سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

باب :1

صفحو :7

گھڻيون سياسي پارٽيون ووٽ وٺڻ ۽ چونڊون کٽڻ لاءِ هر قسم جو جائز ۽ ناجائز حربو ڪتب آڻن ٿيون. ڪوڙ، مڪر ۽ ٺڳيءَ کان ڪم وٺن ٿيون. ڪوڙي پروپيگنڊا جو ايڏو ته گوڙ هوندو آهي جو سچ ۽ حق وساريو ويندو آهي ۽ پروفيسر بارڪر جي چوڻ موجب ”جيڪڏهن سڀ ڪجھ نظرن آڏو رکيو وڃي ته جمهوريت ڪجھ اهڙن جوڙ توڙ ڪندڙ جي حڪمراني لڳندي آهي. جيڪي وڏي هوشياريءَ سان پنهنجي حق ۾ وڌيڪ ووٽ وٺي وڃن ٿا.“

9. جمهوريت جٽادار حڪومت نه هوندي آهي:

سر هنري مين جي راءِ آهي ته جمهوريت ۾ انبوه ۽ ميڙ واري ڦڙڦوٽ پکڙيل هوندي آهي فوجين جو غلبو هوندو آهي ان ڪري اهي ماڻهو جڏهن چاهن حڪومت جو  تختو اونڌو ڪري ڇڏن ٿا. ان ڪري جمهوريت وقتي شيءِ آهي. گذريل ڪجھ سالن ۾ اڻڳڻ ڏيهن ۾ جمهوري نظام کي فوجي ۽ سياسي بغاوتن ختم ڪري ڊڪٽيٽري جي پاڙ رکي.

10. جمهوريت جنگ ۽ گھوٽالي جي ڏينهن ۾ هيڻي هوندي آهي:

جيئن ته جمهوريت بحث مباحثي ۽ راءِ جي حڪومت هوندي آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ان ڪري جمهوريت  گھوٽالي ۽ جنگ جي صورت ۾ ترت فيصلن ۽ گڏيل راءِ تي نه ٿي پهچي ۽ جنگ هارائي ويهي ٿي جنهن ڪري ڊڪٽيٽري جو بنياد پئجي وڃي ٿو. اهو به اعتراض ڪيو ويندو آهي ته جمهوري نظام ۾ قانون جوڙيندڙ اسيمبلي ته رڳ ”ڊاڙ ڊُوش جو ڪان“ هوندي آهي، جتي ماڻهو نشستند و گفتند و برخاستند ( ويٺاسون ۽ ڳالهايوسون ۽ اٿي وياسون) جي چوڻيءَ جيان ڊاڙون ڊوش هڻندا ۽ هليا ويندا آهن ۽ سياسي ۽ قومن مسئلن جو ڪو به حل يا نبيرو نه ڪيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ ڊڪٽيٽري ۾ ڊڪٽيٽر هر مسئلي ۽ معاملي جو پاڻ هڪدم فيصلو ڪري عمل شروع ڪندو آهي. ان ڪري لارڊ بائرن چيو ته ”جمهوريت ڊڪٽيٽريءَ کان سدائين ٻه سال پوئتي رهندي آهي.“

سنڌ ۾ ماڻهو

ايم ايڇ پنهور  سنڌيڪار: محبت ٻرڙو

 

پاٿز  ڄمار کان نوپهڻي تائين

جھوپهڻي (Palaeolithie) ڄمار، جنهن کي پاٿر ڄمار (Stone Age) يعني پٿر جي وکرن وارو زمانو پڻ سڏيو وڃي ٿو، پنهنجن وکرن ۽ وقت جي حوالي سان هن طرح ڦانڊي وڃي ٿي:

10 لک ــــــــ 1 لک ورهه ق م

اوائلي جھوپهڻي ڄمار (Early Palaeolithie Age).

هن ڄمار کي پراڻي پاٿر ڄمار ((Old Stone Age يا هيٺين پاٿر ڄمار (Lower Stone Age) پڻ سڏيو وڃي ٿو.

1 لک ـــــــــ 40 هزار ورهه ق م

وچين (Midlle) جھوپڻي ڄمار.

     هن ڄمار کي وچين (Middle) پاٿر ڄمار پڻ سڏيو وڃي ٿو.

40 هزار ـــــــــــ 10 هزار ورهه ق م

ديرائت (Late) جھوپهڻي ڄمار.

هن ڄمار کي ديرائت (Late) پاٿر ڄمار يا مٿئين (Upper) پاٿر ڄمار پڻ سڏيو وڃي ٿو.

انساني سيبتا (Human Civilization) واري زماني کي هن طرح ڦانڊيو وڃي ٿو:

10 هزار ـــــــ 5 هزار ورهه ق. م

وچپهڻي (Mesolithic) ڄمار.

(وچپهڻي ۽ وچين پاٿر ڄمار ۾ فرق کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي)

750 ــــــــــ 3000 ورهه ق م

نوپهڻي (Neolithic) ڄمار

3770 ورهه ق م کان شروع

ٻنگارپهڻي (Aeoenlichic) يا ٽاماپهڻي (Chalkolithic ) ڄمار 1400 ورهه ق م کان شروع لوهي ڄمار (Iron Age)

(ٻنگارپهڻي ۽ لوهي ڄمار پاٿر ۾شامل نه ٿو سمجھيو وڃي)

(ڌرتيءَ ڄمار جي حوالي سان وقت کي جن مدن ۾ ورهايو وڃي ٿو انهن مان آخري/ پوئين/ هلندڙ وڏي ــ مدي واپَل (Period) کي چاريت (Quaternary) سڏجي ٿو. جيڪو ٻن نسبتا ننڍن مَدن ڀاپلن (Epochs) ۾ ورهائي، پهرئين ڀاپل کي ججھروپ (Pleistocene) (1 ) * ۽ ٻئي (پوئين، هلندڙ) ڀاپل کي سڀروڀ (Holocene) (2)* سڏيو وڃي ٿو. پوڄاڻي (Geological) ڪئلينڊر جي حوالي سان سڀروپ ڀاپل (HoloeeneEloch) ۽ انساني سيڀتا جي حوالي سان وچپهڻي (Mesolithic) ڄمار جي ابتدائن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ساکيات (Contemporary) سمجھيو وڃي ٿو.)

ماڻهو (Human Being) جن ساهوارن (Livings) جانارن (Animals) جي ڊگھيءَ قطار مان اسري اڄوڪي منهن مهانڊي، هڏ ڪاٺ ۽ ذهني ڏات ڏاهپ کي پهتو آهي، انهن جانارن مان ڪجھ جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو؛

 *(1) ججھروپ (Pleistocene)

ججھ= ججھو + روپ = صورت

Pleistos (پلئيسٽو( = ججھو + Kainos (ڪائنو) Cene (سين) = تازو (روپ) مولسڪ (molluse ) نالي جاندارن جي ملندڙ پاهڻيل (fossilized) وجودن جي حوالي سان سڏجندڙ،  جيڪي هن دور جي ٽاڪرو پرتن ۾ جھجھيءَ ڳڻپ ۾ ملن ٿا.

جھجھروپ جي ابتدا 10 لک ورهيه اڳ ٿئي ٿي ۽ 10 هزار ورهه ق م ڌاري ختم ٿئي ٿي. (ڪي عالم ان جي ابتدا 20 لک ۽ ڪي 70 لک ورهه اڳ مقرر ڪن ٿا.)

*(2) سڀروڀ (Holocens)

سڀ = هڙئي، مڙيوئي، +روپ = صورت

Holos (هولو) = سڀ+ Kainos (ڪائنو) Cene (سين)= تازو (روپ).آخري بارفائپ  (  (GLACIATTONيعني  پوئين برفاني ڄمار (Lcc Age ) پا بارفي دور (Glacial Period) سان لڳ ڀڳ ساکيات ۽ پوڄاڻي ڪئلينڊر ۾ سڀ کان پويون، تازو عرصو.

سڀروڀ جي ابتدا لڳ ڀڳ 10 هزار ورهه ق م ڌاري ٿي ۽ اڃا سوڌو هلندڙ آهي.

*(3) ڀوڄاڻ (Geology)

ڀو = ڀونءِ. ڌرتي+ ڄاڻ = علم يعني ڌرتيءَ  (يا ڌرتيءَ جي کل) ۽ ان جي تاريخ سان واسطيدار سُڄاڻ (Science). جنهن سان گڏ مخصوص دورن ۾ واسطيدار وڻن ٻوٽن ۽ جناورن جو ذڪر آهي.

Geo (جي)= ڌرتي+ LOGOS (لاگو)= علمي بحث/ ڀوڄاڻي= ڀوڃاڻ سان واسطيدار

1. ڏکڻپائدر/ آسٽزالو پٿيڪس (Australopithecus )

50 لک  ــــــــــــ 1 لک 20 هزار ورهه ق م تائين موجود هو. باندر جھڙي جانار جو هيءُ  قسم مختلف نمونن جا اوائلي پاٿر وکر ڪم آڻيندڙ ماڻوت (  Hominidهومينڊ، ماڻهوءَ سان ڪي قدر مشابهت رکندڙ) هو پٿر جا قدرتي طرح ملندڙ يا ٺهي پيل اهڙا ڳوڙها ڳنڍا جيڪي شڪاري وکر طور ڪم آڻي سگھجن. انهن کي ڏاکڻياندر 30 ــ لک ـــــــ 10 لک ورهه اڳ تائين ڪم آڻيندو رهيو. انهن پاٿر وکرن سان گڏ ڪي هڏاوان وکر به سندس واهپي ۾ هئا. هو مختلف قسمن جي سوئرن ۽ هرڻن جو شڪار ڪندو ۽ هت هُتِ (جتي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش ممڪن ٿي سگھي) رلندو رهندو هو. هن مدي کي پاٿر ڄمار جي باک يا باکپهڻي (Eolihic) ڄمار به سڏجي ٿو. ڏاکڻباندر جا آڳيلا (Predecessrs)،  جيڪي اڳ ۾ ظاهر ٿيا يا آيا هجن) راما باندر (Ramapithcus) ۽ اڳ ٻول مانس (Pre _ singanthropus) آهن. راماباندر جا هڏا انڊيا جي سوالڪ ٽڪرين مان لڌا ويا ۽ 1 ـــــ ڪروڙ ۽ 40 ڪروڙ ورهه آڳاٽا سمجھيا وڃن ٿا، ۽ پوٺوار (پوٺوهار) مان لڌل پاهڻيل هڏن جي ڄمار 1 ــ ڪروڙ کان 80 لک ورهه آڳاٽي ڪٿي وئي آهي. راماباندر ۽ اڳ ٻول مانس وکر ڪم نه آڻيندا هئا. ۽ گھڻي ڀاڱي مختلف وڻن جي نرم، پاڙن، گلن، مکڙين، ميون، ٻوٽن، ماکيءَ وغيره تي گذارو ڪندا هئا.

4. ماڻو اڀير/ هومو اريڪٽس (Homo Erectus)

ماڻو اڀير 12 لک ـــ 10 لک ورهه اڳ تائين واري مدي دوران موجود ماڻو اڀير واري سٿ ۾ هيٺ ڄاڻايل انساني قسم موجود هئا:

جاوا ماڻهو (Jeva man): 5 ــــ لک 15 هزار ـــــــ 3 لک 50 هزار ورهه ق م.  پيڪن/ پيڪنگ ماڻهو (Peking man): 4 لک 50 هزار 4 لک ورهه ق م، ماريطاني ماڻهو (Mauritanieus man):

هينڊلبرگ ماڻهو (Hideiburhg man) وغيره.

اهي سڀ 3 ـــ لک ورهه اڳ تائين موجود هئا ۽ هٿ ٺهيا ڪهاڙا، ڪاٽڪ ڪٽيندڙ (Cutting) اوزار ۽ پٿر جا ننڍا ننڍا ڳنڍا وکر طور ڪم آڻيندا هئا. انهن جي ميڄاڳ (ميڄالو+ اڳيون.cerebrum، وڏو مغز. ميڄالي جو مٿيون ۽ اڳيون وڏو حصو) جو مقدار ڏاکڻباندر جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو هو. سوانسڪومب (Swanscmbc) ۽ سٽائينهيم (Sticnheim) ماڻهن (2 لک 50 هزار ورهه ق م) جو مغزي خانو هاڻوڪي ماڻهوءَ جي مغزي خاني (کوپڙي) جيترو (15 سو ڪيوبڪ سينٽي ميٽر) هو. ماڻهو اڀير کان ترت پوءِ ذات ماڻهو سڌيت (Homo Speus) هومو سئيپينز) هو جيڪو 4 لک کان 1 لک 80 هزار ورهه ق م ۾ اڳ تائين واري مدي دوران کيڏندو  ڪڏندو رهيو پر گھڻا ماهر سوانسڪومب ۽ سٽائينهيم کي ماڻو (ڀير جي جٿي ۾ ڳڻن ٿا. ماڻو اڀير وٽ آڱريون ڪتب آڻڻ جي ڏات، ڳالهائڻ جي سگھ ۽ سوچڻ جي سرت اسان جي ڀيٽ ۾ گھٽ هئي پر پڪ آهي ته سوچي سگھندو هو. هوُ ڏاکڻباندر جي ڀيٽ ۾ سٺو ۽ سڌريل وکر ٺاهي سگھندو هو ۽ انهن جي واهپي کان چڱي طرح واقف هو. هو باهه کان واقف ٿي چڪو هو ۽ سادڙن اوائلي ڪاٽڪ وکرن کان ترقي ڪري ان ڏاڪي تي پهتو هو جو جو کهرو (مڏو سڏو) ڪهاڙو ٺاهي، سگھي، جنهن جي واهر سان وڏن وڏن جانورن جو شڪار ڪري سگھندو هو. ان سان گڏ ڳالهائي  باهه ٻاري سگهڻ جي ڪري شڪار لاءِ سِٽا رٿي تيار ڪندو هو. مثال طور، ڪنهن گج (هاٿيءَ) جي پٺيان ۽ پاسن کان باهه ڪنهن ڄاتل هڪ پاسي ڊوڙايو ويندو هو جنهن پاسي وڏا وڏا. پڪڙ گڏا (Pit falls) موجود هوندا هئا، جن ۾ اهو ڪِري اڙجي پوندو هو.

باهه جي واهپي جا سڀ کان آڳاٽا آثار 4 لک ورهه پراڻا آهن.

3 ـــ ماڻو سڌيت/ هومو سئيپينز (Homo Sapiens)

ماڻو سڌيت واري سٿ ۾ هيٺ ڄاڻايل انساني قسم موجود هئا:

نيئيندرٿل ماڻهو (Ncaheethal man)

روڊيشيا ماڻهو (Phodesi man)

ڪرومئگن ماڻهو (Cro magnon man)

ماڻهوسڌيت 1 لک کان 35 ــــ هزار ورهه ق م اڳ تائين موجود رهيو جيڪي ججھروپ جي پڄاڻيءَ وارا ڏينهن هئا. هن سڌريل هٿ ڪهاڙي جھڙا وکر ٺاهيا. ماڻو سڌيت ميڄاڳ (Cerbrun) جو مقدار 1450 ڪس (ڪيوسڪ سينٽي ميٽر) هو. ڳالهائڻ جي سگھ سڌاري ۽ وڌائي چڪو، قدرتي باهه واپرائڻ جو عمل جاري رکندو آيو ۽ سادو سودو اجھو، جھپو جوڙي رهڻ لڳو.

وچين جھوپهڻي ۾ ماڻو سڌيت جا مثال آهن:

* اوائلي Early نيئيندر ٿل ماڻهو: 1 لک ـــــ 70 هزار ورهه ق م

* ديرائت Latc نيئيندر ٿل ماڻهو: 70 هزار ــــ 25 هزار ورهه ق م

نيئيندر ٿل ماڻهو ماڻو سڌيت جي ڀيٽ ۾ ماڻو اڀير کي وڌيڪ ويجھو هو. هن کي باهه تي ڪنٽرول هو ۽ اها گھرج خواهش مهل ٻاري سگھيو ٿي. جانورن جو چم/ڇوڙو سبي تنبو ۽ پٿراڻيون ٺاهي سگھندو هو. تنبوءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪاٺ جون ڪي گھربل شيون به گھڙي سگھيو ٿي. هن جھوپا به ٺاهيا ٿي ته گفائن ۾ به رهندو هو. هن موت کان پوءِ واري حياتيءَ ۾ ڀروسو رکيو ٿي ۽ هڏن تي اڪر  جو ڪم ڪري سگھندو هو.

مٿيون جھوپهڻي ماڻهو  (Upper palaeolithic Man)

هو 35 هزار کان 10 هزار ق م تائين موجود رهيو. هن بابت پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته هڪ جديد ماڻهو هو. جيڪو 15 هزار ورهه ق م ڌاري پنهنجي انتهائي سڌريل سطح کي پهتو. هن ئي قبيلائي سرشتو پيدا ڪيو. (ياد رهي ته قبيلائي سرشتي جي رواج کان اڳ واري سڄي مدي دوران انسانذات هڪ غير طبقاتي سماج ۾ گذاريندي رهي آهي، جنهن ۾ ڪو به معاشي، سياسي ڦرو طبقو يا ڦرجندڙ طبقو موجود نه هو. ڌرتي ۽ ان جا خزانا سڀني جي هڪ جھڙي ملڪيت هئا ۽ پورهيت  پنهنجي ڪل پورهئي جو مالڪ پاڻ هو. جيئن ته سڄي برادريءَ جو هر فرد، جيڪو پورهيو ڪري سگھي، پورهيو ڪندڙ هو تنهنڪري سڀني جي گڏيل پورهئي جو گڏيل مالڪ برادري ئي هئي جيڪا هر هڪ کي سندس گھرج آهر پنهنجا سمورا وسيلا مهيا ڪندي هئي. سنڌيڪار) ڪي 25 هزار ورهه اڳ نيئيندرٿل ماڻهو جي جاءِ ڪرومئگنن ماڻهو ولاري ۽ ٿي سگھي ٿو ته هن نيئيندرٿل ماڻهو کي ماري ڇڏيو هجي. ڪرومئگنن هاڻوڪن اينگلوسئڪسن (Anglo_ Saxon) ۽ اسڪيندينيوين (Scandinavian) ماڻهن جيان هو. هن جي کوپريءَ جي گنجائش هاڻوڪن يورپي ماڻهن جيتري هئي. انهن ماڻهن مختلف گفائن ۾ تصويرون چٽيون. ڪرومئگنن ماڻهن شڪار ڪرڻ لاءِ ڪوڙڪا۽ پڪڙ کڏا ٺاهيا ۽ لڪي گھات هڻي سگھندا هئا. هن جنن، ڀوتن، وهمن (وهمي، تصوراتي وجودن)، جادو، ٽوٽيم (Totem، ڪنهن قبيلي جو ان تائين محدود اهڃاڻي، وهمي، مقدس نشان ) ۽ ٽابو (Taboo، جن شين/ تصورن کي مقدس سمجھيو وڃي انهن بابت عقيدن وارو سرشتو) ۾ ڀروسو رکيو ٿي. هو هڪ سٺو فنڪار (Sculptor، نقاش، بت تراش، مجسمه ساز) ۽ وينجھار (Engraver، سخت سطح تي اڪر ڪندڙ) هو.

ماڻهوءَ جا سڀ کان آڳاٽا ڏرا (Ancestorc) باندرــــــ جھڙا ماڻوت (Hominids) هئا جيڪي 200 لک ورهن کان 40 لک ورهه  اڳ تائين واري عرصي ۾ ٿي گذريا آهن. انهيءَ باندر جھڙي ماڻوت جي ڄاڙيءَ جا هڏا 1930ع ۾ سوالڪ ٽڪرين مان لڌا ۽ انهن جھڙا ٻيا هڏا افريڪا ۾ به هٿ آيا. اهو ماڻوت يا ماڻهو جھڙو اتيمت (Primate، جانارن جي ان شاخ جو نالو جنهن جو آخري سرموڙ ماڻهو آهي.)راماباندر سڏجي ٿو ۽ ڏاکڻباندر جو آڳيلو (Predecessor) آهي، جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اڀو ٿي، ٻن پيرن تي گھمي سگھندو هو. سوالڪي جانوٽ (جانار جھڙو هر وجود، ننڍو توڻي وڏو. جيڪو ڪنهن مخصوص مدي يا علائقي ۾ ملي) سنڌ ۾ گاج ٽڪرين جي جوڙجڪ واري مدي سان ساکيات آهن. راماباندر ممڪن آهي ته سنڌ جي الهندين ٽڪرين ۽ جبلن ۾ گھميو گهتيو هجي پر ان ايراضيءَ ۾ هن جو پاهڻ (Fossil) ملڻ هڪ ڀاڳ چئبو.

راماباندر جي هڪ مڪمل هيٺين ڄاڙي ڪور ويجھو پوٺوار مان تازو ئي لڌي آهي.

جنهن کي 1 ــــ ڪروڙ 80 لک ورهه آڳاٽو چيو وڃي ٿو.

ڏاکڻباندر جون ٻه ذاتون آهن: ڏاکڻباندر ٻلوان

 (Australopithccus Robustus) ۽ ڏاکڻباندر افريڪي

 Africanus) (Australopithccus، جنهن کي ڪجھ وڌيڪ اسريل ڏاکڻباندر به سمجھيو ويندو آهي. پهريون قسم ڪجھ وڏو هو، وڌيڪ کهرو (بدمزاج، اڻگھڙيو) هو پوريءَ طرح ڀاڄين تي گذارو ڪندو هو. پويون قسم قد جو ڪجھ هلڪو هو ۽ گوشت تي گذارو ڪندو هو. پهريون نابود ٿي ويو ۽ وڏو امڪان آهي ته جديد ماڻهو جو وڏڙو نه هو پر ٻيو (پويون) يعني افريڪي پڪ ئي ماڻهوءَ جو وڏڙو هو. اڳيون (پهريون) پنج فوٽ ڊگھو. هو ۽ وزن 140 پائونڊ هوس ۽ ٻيو (پويون) چار فوٽ ڊگھو ۽ 100 پائونڊ وزن رکندو.[1]              

پنهنجي ءَ 35 ــ لک ورهي ارتقائي زندگيءَ ۾ گذاريل وقت جو 99.666 حصو ”ماڻهو“ جھنگلي پکين، ٻجن، ميون، ڪجھ قسمن جي اوڀر جي پاڙن ۽ ماکي تي گذارو ڪندڙ شڪاري ـــ ڪم ـــ کاڌو ميڙيندڙ  ٿي رهيو. آخري رڳو، 10 ــــ 12 هزارن ورهن دوران هو جانورن کي پالڻ لڳو ۽ پوکراهپ جي عمل ۾ داخل ٿيو جن موٽ  ۾وري سندن گذارڻ جي اوائلي ڍنگ  کي تبديل ڪري ڇڏيو. هو رڳو ان ننڍڙي مدي دوران پنهنجي اوائلي اوائلي ڍنگ کي تبديل ڪري  ڇڏيو. هو رڳو ان ننڍڙي مدي دوران پنهنجي اوائلي پاٿر، هاڏر ۽ ڪاٺر وکرن سان گڏ ڪي ٻيا ڌاتو ڪم آڻي سگھڻ لائق ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جسم جي سگھ سان گڏ ڪي ٻيا ڌاتو ڪم آڻي سگھڻ لائق ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جسم جي سگھ سان گڏ هڪ ٻي واڌو سگھ وڌائي سگھيو.

وکر ٺاهڻ لاءِ هر قسم جو پٿر ڪم نه اچي سگھندو آهي. ڌڳندڙ جبلن مان نڪرندڙ پاڳار (Lava، رجيل پٿرن جي ڳار) ۾ ملندڙ چقمقي اثر رکندڙ فلنٽ (flint، آڱار) پٿر ۽ اوبسيڊين (Obsidian، ڪانگار، ڪارو سڙيل پٿر). چرٽ (Chert) ۽ قئارٽزيو (Quartztie) اهي پٿر آهن جيڪي وکر/ اوزار ٺاهڻ لاءِ ڪم آڻبا آهن ڇو ته انهن جو ڦر (Blade) ٺهي سگھي ٿو. (جنهن جي ڌار ٺاهڻ سولي آهي.) ڪاٽڪ وکر ٺاهڻ لاءِ کهرا داڻيڪ (Granular) پٿر جيئن سماق (Granitc) بيڪار آهي.

ڏاکڻباندر پٿريلا وکر ڪم آڻيندو هو. هڪ گولائون يا اڀو/ بيضوي پٿر کي هڪ پاسي کان ڇليو ويندو هو ته جيئن ان کي چهنب/ چک/ اني/چوٽي يا ڌار ٺاهي سگھجي جيڪا گوشت ۽ ڀاڄين کي وڍي سگھي. سندس ٺاهيل وکر 35 لک ورهن ۾ انهيءَ سطح کان گھڻو مٿي اسري نه سگھيا.

ماڻو اڀير انهن ڏاکڻباندر جي ڀيٽ ۾ ڪجھ وڏا ۽ وڌيڪ مختلف شڪلين وارا ڪاٽڪ وکر ڪم آڻيندو هو. نه رڳو ايترو ته سندس وکر وڌيڪ سڌريل هئا  پر هن جٿن جي صورت ۾، سهڪار ڪندي، گڏجي ڪم پئي ته ڪيو جيئن وڏا جھنگلي جانور ـــــ گج (هاٿي)، گينڊو، نديائي گھوڙو، اٺ، جھنگلي سوئر، گھوڙو، جھنگلي سان (Bison)، روجھ، ڦاڙهو وغيره ماري سگھي. آخري ڏاڪن ۾ هن پٿر جي ڇِلهڙن (Flakcs) مان سهڻا هٿ ڪهاڙا گھڙي ورتا.

ماڻو سڌيت جي سلسلي ۾ چئي سگھجي ٿو ته نيئيندرٿل ماڻهوءَ هٿ ڪهاڙا، آڱار پٿر جا وکر، چهنبدار ڇيلها (Scrapers)، ٽڪنڊي ڦر وارا چاقو، مترڪا، ننڍا هٿ ڪهاڙا ۽ پٿر جا ننڍا ڳنڍا ڪم آندا پئي. وچين جھوپهڻي (1 لک کان 35 هزار ورهه ق م تائين) ڄمار دوران ئي شڪاري طريقو سڌري مٿاهين سطح تي پهتو ۽ عام زندگيءَ ۾ رهجي ويو. شڪار ڪرڻ ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاسائڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍا چيڙهالا طريقا آزمايا ويندا هئا.

مٿئين جھوپهڻي ۽ نوپهڻي جي وچ  وارو عرضي مدو ــــ وچيهئي ڏاڪو رڳو ڪي ڏهه ورهه اڳ شروع ٿيو. هوري هوري پوکراهپ جي ابتدا ٿيڻ لڳي. شڪارين ساڳيائي اڳوڻيءَ سطح وارا وکر ڪم پئي آندا پر هڏي ۽ سڱ جو واهپو وڌي ويو.

تير ڪمان پوريءَ طرح اسري، سڌري چڪا هئا. مڇي ماريندڙن ڪُنڍين (بگڙن)، سَوئن، ڊوڍين هڙهين ۽ ونجھن ارتن ((Paddles جي واهپي مڇي مار جي ڪم کي سولو ڪري ڇڏيو ۽ گولف ڪلب ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين علائقن ۾ نه زندگي گذارڻ جو ڍنگ ئي اهو ٿي پيو. گولف ڪلب ڪراچي ۽ ٺارو ٽڪرين مان مليل وکر ٻڌائن ٿا ته هيٺل سڌ ((Lower Snidh، لاڙ جا ماڻهو گھڻي قدر ان نموني مڇيءَ تي گذارو ڪندا هئا.


[1]  تازو ئي ڏاکڻباندر جي ٽين ذات به لڌي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org