سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

باب :1

صفحو :10

هتي ضروري ٿو ڀائنجي ته پڙهندڙ ٻن ٻين اصطلاحن کان به واقف ڪري ڇڏجي جيڪي انساني سڀيتا ۾ ٻين اهم دوگرن جي حيثيت رکن ٿا:

1 ــــ ٻنگارپهڻي/ ايئنيولٿڪ (Aeneo lithic)

  • ٻنگار= هڪ قسم جو ڌاتو، ڪنجھو+ پهڻ= پٿر+ ايِ= سان (اِڪ)= سان وسطيدار

Aenus (ايئينڊ)= ٻنگار، ڪنجھو+ Lithos (لٿو) = پٿر+ Ic ــــ (ـــــ اِڪ( = سان واسيطدار

ٻنگار پهڻي جي بدران ڪي عالم ٽاماپهڻي (Chalcolithic) اصطلاح  به ڪم آڻيندا آهن. ٻنگارپهڻي اصطلاح وسيلي وقت جي ان مدي جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي، جنهن دوران عام واهپي جا گھڻي کان گھڻا وکر بنگار/ ڪنجھي مان ٺاهيا ويندا هئا ۽ راڄ ڀاڳ ۾ توڻي جو پاٿر وکر پڻ عام واهپي هيٺ هئا پر سرسي ۽ برتري ٻنگاري وکرن کي ملي وئي.

2 ـــــ لوهي ڄمار (Iron Age )

هاڻي انساني سماج  ۾ لوهه مان ٺهيل وکرن، خاص ڪري هٿيارن جو واهپو وڌي ويو توڻي جو ڪنجھي مان ٺهيل وکر، خاص ڪري رڌي پَڪي لاءِ ڪم ايندڙ وکر عام واهپي هيٺ رهيا ۽ سماج جا ڪي پرت ته اڃا به پٿر جا وکر ڪم آڻيندا هئا.

ٻنگارپهڻي وکرن جي ابتدا 3770 ورهه ق م کان سمجھي وڃي ٿي ۽ لوهي هٿيارن جي ابتدا 1400 ورهه ق م کان. انهن ٻنهي قسمن جا وکر اڄ سوڌو سماج جي ڪيترن ئي پرتن ۾ رائج آهن ۽ اڄ به، ڪي اهڙا ٽڙوڇڙ سماج ملن ٿا جيڪي اڃا تائين پاٿر ڄمار واري زندگي گذارن پيا.

وچپهڻي کان ويندي لوهي ۽ پوءِ واري يعني هلندڙ زماني کي انساني سڀيتا (تهذيب، سولائيزيشن) وارو زمانو چيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته ماڻهوءَ جي سيڀتائي زندگي ٻارهن هزار ورهن کان وڌيڪ نه آهي. ان کان آڳاٽي عرصي دوران انسان سڀيتا جو ٻج پوڻ ۽ نسرڻ لڳو هو ۽ انساني سماج مستحڪم پيڙهه تي اچي بيٺو. منطقي طرح اهو سمورو آڳاٽو انساني سماج ”غير مهذب“ جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو پر هي ليکڪ ان کي پڻ سيڀتائي زمانو سمجھي ٿو، رعايت ڪندي ان کي آڳاٽو سيڀتائي زمانو چئي سگھجي ٿو، نه ڪي اڳ سيڀتائي ( Pre- civilization) زمانو

انساني پورهيي، ٻوليءَ، ذهانت ۽ راهپ جا آثار 10 لک ورهن (۽ ڪن عالمن جي نظر ۾ 6 ــــ لک ورهن) کان آڳاٽا ناهن ۽ هڪ حد تائين پڪ سان سمجھيو وڃي ٿو، انهن جي ابتدا پهرئين وڏي برفاني طوفان واري عرصي Ist,Great ice Age)) يا بارفي مدي (Glacial Period) کان پوءِ واري پهرئين وچات ـــــ بارفي (Ist Infter glacial) زماني جي ابتدائي ڏينهن ۾ ٿي انساني پورهيو، ٻولي، ذهانت ۽ راهپ ـــــــ انساني سماج ـــ توڻي جو اسرندڙ فطرت رکندڙ هو پر ابتدا ۾ ان اوسر ۽ سماجي تبديليءَ جي رفتار بيحد ڍري ۽ هلڪي هئي، هزارين ورهين کان پوءِ وڃي ڪا ٿورڙي تبديلي اچي سگھي پئي. ڪڻوڪڻو ٿي مواد ڪٺو ٿيو ۽ ڏهه هزار ورهه اڳ تائين مس وڃي اهو هڪ ڍڳ ٿيو. باهه جي واهپي جا اوائلي آثار چار لک ورهه آڳاٽا چيا وڃن ٿا پر ان کي صحيح نموني ۽ گھرج مهل ٻاري، گھرج آهر واهپي ۾ آڻڻ جي ابتدا به جھڙوڪر سڀيتائي زماني ۾ ممڪن ٿي سگھي آهي. آڳاٽي سڀيتائي زماني ۾ جانور پالڻ ۽ فصل اپائڻ جو رواج ڪو نه هو، ماڻهو اڪثر ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي ماڳ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو رهندو هو. هن جي جياپي جو دارو مدار قدرت جي تيار ٿيل مال تي هو. انهيءَ آڳاٽي سڀيتائي زماني ۾ وکر طور ڪم ايندا هئا، ايتري قدر جو سُئي ۽ ڪُنڍو به هڏي مان ٺهيل هئا ۽ ننڍن جانورن جي آنڊي کي ڌاڳي  طور ڪتب آندو ويندو هو.شڪار ڪيل مختلف قسمن جي جانورن جون کلون اوڍڻ لاءِ واهپي ۾ هيون ۽ انهن مان ئي خيما/ تنبو ٺاهي ”گھر“ جي آسيس ورتي ويندي هئي. پاڻي رکڻ ۽ پيئڻ لاءِ پڻ کلن ۽ هڏن (کوپڙين) کي ڪم ۾ آندو ويندو هو.

 ڪاٺ پڻ ان  سماج ۾ هڪ مکيه ڪارج ادا ڪندڙ شيءِ هئي. (۽ اڄ به آهي) ڏنڊو، ڏَڪُ، ڪامَ ۽ توڻي ته ڪاٺ جا هئا ئي پر ڪيترن ئي هڏي ۽ پٿر جي وکرن پٺيان ڏنڊوڳنڍي کائنس نيزي، ڀالي، ڇاپڙَ وغيره جو به ڪم ورتو ويندو هو. ٻارَڻ جو گذريل صديءَ تائين اڪيلو وسيلو ڪاٺ ئي رهيو آهي ۽ باهه انسان کي زندهه رکڻ ۾ ۽ ترقيءَ جي راهن تي وڌائي هلڻ ۾ هڪ مکيه ڪردار ادا پئي ڪيو آهي.

ٻولي ۽ سمجھ، ڪيڏي به ابتدائي سطح جون هيون، ڪيتريون به گھٽ مواد رکندڙ هيون پر انساني تجربي (موک)، پَرک ۽ پروڙ کي، اڀياس ۽ علم کي، هنر ۽ هنرمنديءَ کي ٻئي ماڻهوءَ، ايندڙ نسل ڏانهن تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ هيون. هڪ هڪ آواز وڌي ٻول جڙيو آهي، ٻولن وڌي ٻوليءَ جي صورت ورتي ۽ هڪ هڪ عمل ۽ احساس جي عڪس سمجھ کي وڌايو  آهي. آڳاٽي سڀيتائي زماني جي گھٽ ۾ گھٽ 6 لک ورهن جو ٻوليائي ذهني ذخيرو سيڀائي زماني جي ٻوليائي ۽ ذهني ترقيءَ لاءِ پيڙهه جو ڪم ڪري ٿو.

ماڻهوءَ جھڙو جانار توڻي جو پهرئين پيداواري پورهيي جي عمل، پهرئين ٻول، پهرئين سمجھدار عڪس ۽ پهرئين وکر جي ”ايجاد“ سان جانوراڻي دنيا کان ڇڄي الڳ ٿي هڪ نئين راهه تي اُبيهي نئين ماڳ ڏانهن هلڻ لڳو ۽ آڳاٽي سڀيتائي زماني ۾ جانوراڻي زندگيءَ جو گھڻو ڪجھ وڃائي، انساني زندگيءَ جو گھڻو  ڪجھ ماڻي سگھيو ۽ سندس ”ماڻهو“ ٿيندو رهڻ جو عمل جاري رهيو پر اهو اڃا سوڌو، سڀيتائي زماني جي هن اوج وارن ڏينهن تائين جاري آهي. سڌ ناهي ته ڪيستائين هو جانوراڻيون عادتون ڇڏي مڪمل ماڻهوءَ جي درجي کي رسي سگھندو!؟

 

”ماڻهو ـــــ جھڙو ــــ جانار“ ۽ ماڻهو

 

اوهان ۽ آنءُ ۽ هي ۽ هو  اهي سڀ جن ساهوارن، جانارن کي اڄ ماڻهو سڏجي ٿو اُنهن کي ”ماڻهو“ بنائڻ ۾ پاٿر (پٿر جي) وکرن جي واهپي مکيه ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.

پاٿر وکر واهپي ۾ آڻڻ ئي انساني پورهيي جو پهريون نشان آهن. انهن جي مدد سان پهريون ڀيرو اها اپت ماڻي وئي جيڪا جبلي طريقن وسيلي ماڻجندڙ لاڀ کان ڪجهه نياري، ٻئي ۽ انوکي نموني جي هئي. انساني پورهيو ئي آهي جيڪو ماڻهو جھڙِي جانار کي جانوراڻي دنيا کان ڇنيِ ڌار ڪري، هڪ نئين راهه انساني راڄ ڀاڳ (سماج) ڏانهن وٺي آيو. انساني پورهيي جي ابتدا سان گڏ ئي انساني ٻوليءَ جي پهرين آواز ٻولن جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ انساني سوچ سمجھ جو ٻج پوري ٿو. پورهيو، ٻولي ۽ سمجھ ماڻهوءَ جي اها مايا خلقين ٿا، جنهن کي انساني راهپ (ثقافت، ڪلچر) چيو وڃي ٿو.

ڏٺو ويو آهي ته جانورن جون ڪي ذاتون، خاص ڪري اُوچو باندر (Highape)  ڪڏهن ڪڏهن ڪن مخصوص حالتن، خاص ڪري حيات ۽ موت سان لاڳاپيل مامرن دوران بي اختيار ٿي، جبلي طرح (Instincively) ڪجھ قسم جي شين جيئن ڪاٺ (سُڪل ٽاري، بُنڊي وغيره) هڏي، پٿر جي ڳنڍي، مٽيءَ جي ڦوڙي (ڀتر) وغيره کي پنهنجي فائدي ۾ ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڏهن لکن کان به گھڻا ورهه اڳ، ان ذات جي ڀيٽ ۾ ماڻهوَ جھڙيَ  جانار جي ذات ارتقا جي وڌيڪ اوچيءَ سطح تي هئي، تنهن ڪري وڏو امڪان آهي ته اها به ڪن مخصوص حالتن ۾ ڏنڊي، ڳنڍي، هڏي، ڀتر وغيره کي واهپي ۾ آڻيندي هوندي، جنهن دوران ڀڄي ڀُري اهي ڪانه ڪا خطرناڪ طنجر يا ڀالي جھڙي مشڪل پڻ اختيارڪري وٺندا هوندا جيڪا ويريءَ لاءِ وڌيڪ موتمار هوندي. انهيءَ دوران ڪو اهڙو مرحلو به درپيش آيو هوندو ۽ هر هر آيو هوندو. جو، ڄڻڪ ارادي سان ڏنڊي ۽ ڳنڍي کي ڀڃي موتمار شڪل ڏني وئي هوندي. اها ماڻهوءَ جھڙي جانار هٿان ڪنهن شيءِ جي پهرئين غير جبلي گھاڙ ثابت ٿي هوندي، ۽ پوءِ وٿيءَ وٿيءَ سان ورجائيندڙ غير جبلي گھاڙ جي عمل هوري هوري، پهرئين غير جبلي هنر جي صورت اختيار ڪري ورتي هوندي.

گھاڙ جو اهو/ اهڙو عمل انساني پورهيي جي ابتدا آهي.

اهو هڪ تپرس ۾ وجھندڙ، نئون نيارو ۽ انوکو واقعو هو جنهن ان ماڻهوءَ جھڙي جانار جي وجود ۾ هڪ ڇاڇول. هيجان ۽ جوش ڀري ڇڏيو هوندو ۽ ان ڪري شڪ نه آهي ته هن ڄڻڪ بي اختيار ٿي اهڙي ڪا رڙ، ڪو واڪو ڪيو هجي جيڪو پڻ سندس جبلي حياتيءَ جي واڪن کان نئون نيارو ۽ انوکو هجي. ماڻهو جھڙي جانار جي جڏيءَ (اڻ گھڙيل) نڙڙيءَ مان ان قسم جو آواز/ واڪو پڻ هڪ تپرس ۾ وجھندڙ عمل ثابت ٿيو هوندو. ان تپرس جھڙي ڪارنامي کي ڄڻڪ ارادي سان هر هر ۽ وٿيءَ وٿيءَ سان ورجايو، آوازيو ويو هوندو. آوازن جي دنيا ۾ آواز پهريون غير جبلي واڪو هوندو ۽ ان جھڙي آواز اڳ ڪڏهن ڪنهن قدرتي تبديليءَ يا چرپر جي نتيجي ۾ به نه اڀريو هوندو. اهو جڏيءَ نڙيءَ لاءِ پهريون گھاڙڪ عمل (مشق) ثابت ٿيو هوندو ۽ پوءِ ان غير جبلي عمل هوري ۽ وٿيءَ وٿيءَ سان ورجائجي پهرين  غير جبلي ٻولن جي صورت ورتي هوندي.

 

نڙيءَ جي مشق/ گھاڙ ۽ آوازن جي گھاڙ جي ان/ اهڙي عمل اڳتي هلي انساني ٻوليءَ کي جنم ڏنو.

گھاڙڪ ان/ اهڙي عمل (پورهيي) ۽ ان / اهڙي آواز (ٻول) ماڻهو جھڙي جانار جي ذهن ۾ هڪ نئين قسم جي نياري عڪس جي چِٽَ ڪئي هوندي جيڪو هر هر وٿيءَ وٿيءَ سان ورجائيجندڙ عملن سان گڏوگڏ چٽو ۽ پختو ٿيو هوندو. اهو هڪ نئون نيارو ۽ انوکو ذهني عڪس هو جنهن جھڙي عڪس سان ماڻهو جھڙي جانار جو پنهنجيءَ جبلي حياتيءَ ۾ ذري جيترو واسطو به نه پيو هوندو. اهو عڪس پنهنجيءَ بناوت ۾ ٻن عڪسن جو ميلاپ هو، هڪ گھاڙڪ عمل جو عڪس ۽ ٻيو گھاڙڪ آواز جو عڪس، ۽ انساني سوچ سمجھ (شعور) جو پهريون اولڙو.

 

عڪسن جي ان/ اهڙي مواد اڳتي هلي انساني سوچ سمجھ جي ذهني دنيا کي تخليق ڪيو

هر ساهوارو، جانوٽ (جانور جھڙو، ”جانور دنيا“ سان واسطيدار) هجي يا وڻوٽ (وڻ جھڙو، ”وڻ دنيا“ سان واسطيدار) پنهنجو جياپو برقرار رکڻ لاءِ قدرت (Nature) جي ڪيترين ئي مخصوص حالتن جو قيدي آهي. ڪو ڪوسن علائقن ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان جيئي اُسري نسرجي، مورچي ۽ ڦلار جي سگھي ٿو ته ڪو ٿڌن يا وچٿرن ۽ ڪو خشڪ ته ڪو گھميل علائقن ۾ ڪوسن ٿڌن يا وٿڙن علائقن جي حوالي سان به ڪو جابلو، ته ڪو ٻيلائي، ته ڪو ميداني، ته ڪو وارياسي، ته ڪو پاڻياٺن علائقن ۾ وڌيڪ سهنجائيءَ سان وڌي ويجھي ٿو. وري انهن حوالن کي آڏو رکيو وڃي ته ڪو اوچاين تي جيئي ٿو ته ڪو پاڻيءَ يا مٽيءَ جي مٿاڇڙي تي ۽ ڪو مٽيءَ يا پاڻيءَ جي مختلف اونهاين تائين هيٺ.

هر ساهوارو پنهنجي پنهنجي مخصوص ماحول ۾ ڪيترن ئي قسمن  جا پر مخصوص ۽ محدود رد عمل ظاهر ڪندو رهي ٿو. اڪثر ڪري هر ساهوارو پاڻ کان هيڻن ڪن مخصوص قسمن جي جاندارن کي پنهنجو کاڄ يا واڌ ويجھ جو وسيلو ڪري ڪتب آڻي ٿو ۽ گھرج مهل انهن تي ”ڪاهه“ به ڪري ٿو. ته ساڳئي ئي وقت ۽ پاڻ کان ڏاڍن ڪن مخصوصن قسمن جي جاندارن کان ڊڄي ۽ ڀڄي ٿو (ته جيئن انهن جو کاڄ نه ٿي وڃي) ۽ آئيءَ ويل وڙهي به پوي ٿو يا بچاءُ ڪري ٿو.

هر جانار (ننڍو توڻي وڏو، جيت جڻيو، پکي پکڻ، مڇي جھينگو، مرون، ماڻهو هي جانور) گھڻي ڀاڱي پنهنجي همذات جانارن ويجھو، ساڻن ميٺ محبت، سِڪ پريت ۽ پنهنجائپ جي جذبي هيٺ (جيڪي سڀ مخصوص ماحول جي پيداوار آهن) گڏجي، سڏجي  رهي ٿو. رهڻ تي مجبور آهي پر ڪن مامرن ۾ ساڻن جھيڙو پڻ جوٽي ٿو. ڪي ساهوارا ڄمندي ئي ڄام هوندا آهن ته ڪي پنهنجيءَ پنهنجيءَ حياتيءَ جي هڪ مخصوص عرصي تائين پنهنجن وڏڙن جا ڳيجھو محتاجيءَ جو اهو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ اهي هڪ قسم جي محدود پر خود مختيار، پاڻ وهيڻي، پاڻ تي ڀاڙيندڙ زندگي گذاريندا آهن. هڪ مخصوص ماحول ۽ مخصوص گھرجن سبب پاڻ وهيڻو هئڻ باوجود سندن حياتي گروهي پڻ هوندي آهي. ماڻهوءَ جھڙو جانار به پنهنجي ساکيات سمورن جانارن کان ارتقائي اوچاين ۽ جبلي برترين جي ڪم اتم سطح تي هئڻ باوجود هڪ گروهي ۽ ماحول جي بانڊي حياتي گذارڻ تي مجبور هو.

انهيءَ گروهي ماحول ۾ مروج سمورن جبلي ناتن کان نئين کان نئين نياري ۽ انوکي هڪ نمايان ناتي جو وڌارو ٿيو.

جبلي اثرن هيٺ، فطرتي ماحول جي مخصوص، نظر نه ايندڙ دائري ۾ هڪ گروهي حياتي گذاريندڙ ماڻهو جھڙي جانار ۾ نياري قسم جي پورهيت عمل ”ڪاهه“ ويڙهه، بچاءَ جو هڪ اڻلکو ۽ اڻ ڄاتو احساس پيدا ڪيو. گھاڙڪ عمل هن کي هڪ اهڙو وکر مهيا ڪري ڏنو جنهن نه رڳو شڪار ۾ سهولت پيدا ڪئي پر ويريءَ کان بچاءُ کي به سنهجو ڪري ورتو. اهو هڪ عجيب قسم جو نئون نيارو ۽ انوکو ناتو هو جيڪو جبلي ناتن کان وڌيڪ سگھارو ۽ مٿير هو. اها نئين ۽ نياري ناتيداري جبلي گروهه کي هڪ سهڪاري (co- operativ) جٿي ۾ تبديل ڪرڻ لڳي ۽ ان جٿي وٽ هوري هوري هڪ ٻئي جو بچاءَ ۽ هڪ ٻئي جو کاڄ  مهيا ڪرڻ جي حوالي سان مواد موجود ٿيڻ لڳو. پورهيي جي اپڏرائتي عمل ۽ شريڪ سهڪاري ٿيڻ جي ڪري پيداواري ناتا ٺهن ٿا ۽ ماڻهن جو راڄ (سماج، سوسائٽي) جڙڻ لڳي ٿو. هيءُ نيارو ناتو انهيءَ انساني راڄ جو ٻج هو جيڪو پنهنجي بنيادي بناوت ۾ ٽي پهلو/ پرت رکندڙ هو. پورهيي جو پهلو (اپت) آواز جو پهلو (ٻولي) ۽ ذهني عڪس جو پهلو (شعور)

ماڻهو جيڪو ڪجھ جسماني پورهيي وسيلي ٺاهي، بدلائي ۽ گھڙي اپائي ٿو، ذهني پورهيي وسيلي خلقي ۽ پرائي ٿو  ۽ ٻوليائي پورهيي وسيلي ٻڌائي ۽ سمجھائي ٿو. ان جي لاءِ اسان جي اڄوڪي ماحول ۾ هڪ لفظ آهي راهپ (ثقافت، ڪلچر) توڻي جو جانارن جي هر ذات هڪ مخصوص قسم جي راهپ رکي ٿي پر جيئن ته اها جبلي هوندي آهي ان ڪري منجھس ڪا به نيارپ نه هوندي آهي، اها نسل در نسل هڪ مخصوص دائري اندر قيد هوندي آهي. ان ۾ ڪابه نئين يا انوکي تخليق، تبديلي ۽ اوسر نه هوندي آهي. جبلي قدرن کان هَٽي ڪري هن راهپ ۾ هڪ نئين نياري ۽ انوکي تخليق جو عنصر موجود هو. انساني راهپ جا چار روپ هئا. جسماني پورهيي وارو روپ. ٻوليائي  پورهيي وارو روپ، ذهني پورهيي وارو روپ ۽ سماجي پورهيي وارو روپ. قدرتي ماحول جو باندي ٿي، فطرت جي مهيا ڪيل مال تي پلجندي هڪ مخصوص دائري ۾ محدود رهي سڄي حياتي گذاري ڇڏڻ بدران ان/ انوکي (ٻيءَ سموري ساهواري دنيا لاءِ اڻڃاتل) راهه کوجي ڪڍڻ جي پيڙهه رکي جنهن تي هلي هو پنهنجيءَ آئينده زندگيءَ لاءِ ڪي نئين قسم جا سک (۽ ڏک)، سولايون (۽ اولايون) سهنج (۽ اهنج) ۽ سهولتون پيدا ڪرڻ وارو هو.

پورهيي

وکر ڏنو.

ٻول ڏنو،

 شعور ڏنو

سماج ڏنو ۽

ماڻهوَ جھڙي جانار کي بدلائي “ماڻهو“ بنايو.

ـــ ـــــ ـــ ـــــ ــــــــ ــــــ * ـــ ـــــ ــــــ ــــ * ـــــ ـــ ــــ ــــ ــــ * ــــ ــــ ــــ ــــ

] نوٽ: هن سموري ساٽ (Process) کي مشيني، مڪينيڪل انداز ۾ نه پر تخليقي انداز ۾ لکين ورهن جي وسيعت ۾ پکيڙي پوءِ ڏسڻ گھرجي. جيئن پاڻي اٻارڻ لاءِ ڪن مخصوص شين جي گھرج ٿئي ۽ آخر ۾ باهه ٻارڻ کانپوءِ به هڪ ڊگھي عرصي تائين ڪوسو ڪندي نيٺ اهو ڏاڪو اچي ٿو جو پاڻي پنهنجي مخصوص صورت تبديل ڪري هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پاڻيءَ جو ڪوسو ٿيندو رهڻ هڪ ”ارتقا“ آهي ۽ ان لاڳيتي ارتقا کانپوءِ ڪنهن ڏاڪي تي ڄڻڪ اوچتو ”انقلاب“ برپا ٿئي ٿو. تيئن ساهوارن جي دنيا ۾ جيوت جي حوالي سان هڪ ارتقا ۽ انقلاب جو سلسلو لاڳيتو جاري رهندو اچي ٿو. انهيءَ اوسر جي سڀ کان اوچي پرد تي ماڻهوَ جھڙو جانار، پهتل هو، ۽ ان کي اڃا وڌيڪ هڪ ارتقائي سفر طي ڪرڻ کان پوءِ نيٺ ان ماڳ تي پهچڻو هو جو انقلاب برپا ٿئي، هڪ انساني سماجي زندگي وجود ۾ اچي جنهن لاءِ پورهيو، ٻولي، سوچ ۽ راهپ اڻٽر گھرج آهن. اڄ به جيڪڏهن اهي شيون انسان کان کسي وٺجن ته انساني سماج ڀڄي ڀري پوندو ۽ ماڻهو، تبديل ٿي ”ماڻهو جھڙو جانار، بنجي ويندو“

سنڌ ۾ نئين پاٿر ( نوپهڻي) ڄمار

                              ايم ايڇ پنهور/ محبت ٻرڙو

7 ــــ هزار ــــ 3 هزار 5 سوَ ورهه ق .م

وچ ايشيا ۽ امڪانن سنڌ ۾ نوپهڻي ڄمار واري راهپ (ثقافت) جو زمانو. اها 3 ـــــ هزار ـــ 18 سو ورهيه ق .م ڌاري برطانيا ۽ 1 ــــ هزار عيسوي تائين نيوزيلينڊ ۾ موجود هئي. (ڪول ص 65)

•  سنڌوءَ جي خصوصي حاڪميت ۽ رويي ــــ ڪَنان ٻوڙ وهڻ ۽ ٻنهي ڪنڌين جي پاسي ۾ 20 ــــ 20 ميل ايراضي ٻوڙي ڪچو ٺاهڻ جي ڪري هيٺل سنڌ جا ميدان مصر ۽ عراق جي ڀيٽ ۾ نوپهڻي راهپ لاءِ وڌيڪ سازگا هئا. (3 هزارَ  1 سوَ ــــ 3 هزار ورهه ق . م واري داخلا پڻ ڏسو)  6 هزار 8 سَو ورهه ق .م

دنيا جي جنهن ٻه حصي بابت ڄاڻ اٿئون ان جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته سڀ کان آڳاٽا پاٽ (Pottey، مجموعي طرح سمورا ٺيڪرو ٿانو) ڪتال هيوڪ ۾ ٺهيا. انهيءَ ٿاڪ تي مليل مَٽر (field peas ) 6500 ق . م  پراڻا آهن ۽ نوپهڻي زماني ۾ اتان لڏي سنڌ ۾ پهتا (ڪول، ص 65). گھرشمن هن بيان کي قبول نه ٿو ڪري. هو سمجھي ٿو ته سڀ کان اوائلي ٺيڪو ٿانو ايران جي گڦائن ۾ رهندڙ ماڻهن 15 ــــ هزار کان 10 ــــــــ ق .م واري عرصي ۾ ٺاهيا (15 هزار ـــ 10 هزار ق . م واري داخلا پڻ ڏسو).

6 هزار ــــــ ورهه ق .م

ماڻهو ڍڳي کي هيرائڻ/ گھريلو ڪم شروع ڪري ٿو. اهڙي ثبوت وچ اوڀر ۽ مرڪزي ايشيا ۾ ملي ٿو. ٻڪري 6 هزار ق .م کان کان ڪجھ اڳ گھريلو ڪئي وئي پر سڀني کان اڳ “ رڍ هيرائي وئي (ڪول، ص 24 ۽ 28).

جھنگلي واڱڻائي مٽر (Purple pea) ڀونوچ (Mediterranian) سمنڊ کان اپکنڊ ڏانهن پکڙيو. اهو ڪتال هيوڪ ۾ 6 هزار 5 سو ورهيه ق .م ڌاري اپايو ويو ۽ عراق ۾ مصر ۾ 4 هزار سو ورهه ق.م ڌاري پهتو (ڪول، ص 18) اهو سنڌ ۾ گھٽ ۾ گھٽ آمري ـــ 1 ــــ ڏاڪي يا ان کان به اڳ پهتو هوندو.

2800 ـــــــــ 3000 ورهه ق .م

راجستان ۾ باگور (Bagor) وٽ پٿپهڻي ٿاڪ. سنڌ کي پڻ ساڳيو رنگ ڍنگ ڏيکارڻ گھرجي پر گھربل کوٽايون نه ٿيون آهن، (اگروال ۽ ڪسمگر، ص 56 ۽ 63).

• پٿهپڻي راجستان کي مثال سمجھي سنڌ جي ٿر  کي ووڙڻ گھرجي جتي گھڻي مينهن ۽ چاري جي بهتري هوند سبب اها ڄمار باگور کان 5 سَو ورهه آڳاٽي اچڻ گھرجي. انهي معاملي ۾ ڏاکڻو ٿر خصوصي ڌيان لهڻي ٿو.

افغانستان جي گھاڙي مار ۽ درهه (Darra) ۾ ساڳي قسم جي راهپ لاءِ ريڊيو ڪاربان سن واريسر 7 هزار ــــ 5 هزار 3 سَو ق .م ۽ 7 هزار 8 سو ــــ 2 هزار ق .م آهي. اهي ٻئي ماڳ نوپهڻي ڄمار جي ابتدا ڏيکارن ٿا، انهن وٽ آڱار پٿر جا وکر، ڏاٽاوان ڦر، ڳر ڇيلها ۽ گسايل هڏوان سوئا مليا آهن.

• ڪلي گل محمد ۾ مليل وکرن جي ريڊيو ڪاربان چڪاس وسيلي ظاهر ٿيل اڳ ٻنگار پهڻي، نوپهڻي سن 4 هزار ق .م آهي. اولهائين سنڌ ۾ ٿورو عرصو پوءِ ساڳي ئي قسم جا لاڙا ملڻ گھرجن پر کوٽايون نه ٿيون آهن.

4 ــ هزار ورهه ق .م

ايراني ڪنڀرن ڳاڙهي تر تي ڪارو رنگ متعارف ڪرايو جنهن ۾ جانورن پکين، سوئر (Boar) ۽ ڇال ڏيندڙ سِرهه (Ibex) جون قطارون ظاهر ڪيل آهن. پراڻي دنيا ۾ اهو يگانو مثال هو (گھر شمن، ص 44). ڄاڻايل هزارين ورهه جي پڄاڻيءَ مهل (يعني ـــ 3 هزار ق. م کان ڪجھ  اڳ ڪنڀارڪو فن سيستان (Seistan) ۽ بلوچستان ڏانهن پکڙيو ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ پهتو. اتر ڏانهن اهو فن ماروِ (MARV) ۽ امڪانن باختريا (Bactira) تائين وڃي پهتو. انهن ئي ڏينهن ۾، سيالڪ 3 (Siyaik-III) ۾ چڱو ڪنڀارڪو چَڪ ايجاد ٿيو. اهو هڪ چيڪلو  (Tournette?)هو. ڪاٺ جو هڪ سادو سودو داٻرو (Slab) جيڪو زمين تي رکي ڪنهن مددگار کي چيو ويندو هو ته ان کي ڦيرا ڏيندو رهي. هوري هوري اهو نيٺ اچي سنڌ ۾ پهتو.

ڪوٽڏيجي سڀيتا جي ابتدائي مرحلن ۾ ٺيڪرو ٿانون جي گھڻائي هٿ ٺهي آهي پر هوري هوري ڦرندڙ ڦيٿي (چَڪ) وارن ٺيڪرو ٿانون ان جي جاءِ وٺڻ شروع ڪئي. آمري ۾ اهو آمري ــــ 1 الف مرحلي دوران يعني پنهنجي ايجاد کان ترت ئي پوءِ پهچي ويو ۽ اتي پهچي هٿ ــــ ٺهين ٺيڪرو ٿانون جي جاءِ ولاريائين.

ڦيٿي (چڪ) تي ٺهيل سڀ کان آڳاٽا ڄاتل ٺيڪرو ٿانو (3250 ورهه ق . م سان واسطيدار) ھر (Ur) ۾ ــ لڌا آهن. جيئن ته چڪ ايران ۾ ايجاد ٿيو ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته اهو 3350 ورهه ق .م ڌاري ايجاد ٿيو هوندو.

3 ــــ هزار 5 سو ورهه ق .م

ڪوئٽا ويجھو ڪلي گل محمد واري نوپهڻي راهپ جو زمانو جنهن جي تصديق ڪرڻا ڪاريه (Radio carbon، ريڊيو ڪاربان) چڪاس وسيلي ڪئي وئي آهي. انهيءَ  راهپ جي خصوصي سڃاڻپ آهي چقمقي پٿر (Chert چرٽ) ۽ هڏي جا وکر ۽ جانورن ۽ وڻن ٻوٽن جي گھريلو پالنا (اگروال ۽ ڪسمگر، ص 65)

3 هزار 6 سو ــــ هزار 3 سو ورهه ق .م

ڪلي گل محمد اپکنڊ ۾ ٺيڪرو ٿانو واهپي هيٺ آڻڻ جي امڪانن پهرين شاهدي، گھرشمن جي لَڌپن (Findings) موجب ايران ۾ ٺيڪرو ٿانون جو عام واهپو پنجين هزارين ق .م وارن ورهن تائين ملي ٿو. سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي کوٽايون نه ڪيل آهن سواءِ انهن جي جيڪ مجمدار ڪيون. ڪلي گل محمد وٽ ملنڙ ٺيڪرو ٿانون تي اڍنگيون ڀوماپي ڊزائنون ڪيل ۽ هلڪي رنگ ۾ لينگھا وڌل آهن ۽ انهن جو سن 3400 ــــ 3300 ورهه ق .ق ٿي سگھي ٿو. (ڊبيلو. اي. فيئر سروس، ”ايڪسڪيويشنس ان ڪوئٽا وئلي،“ ص 334 ـــــــ 335، امريڪن ميوزيم آف نئچرل هسٽري، نيويارڪ 1956ع)

• ڪلي گل محمد لاءِ ڪرڻا ڪاريه (ريڊيو ڪاربان) چڪاسن وسيلي مقرر ڪيل سن، جيڪي برجيت ۽ آلچن ڏنا، هن طرح آهن:

(i) (83+ 3468) 60+ 331 ق. م

(ii) (85+ 3688) 83 + 3524 ق .م

(iii) 515+ 3715) 500+ 3547 ق . م

گورڊن، ص 27، انهيءَ سن جو ڪاٿو  3100 ق .م ٻڌايو ۽ فئير سروس موجب اهو 3200 ق . م آهي.

پِگاٽ (1950,  piggot) ٻڌايو ته اتر ۽ مرڪزي بلوچستان ۾ (نيون) راهپي تبديليون  شايد نونَ ماڻهن جي پهچڻ سبب ٿيون. هاڻي اها ڳوت ڪئي وئي آهي ته اهي ماڻهو جن نيٺ آمري ۾ سڀ کان اوائلي وسنديون آباد ڪيون. ڏکڻ اولهه ايران کان آيا هئا، آمرين ماڻهو دراوڙ نه هئا.

3100 ق .م يا ان کان به اڳ ــــ 300 ورهه ق .م

سنڌ جي رهاڪن پنجند کان هيٺ سمنڊ تائين پکڙيل ايراضي ۾ سنڌوءَ جي سالياني رويي (عادت، علت، چال) کي سمجھي ورتو جيڪا ان وسيع ايراضي کي پاڻيءَ هيٺ ٻوڙي ڇڏيندي هئي ۽ زرخيز ريٽ (Rich alluvium) جو ججھو مقدار وڇائي ڇڏيندي هئي جنهن تي ڪڻڪ ، جو، تيلي ٻج  وغيره جھڙا فصل پاڻيءَ جي لاٿ مهل بنا ڪنهن ڪشالي جي پوکي سگھبا هئا جن کي ايندڙ بسنت (بهار) ۾ لڻيو ويندو هو. مصر ۾ موجود اناج جي ڀانڊن ۾ جو لڌا ويا آهن، انهن جو سن 4 هزار 5 سو ورهه ق. م بيهي ٿو ۽ يورپ ۾ اهي پوئين نوپهڻي عرصي ۾ لڀن ٿا.

موافق ايراضين م جتي سالياني ٻوڏن کي ٻنن (Dikes) ۽ ڪڙين ڪَسُين وسيلي قبضي هيٺ آڻي سگھجي پيو اتي خريف جي فصل  طور ڪپهه ۽ گوار (Sessum?) اپائي سگھجن پيا. ايتريقدر جو مٽر (field peas)، مسور (Lentils) ۽ سڻي (flax) به متان پوءِ اپايا ويندا هجن. ڪپهه جي سڀ کان آڳاٽي لڌپ موهن دڙو ۾ ٿي آهي ۽ ان جو سڌو سارو مطلب اهو آهي ته اها اڳ ئي سنڌ م پائي ۽ واپرائي ويندي هئي. چانور، جيڪو ڏکڻ انڊيا م پايو ويندو هو، ترت ئي سنڌ ۾ پهچي ويو ڇو ته اهو اپائڻ لاءِ رڳو ايترو ڪرڻو پوندو هو ته ٻنا ٺاهي پاڻي پنهنجي قبضي هيٺ آڻجي. فصل اپائڻ جو طريقو اهو ساڳيو ئي ٿي سگھي ٿو، جيئن اڄ به لاڙ (هيٺين سنڌ) ۾لاڙي (Red) چانور بنا ڪنهن خاص ڪشالي جي اسان جا جَت اپائيندا آهن.

مٿاهن هنڌن تي کليل ايراضن ۾ گھر (ڳوٺ) ٺاهيا ويندا هئا. نيل، فرات ۽ دجله ۽ هوانگ هو (Hwang ho) راهپن سان بروبر رهندي سنڌ جي اها ڪرت ايندڙ صدين ۾ ماڻهو ڳڻپ جي واڌ ۽ شهري (Urban) حياتيءَ جي ترقيءَ  لاءِ اڪيلي اهم کوجنا سمجھي سگھجي ٿي. مجمدار (ايڪسپلوريشنس ان سنڌ) آمريءَ ۽ عثمان  جي بُٺي ۾ کوٽايون ڪيون ۽ اهي ٻه اهڙا ٿاڪ ثابت ٿيا جيڪي هڙپائي (هڙپا واري) راهپ کان اڳ واري زماني سان واسطو رکن ٿا. ان جي وڌيڪ تصديق جي. ايم. ڪئسل (j. M. Casel) ڪئي ۽ پنهنجون لڌيون”فوئليزڊ آمري“(Fouilles d`Amri)، 2 ـــ جلدن ۾، 1964ع  ۾ پئرس ۾ ڇپايون.

• ڏاند وسيلي ڪاهيو ويندڙ هر اوڀر ۾ 3 هزار ورهه ق. م ڌڏاري ڪم ايندو هو ۽ يورپ ۾ اهو رڳو 15 ـــــ سو ورهه ق.م ڌاري ظاهر ٿيو. ڊي. ڊي. ڪومبي (D.D. Combi) جي چوڻ موجب سنڌ ۾ هڙپائي دور جي پڄاڻيءَ وارن ڏينهن تائين يعني 1950ع ورهه ق.م تائين هي نه وهايو ويندو هو پر ننڍن ڏندن واري ڏاندائي واهپي هيٺ هئي جيڪا هڙپائي لکيت (Script) جي موُرت چٽن ( Ideograms) ”تصويري ــــــ لفظ“، اها ”تحرير“،  جنهن ۾ اکر نه هجن پي جيڪا ڪنهن شيءِ جي لڪيل مورت ڏيکاريندي هجي) ۾ ڏيکاريل اُڪر/ چٽ جھڙي هئي.

چيڻو (سانئون، Sorghum) تاپير (tropipcal، ”ڪوسي ڪمربند واري)“ افريڪا جي وڏي رڻ، صحرا جي گھٽ مينهن وارين ايراضين مان آيو ۽ عرب مان سفر ڪري سنڌ ۾ پهتو پر گھڻو پوءِ وارن ڏينهن ۾.

3 هزار 6 سو ورهه ق.م يا اڃا به اڳ ــــــ 3 هزار 2 سو ورهه ق.م ڪلي گل محمد جي مرحلي 1 ۽ 2 وارين راهپن سان سنڌ ۽ پنجاب جون شڪاري ٻيلائي راهپون ملن جلن ٿيون. مڪران جا هلڪي رنگ ۾ لينگھن وارا ٺِڪرو ٿانو 32 سو ق.م ڌاري ظاهر ٿيا اهي ڪلي گل محمد کان 100 ــــ 200 ورهه پوءِ ظاهر ٿيا ۽ هڪ سو ورهه کن موجود رهيا. (برجيت  ۽ آلچن، ص 101، 104)

• گورڊن هن دور لاءِ سن 34، سو ورهه ق.م ٻڌائي ٿو. ڪلي گل محمد ۾ هن عرصي لاءِ ريڊيو ڪاربان چڪاس وسيلي ظاهر ٿيل سن 3600 ـــ 3300  ق.م سان ٺهڪي اچي ٿو. (انهن تاريخن ۾ گھٽ وڌائي کي گھربل نموني درست ڪيو ويو آهي)

سنڌ ۽ پنجاب جون شڪاري ٻيلائي راهپون ڄاڻايل سن کان وڌيڪ آڳاٽيون ٿي سگھن ٿيون جيئن ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ هڪ عام جائزو“ جي جلد 2 ـــ ۾ بحث ڪري ٿو. سمورا امڪان آڏو رکندي کي 8 ـــــ هزار ــــ 6 هزار 5 سو ورهه ق.م تائين آڳاٽو مقرر ڪري سگھجي ٿو. (”سمنڊ سطح ۾ تبديلين جا تفصيل“ پڻ ڏسو)

سنڌو ندي مڇي مهيا ڪري سگھي پئي ۽ ٻيلن شڪار، ڀيڄيدار ميوا، ڀاڄيون ۽ اناج مهيا ڪيا پئي. اهڙي ڌرتي/ ايراضي اوائلي پراڻي پاٿر ڄماري ماڻهن لاءِ پڻ ڏاڍي آئيڊيل (Ideal، ذهني طرح سڀ کان سٺي لڳندڙ) ٿي سگھي پئي پر ان زماني جي ڄاڻ 1 لک ــــ 3 هزار ق.م تائين سامونڊي سطح  ۾ آيل تبديلين ۽ سالياني ٻوڏن ميساري ڇڏي آهي ڇو ته انهن تبديلين ڪجھ سو فوٽ ٿلهو اَٺر جو تهه ٺاهي رکيو آهي.

گجي ويجھو ٺارو ٽڪرپن، شاهه حسين (ٺٽو ضلعو)، ڪافر ڪوٽ ۽ ٻُڌ جو ٽڪر (ٽنڊي محمد خان ويجھو) ڪيل ووڙون ۽ کوٽايون ٻڌائن ٿيون ته انهن ماڳن تي ٽين هزارين ق. م وارن ورهن دوران آڱار پٿر کي ٽڪي وکر ٺهڻ وارا ورڪشاپ (Workshop) هئا.

 

سنڌ ۾ ٻنگارپهڻي ڄمار

 

اپکنڊ جو ٻنگارپهڻي دور

 

3 ـــــ هزار 5 سو ـــــــــ لڳ ڀڳ 1 هزار ورهه ق .م  (اندازن)

منديگڪ (Mndigak)، ڪلي گل محمد، اڳ هڙپائي ڪوٽڏيجي ۽ آمري ــ ا ـــ الف ۾ ٽامي جو واهپو.

ڪنجھي (ٻنگار، Bronze) جي واهپي ۾ اچن بابت ٺيڪ سن ڄاتل ناهي، توڻي جو اهو موهن دڙي جي هيٺين تهه ۾ لڌو آهي جنهن جو سن لڳ ڀڳ 23 سو ورهه ق .م بيهي ٿو. ان جي مٿين تهن ۾ اهو گھڻي مقدار ۾ لڀي ٿو. ان کي ڪنجھو پهچائيندڙ علائقو راجپوتانا هو ڇو ته ڪيمائي موک اتي قلعي (Nickel، نِڪل) ۽ سنکيي/ هڙتال (Arsenic، آرسينڪ) جي موجودگي ٻڌائي ٿي.

3250 ق. م

اُر مان لڌل سڀ کان آڳاٽا ڄاتل ٺيڪرو ٿانو جيڪي ڪنڀر جي چڪ تي ڦري لهيا (ڪول، ص 46)

• اهو بيان غلط آهي. ڪنڀر جو چڪ چوٿين هزارين ورهه ق.م جي وچ ۾ (ساڍا ٽي هزار ق.م ) ڌاري ايران ۾ ايجاد ڪيو ويو. (گھرشمن، ”ايران“، ص 44)

 3100 ــــ 3000 ورهه ق.م

نوپهڻي (ديرائت پاٿر ڄماري راهپ) ۽ ٻنگارپهڻي (پوکراهپ ۾ ٽامي ۽ ڪنجھي جو واهپو) راهپ سنڌوءَ ۽ انجي ڏانيِ ندين واري ماٿريءَ ۾ شروع ٿي (برجيٽ ۽ اَلچن، ص 12 ــــ 112)

ريڊيو ڪاربان چڪاس وسيلي ظاهر ٿيل سن موجب ڄاڻايل سن ٺيڪ ڪيو ويو آهي.

• ڪراچي ۾ لڌل ٺيڪرو ٿانون جا ٽڪراٽا/ ٺيڪراٽا سنڌ ۾ ڪيل کوٽاين وسيلي ظاهر ٿيل ڪنهن به وسنديءَ کان وڌيڪ آڳاٽي راهپ سان واسطو رکن ٿا ۽ 3100 ق. م کان ڪنهن اڳ واري جا آهن. پر تفصيلي ووڙ/  کوٽائي نه ٿي آهي.

3000 ورهه ق.م

وچ اوڀر ۾ چڪ جو عام واهپو (ڪول، ص 42)

• اهو شايد ساڳيءَ ئي صديءَ ۾ سنڌ ۾ پهچي ويو ــــ جيڪڏهن آمري بابت ٿيل ريڊيو ڪاربان چڪاس جو نتيجو قبول ڪيو وڃي.

3000 ورهه ق.م يا ان کان ڪجھ اڳ

ڇهول (Hexaploid) ڪڻڪ سنڌ ۾ اپائي وئي. اها چين ۾ 2 هزار ق.م ڌاري پهتي. ڍڳي وسيلي ڪاهجندڙ هر پڻ راهپي ۾ هو. هاري يورپ ۾ 15 ــــ سو ورهه پوءِ متعارف ٿيون. (ڪول،ص 11 ۽ 14)

• اهو بهرحال ڌڪو آهي پر ڀڙا ڄاڻي (آرڪيالاجيڪل)شاهديءَ جي کوٽ باوجود قابلِ قبول آهي.

3000 ــــــ 2900 ورهه ق.م

آڳل ايلمائيٽ (proto-Elamite، اڳيان، بڻائتا ’ايلمائيٽ‘ ماڻهو)، جيڪي سوسا (Susa) کان پرشيا (Persia، ايران، فارس)، مڪران ۽ سيستان ڏانهن پکڙيا هئا، ٽڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. ان جي نتيجي ۾ پوک راهپ ڪندڙ هاري ماڻهن جي سيستان ۽ مڪران کان اوڀر پاسي ۽ نيٺ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ٿيڻ لڳي جيڪي پاڻ سان ڪنڀارڪو چڪ ۽ اسريل نپهڻي راهپ کڻي آيا. جيتريقدر ثابت ٿي سگھيو آهي ته ڏکڻ اولهه وارن ايرانين جي اها سنڌ ڏانهن پهرين لڏ پلاڻ هئي. (گوڊن، ص37، انهيءَ جو سن 2900 ــــ 2800 ق.م ٻڌائي ٿو)

• جڏهن ته آمري لڳ ڀڳ 3 ــــ هزار ورهه ق م ۾ ڦلارجي چڪي هئي، ان ڪري اها لڏپلاڻ اڃا به ڪجھ آڳاٽي ٿي هوندي. آمري جي مرحلي ا ـــ الف مان لڌل ٺيڪرو ٿانو هٿ ٺهيا آهن پر چڪ ٺهيا ٺيڪرو انو پڻ ان ئي مرحلي ۾ متعارف ڪرايا ويا.

ڪوٽڏيجي ۾ ابتدائي هٿ ـــ ٺهين ٿانون کانپوءِ اسان کي گھڻي قدر چَڪ ٺهيا ٺيڪرو ٿانو ئي ملن ٿا.

هڪ ناٺهپ (جھڳڙو) اها به موجود آهي ته اهي لاڏاڻو ’ايلمائيٽ‘ نه هئا پر قديم سٿين (Seythians) هئا. ٻنهي مان ڪجھ به هئا پر دراواڙ نه هئا.

3000 ـــ 2900 ورهه ق.م (امڪاني طرح)

ڪلي گل محمد ۾ آبادڪاري پڄاڻي کي پهتي پر اهو سلسلو ان کان رڳو ڏهه ميل پري ڏکڻ ۾ دمب سادات (Damb sadat) ۾ جاري رهيو. دمب سادات ۾ فيئر سروس کوٽايون ڪيون. دمب سادات ۾ آبادڪاريءَ جا ٽي مرحلا ڏيکارجن ٿا، جن لاءِ ريڊيو ڪاربان چڪاس هيٺيون سن ڏيکاري ٿي:

مرحلو پهريون: 2625 ورهه ق.م

مرحلو ٻيون: 2425 ورهه ق.م

مرحلو ٽيون: 2220 ورهه ق.م

مرحلي ٻئين ۽ ٽئين ۾ رڱيل سهڻي منظر مٿان ٿوهي وارو ڍڳو جوڳو ڌيان لهڻي ٿو.

ساڳي زماني جا ماڳ د ـــ ڪارديءَ (De Cardi) قلات ۾ ڳولي ڪڍيا. عمدا ڳاڙها ٿانو جن تي رڱيل ڊزائنيون ۽ هڪ سنوت ۾ جانورن جون شبيهون آهن، دِ ـــ ڪاردي انهن کي ٽوگاءِ (Togau) سڏيو.دمب سادات جي مختلف سئمپلن جون ريڊيو ڪاربان  چڪاسون هيٺ ڏنل  هن وار ڄاڻ، پَلڄاڻ (Chronology، قرن ڄاڻ) ظاهر ڪن ٿيون:

                

مرحلو پهريون: 2673 ورهه ق.م

مرحلو ٻيون: 2570 ورهه ق.م

مرحلو ٽيون: 2351 ورهه ق.م يا ان کان ڪجھ ورهه اڳ.

ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪولي  (Kulli) راهپ (ڪلچر) عراق، ايران ۽ هيٺين سنڌ جي وچ ۾ ڳنڍينديڙ ڪڙي آهي. ڪولي راهپ پوري آب تاب سان هڙپائي زماني تائين هلندي آئي.

3000 ـــ ورهه ق.م (امڪاني طرح)

جڏهن اڃا هن اپکنڊ جا رهاڪو اوسر جي وچپهڻي شڪاري ــ ڪم ـــ کاڌو گڏ ڪندڙ ڏاڪي تي هئا، ڏکڻ ـــ اوڀر ايران جي هارين پنهنجي زرعي ڄاڻ ۽ ڪنڀارڪو چڪ کڻي اچي سنڌ ۾ وسنديون وسائڻ شروع ڪيون. ائين 3100 ـــــ 300 ورهه ق.م ڌاري ٿيو هوندو ۽ ٿي سگھي ٿو ته آمري واري وسندي آباد ڪرڻ جا ذميوار اهي ئي هجن.

• گورڊن جو خيال آهي ته پوکراهپ (Agriculture، ايگريڪچلر، زراعت) 3 هزار ــــ 28 سو ق.م وارن ورهن ۾ شروع ٿي هوندي پر اگروال ۽ ڪسمگر پاران ڪيل ريڊيو ڪاربان چڪاسن 115+2900 ورهه ق.م يا ان کان ڪجھ اڳ تي آڻي بيهاريو آهي.

3 ـــ هزار ـــــ 2 هزار ورهه ق.م  يا ڪجھ پوءِ

ميسوپاٽاميا ۽ انڊين اپکنڊ جي وچ ۾ سامونڊي (بحري) ناتا قائم ٿيا پر اهي ستين ۽ ڇهين ق.م جي و چ ڌاري ڦلارجي وڃي اوج کي رسيا. انهيءَ معاملي ۾ دراوڙن اڳواڻ/ سرواڻ ڪردار ادا ڪيو ــــ توڻي جو سنڌ جي انڊو ــ يورپين (جن کي غلطي وچان آريا سڏجي ٿو ) جو به ان ۾ ڪجھ حصو آهي. الهندي پاسي، اهي نه ته سُميري هئا ۽ نه ئي وري مصري جن اڳواڻي ڪئي هجي پر فونيشي (فونيقي، فونيشين، Phoenicans) هئا جن وچٿري ابتدا ڪئي. فونيشي ٻيڙا هڪ سو فوٽ ڊگھا ۽ 26 ـــ 33 فوٽ ويڪرا هئا جن ۾ 4 سوَ ٽن مال رکڻ جي گنجائش هئي. (آر.ڪي.مڪرجي، R.K. Mookerjee، ”انڊين شپنگ“ ممبئي، 1957ع، ص 62، توسانت/ توسان، Taussant، ص 24).

   • تازي سوچ اها آهي ته رگ ويدي آريا 1050 ــ 700 ق.م جي وچ ڌاري آيا ۽ کين انڊو ــ ڪئسپين (Indo-capian) سڏجي ٿو.

اهي آمري دور وارا اوائلي لاڏاڻو قيم سِٿين (انڊويورپين جي هڪ آڳاٽي شاخ) هئا.

3 هزار ـــ 29 سو ورهه ق.م

آمري جو مرحلو پهريون ـــ الف، جيڪو ڪلي گل محمد جي ٽئين مرحلي جي پوياڙيءَ ۽ چوٿين مرحلي جي اڳياڙيءَ ۽ منديگڪ جي ٻئين مرحلي جو همعصر آهي جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ موهن دڙي ۾ چانهو دڙي ۾ امڪانن پوئين پاڻي پاٿر ڄمار هلندڙ هئي. پنجاب ۾ هڙپا ۽ ڪاليبنگن (Kalibagan) پڻ پوئين جھوپهڻي ۾ هئا.

• هاڻوڪن ليکڪن/ ماهرن جي راءِ موجب موهن دڙي جي هيٺين تهه جي کوٽائي ممڪن آهي ته پاڻ کي آمريءَ کان آڳاٽو ثابت ڪري. جڏهن کوٽائي ممڪن ٿي سگھي تڏهن متان سموري پلڄاڻ/ قرنڄاڻ (Chronology) بدلجي وڃي (۽ نوان سن طي ڪرڻا پون) ۽ موهن دڙي جي هيٺيان تهه متان منديگڪ ۽ ڪلي گل محمد سان ڪلهي گس ڪرڻ لڳن. ڪلي گل محمد جي مرحلي 1 ۽ 2 لاءِ واريسر ريڊيو ڪاربان سن آهن 85+ 3668 ق.م ۽ 85+ 3468 ق.م انهن سان لاڳاپيل واريسر م ا س ڪ ا  (M A S C A) سن آهن 4388 ق.م ۽ 4168 ق.م

منديگڪ (افغانستان) ۽ ڪلي گل محمد (ڪوئٽا ويجھو) واريسر 37 ـــ ق.م ۽ 36 سو ق.م ڌاري پوئين پراڻي پاٿر ڄمار کان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته انهن ئي ڏينهن ۾ ڪلي گل محمد مرحلي 1، 2 ۽ 3 کان ٻاهر نڪري چڪو هو. منديگڪ پنهنجي پهرئين مرحلي وارن ڇهن مان ٽن ڏاڪن تان اڪري چڪو هو.ايتريقدر جو زوب (پيراڻو گھنڌائي، Pirano Ghanda) پڻ 35 ــــ ورهه ق.م ڌاري پاٿر ڄمار مان نڪري مرحلو 1 ۽ 2 اڪري چڪو.(برجيٽ ۽ آلچن، ص 21)

منديگڪ ۾ مرحلي 1 ــ جي پڄاڻي مهل ڦندڻي (Club?) ڪڻڪ (ٽرائٽيڪم ڪامپيڪٽم Tritieum compactum)، هن علائقي جي شايد مقامي ٽن قديم وڻڪن (Varietis) مان هڪ جنس، اپائجي چڪي هئي.

اهو ئي ٿاڪ، رڍ، ٻڪريءَ ڍڳي ۽ تُخم بالا/ تُخم لنگا (Zizyphus Jujuba) جي موجودي ڏيکاري ٿو. هن ماڳ وٽ ملندڙ ٺيڪرو ٿانون تي ڏاند/ ڍڳي جون مورتون پهرئين مرحلي جي پڄاڻي مهل ۽ ان کان پوءِ اڪارجڻ لڳيون ۽ اهو ممڪن آهي ته ڏاند هيرايو/ گھريلو ڪيو ويو هجي. ]”ززيفس جَجَوبا، لاءِ ’’فرهنگ جعفري“ ۾ ”تخم بالا/ تخم لنگا“ نالو ڏنل آهي ۽ سنڌيڪارکي رڳو ايتري سُڌ آهي ته اهو ”ٻير“ جو هڪ قسم آهي، ڄاڱرن ٻيرن جي وڻ کي ”ززيفس نُومُولاريا“ ۽ ”عُناب“ کي ”ززيفس ولگرس“ چئجي ٿو. پر پنهور صاحب جن انهيءَ نالي اڳيان ”انڊين جُجوُب“ لکيو آهي ۽ ڏنگي ۾ ”Boar“ به ڄاڻايو آهي جنهن جي معنيٰ ”وئر“ ٿئي ٿي ــــ سنڌيڪار[

روسي ٻني ـــ ڄاڻڪن/ پوک ڄاڻڪن (Agronomists، ايگرانامسٽس) جي اڀياس موجب ڪڻڪ پهريائين افغانستان ۾ اپائي وئي (يعني ڪڻڪ جو بڻ افغانستان ۾ آهي). اڳ هڙپائي آمري (يعني هڙپا جي اوج کان اڳ واري آمري) راهپ کي ٻن دورن ۾ ورهايو وڃي ٿو جن مان پهرئين کي چئن ڏاڪن ــــ 1 الف، ا ـــ ب، ا ـــ ث ۽ ـــــ ا ــــ د ـــ ۾ ۽ ٻئي کي ٻن ڏاڪن ــــ 2 ـــ الف ـ ۽ 2 ب ۾ ورهايو وڃي ٿو.

ڏاڪو ا ــــ الف

ڀڙائڪ (Archaic) آڳاهين، قديمي، جھوني) شاهديءَ موجب ڪٿيل سن 31 ــــ سو ــــ ورهه ق.م ٿيندو.

ڪي به اَڏپون (Struetures) نه ٿو ڏيکاري پر گھڻي ڀاڱي هٿ ــ ٺهيا ٺيڪرو ٿانو، سامان رکڻ جا ڪُولا (Jars) ۽ ٽوگاءِ ث ـــ ثانون (Togau C- ware) سان سميت يڪرنگي ( Monchrome) ۽ ٻرنگي (Bichrome) سينگاريل ٺيڪراٽا ڏيکاري ٿو جنهن ڪري انجيرا ـــ 4 (4 Anjira) جو همعصر ڀانئجي ٿو. هٿ ـــ ٺهين ٺيڪرو ٿانون سان گڏ چڪ ـــ ٺهيا ٿانو به نظر اچن ٿا هٿ ـــ ٺهيا ٿانو ڇانيل/ وڌيڪ آهن.

ڏاڪو ا ــــ ب

هن ڏاڪي لاءِ ڪٿيل سن 29 سو 27  سو ورهه ق .م آهي.

سِرن جي اوساريءَ واريون جايون جڙنديون رهيون. سرون مٽيءَ جون ۽ بيڊولي شڪل ۽ قد بت واريون هيون ۽ ڪجھ جاين  جي پيڙِهه پٿر جي هئي. ٺيڪرو ٿانو نسبا بهتر حالت ۾ ۽ انهن تي ڪيترن ئي قسمن جي گلڪاري ٿيل هئي. چقمقي پٿر جا ڦر ۽ هڏاوان وکر آمري ا ـــ الف جھڙا جاري رهيا.

ڏاڪو ا ـ ث

هن ڏاڪي بابت ڪٿيل سن 28  ـــ سو ــــــ 28 سو ورهه ق .م يا ڪجھ پوءِ آهي.

هي ڏاڪو آمري راهپ جو اوج هو. هن جا چار اڏاوتي يا اڏپي (Stmotat) مرحلا آهن. مٽيءَ جي سو ۽ پٽ جا گھر ٺاهيا ويندا هئا. ڏاڪي  ا ـــ الف جي ڀيٽ ۾ ، جنهن ۾ هٿ ـــ ٺهيا ٿانو هوندا هئا، هن ڏاڪي دوران گھڻا ٿانو چڪ تي ٺهندا هئا. (ڏاڪي ا ـــ الف ـــ دوران چڪ ــ ٺهيا ٿانو بس متعارف ئي  ٿيا هئا) ٿانون تي گلڪاري جا ڪيترائي ڀوماپي نمونا ٺهيل آهن ۽ ناسي، ڪاري ۽ گيڙو (گلابي مٿان نارنگي) رنگ ۾ لسا رڱيل ٿانو به آهن ته گھر رنگي (palychremme) نمونا به .

ڏاڪو ا ـــ و

هن ڏاڪي بابت ڪٿيل سن 27 ــ سو 25 سو ورهه ق.م آهي. هن لاءِ ريڊيو ڪاربان چڪاسيل سن 113+ 367 کان سن 113+ 2900 آهي ۽ م ا س ڪ درستي کان پوءِ اهو سن 3600 ـــ 3320 ق .م بيهي ٿو.

ڏاڪو ا ـــ د ڏاڪي ا ـــ ث جي ئي لاڳيتائپ آهي پر ٺيڪرو ٿانون تي ٿوهي وارو انڊين ڍڳو ۽ چوپايا جيئن چيتو، ڪتو ۽ سرهه (Caprid) نظر اچن ٿا.

ڏاڪو ـــ ا ـ د ڪن هڙپائي ٺيڪراٽن جي  حوالي سان منديگڪ ــ 3 ۽ ڪوٽڏيجي جو همعصر آهي.

• برجيٽ ۽ آلچن جو چوڻ آهي ته ڏاڪو ا ـــ الف ۽ ا ـــ ب کي ڪلي گل محمد ــ 3 ۽ 4 ۽ منديگڪ ــ 3 سان ڪي ناتا آهن.

• آمري دور ــ 2 ٻن ڏاڪن ۾ ورهايل آهي. 2 ــ الف ۽ 2 ـــ ب ــ ٻئي مرحلا هڙپائي سان گڏ ميرن ٺيڪراٽا به ڏيکارن ٿا. ان ڪري هيءُ (آمري دور ــ 2) نج مرين راهپ دور ـــ 1 ۽ هڙپائي ڏاڪو ــ 3 جي وچ ۾ مٽ سٽ وارو عرصو آهي. دور ــ 2 جي ٺيڪرو ٿانون سان هڪ ڪَري تاريخ لکندڙ آهن منديگڪ ـ 4 ــ 1 دمب سادات ـ 2 ۽ خود ڪوٽڏيجي سان ملن ٿا. دمب سادات مرحلي ــــ 2 جو ريڊيو ڪاربان سن 202+ 2655 کان 76+ 2200 ق.م آهي. دمب سادات جو پويون سن خود ان جي مرحلي ــ 3 جي ابتدا جو سن آهي. هن دور يعني 2200 ق م. جي پڄاڻي مهل آمريءَ کي ساڙيو ويو جنهن کان پوءِ پنهنجي مرحلي ــ 3 الف، ب ۽ ث ۾ داخل ٿي وئي جنهن 1750 ق.م ڌاري توڙ ڪيو. اهو ان جو هڙپائي عرصو هو.  آمري دور ـــ 1 جا همعصر آهن ٿارو / ٺارو (THARRO يعني ٿرڙي گجو، ڪواٽراس بُٺي (Kotras buthi ، آمري جي ڏکڻ ۾)، واهي پانڌي ۽ غازي شاهه، آمري دور ـــ 1 ۾ جانورن جا آثار اهي ساڳيا بلوچستان وارا آهن، واڌ ڳرو گڏهه(Ass) جي آهي جيڪو سنڌ ۾ 3600 ــ 3000 ق.م جي وچ ڌاري هيرايو ويو.

•ڏاڪي 2 ـــ الف لاءِ ڪٿيل سن 25 سو کان 23 سو ق.م آهي جڏهن ته ڏاڪي 2 ـــ ب لاءِ اهو 23 سو کان 22 ـــ سو ورهه ق.م آهي.

بهرحال ڄاڻايل سنن جي ابتاد ۾ اڳ هڙپائي ٺيڪراٽن جي لاڳيتائپ آمريءَ جي پهرين تباهيءَ کان پوءِ ٻنهي راهپن (ثقافتن، ڪلچرس) ۽ انهن جي ماڻهن جي وچ ۾ جذب پذيري/ ميل جول ڏيکاري ٿي.

3000 ـــ 2750 ورهه ق.م

انهن اڍائي سو ورهن دوران لورالائي ـــ 2 جا ڍڳو ڇاپيل ٺيڪرو ٿانو ۽ ڪيچي بيگ ((Kechi Beg، آمري ۽ لورالائي ـــ 3 جا ٻرنگي ٿانو هنن وسيع ايراضين ۾ پکڙجي ويا. ڪيچي جي ڀيٽ ۾ آمري ۽ لارالائي ــــ 3  وٽ اهي ڪجھ دير سان پکڙيا، امڪان آهي ته 2850 کان 2750 ورهه ق.م دوران. (گورڊن، ص 42 ــ 44، اهو سن 2900 کان 2750کان ق.م ڄاڻائي ٿو پر آمري لاءِ موجود ريڊيو ڪاربان سنن کي ذهن ۾ رکندي مٿي ڄاڻايل سن ٺيڪ ڪيا ويا آهن).

اوائلي سنڌو راهپ

(Early Indus eulture)

اوائلي ٻنگارپهڻي راهپ

3000 ـــ 2700 ورهه ق.م

پنهنجن پيرن تي بيٺل ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۽ آمريءَ ۾ لڌل ٺيڪرو ٿانون سان ساڳيائپ کند گھڻ رنگي ۽ ٻرنگي ٿانون جو افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ظهور، ڊيلس (Dales) هن دور کي ڏاڪو ــــ د  ڄاڻائي درجي بند ڪري ٿو.

• اهو سن اگروال ۽ ڪسمگر ريڊيو ڪاربان چڪاس جي بنياد تي مقرر ڪن ٿا. آمري جي دڙي ــــ الف (Mound-A) مان مليل رڳو ٻن سئمپلن (Samples) لاءِ م ا س ڪ ا درستي ان جي آڳاٽين سطحن لاءِ اهو سن 2300 کان 3320 ورهه ق. م ڏيکاري ٿي.

(113+ 2900) 3000 ـــ (113+ 2670) 2700 ورهه ق.م

آمري راهپ ڦلارجي چڪي جيئن ريڊيو ڪاربان چڪاس ظاهر ڪري ٿي. (اگروال ۽ ڪسمگر، ص 88)

• انهيءَ سان لاڳاپيل م ا س ڪ ا سن 3600 کان 3320 ورهه ق.م ٿيندو

3000 ـــ 2000 ورهه ق.م

سامونڊي سطح ۾ 10 ـــ فوٽن [؟] جو چاڙهه، سامونڊي ڪنارو ان مهل اڄوڪي ٽنڊي محمد خان يا خود حيدرآباد جي ويجھو هوندو. پاڻي جي چاڙهه سڄي ننگر پارڪر ۽ ٿر جي ڪجھ ايراضين (Belts) کي ٻوڙي  ڇڏيو هوندو. پاڻي ضرور لڪي ٽڪرين جي ويجھو پهتو هوندو جتي اهي انهن ڏينهن ۾ سنڌو جي ڪيٽي (Delta، دوآبي) جو مُنڍ هونديون هيون. انهيءَ موسمي تبديليءَ جي ڪري متان موهن دڙي واري ايراضي ۾ جڏهن ان جون اوائلي اڻ کوٽيل سطحون وسندڙ، هيون، هر هر ٻوڏون آڻيون هٿن. (اگروال ۽ ڪسمگر، ”پري هسٽاڪ ڪرانالاجي ائنڊ ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ،“ ص 47 ـــ 48).

3000 ـــ 700 ورهه ق.م

روهڙي ۾ هٿ ڪيل/ ملندڙ عمدي آڱار پٿر (Flint) جا ڳنڍا ڪوٽڏيجي آمري، هڙپا، موهن دڙي، لوٿل (Lothal)، ِنگپور ۽ ڪاليبنگن ڏانهن وکر ٺاهڻ لاءِ موڪليا ويندا هئا. روانگي سنڌو ندي، رڻ ڪڇ واري نار ۽ ڪاٺياواڙ سامونڊي ڪناري واري واٽ سان ٿيندي هوندي. روهڙي جيڪا پڪ ئي پوئين پاٿر دور ۾ به آڱار پٿر جو هڪ ٿاڪ هئي، ممڪن آهي ته 35 ـــ سو ق.م کان بلوچستان ٿاڪن ڏانهن آڱاري پٿر موڪليندي هجي.

• رڻ ڪڇ هڪ سامونڊي کاڙي (Creek،ڪريڪ) هو. ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ موجود ننڍي رڻ ان کي هڪ اپٻيٽ (Island) جي شڪل ڏني پئي. انڊين رڻ جي گم ٿي ويل/ وڃايل ندي، سرسوتيءَ ان زمانيءَ ۾ گھگھرو، ويڻي (Raini)، هاڪڙي ( Hakra) ۽ اڄوڪي الهندي نارا واهه جي پيٽ مان اوڀرائين پراڻ (Puran) وسيلي ڪوري کاري ڏانهن وهندي هئي.

ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ سان رڻ ڪڇ منجھان سنڌو ۽ هاڪڙو وسايلي اچ وڃ (ڳنڍپ، Communication) سولي ۽ اجوکي (محفوظ) هئي.

مختلف مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جا ڦر ٺاهڻ جو ساٿ، (Process طريقي ڪار) اهو هو ته جوڳو پٿر ڪوسو ڪري، پاسيرو جھلي، ان تي مٿان کان هوريان ۽ هوشياريءَ سان هلڪا ڌڪ هڻي ڇلجي. اهڙا ٻيا ٿاڪ لڪي ۽ ٿاڻي بولا خان جي وچ وارن علائقن ۾ به ٿي سگھن ٿا. کيرٿر  سنڌر (Ridge) جي چوٽ تي 3 ـــ سو فوٽ کن ٿلهو بسالٽ/ ڇُهپر (Taouchstone, Basalt، باهوڻي يعني باهه سڙيل igneous پٿر جو هڪ ٺوس قسم) جو تهه آهي جيڪو ڪهاڙا ٺاهڻ لاءِ ڏاڍو مناسب ٿئي ٿو، ڪوهستان ماٿري ۾ کوٽايون ڪجن ته انهيءَ جي واهپي/ ڪارج جو، جيڪڏهن ڪوو آهي، ڏس ملي سگھي ٿو. روهڙي باقاعدي ڪهاڙا ٺاهڻ جي صنعتن جي موجودگي ڏيکاري ٿي پر انهيءَ ماڳ تي پٿر کي پيٺو نه پر ڇلهيو ويندو هو. پيهڻ/ پيسڻ لاءِ چوڳو پٿر ڪوهستان ۾ موجود آهي پر اتي ان کي گھڙڻ ٺاهڻ واري شاهديءَ جي کوج آهي.

2900 ـــ 2700 ورهه ق.م

آمري جو مرحلو ا ـــ ب، قلات جو مرحلو ــــ 3، ڪلي گل محمد جي مرحلي ــــ 4 جي ابتدا ۽ منديگڪ محلي ـــ 2 جي پڄاڻي پاڻ ۾ همعصر (_ساڳي ئي دور جون، ساکيات) آهن. سنڌ ۽ پنجاب جي باقي ايراضي اڃا به پاٿر ڄمار ۾ هئي.

• اها صورتحال ان حالت ۾ بدلجي سگھي ٿي ته موهن دڙي جي هيٺين پرتن جي کوٽائي ٿئي ۽ اهي ڪي ٻيا ثبوت پيش ڪن.

ڪلي گل محمد جا ڏاڪو ـــ 3 (جيڪو 3000 ـــ 2900 ق.م ۾ پورو ٿيو) هوري هوري جُھري ڀُري پورو ٿيو پر ڪوئٽا جي ڏکڻ ۾ ڏهه ميل پري آباد ٿيندڙ نئين وسندي دمب سادات اهو سلسلو جھٽي ورتو. دمب سادات مرحلو 1 ـــ لاءِ ريڊيو ڪاربان سن 70+ 2510 ق.م آهي. ان جي ابتدا آمري مرحلي ا ــ ب سان ساکيات آهي ۽ م ا س ڪ ا درستي ان کي 3600 ورهه ق.م تائين پهچائي ڇڏيندي.

ڊاڪٽر خان آمري راهپ جي ابتدا يعني ڏاڪي ا ـــ الف کي ميسوپوٽاميا جي اوائلي راڄوڪي ـــ 2 (-II Early Dynasty) سان ساکيات (همعصر) سڏي ٿو پر سندس راءِ ريڊيو ڪاربان چڪاس وسيلي مليا، سن کي نظر ۾ رکندي قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي توڻي جو اها چڪاس ڀلي م ا س ڪ ا درستي کان سواءِ ئي هجي. م ا س ڪ ا درستي اهو سن 3600 ورهه ق.م بيهاري ٿي.

2800 ــ 2700 ورهه ق.م

آمري ڏاڪو ا ــ ث ڏاڪي ــ 3 جي پڄاڻي ۽ قلات (انجيرا) جي اوائلي ابتدا دمب سادات (ڪوئٽا ويجھو) جي ڏاڪي ــــ 1 ۽ منديگڪ ( افغانستان) جي ڏاڪي ــ 3 سان ساکيات آهي. موهن دڙي بابت ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي ڇو ته هيٺيان پرت کوٽيا نه ويا آهن.

دمب سادات جي ڏاڪي ــــ 1 لاءِ ريڊيو  ڪاربان سن 2625 ق.م  ۽ 2528 ق.م آهي، ان ڪي سندس ابتدا 2700 ورهه ق.م ڌاري ٿي هوندي.

م ا س ڪ ا درستي دمب سادات جو سن 3060 ورهه ق.م بيهاري ٿي.

3350 ـــ 2000  ورهه ق.م

ڪوُلي ــــ ميهي (Kulli-mehi) راهپ همعصر ڪوٽڏيجي ۽ آمري وٽ ملندڙ ڪجھ اڳ هڙپائي سطحن جي راهپ ۽ پڻ موهن دڙي جي اوائلي ۽ وچين راهپن سان برابري ڪري ٿي.

ڊاڪٽر ايف. اي. خان، ”انڊس وئلي ائنڊ ارلي ايران“، ص  81، چوي ٿو ته اها (ڪولي ـــ ميهي راهپ) هڙپائي راهپ جي همعصر آهي. اها ڳالهه مڃڻ جوڳي ناهي. ان جي ابتدا اهڃاڻ دمب سادات ــــ 3 ۽ منديگڪ ـــ 4 تائين ڏٺا ويا آهن دمب سادات ـــ کي 3 ــــ کي 165+ 2201 ورهه ق.م سن ڏنو ويو آهي.

2700 ورهه ق.م

آمري اڳ ئي رچجڻ/ سامائجڻ لڳي هئي. نال (Nal) توڻي جو ڪوُني راهپ کان اڳ ئي شروع ٿي هئي پر اڃا ٻالجتيءَ ۾ هئي. زوب راهپ پنهنجي رج ـــ 3 (R.G-III) ڏاڪي تي هئي.(ايف. اي. خان، ”انڊس وئلي ائنڊ ارلي ايران“، ص 62 ــ 63).

2700 ــــ 2600 ورهه ق.م

ڪوٽڏيجي، هڪ اڳ ـــ هڙپائي راهپ، جي اوائلي واڌ، ڪوٽڏيجي جي ريڊيو ڪاربان چڪاس ان جي ابتدا کي 145+ 2605 يا ان کان ڪجھ اڳ واري سن تي آڻي بيهاري ٿي.

• 5370 ورهن جي حياتي لاءِ ڪوٽڏيجي جو ريڊيو ڪاربان سن:

 

ريڊيو ڪاربان چڪاس وسيلي ظاهر ٿيل سن      ان جو م ا س ڪ ا  برابري ڪندڙ سن

 

145+ 2605 ورهه ق.م               3155 ورهه ق.م

155+ 2335 ورهه ق.م               2885 ورهه ق.م

140+ 2255 ورهه ق.م               2590 ورهه ق.م

140+ 2090 ورهه ق.م               2505 ورهه ق.م

          انهن مان آخري ڄاڻايل سن هڙپا راهپ جو آهي.

2700 ـــــ 2500 ورهه ق.م

آمري ا ـــ د ڏاڪو جيڪو نال، نندر (Nundara) قلات ۾ ديرائت ڏاڪو 3 ۽ اوائل ڏاڪو ــــ 4 ۽ منديگڪ ـــ 3 جي سطح ـــ 4 سان همعصر آهي. ڪوٽڏيجي ا ــــ هڙپائي ڄمار ۾ داخل ٿئي ٿي. ان لاءِ ريڊيو ڪاربان سن 145 + 2600 ق.م آهي. دمب سادات داڪ ــــــ 1 لاءِ ڪاربان سن 73+ 2510 ورهه ق.م آهي (پرجيٽ ۽ آلچن، ص 110).

ڊيلس (Dales) پنهنجي ڪتاب ”ڪرانالاجيز اِن اولڊ واراڊ“ ۾ دمب سادات ـــ ڪو 1 لاءِ 2538 کان 2361 ورهه ق.م سن مقرر ڪيو آهي.

2700 (145+2605)ـــ 2400 (140+ 2255) ورهه ق.م

اڳ هڙپائي راهپ سان واسطيدار وسنديءَ طور ڪوٽڏيجي جو وجود.

ريڊيو ڪاربان سن                   م ا س ڪ ا درستي کان پوءِ

1 ــ ڪوٽ جي هيٺين سطح 145+ 2605 ق.م     3155 ق.م

2 ــ شهر جي پهرين هيٺين سطح 156+ 2335 ق.م         2885 ق.م

3 ـــ شهر جي ٻن هيٺين سطح 140+ 2255 ق.م  2805 ق.م

4 ــ  مٿين سطح جو پويون اڳ ـــ هڙپائي دور 140+ 2090 ق.م

پوئين تاريخ ڪوٽڏيجي راهپ جي ميسارجڻ واري دور سان واسطو رکي ٿي ۽ هڙپائي (راهپ رکندڙ) ڪوٽڏيجي لاءِ گھٽ حقيقي آهي. هٿ آيل سئمپل نه ته شهر جي ابتدا سان واسطو رکن ٿا ۽ نه ئي وري پڄاڻيءَ سان، ٻيو ته رييو ڪاربان چڪاس ٻه سو (200) ورهن جيترو تفاوت ڏيکاري سگھي ٿي جيڪا ان طبقي جي هڪ ڪمزوري آهي. اگروال ۽ ڪسمگر ڪوٽڏيجي لاءِ جيڪي ريڊيو ڪاربان سن ڏنا آهن اهي ٻنهي انتهائن (ابتدا ۽ پڄاڻي) تي 2750 ق.م ۽ 2330 ق.م آهي.

2600 ــــــ 2500 ورهه ق.م

اوائلي نال، نندر ۽ آمري جي وچ ۾ لاڳاپا. پهريان پوک، پاليندڙ هاري، جيڪي سنڌو ماٿريءَ ۾ آباد ٿيا، پاڻ سان گڏ هتي ٻرنگا ٺيڪرو ٿانو کنيو آيا. ان قسم جي ٺيڪرو ٿانون کي آمري ــ ٿانو/ آمري باسڻ سڏجي ٿو ۽ اهي هڙپا وارن ٿانون کان بلڪ نرالي قسم جا آهن. آمري سان گڏوگڏ نندرا مان مليل ٿانون تي سِگما ــ شڪل (S ,C ,Z شڪل)، هيرو شڪل (۽ شڪل)، مک ،مار شڪل (۽ شڪل، chovrons) ۽ بساط (شطرنج) جي خانن جھڙيون شڪليون ٺهيل آهن.

 • گورڊن، ص 44 ۽ 49، مٿي ڏنل سن 2700 ــ 260 ورهه ق.م مقرر ڪري ٿو، پر اسان هتي اهو سن آمري لاءِ ريڊيو ڪاربان چڪاس جي بنياد تي قائم ڪيو آهي. نال ۽ نند جو آمري جي ڏاڪي ـــ ا ــ د سان ميل جول ٿئي ٿو، جنهن جو سن 2700 ـــــ 2500 ورهه ق.م آهي.

نال ۽ نندر جي ڀيٽ ۾ آمري گھڻي آڳاٽي زماني سان واسطو رکي ٿي.

145+2605 ورهه ق.م

ڪوٽڏيجي راهپ جو اڳ ــ هڙپائي زمانو جيئن پينسلوانيا يونيورسٽي ۾ ڪيل ريڊيو ڪاربان چڪاس ٻڌائي ٿي. (ڊاڪٽر ايف. اي. خان، ”ڪوٽڏيجي ايڪسڪيوشن“).

2600 ـــ 2300 ورهه ق.م

خوراب قبرستان (Khurab Cemetry) جيڪو اڳ ــ هڙپائي  (يعني آمري ۽ ڪوٽڏيجي واري راهپ جي) ڪجھ سطحن ۽ اوائلي راڄوڻي ـــ 3 ـــ مان ساکيات آهي.

• ڊاڪٽر  ايف. اي.  خان، ”انڊس وئلي ائنڊ ارلي ايران“، ص 68، سمجھي ٿو ته اها هڙپا سان ساکيات آهي. اها ڳالهه متان صحيح نه به هجي ڇو ته هڙپا (راهپ) 2350 ق.م ڌاري شروع ٿي.

2600 ـــ 2200 ورهه ق.م

دمب سادات جا ٽيئي ڏاڪا روهڙي مان درآمد ڪيل چقمقي ـــ آڱار (چرٽي ـــ فلنٽ، Chert Flint، اهو آڱار پٿر جنهن ۾ چرٽ/ چقمقي پٿر جا جزا به شامل هجن) مان ٺهيل ڇيڻيون ۽ جنڊ (Saddle quern) ۽ ڪارو ــــ ناسي (Tan) چرٽ (چقمقي پٿر) طور بيان ڪيو ويندڙ پٿر مان پرتاوان ڦر موجود ڏيکارن ٿا.

• گورڊن، 45 ۽ 49، اهو سن  2600 ـــ 2100 ورهه ق.م ٻڌائي ٿو. اهو سن دمب سادات بابت ريڊيو ڪاربان چڪاسن وسيلي مليل سن سان ڀيٽي درست ڪيو ويو آهي ۽ اهو آهي 202+ 2655 کان 76 +2200 ورهه ق.م ديلس ان جي اڳئين 361 + 2538 ورهه ق.م مقرر ڪري ٿو.

2500 ورهه ق.م

صوهاب (Sohab) ۾ ڪئچي بيگ ــ آمري (Kachibeg-Amri) نموني جو ٻرنگو ٿانو/ باسڻ اڃا سوڌو واهپي ۾ رهندو آيو.

• گورڊن (ص 51) اهو سن 2600 ق.م ۾ موهن دڙي جو پايو پوڻ کان هڪ سو ورهه پوءِ مقرر ڪري ٿو ۽ درست ڪري ڏنو ويو آهي.

2500 ورهه ق.م (اٽڪل روءِ ڪچو ڪاٿو)

ڪراچي شهر جي مرڪزي حصي کان ست ميل پري لياري نديءَ جي ڀرسان پٿپهڻي  ماڳ روهڙي مان گھرايل چرٽي ـــ آڱار پٿر جو واهپو ڏيکاري ٿو. اهي هڙپا راهپ سان ڪو نه ڪو ناتو رکن ٿا.

پروفيسر رئوف خان سنڌ ڪوهستان جي هن برساتي نئن تي ڪيترائي پٿپهڻي ٿاڪ ڳولي لڌا آهن پر انهن جي اَڄاڻ (Data) اڃا شايع نه ٿي آهي.

• ڪي آر رو يو ٽاڊ (K.R. U. Todd)”بمئي جون پٿپهڻي صنعتون“ جيڪو ”اينشنٽ انڊيا“ نمبر 6 ۾ شايع ٿيو ۽ ”بمبئي جون جھوپهڻي صنعتون“ مضمون جيڪو مانسڄاڻي (Anthropological، اينٿروپو= مانس= ماڻهو) انسٽيٽيوٽ جي جرنل، جلد 19 ۾ ڇپيو، لياري پٿپهڻي ماڳ جو ڄاڻايل سن ٻڌائي ٿو. اهو سن شڪ جوڳو آهي ڇو ته مناسب کوٽايون نه ٿيون آهن. اهو ماڳ اڳ هڙپائي به ٿي سگھي ٿو ته ان کان گھڻو آڳاٽو به. ڪجھ ليکڪن ان لاءِ 2500 کان 2000 ورهه ق.م تائين سن مقرر ڪيو آهي.

2500 ورهه ق.م (ڪچو ڪاٿو)

سنڌ ۾ ڪهاڙي جو اڪيلو سچو قسم، رڳڙيل ۽ گسايل پاٿر ڪهاڙو ڪراچي ويجھو اورنگي ۾ لڌو آهي. موهن دڙي ۾ کوٽي ڪڍيل چار ڪهاڙي ـــ جھڙا انگ سچا ڪهاڙا نه آهن پر جو ڪو حصو آهن يا چپرون (wedges، ڪاٺ يا ڌاتو جو اهڙو نگ جيڪو هڪ پاسي کان ٿلهو هجي ۽ هوري هوري سنهو ۽ تکو ٿيندو وڃي). (گورڊن، ص 31، اهو سن 2500 کان 200 ق.م ڄاڻائي ٿو)

• هن ماڳ بابت ڄاڻ رڳو هڪ سادو ڪاٿو آهي. گھربل چڪاسن کان پوءِ ممڪن آهي ته ڪنهن آڳاٽي يا پاڇاٽي عرصي سان لاڳاپيل هجي.

2500 ـــ 2400 ورهه ق.م

آمري جو ٻيو دور جيڪا رانا گنڌاءِ (Rana Ghundai) ــــ 2 الف، دمب سادات ـــ 2 ۽ منديگڪ ڏاڪي ــــ 3 جي پنجين سطح سان ساڳيات آهي (برجيٽ ۽ آلچن، ص 10 ۽ 117)

ڪوٽڏيجي جيڪا اڳ ئي اڳ ـــ هڙپائي راهپ ۾ گھڙي چڪي هئي وڌڻ ويجھڻ جاري رکيو.

آمري دور ـــ 2، پوءِ اهو 2 ــ الف هجي 2 ـــ ب ڪنهن به راهپي (ثقافتي Cultural) ٽوٽ ڦوٽ کان سواءِ جاري رهيو (2400 ق.م کان 2300 ق.م ) پر هي دور آمرين سان گڏوگڏ هڙپائي نموني جا ٺيڪراٽا پڻ ڏيکاري ٿو.

ٿرڙي گجو (Tharri Gujo)، ڪوهتراس بُٺي (Kohtras Buthi)، واهي پانڌي ۽ غازي شاه آمري سان ساکيات هئا ۽ ان جي اڳ ــــ هڙپائي دور جي ڏاڪي 2 ـــ الف يا 2 ـــ ب سان ناتو رکيائون ٿي.

ڪوٽڏيجي ۾ ڪريم رنگ ڇَهاءَ مٿان ڳاڙهو، ٻرگنو ڍيڪرو ٿانو منديگڪ ـــ 3 جي سطح پنج ۽ منديگڪ ـــ 4 سان ڪي هڪ جھڙايون رکي ٿو ۽ ان سان گڏ دمب سادات ـــ 2 ۽ 3 سان پڻ ساڳيائيپون (Simliaritiles) رکي ٿو.

• دمب سادات جي هن ڏاڪي (2) بابت ريڊيو ڪاربان سن 76+ 2200 ق.م آهي. دمب سادات جو ڏاڪو پهريون 70+ 2510 ورهه ق.م تائين پهچي ٿو آمري ڏاڪو ا ــــ ث سان ساکيات آهي.

دمب سادات جي ڏاڪي 1 ۽ 2 لاءِ م س ڪ ا پڙهڻي وايسر 3060 ق.م ۽ 2900 ق.م آهي.

2400 ورهه ق.م

شاهي ٽمپ (Shahi Tump) جي ابتدا هڙپا اڳ ئي تيزي سان اسرندڙ، ڪولي جي رسيل ساماڻيل مرحلي ۽ نال جي پُڄاڻي واري و عرصي سان ساڳيات، صوهاب اڃا سوڌو مرحلي ر، ج 3 ــ انوج (Anauj) مرحلي ــــ 3  جي ابتدا ۾، سيالڪ جو مرحلو گ ا پ، هسار (Hissar) پنهنجي ڏاڪي ــــ 3 الف جي ابتدا ۾ ميسوپوٽاميا ۾ اخاد/ اڪاد (Akhad) راهپ، شاهي ٽمپ راهپ 2 هزار ق.م ڌاري پڄاڻيءَ کي پهتي جيئن ان جو قبرستان ثابت ڪري ٿو. (ايف. اي. خان ”انڊس وئلي ائنڊ ارلي ايران“، ص 62 ـــ 63. اگروال ۽ ڪسمگر، ص 104، شاهي ٽمپ جي قبرستان جي سن کي 2 ـــ هزار ورهه ق.م کان 19 ـــ سو ورهه ق.م تائين مقرر ڪن ٿا. اهو ختم ٿي ويل ڪوليَ راهپ واري ٿاڪ مٿان اڏيو ويو)

2400 ورهه ق.م

عمدي چڪ ــــ ٺهيي گولائين، ڏول جھڙي ٺيڪرو ٿانو (Vesel) جي ڄمار.

] هتي ”ڏول“ لفظ هر ان ٿانو لاءِ ڪم آڻجي ٿو جنهن جي شڪل ”گُندڙي“، ”وڏي ٺيڪرو ڪوُلي“، ”مٽ،“ ”ٽِڀي“، ”ڪُپڙي“ ۽ اهڙي قسم جي ٿانون سان ملندڙ جلندڙ آهي. سنڌيڪار[ انهن ڏولن جي ڍڍ تي تراکڙا وڍ ــ کانچا پيل آهن ۽ انهن جو وات (منهن، مٿو، پڳ) ڪارو رڱيل آهي ۽ مٿس (ننڍڙا ننڍڙا) سِڱَ ٺهيل آهن. ٺيڪ ان قسم جا ڏول ڪوٽڏيجي ۾ مليا آهن. (اگروال ۽ ڪسمگر، ص 49)

2400 ـــ 2300 ورهه ق.م

رانا گنڌاءِ جي ڏاڪي ــــ 2 سان ساڳيات آمري جو دور 2 ــــ ب دمب سادات ڏاڪو ـــــ 2 جاري رهندو اچي ٿو ۽ منيگڪ ڏاڪو ــــ 3، سطح 6 جي پڄاڻي، ڪوٽڏيجي اڳ ـــــ هڙپائي مرحلي ۾ (برجيٽ ۽ آلچن، ص، 10 ۽ 114).

• ڪاليبنگن (اوڀر پنجاب) ۾ اڳ ــــ هڙپائي (يعني ڪوٽڏجين) وسندي قائم رهندي اچي ٿي جنهن جا اوائل لاءِ ريڊيو ڪاربان سن 115+ 2370 ق.م تائين پهچي ٿو. ان جو درست ڪيل م ا س ڪ ا سن 2920 ق.م آهي.

ڪوٽڏيجي جي هن دور لاءِ ريڊيو ڪاربان سن 115+ 2335 ورهه ق.م آهي. آمرين سان گڏوگڏ هڙپائي ٺيڪراٽا لڌا ويا آهن ۽ هن کي نج آمرين ۽ هڙپائي جي وچ ۾ عبوري ڏاڪو/ عرصو سڏي سگھجي ٿو جيڪو آمري ڏاڪو ــــ 3 سان گڏوگڏ شروع ٿئي ٿو.

دمب سادات ـــ 2 جنهن کي 202+ 2559 ۽ 76+ 2200 ق.م سن ڏنل آهي م ا س ڪ ا درستي کانپوءِ اهو سن 3109 کان 2700 ق.م آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org