتو آهيان، کولي چوان ٿو ته

 

سڄي ڌرتي جا انسانو پنهنجن حقن لاءِ مڙي مِٺ ٿيو.

   

رياست جي بُڻ بابت نظريا

 

رياست ڇا آهي، ڪڏهن ٺهي، ڪيئن ٺهي، ڇو ٺهي ۽ ڪيئن وڌي ـــ ؟ انهن سوالن تي سوچ ويچار جي ابتدا انتهائي آڳاٽي زماني ۾ شروع ٿي چڪي هئي. ۽ اڄ به ان بابت سوچيو وڃي ٿو.  انهن سوالن جا جواب (جن به عالمن ڏنا آهن) هڪ جهڙا ناهن، انهن سڀني جوابن کي ٿلهي ليکي ٻن درجن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:

الف ـــــ تياسي نظريا                   (speculative theories)

1 ــــــ رباني نظريو                      (Theory of Divine origin)

2 ـــــ زوراور نظريو                               (Force Theory)

 3 ــــ سماجي ٺاهه وارو نظريو(Theory of social contracd)              

ب ـــ تاريخي نظريا                           (Historical Theories )

1 ــــ  ابوي يا پيءُ ــــ آدرشي نظريو             Patriarchal Theory) )

2 ـــــ اموي يا ماءُ ــــ آدرشي نظريو              (Matriarchal Theory )

3 ـــــ تاريخي يا ارتقائي نظريو  (Historical or Evalutionary Theory)

هيٺ مختصر طرح هر هڪ نظريي بابت ڪجھ خيال پيش ڪجن ٿا:

رباني نظريو:

رباني بڻ يا اوسر وارو نظريو ٻڌائي ٿو ته ابتدائي سماج وارن ٻيلن، غارن (چُرَن) يا جھوپڙين ۾ رهندڙ شڪاري ماڻهن کي جيڪا به شي يا جيڪو به عمل، نظارو يا لقاءُ سمجھ ۾ نه ايندو هو، ته اهي ان بابت هڪ پراسرار ۽ غيبي وجود يا اڻ ڏٺي هستيءَ (ديوي، ديويءَ، ديوتا، راڪاس، ڀوت وغيره) جو تصور ٺاهي، يا ان سان منسوب ڪري سمجھدا هئا ته ان ئي اهو ڪم، شيءِ، عمل، نظارو يا لقاءُ خلقيو هوندو. اسان جي آڏو اهڙا هزارين مثال آهن. قديم ڀارت ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت وارا قصا، جپان جي بادشاه پاران خدا جو اولاد هجڻ بابت دعويٰ ۽ ان تي ماڻهن جو ويساهه، فرمونن پاران پاڻ کي خدا، سج جو اولاد، سج ديوتا جو نمائندو سڏائڻ ۽ مٿن ڀروسو ڪرڻ جا مثال، مغل بادشاهن پاران پاڻ کي خدا جو پاڇو سڏائڻ ۽ سمجھڻ، ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال تاريخ جي صفحن تي پکڙيا پيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org