سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

باب :1

صفحو :5

جيئن جيئن مذهب وڌيا ۽ پکڙيا، ۽ هڪ مذهب جي پوئلڳن ڪنهن ٻي مذهب جي پوئلڳن تي ڪاهه ڪري حاڪميت قائم ڪئي، تيئن ررياست جي بڻ بابت به ڌرمي نظريا گھٽ وڌ ٿيندا ۽ بدلبا رهيا. اڪثر مذهبن جي پوئلڳي جي دعويدار بادشاهن ۽ سندن حامين اعلان ڪيو ۽ ڄاڻايو ته بادشاهه خدا جو نمائندو آهي، ۽ ماڻهن به بادشاهه کي خدا جو نمائندو ئي سمجھڻ شروع ڪيو. هاڻي تصور اهو ٺهيو ته بادشاهه جيڪو ڪجھه ڪندو هو. اهو خدا جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪندو هو. اهڙيءَ طرح مذهب ۽ سياست هڪ ئي عمل جا ڄڻڪ ٻه پاسا هئا. قديم يوناني ۽ رومي اڪابرن به رياست کي خدائي تخليق سڏيو، ۽ اڄ به ڪيترن ئي اڄوڪن مروج مذهبن ۾ رياست بابت اهو تصور هلندو رهي ٿو قبول ڪيو وڃي ٿو.

سمجھيو پئي ويو ته رياست خدا جي تخليق آهي، ان ئي قائم ڪئي آهي ۽ ماڻهن جو ان ۾ ذري جيترو به حصو نه هو. بادشاهن کي خدا مقرر ڪيو هو ۽ اهي پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ ان آڏو ئي جوابدار هئا. رياست جا قانون پاڻ خدا ٺاهيا آهن، ان ڪري انهن جي ڀڃڪڙي هڪ سماجي ڏوهه ئي نه، پر ديني گناهه به هو. ماڻهن کي  گھرجي ته رڳو اطاعت ڪندا رهن. انهن کي رياست جي معاملن ۾ ڪو به دخل ناهي ڏيڻو. پهريان حاڪم ”آدم“ ۽ ”هوا“ هئا، ۽ هاڻي اسان وارا بادشاهه آهن. جيئن خدا تي تنقيد نه ٿي ڪري سگھجي، ائين بادشاهه به ان کان آجو آهي.

اڄ ڪلهه هن زباني نظريي تي تنقيد لاءِ ڪنهن خاص دليل جي گھرجي ئي ناهي، ڇو ته اهو سڌو سنئون غلط ۽ غير معقول آهي. رياست ماڻهو ٺاهيندا آهن ۽ ماڻهو ئي هلائيندا آهن. سياسي ڄاڻ جا جديد ماهر ته رياست کي اصلي ۽ حقيقي طرح هڪ اهڙو انساني ادارو سمجھن ٿا، جنهن جي تنظيم انساني عمل سان وجود ۾ آئي ۽ حڪومت جي شڪل ۾ ظاهر ٿي. اها ڳالهه عقل ۽ تجربي جي خلاف آهي ته ڪنهن به فرد کي حڪمراني لاءِ خدا چونڊي ٿو.

اها سوچ غير سائنسي ۽ غير منطقي آهي ته رياست کي خدا ٺاهيو. جڪڏهن بادشاهه واريون رياستون خدا ٺاهيون ته پوءِ بادشاهه واريون حڪومتون ڪنهن ٺاهيون؟ صدرن ۽ وزيراعظمن کي ڪنهن مقرر ڪيو؟ بادشاهه ڀرپاسي جي رياستن تي لشڪر يا فوجون چاڙهي، قتلام ۽ قبضا ڪري شنهشاهه ٿيا ته ڇا اهو عمل به خدا جو هو؟ تڏهن ته بلونچلي چيو ته هيءُ نظريو خدا کي ڦاسائڻ ۽ بادشاهه کي پنهنجي ذميواري کان بچائڻ جو سبق ڏي ٿو. هيءُ نظريو رياست کي پنهنجي عمل سان سٺو ڪرڻ کان روڪي ٿو، تنهن ڪري سياسي ادارن جي اصلاح ۽ ترقي نه ٿي ٿئي.

انهن سڀني ڪچاين جي باوجود خاص طور تي وچين دور تائين هن نظريي وڏو ڪم ڪيو  آهي. ماڻهن جي وچ ۾ جھڙا جھڳڙا ختم ڪرائڻ ۽ مال ملڪيت جو تحفظ ڪرڻ ۾ هن نظريي جو به هڪ حصو آهي. هن نظريي رياست کي اخلاقي سهارو به ڏنو ته بادشاهه کان اخلاق ۽ انصاف جي توقع به رکرائي، ڇو ته خدا رياست  کي حق ۽ انصاف، نيڪي ۽ اخلاق لاءِ ٺاهيو هو.

 

زوراور نظريو

رياست جي ابتدا بابت طاقت کي، زور زبردستيءَ کي بنيادي ڪارڻ سمجھڻ وارو نظريو ڏاڍو قديم آهي. افلاطون پنهنجي ڪتاب ”جمھوري راڄ“ ۾ ان جو ذڪر ڪندي ان کي رد به ڪيو آهي. وچين دور جي ڪجھ اڪابرن وري جمھوري رياست کي رد ڪرڻ لاءِ هن نظريي جو سهارو ورتو ۽ ان جي حمايت ڪئي. سُراڄڪ (ڪميونسٽ) عالم  (طبقاتي) رياست کي طاقتور ۽ ڦورو ماڻهن جو اهڙو هٿيار سمجھن ٿا، جنهن وسيلي اهي عوام کي قابو ۾ رکن ٿا. نازيمت (نازي ازم) جا جرمن حامي هن نظريي کي ڏاڍو ساراهن ٿا.

هي نظريو ٻن مقصدن لاءِ پيش ڪيو وڃي ٿو. هڪ ته رياست وجود ۾ ڪيئن آئي ۽ ٻيو ته ان کي ڪيئن برقرار رکي سگھجي ٿو؟ هي نظريو چوي ٿو ته رياست طاقت ۽ ڏاڍ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي ــــ يعني جبر، قبضي ۽ جنگ جو نتيجو آهي. ڪي طاقتور ماڻهو لشڪري ٽولا ٺاهي، ٻين تي ڪاهون ڪري، کين پنهنجو غلام رکندا هئا ۽ سندن مال متاع ڦري، مٿن ڏنڊ يا ڏن مقرر ڪندا هئا. جنهن جي انتظام ۾ اوڳڙ لاءِ هڪ اداري جي گھرج هئي جنهن جو نالو رياست آهي. ايڊورڊ جينڪس لکي ٿو ته سمورين سياسي جماعتن جو بنيادن جنگي فن جي ڪري پيو. هڪ ٽولي وٽ جڏهن کاڌ خوراڪ کٽي وڃي ٿي، تڏهن پاڙيسري ڪمزور ماڻهن کان ڦرڻ لاءِ ڪاهون ٿيون، قبضا ٿيا ۽ قانون ٺهيا، جيڪي رعيت لاءِ ته هوندا هئا، پر حڪمران انهن کان آجا هئا. تاريخ ۾ اهڙا سوين قصا ملن ٿا، جنهن ۾ ڪو به سپهه سالار، ڪنهن علائقي جو حاڪم ٿي ويٺو هجي. قبيلائي سلطنتون ان جو مثال آهن. ڪيترن هنڌن تي ائين به ٿيو ته ڪيترائي  قبيلا جھيڙن جھٽن ۽ اڙجي، ڪنهن هڪ جي حڪمراني هيٺ اچي ويا ۽ هڪ رياست ٺهي جيئن ناروي، سويڊن، ڊنمارڪ، ويلز وغيره ۾ ٿيو. اهڙيءَ طرح عرب، عراق، ايران، مصر، ترڪي ۽ اسان جي اپکنڊ ۾ بادشاهتون ۽ شهنشاهتون ان جو ئي نتيجو آهن. تڏهن ته، اسٽيفن ليڪاڪ چوي ٿو ته قبيلي کان بادشاهت، ۽ بادشاهت کان شهنشاهت يا سلطنت هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن، جن جي ڪري رياست وجود ۾ اچي ٿي.

اهو جبر ۽ ڏاڍ يا زور ئي آهي، جيڪو رياست جي سلامتي لاءِ پڻ ضروري آهي. امن امان، قانون ۽ اطاعت، سلامتيءَ ۽ بچاءَ کي به طاقت جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. فوج ۽ پوليس، سزا ۽ ڪاهه، انهيءَ ئي طاقت جا ٻيا روپ آهن.

وچين دور ۾، يورپ ۾ پوپ ۽ شنهشاهه جي جھيڙن ۽ ڪليسائي مفڪرن، شهنشاهه جي خلاف  طاقت ئي ڪم آندي. هنن رياست کي جھيڙي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل سڏي، خدا جي خلقيل ڪليسا کي اوليت ڏني.

انفراديت جي حامين به طاقت کي اوليت ڏني. سندن خيال موجب اهو ئي جيئرو رهي ٿو، جيڪو ٻين کان وڌيڪ طاقتور آهي. نازيمت ۽ هٽلر ان جا عملي مثال آهن. ڪيترن ئي جرمن مفڪرن طاقت جي واهپي جي حمايت  ڪئي.

ٽرائچڪي چوي ٿو ته رياست  (حڪومت) چڙهائي ڪرڻ ۽ بچاءُ ڪرڻ جي عام قوت آهي، جنهن جو پهريون ڪم جنگ ۽ انصاف جو بلو ڪرڻ آهي. جنرلن فون برن هارڊي چوي ٿو ته قوت ئي اعليٰ حق آهي ۽ جڏهن اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا آهي، ته ان جو حل جنگ وسيلي ئي ٿي سگھي ٿو. جنگ هڪ حياتياتي گھرج  حق آهي.

هيءُ جبر ۽ طاقت وارو نظريو سچ ۽ ڪوڙ جو عجيب ميلاپ آهي. ڪيترائي عالم ان جي صداقت جو اقرار ڪن ٿا، جن ۾ بلونلچي ۽ برسانڪيٽ شامل آهن. برٽرانڊرسل ته ايترو به چوي ٿو ته سياست ۾ طاقت ايڏي ئي ضروري آهي، جيڏي فزڪس ۾ شڪتي.

هن نظريي جي پهرين غلطي اها آهي ته رياست قائم ڪرڻ لاءِ طاقت جو سهارو وٺي ٿو، جيڪو عقل ۽ تجربي ٻنهي جي خلاف آهي. طاقت، رياست جي بقا جو هڪ عنصر ته آهي، سڃاڻپ ته آهي، پر سڀ ڪجھ اصليت ناهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪي رياستون طاقت وسيلي قائم ٿين ٿيون، اهي ترت ئي مٽجي وڃن ٿيون. جبر ۽ ڏاڍ واري حڪومت ڪڏهن به پائدار نه ٿي رهي. مشهور فرينچ چوڻي آهي ته، ”تلوار سان سڀ ڪجھ حاصل ڪري سگھجي ٿو، پر ان تي ويهي نه ٿو سگھجي. رياست ۾ طاقت  دوا جيان آهي، جيڪا بيماريءَ ۾ ئي وٺڻ گھرجي.“ انگريز فلاسفر گرين چيو هو ۽ ٺيڪ ئي چيو هو ته، ”طاقت نه، پر مرضي (رضا) ئي رياست جو بنياد آهي.“ هتي اهو به ياد رکڻ گھرجي ته رياست بيجان آهي، تنهن ڪري ان تي حياتيائي قاعدا لاڳو نه ٿا ڪري سگھجن. وڌيڪ اهو به ته طاقت جو نظريو شرپسند آهي. هيءُ جابر لاءِ سبب پيدا ڪري ٿو، لاچار کي صبر جي تلقين ڪري ٿو، ۽ انساني نفسيات تي منفي اثر وجھي ٿو. تنهنڪري هنگامي حالتن کان سواءِ هي نظريو بيڪار آهي.

سماجي ٺاهه وارو نظريو

رياست جي ابتدا ۽ ارتقا جي قياسي يا تخيلاتي نظرين ۾ سماجي ٺاهه يا عمراني معاهدي واري نظريي کي اهم جاءِ مليل آهي، ايتريقدر جو سماج  (راڄ) به هڪ ٺاهه جي نتيجي ۾ وجود ورتو وارو نظريو به ڄڻڪ ان سان گڏ ئي وجود ۾ آيو. بائيبل جي عهد نامي ۾ چيل آهي ته اسرائيل جا هڙئي اڪابر حبرون ۾ بادشاهه وٽ آيا ۽ بادشاهه دائود حبرون ۾ انهن سان هڪ ٺهرو (ٺاهه، عهد نامو، ميثاق) ڪيو ۽ هنن دائود کي بادشاهه ڪري ڇڏيو. افلاطون ۽ ارسطو هن نظريي کي رد ڪيو آهي، پر ”جمھوري راڄ“ ۾ افلاطون هڪ سافسٽ فلاسفر گلاڪون جي زباني چورايو آهي. يورپ جي ڪليسائي فلاسفون به ان نظريي جي پوئواري ڪئي آهي. اسلام ۾ به ان جي تائيد ملي ٿي. ان جو مثال مديني وارو ٺاهه (ميثاق مدينه) آهي، جنهن جي نتيجي ۾ رياست ٺهي.

جديد دور ۾ به يورپ جا ڪيترائي مفڪر لڀن ٿا، جن ٺاهه وسيلي رياست جُڙڻ جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ ٿامس هابس (1588 ـــــ 1679ع) جان لاڪ (1623 ـــ 1702ع) زان زاڪ روُسو (1712 ـــ 1778ع) نمايان حيثيت رکن ٿا. يورپ ۾ هن نظريي جي مڃتا ان ڪري به ٿي، جو هي نظريو خدائي، رباني Divine ۽ زوراور (Force) نظريي کي رد ڪندي، عوام کي حڪومت ۾ شريڪ ۽ اختيارن ۾ انهن جي ڀاڱيواريءَ جي هام هڻي ٿو ــــ ۽ ان کان پوءِ ئي فرانس جو انقلاب برپا ٿي سگھيو. هن نظريي جي اهميت فلسفيانه به آهي ته تاريخي به.

سماجي ٺاهه وارو نظريو رياست جي ابتدا ۽ ان جي اختيارن جي دائري تي بحث ڪري ٿو. هر رياست جي عمل کي ٽن ڏاڪن تان ٽپندڙ سڏي ٿو. پهريائين ماڻهو فطري حالت ۾، ڇڙواڳ يا آزاد حياتي گذاريندو هو، جنهن کان پوءِ ٺاهه ڪيو ويو، جنهن وسيلي زندگيءَ جي انتظامي معاملن کي هلائي سگھجي ۽ ان جي ڪري سول سماج يا رياست ٺهي. فطري حالت مان ماڻهوءَ کي نڪرڻ جي گھرج ان ڪري پئي، جو اتي ڪو به قانون نه هو، ماڻهو رڳو فطرت يا فطري قانونن جو پابند هو ــ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو،“ طاقت جو راڄ هو. ان ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جا حق مارجي ٿي ويا، جنهن کان نجات لاءِ هن کي هڪ ٺاهه جي گھرج پئي.

سماجي ٺاهه پنهنجا فطري حق ۽ آزاد حياتي ختم ڪرڻ يا پابندي ۾ اچڻ وسيلي ئي ٿي سگھيو پئي، هن ٺاهه وسيلي قانون ۽ اقتدار جا اختيار هڪ يا ڪجھ ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا. ڪجھ مفڪرن جو خيال آهي ته هڪ  ئي ٺاهه جي نتيجي ۾ سماجُ ۽ سياسي تنظيم ٺهي ۽ ڪجھ جو خيال آهي ته پهريائين ماڻهن پاڻ ۾ ٺاهه ڪري سماج  ٺاهيو، ۽ پوءِ ٻي ٺاهه وسيلي رياست ۽ اقتدار خلقيو. ان ٺاهه جي ڪري حاڪم ۽ محڪوم وجود ۾ آيا ۽ فطري آزادي بدران شهري آزادي، ۽ فطري قانون بدران شهري قانون وجود ۾ آيو، ۽ حاڪم جو فرض هو ته هر ماڻهوءَ جي حياتيءَ، ملڪيت  ۽ عزت جي حفاظت ڪري. جيڪڏهن رياست ائين نه ٿي ڪري ته اها ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري ماڻهو به پابند نه هوندا ته حڪمران، قانون ۽ رياست جو احترام ڪن.

هن نظريي جي تنقيد ۾ ڪيترائي رايا موجود آهن، جن مان ڪي وڌيڪ اهم هي آهن:

تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن به ٺاهه جو ثبوت يا شاهدي نه ٿي ملي تنهن ڪري اهو غير تاريخي ۽ هڪ افسانو آهي. رياست ته قبيلائي سرداري کان بدلجي بادشاهت ۽ سلطنت جي شڪل ورتي آهي. ٻيو ته اهڙو ڪو به دور نه ٿي گذريو آهي جنهن ۾ هر فرد ٻي کان ڌار ٿي رهيو هجي، جنهن ڪري کيس ٺاهه ڪري سماج ۽ رياست ٺاهڻي پئي هجي. ماڻهو ته ٽولن ۽ گھراڻن جي صورت ۾ رهندو هو ۽ وٽس ايترو شعور ئي نه هو، جو سماجي ٺاهه جھڙو اهم ڪري سگھي ٽيون ته اها ڳالهه نفسياتي لحاظ کان به غلط آهي. ها بس، ماڻهوءَ کي انتهائي وحشي ڪري پيش ڪري ٿو. چوٿون ته عقلي ۽ منطقي دليلن موجب به اهو پورو نه ٿو بيهي ـــ فطرت ۾ اهڙو ڪو به ثبوت نه ٿو ملي ته هر ماڻهو جو هڪ جيترو درجو آهي، يا فطري حالت ۾ اهو آزادي ۽ بي فڪر هو يا طاقت وسيلي سڀ ڪم ٿيندو هو. هن ٺاهه ۾ ائين ٿو لڳي ته رياست جي ابتدا رضا خوشيءَ سان ٿي آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اها جبر وسيلي قائم ٿي هئي.

هن نظريي ۾ ڪيترا ئي پاسا ساراهه جوڳا به آهن. تاريخي طرح ڀلي هي نظريو غلط هجي، پر فلسفيانه طرح هن ۾ حقيقت آهي. هي نظريو خدائي (رباني) ۽ زوراور نظرين کي رد ڪري ٿو، رياست کي انساني تخليق سڏي ٿو، بادشاهه کي جوابدار بنائي عوام جي عدالت ۾ آڻي ٿو، ۽ ماڻهن جي حقن کي مڃيندي، انهن جي تحفظ جي گھُر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هيءُ نظريو عملي طرح جمھوريت جي پاسي وٺي وڃي ٿو، جتي قانون جي حڪومت آهي، قانون عوام جي رضا سان ٺهي ٿو ۽ هر هڪ قانون جي آڏو جوابدار آهي.

پيءُ ـــــــ آدرشي نظريو

ابوي، پدرسَري، پيءُ وارو، پيٽريئارڪل  يا پيءُ ـــــ آدرشيءَ مان مراد خاندان جي هڪ اهڙي تنظيم آهي، جنهن ۾ ڪٽنب جي سڀني ماڻهن ۽ ملڪيت تي پيءُ يا سڀ کان وڏي مرد جو مڪمل اختيار هجي ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ به مرد کي مڪمل بالادستي هوندي آهي. اهڙو سماج اڄ به پاڪستان ۽ ٻين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿوري ڦيرڦار سان موجود آهي.

سر هنري مين هن نظريي جي ابتدا ڪندڙ مان آهي. هن جي خيال موجب ابتدائي تاريخ ۾ ماڻهو ابوي قبيلن جي صورت ۾ رهندو هو، جنهن ۾ گھر جي وڏي مرد کي سڄي گھر تي هر طرح مڪمل اختيار مليل هو. تنهن ڪري هو ڄڻڪ هڪ حڪمران به هو. جڏهن گھراڻو وڌي ڪيترن ئي قبيلن تي پکڙجي ويو، ته انهن جو وڏو، سڀ کان وڌيڪ جھونو مرد پئي ٿيو ۽ سڄو قبيلو سندس راڄ. جڏهن قبيلا بدلجي قومون ٿيا ته قبيلي جو سردار به چونڊجڻ بدران، موروثي طرح بادشاهه ٿيڻ لڳو،  اهڙيءَ طرح رياست ۽ بادشاهت وجود ۾ آئي. هو مقتدر اعليٰ هو، هن جي زبان مان نڪتل لفظ قانون هئا، هو سڀ کان مٿاهون هو تنهن ڪري خدا يا خدا جو نمائندو ٿي اڀريو. هو ئي شرپسند ماڻهن کي سزا ڏيندو هو ۽ امن پسند ماڻهن جي حقن جي حفاظت ڪندو هو. (اها ٻي ڳالهه آهي ته وٽس ”شرپسند“ ۽ ”امن پسند“ جي تشريح ڪهڙي هئي!) انهن خيالن کي هنري مين ”قديم قانون“Ancient Law  ۽ ”ادارن جي ابتدائي تاريخ“ Early History of Institutions  ۾ بيان ڪيو آهي. پنهنجي نڪتهءِ نظر جي حمايت ۾ هو قديم روم، يونان، اسان جي ننڍي کنڊ ۾ برطانيا جا ڪيترائي مثال پيش ڪري ٿو.

هن نظريي جي هڪ خوبي هيءَ آهي ته هي رياست جي ابتدا ۽ ارتقا کي رڳو هڪ حقيقت تي بيهاري ٿو ته گھراڻو، مرد ۽ مائٽي تي ٻڌل آهي. پر ان ۾ خامي اها آهي ته رياست کي رڳو هڪ ئي ڳالهه وسيلي بيان ڪري ٿو، جڏهن ته رياست جي ارتقا هڪ عنصر وسيلي بيان نه ٿي ڪري سگھجي، ڇو ته رڳو ان نه، پر ٻين به ڪيترين ئي عملن جو ان ۾ حصو آهي. رڳو پيءُ جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته پيءُ ، پيار محبت جو سرچشمو آهي ۽ بادشاهه جا اختيار جبر ۽ طاقت تي ٻڌل آهن. ان سان گڏ اهو به آهي ته پدرسري (ابوي) گھراڻي کان اڳ اموي گھراڻو قائم هو.

ماءُ ـــــــ آدرشي نظريو

اڻويهين صديءَ ۾ ئي اهو ممڪن ٿي سگھيو ته قديم سماج جو گھرائيءَ سان اڀياس ڪري سگھجي. اهڙيءَ طرح هڪ بلڪل نرالي سماج جي کوج ڪئي وئي، جنهن کي اموي، مادرسري، ماءُ ــــ وارو، ميٽريئارڪل يا ماءُ ــــ آدرشي سماج سڏجي ٿو. هن نظريي کي کوجيندڙ ۾ سيڪلينن جي تصينف ”ابتدائي سماج“ ( Primitive Society) مورگن جي تصنيف ”قديم سماج“ Ancient  Society  فريڊرڪ اينجلس جي تصنيف ”گھراڻي، ملڪيت ۽ رياست جي ابتدا“(The origin of Family, Private Property and State) ۽ ايڊورڊ  جينڪس جي تصنيف ”سياست جي تاريخ“ (A History of Politics) ذڪر لائق آهن. هن سماج جا سوين مثال اڄ به موجود آهن ۽ ڪجھ عرصو اڳ تائين ته تمام گھڻا هئا.

قديم ترين سماج ۾ جڏهن اڃا ماڻهن کي مستقل شاديءَ ۾ گھراڻي جي ڄاڻ نه هئي، ٽولا جنسي بنيادن تي ٻڌل هئا ۽ ڌڻ جي شڪل ۾ شڪار جي ڳولا ڪندا رهندا هئا، هر هڪ ڌڻ جو پنهنجو سڃاڻپ نشان ڪنهن نه ڪنهن جانور يا وڻ جي صورت ۾ موجود هو، جنهن کي ٽوئيم (Totem) سڏجي ٿو. جيڪڏهن اهو ڌڻ ڪنهن ٻي ڌڻ سان ملي ويندو هو، ته ٻنهي ڌڻن جا مرد ۽ عورتون هڪ ٻي سان جنسي لاڳاپا قائم ڪندا هئا. ان ڪري جيڪي ٻار ڄمندا هئا، انهن کي ماءُ جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ ٺيڪ ان ڪري وراثت ماءُ جي حوالي سان مقرر ٿيندي هئي، تنهنڪري ان کي ماءُ  ـــــ آدرشي سماج سڏجي ٿو. ان جا مثال آمريڪا، آفريڪا، ڏکڻ هندستان، ملايا ۽ آسٽريليا ۾ گھڻا ملن ٿا ـــــ جڏهن ان قديم زماني جي ماڻهن هٿيار ايجاد ڪيا، زراعت ۽ جانورن جي پالنا ڪئي ته ماءُ وارا رشتا ڪمزور ٿيا ۽ انهن جي جاءِ پيءُ وارن (پيءُ آدرشي) رشتن ورتي ۽ عورتن جي حيثيت گھٽجي وئي.

هن نظريي وسيلي رياست کان وڌيڪ سماج جي تشريح ٿئي ٿي.

تاريخي يا ارتقائي نظريو

رياست جي ابتدا جي تشريح جيتوڻيڪ رباني، زوراور، سماج ٺاهه، پيءُ ــــ آدرشي ۽ ماءُ ـــ آدرشي نظرين وسيلي ڪئي وڃي ٿي، پر هر هڪ ۾ ڪجھ سچائيءَ گڏ سان ڪيتريون ئي ڪچايون به آهن. تڏهن ته گارنر چيو هو ته رياست نه ته خدا جي تخليق آهي، نه طاقت جي، نه سماجي ٺاهه وسيلي پيدا ٿي ۽ نه ئي خانداني رشتن وسيلي ـــ تنهن ڪري اهو راز تاريخ ۾ ڳولڻ گھرجي.

تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته رياست جون پاڙون پنجن شين ۾ لڪل آهن : (1) مائٽي يا سڱابندي (2) جادو ۽ مذهب (3) ملڪيت ۽ معاشي قوتون (4) جنگ ۽ جبر (5) سياسي سمجھ.

1 ـــــــــ مائٽي يا سڱابندي:

رياست جي بنيادي خصوصيت ان جي تنظيم ۽ اختيار آهن. رياست حڪم ۽ اطاعت سان قائم ٿي آهي. قديم ترين زماني ۾ رڳو رت جو رشتو ئي هو. جيڪو ماءُ ــــ پٽ کان شروع ٿي ڪٽنب تائين پهتو ۽ پوءِ پيءُ ــ پٽ جي ناتي کان ٿيندو قبيلي تائين پهچي ويو. ان مائٽيءَ مضبوط ۽ منظم سماج قائم ڪري، رياست جي ابتدا ۽ ارتقا ۾ اهم ڪردار ڪيو.

2 ــــــ جادو ۽ مذهب:

مائٽيءَ سان گڏ شڪار لاءِ ڪيل سانگ ۽ ناٽ (جنهن پوءِ جادو ۽ جادوگريءَ جو روپ ورتو) به وڏو ڪردار ڪيو. قديم زماني ۾ ماڻهن کي قدرتي قانونن ۽ قوتن جي ڄاڻ نه هئي. جادوگر قبيلي جا سردار يا نمائندا ٿي ويندا هئا. مختلف مذهبن جي پوئلڳن به ماڻهن جي نمائندگي پئي ڪئي. اهڙيءَ طرح سماج ۾ عقيدن، خيالن، رسمن، رواجن، جي هم آهنگي پکڙي، مذهب جي بنياد تي ئي ڪيتريون رياستون به ٺهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org