چنيسرَ جان اک پَٽِي، ته ڏسي ته ڪؤنروءَ جي ڀر ۾
ستو پيو آهيان. پاڻ کي اهڙيءَ اڻ سهائينديءَ حالت
۾ ڏسي، ڏاڍي بڇان لڳيس. بستري تان لهي، ڪمرو ڇڏي
وڃڻ تي هو، ته مُرڪيءَ هڪلَ ڪري چيس ته ”سائين!
پنهنجي لانئن لڌيءَ کي ڇڏي ڪاڏي ٿا وڃو؟ ليلا ته
رات اوهان کي هارَ تي وڪڻِي ڦٽو ڪيو!“ پوءِ
مرڪِيءَ سارو سماچار ڪري ٻڌايس. ٻڌڻ شرط، ليلا دل
تان ڪِري پيس. ڪؤنروءَ جو اهڙو قربُ ڏِسي، مٿس
موهت ٿي پيو.
هِن روئداد جي خبر جڏهن ليلا کي پيئي، تڏهن گهڻيئي
ڪارُون وسَ ڪيائين، پر چنيسر کي نه آئڙيا. آخر
آسرو پَلي، ڏهاڳ جو ڏنءُ برسر ڪري، مائٽاڻي ملڪ
رواني ٿي. اندر ۾ اُهائي آس هيس ته ڪنهن ڏينهن
مڙيوئي چنيسرُ سندس مدايون ميٽي، کيس پناهه جو
پاند ڏيئي، وري به مٿس مِهِرَ جو هٿ ڌريندو، پر
ورهين جا ورهيه گذري ويا، چنيسر جي ورڻ جو پروئي
نه پيو.
سانگي سان، جکرو وزير جو مڱڻو ليلا جي مائٽن مان
ٿيل هو، جڏهن اُنهن کي ليلا جي ڏهاڳ جي پروڙ پيئي،
تڏهن سڱ ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيائيون. جکرو، جو محبت
جي ڪڙيءَ ۾ قابو هو، تنهن وڏا وَسَ ڪيا، پر مڱ جا
مائٽ پِڙُ ڪڍي بيٺا. لاچار جکرو ليلا وٽ لنگهي
ويو، ۽ وڃي ستايائينس، ليلا کي هن جي حال تي رحم
آيو. چيائينس ته ”جيڪڏهن چنيسر کي مون وٽ هڪوار
آڻيندين، ته ٻانهن مون کان لَهڻين.“ جکرو هيءُ شرط
قبولي ديول ڪوٽ موٽيو. چنيسر کي هٿ ادب جا ٻڌي،
عرض ڪيائين ته ”جئن وڻيوَ، تئن قدم رنج فرمائي،
مون مسڪين جي شاديءَ ۾ شريڪُ ٿي پنهنجو پاڻُ
ڀَلايو“، چنيسر سندس عرض اُونايو، ۽ ساٿ سان
سنڀري، ليلا جي ساڻيہَ ڏي روانو ٿيو. جڏهن ڄڃَ اچي
شهر کي اَوڏِي پهتي، تڏهن ليلا ۽ سندس سهيليون
اکڙيون ڪڍي، راڻي جي آجيان لاءِ ناچُ ۽ گانو
ڪنديون اڳتي وڌيون. ليلا جو نازُ ۽ نخرو ڏسي چنيسر
کيس سڃاڻڻ بنان مٿس موهت ٿي پيو. چيائينسِ ته ”اي
نازنين! گهونگهٽُ کولي، منهن ته ڏيکار، پڪ اٿم ته
جهڙو آوازُ مٺو اٿيئي، تنهن کان وڌيڪ منهن مٺو
هوندءِ!“ ليلا اکڙِي لاهيءَ چنيسر اڳيان نروارُ ٿي
بيٺي. هيءُ اوچتو چنيسر سهِي ڪينَ سگهيو. اگرچه
ظاهري طورَ، ليلا سان لاڳاپا لاهي ڇڏيا هئائين،
تڏهن به هن جي لنءُ ۽ لغارَ سندس دل ۾ هميشہ لڳل
هوندي هئي. هاڻي سندس رُوحَ اهڙو ريلو ڏنو، جو
اُتي جو اُتي پران ڇڏيائين. ليلا پڻُ هيءُ حالُ
ڏسِي، مورڇا ٿِي ڪرِي پيئِي ۽ مرِي محبُوبَ سان
ميلو ڪيائين.
نُورِي
نوري سمي گهراڻي جي ها ڪاري حاڪم ڄام تماچيءَ جي
ڏينهن ۾ ڪيِنجَھَر ڍَنڍَ تي ڪي مهاڻا رهندا هئا
کين نَڪِي ڪي مهاڻا رهندا هئا. کين نَڪِي ڪي
هُيُون اَڏيلَ جايون ۽ ني ڪي هُيون اَڏيلَ جايون ۽
نَڪِي ڪي هئا مال اَسبابَ. اٿڻ ويهڻُ، کائڻ پيئڻ،
سڀ هوندو هونِ ٻيڙين تي. مرد ماڻهو مَڏ مڪڙا موڙي
يا ٻانڌين تي ويهي، مڇيُون ماري، رڇن جا رڇ ڪلهن
تي ڍوئي، آڻي مياڻين تي ڍيرَ ڪندا هئا. مهاڻيون
وري مڇين کي کاريءَ ۾ کڻي، واٽن تي وڃي وهنديون
هيون، جتي انهن کي چيري، ٻيرا ٻيرا ڪري، گراهڪن کي
وڪڻنديون هيون. سندن ٻار نڌڻڪا ٿيو، سارو ڏينهن
لُڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ تُڙڳندا هئا. ڀلا جن جو رات
ڏينهن وهنوار ئي کِکِيُن سان، تن وٽ اڇائي اجرائي
ڪٿان آئي؟ اُٽلو وٽن گند جا گدام لڳا پيا هوندا
هئا. ڪير جو سندن ڀر ۾ بيهي سگهي؟ قضاني ڪنهن
ڪمبخت جو پاند سندن پاند سان لڳي ويو ته گُگُرُ
گُگُرُ پِنڊا اڙيا، بدبوءِ بنهه نه لهي. جهڙا هُئن
جسم گدلا تهڙا هئن هڏ هيڻا. مهانڊن ۾ اهڙا ڪارا ۽
ڪوجها هئا، جو ڏٺي ڪَرَهَتَ وٺيو وڃي. مگر وٽن هڪ
نينگر هئي، جنهن جي سونهن جي ڪهڙي ساراهه ڪجي! شڪل
شبيهه توڙي هلت چلت ۾ مهاڻي مور نه هئي، ويتر
انهيءَ ڪِنَ جي ڪُنَ ۾ امل ماڻڪ هئي. منهن مان
اهڙو نوراني حسن پيو بکندو هوس، جو کيس سڏيندا ئي
“نُوري“ هئا. ڄام تماچي شئل شڪار جو نهايت شوقين
هوندو هو. هڪ لڱا جيئن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، ڪينجهر ڍنڍ
جو سير پئي ڪيائين، تيئن اوچتو سندس نظر وڃي
نوريءَ تي پيئي. نوري جي نيڻن ۾ اهڙو ته ڪو ڪامڻ
هو، جو کيس ڏسندي ئي ڄام مورڇا ٿي ويو. جڏهن موٽي
محلات ۾ آيو، تڏهن هن کان ڪي به نه ٿي اُجهيو،
نوريءَ جي ناز اهڙو ته سجهائي وڌو هوس، جو ان کان
سواءِ کن به آرام نه ٿي آيس. آخر ذات پات جا وهم
ڦٽا ڪري، نوريءَ جي مائٽن کي سڏائي، کانئن سندس سڱ
گهريائين. مهاڻن جي ته الله ٻُڌي، سو وڏيءَ خوشيءَ
سان قبول ڪيائون. پوءِ ته شادمانا ٿي ويا. خزانن
جا دروازا کلي ويا. سون ۽ رپي جون رانديون لڳي
ويئون. هزارن جا هيرا ۽ لکن جون لعلون لُٽجي
ويئون. مهاڻن جو به بخت وري ويو. ڍلُون ۽ محصول
مڙئي معاف ٿي وين ۽ ساري ڪينجهر ڍنڍ مٿن امداد ٿي
ويئي. آخر ڄام نوريءَ جي ٻانهن ۾ ٻيڙو ٻڌي، آڻي
کيس راڻين ۾ راڻي ڪيو. محلات ۾ ساڻس ڏاڍا سَهجَ
ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته محبت ۾ اهڙو مستُ ٿي ويندو
هو، جو مورڇل کڻي بيهي مٿانئس هڻندو هو. وقتي ته
کيس ساڻ ڪري، ڪينجهر ۾ مڇيءَ جو شڪار پيو ڪندو هو.
نوريءَ کي ايڏي اوج تي ڏسي، وٽس سوين سلامي ٿي
ايندا هئا. خود سميون، جي مَنَ ۾ پيئون ڇِڄنديون
هيون، تن کي به سندس اڳيان نيچ نوائڻو پوندو هو.
پر اهڙو سهاڳَ هوندي به نوريءَ جو منُ نه وڌيو. جي
ناز هوس ته نياز جي به منجهس ڪَمِي ڪانه هئي. گيرب
۽ گاءَ جي ته بوءِ به ڪانه هيس. ڄام کي هميشه ائين
پيئي چوندي هئي ته ”آءٌ عيبن ڀري مسڪين مهاڻي
آهيان، پنهنجا وڙ ڪري مون نيچ کي نوازئو اٿيئي.
شال ڌڻي ڪندو، جو تنهنجو نينهنُ نتُ نيبَہُ
ٿيندمِ!“
چون ٿا ته هڪ ڀيري ڄام تماچيءَ جي دل ٿي ته نوريءَ
جي نياز ۽ نئڙت جي پرک لهان، سو حويليءَ تي چوائي
موڪليائين ته ”اڄ شام جو سڀيئي سهي سنڀري ويهجو،
پوءِ آءٌ اوهان مان جنهن کي چتَ چاهيمِ تنهن کي
پاڻ سان گڏ گاڏيءَ چاڙهي گهمائڻ وٺي هلندس.“ هيءُ
نياپو سُڻي، سميون سينڌ سرما ڪري، پاڻ کي سينگاري
ويٺيون، ۽ هرهڪ ائين پئي سمجهيو ته ڄام مون کي
نوازيندو. نوريءَ نڪو ڪيو هو هارُ، نڪو سينگارُ،
اُٽلو پنهنجو اباڻو وڳو اوڍي، نماڻي ٿي ويهي رهي
هئي. ڄام مقرر ڪيل وقت تي حويليءَ اندر گهڙي آيو.
سميون اوچا ڳاٽ ڪري، سندس آجيان لاءِ اڳتي وڌيون ۽
ناز نخرا ڪري کيس ريجهائڻ لڳيون، پر وريو ئي ڪين.
نوري ته ڪنڌ هيٺ ڪري، نهٺائيءَ سان پئي نهاريو.
ڏسڻ شرطِ ڄام وڌي وٽس ويو، ۽ ٻانهن کان وٺي وڃي
گاڏيءَ ۾ چاڙهيائينس. رات جو جڏهن گهمي ڦري گهر
موٽيا، تڏهن سڀني راڻين جي روبرو کيس پنهنجي پَٽَ
راڻي پڌرو ڪيائين.
پنهنجو بُڻُ ياد ڪري، نوريءَ کي هميشه اُڊڪو رهندو
هو ته ”متان ڄام تماچي ڪنهن وير مون تان چِتُ
کڻِي، وري وڃي سمين راڻين سان چاههُ رکي!“ اِنهيءَ
ڪري پنهنجي سهاڳَ تي باور بِنِہِ نه ڪندي هئي ۽
سدائين نماڻي ٿي، ڄام کي پئي ٻاڏائيندي هئي.
اهڙيءَ ريت، انسان کي به، پوءِ ڀل ته هو خدا جو
ڪهڙو به لاڏلو هجي، هردم آزِي نيازِي ڪرڻ جڳائي.
سِنڌُو
مان اُنهيءَ عظيمُ ماءُ، مانسرور ڍنڍ، جي ڄائي
آهيان، جيڪا لافاني هماليي جي عظيم پهاڙن ۽ اُنهن
جي آسماني چوٽين جي وچ ۾، اَدَ کان وٺِي، هڪ بي
انت سوچ ۽ ويچار جي دنيا ۾ گمُ رهندي پئي آئي
آهي. اهي شاهاڻا پهاڙ منهنجي ان مانائتيءَ ۽
ماٺيڻيءَ ماءُ جي حفاظت ڪن ٿا، جتي هر شيءِ خاموش
آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڀُڻڪ ڪانهي، جتي حسن ۽
حيرت، اثر ۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي هڪ
گنڀير، دل ڏاريندڙ، ڀيانڪ دنيا آهي، قدرت جي هڪ
لاجواب ۽ لازوال چترڪاري آهي! ان جي نوراني نرملتا
ايڏي ته آب تاب ۽ اثر واري آهي، جو خود مان، سنڌو،
پڻ اتان کسڪي وڃان ٿي ته مان قدرت جي هن بيچون ۽
بيمثال نظاري جي بي عيب جڙت ۽ بناوت کي ڦٽائي نه
وجهان! پوءِ مان زندگيءَ جي روح کي پنهنجي ساهه
سان سانڍيندي، رستي جي هيٺانهين مٿانهين، جبلن ۽
ٽَڪرن، چُرُن ۽ غارن مان ڇلانگ هڻندي، وڏيون وڏيون
ٻرانگهون ڀريندي، ٽپندي ۽ ڪُڏندي، نڪري ٻاهر
ميدانن تي نروار ٿي ٿيان! برف جي ڇِپُن ۽ پهاڙن،
جهنگن جهرن، ٻيلن ۽ چراگاهن، وڻراهن ۽ وڻڪارن جي
وسيع ميدانن ۽ پَٽَن مان، اُسَ ۽ ڇانوَ مان، ڪڏهن
تيز ۽ تڪڙي، ڪڏهين ماٺيڻي ۽ آهستي، ڇِپُن کي
ڀَڃندي، پٿرن کي لوڙهيندي، ڊاهيندي، ۽ ٺاهيندي
نيست ۽ نابُود ڪندي ۽ وري جياريندي، لهرين پويان
لهريون هڻندي، پکڙجي ۽ ملڪن کي پائيندي، موجون
ماريندي، وڌندي وهندي وڃان ٿي! مان آهيان ”سنڌُو“
جيون جي نشاني ۽ زندگيءَ جي علامت!
پنهنجي هن جوکائتي سفر ۾، مان پيلي پوشاڪ پهريل
ڌرماتما لامائن کي هماليي تي، معصوم ۽ اٻوجهه
ڪشميري ڪنئارين کي پنهنجا ڌڻ چاريندي، ماکيءَ کان
مٺڙين هيرن کي پنهنجن رانجهن لاءِ ڏوهيڙا ڏيندي،
صوفين ۽ سنتن کي وڇوڙي جي ماريل سسَئُين جون
بيشمار ڪافيون ڳائيندي، ٻُڌندي ۽ ڏسندي آهيان.
جيئن ئي راتيون پنهنجي ڪاراڻ جي چادر ڌرتيءَ جي
مٿان وڇائي ڇڏينديون آهن، ته تارن ڀرئي آسمان هيٺ
ٿڪا ماندا ڪڙمي ۽ ڪاشتگار منهنجي ڪناري تي اچي
آرام يا بندگي ڪندا آهن، ننڍا ٻارڙا سمهندا يا
کيڏندا آهن، ۽ اَڀَرا ۽ ضعيف مانجهي ۽ مهاڻا مٺيون
۽ سريليون ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. آءٌ انهن
سڀني کي پنهنجي سيني تي پالي نپائي وڏو ڪريان ٿي.
هنن جو مون سان پيار آهي، هو مون کان ڊڄن به ٿا،
ڇاڪاڻ ته مان ”سنڌو“ اهيان، اُنهن ئي وانگر مهربان
۽ دياوانِ به ۽ چيڙاڪَ به. مان ڪيترن ئي جُڳن کان
هنن جي واقف آهيان، مون کي اڃا تائين انهن جا
بدلجندڙ چهرا، انهن جو ننڍپڻ، نينگرائپ، ڦوهه
جواني، پيري ۽ نستائي ۽ ڏٻرائپ، سڀ ياد آهن. مان
هنن سڀني کي سڃاڻان ٿي.
مان انهن جي باري ۾ توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي.
مان توکي اڳي اڳي جون ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جا
قصا، ۽ بادساهن ۽ راجائن، فاتحن ۽ حڪمرانن ۽ انهن
جي زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن دک ۽ سک جا سمورا
داستان ٻڌائي سگهان ٿي ـــ اهي قصا، اهي داستان،
اهي افسانا، جي تو اڳ ڪڏهن به شايد نه ٻڌا هوندا.
مان توکي اهو سڀڪجهه ڏيکاري سگهان ٿي، جيڪي مون
ڏٺو..... چڱو، هاڻي هيڏانهن نهار! اِجهو هو سامهون
هنن جو شان ۽ هنن جي عضمت ڏس. اهو آهي مُهين جو
دڙو! مرد پنهنجين ٻنين ۾ هر ڏيئي کيتي ڪري رهيا
آهن، زالون پنهنجن خوشحال گهرن جو ڪم ڪار ڪري
رهيون آهن، ۽ ٻارڙا راندين ۾ مشغول آهن. سڀ سکيا
سهنجا، خوش ۽ آباد. هنن جا گهر نهايت ئي سهڻا ۽
سلسليوار آهن. هنن جي بازارين جي ڌوڪ ڌوڪان، گوڙ ۽
هُلَ کي ڏسُ! پوءِ وري هڪ وحشِي قوم جو ڪٽڪ اچي
ٿو: اهي قداور ۽ خوبصورت ماڻهو آهن: هو اچن ٿا، ۽
هُنن اچڻ شڙط بيرحميءَ سان قتل عام ڪري ڏنو. مردَ
ڪِرِي ۽ مَرِي رهيا آهن. عورتُون لِڪَڻَ جِي ڪري
رهيُون آهن ۽ ٻارڙا ڦڙڦوٽ پوڻ ڪري ريهُون ڪندا ڀڄي
رهيا آهن! ۽ ورِي نما شامَ جي منهن اونداهِيءَ
کان اڳُ سڀ ماٺِ ٿِي ويئِي، نئون ڏينهن اڀري ٿو.
هڪ نئينءَ تهذيب جنم ورتو آهي. ڇو ته اهو قدرت جو
قانُون آهي!... هاڻي ٻڌو! پريان هو ڌڌڪيدارُ نغارن
جو گجندڙ آواز ٻُڌا! هُنن جي صورت ۽ طاقتَ، جاههَ
۽ جلال کي جاچِ. اِهي سنڌ جي راجائن جون سنسٿائون
آهن، جن کي مهاڀارت لڙائيءَ ۾ پانڊون خلاف ڪورون
جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. هُنن جي عجيب غريب
ويسن وڳن، هٿيارن پنوهارن ۽ رَٿن ڏانهن نهارِ، وري
هُنن کي غائبُ ٿيندو ڏسُ، جيئن ڌُوڙيو مٿي آسمان ۾
گم ٿي ويندو آهي!.... ۽ هاڻي وري هو نوجوان جنگي
جوڌو سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش دل ۾ کڻي
نمودار ٿئي ٿو. هن خيبر کي فتح ڪري ورتو. هو هاڻي
جهلم جي پورس راجا کي شڪست ڏيئي اڳتي وڌي رهيو
آهي. هن جي خوبصورت چهري ڏانهن نهار، ۽ هن جي مٿي
تي زرهه جو رُڪ واري جهرڪندڙ ڪَلَنگِيءَ ۽ هن جي
ڊگهيءَ ٻن ڌارين واريءَ ترار کي جاچي ڏسُ. هُو
وڙهيو ۽ هن فتح حاصل ڪئي. مگر هن جو بي انداز لشڪر
گهڻي وقت تائين وڙهڻ ڪري هاڻي ٿڪجي ماندو ٿي پيو
آهي. هِتي هو پنهنجن خوابن کي ڪوڙو ثابت ٿيندو
ڏسي، مري وڃي ٿو. ۽ هن جا هٿَ خالي ۽ اکيون کليل
رهجي وڃن ٿيون! هاڻي نهار... سندس جرنيل، نيروڪَس،
واپس ورڻ جي سفر لاءِ آرماڙ کي گڏ ڪري رهيو آهي. ۽
هي پڻ هليا ويا!... هاڻي وري سفيد چمڙيءَ وارا
”هُوڻ“ لوڪ حملو ڪن ٿا... بي رحم ۽ قاتل... هُو
واچوڙي وانگر تڪڙا اچن ٿا، ۽ ملڪ کي ڦريندا ۽
ساڙيندا، چوڌاري پَٽن تي پکڙبا وڃن ٿا، جيئن مان
موجون ماريندي ميدانن کي ٻوڙيندي ويندي آهيان. پر
اهي سڀ ڪٿي آهن؟ هليا ويا... سڀ هليا ويا، اوندهه
انڌوڪارِ ۾، موت جي اونداهيءَ واديءَ ۾. پوءِ
ٿوريءَ مهل تائين سڀ ماٺ ٿي ويئي. هيءُ سرزمين
ماٺيڻي آهي. آسمان تان گردُ ۽ غبارو صاف ٿي ويو، ۽
پوءِ هڪ اجنبي مست واٽهڙو اچي ٿو. هيءَ هڪ چيني
مسافر آهي، هيون سيانگ، جيڪو علم ۽ سوجهري جي ڳولا
۾ رلي رهيو هو. هن کي سوجهرو ملي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هتي جيڪو به ان جي ڳولا ڪري ٿو، ان کي پائي ٿو.
انهن ڏينهين، سنڌ جي هيءَ سرزمين علم ۽ سوجهري جي
کاڻ هئي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ڏورانهن ماڳن تان
علم جي تلاش ۾ هي ايندا هئا.... جُڳَ لنگهي ويا:
سوجهرو ۽ اونداهي... اونداهي ۽ سوجهرو... سوجهرو ۽
اونداهي.... پر، زمانن کان پوءِ وري ٻيا ماڻهو
آيا، جن هن زمين تي علم ۽ سوجهري جي نئين شمع
آندي. هو عرب جي ريگستان مان اُڀريا ۽ دنيا تي
ڇانئجي ويا، ۽ آفريڪا ۽ هندستسان جي اونداهين
ڪُنڊُن کي علم جي سوجهري سان روشن ڪري ڇڏيائون....
هن جوشيلي عرب محمد بن قاسم ڏانهن نهار! هن جي
گجندڙ منجنيقن ۽ طاقتور کانڀاڻين کي جاچ! هن سڄيءَ
سرزمين کي فتح ڪري ورتو. ۽ هاڻي هو سڄي ملڪ تي حڪم
هلائي رهيو آهي. ڏاڍو پياريو ۽ عزيز آهي. ڇو ته
جنهن وقت هو موڪلائي وڃي ٿو، هن جا هي نوان دوست
هن لاءِ رڙن ۽ روئن ٿا. هن کان پوءِ شوخُ ترڪَ،
قداور تاتاري، مغل، پٺاڻ ۽ انگريز اچن ٿا... هنن
جي ڀڳل ترارين، ۽ ڦٽيل رت ڳاڙيندڙ دلين ڏانهن
نهار!... ۽ هاڻي هنن سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ميرن
ٽالپرن جي بهادريءَ ۽ انهن جي ڀلائيءَ ڀريل
پيشانين ڏانهن ڏس ۽ سندن فضيلت ۽ شان کي ڏس. ۽
پراچين ديبل، برهمڻ آباد ۽ قديم منصوري ۽ محفوظه
ڏانهن به نهار! اهي فنا ٿي ويا، ۽ هن وقت سندن
نشان به ڪونهي، پر مان اڃا تائين انهن جون پيهه
پينهان واريون بازاريون، نون رنگن ۾، نون چهرن
سان، ڏسي رهي آهيان. مان اڃا تائين ڀنڀور ڏانهن
لڙهندي، ننڍڙيءَ سسئيءَ جو پينگهو پنهنجي ڪناري تي
لڏندو لمندو ڏسي سگهان ٿي. مان پنهونءَ کي ڪيچ جي
جبلن ۾ ڏسي سگهان ٿي، جنهن کي سندس دغاباز ڀائر،
ڊوههُ ڪريو، اٺ جي پٺيءَ تي ٻڌيو چاڙهيو وٺيو پيا
وڃن. ۽ اجهو هو پريان عمرڪوٽ جون مغرور محلاتون
نظر اچي رهيون آهن، جن مان وڇڙيل مارئيءَ جي آهُن
۽ زارين جو پڙاڏو اچي رهيو آهي. مان اڃا تائين هن
جي سوزَ ۽ فراقَ کي ٻڌي سگهان ٿي!... هو پريان...
ڀِٽَ تي... سهڻو سيد لال لطيف پنهنجين مٺڙين لاتين
۽ روحاني راڳن ۾ مست ويٺو آهي. هن وقت هو ڪونهي پر
مان هُنَ جا درد ڀريا بيت ۽ مٺڙا ڪلام اڄ به ٻڌي
سگهان ٿي. مان اڃا تائين کيس اهڙو چٽو ٻڌي رهي
آهيان، جهڙو هن کي جيئرو ٻڌندي هيس، هو هڪ لافاني
روح، وسيع ۽ اُتم سخي ۽ ٻآجهارو، جذباتي ۽ مهربان
آهي. هو هڪ خوبصورت، قداور ۽ خوش اندامُ آهي. جيئن
هو پنهنجون منَ موهيندڙ ڪافيون ڳائي ٿو، تيئن هن
جون گول گول ڪاريون اکيون چمڪن پيون، ۽ جڏهن هو
ڏکارن ڏوٿين کي دعائون ڪري ٿو، تڏهن هن جو چهرو
ٻهڪي اٿي ٿو. هو مون سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو،
ڇاڪاڻ ته مان هن کي سمجهي سگهان ٿي، مان هن کي
ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان. مون فاتحن جي سوارين
کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر سنڌ جو فاتح فقط هو شاهه
ئي آهي، جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته
ٻيا فاتح زمينون ۽ ملڪ فتح ڪن ٿا، پر هن ماڻهن جي
دلين تي فتح حاصل ڪئي آهي، ۽ هن جي نينهن جو
نياپو، هن جي سهڻي سڳنڌ ڀري ساروڻي، اَمرُ آهن.
هو مٺڙيءَ سنڌ ۾ الاهي افضل ڳالهيون ڳائي ٿو.
پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سان هو ماڻهن جا رخ ڦيريو،
تقديرون ۽ قسمتون بدلايو ۽ روح کي دائمي راحت ڏيو
ڇڏي.
هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ننڍڙين ڪکاين جهوپڙين ۽
چونئرن ۾ گذارين ٿا. منجهانئن جيڪي سکيا ۽ شاهوڪار
آهن، سي حوضن ۽ مڇين جي تلائن سان سينگاريل اوچن
گهرن ۾ رهن ٿا، پر مان انهن جي گهرن ۾ قرب ۽
اتساهه گهٽ ڏسان ٿي. مان پنهنجن انهن غريبن مارو
ماڻهن کي پسند ڪريان ٿي، جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺڙن
۾ گذارين ٿا، جتي وچ ۾ هڪ ننڍڙي صاف سُهڻي مسيِتِ
آهي، جنهن جي ننڍڙن منارن تي مؤذن چڙهي عبادت گذار
بندن کي پنهنجي مولا جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏيندو
آهي، جتي هڪ سرهاڻ پکيڙيندڙ سهڻو مندر آهي، جنهن
جي سُريلن گهنڊن جي مَڌُر آوازن تي پوڄاري سوير
گهرن کان پوڄا لاءِ ٻاهر نڪري ايندا آهن. جڏهين
هنن جي گهر جا وڏا ڪم ڪن ٿا يا عبادت ڪن ٿا، تڏهن
زالون ڪچهري لايو ٽهه ٽهه پيون ڪن، ۽ ننڍڙا من
موهيندڙ ٻارڙا وري لڪلڪوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند پيا
رهن. هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو
آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي مال کي پيار ڪندا آهن.
هن ديس جا سپوت هميشہ کل مک ۽ خوش مزاج طبيعت جا
صاحب ٿي رهيا آهن. ڪم ڪاڄُ، پيار ۽ محبت، کِلَ ۽
خوشيءَ، لئي ۽ رس جا ڪوڏيا. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ
هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي. سندن
عيدون ۽ هوليون گڏجي گذرن، ۽ اُنهن موقعن تي وٽن
وڏيون وڏيون دعوتون ۽ مجلسون، گڏجاڻيون ۽ ڪچهروين
ٿينديون آهن. سندن زالون، مائرون ۽ ڀينرون مٺايون
۽ گل ورهائينديون آهن. اهي پنهنجين ٻانهن ۾ عاجَ
جون ٻانهيون ۽ وڏا چوڙا پائينديون آهن. وٽن هر چنڊ
وار مهيني جو پهريون جمعو ۽ هر سُهائو سومار نهايت
ئي وڏيءَ ڌامِ ڌومَ ۽ مزي سان ملهايو ويندو آهي.
جڏهن وسڪارو ۽ برساتون پونديون آهن، تڏهن ڳوٺن کان
ٻاهر مجلسون ۽ محفلون ڪيون وينديون آهن، جتي
يڪتاري ۽ گهڙي تي سريلا ڪلام ۽ ڪافيون ڳايون
وينديون آهن. اڄ به مان پنهنجين اکين سان هنن جا
رنگ برنگي ناچ ڏسي رهي آهيان، ۽ تنهن زماني ۾ به،
بلڪل اڄ وانگي، سگهڙن شاعرن، پنهنجي ملڪ جي سونهن
سوڀيا، حسن ۽ نزاڪت منجهان ئي پنهنجي شاعريءَ جا
مواد ۽ موضوع حاصل ڪيا. هنن منهنجي اُٿلُن ۽
سيلاني مڇين پلن، واڳن ۽ سيسرن، ۽ منهنجي پوراليءَ
طبيعت جي هر روپ رنگ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند
ڪيو. هنن هن ديس جي اُٺن ۽ اوٺيئڙن، جتن ۽
جهانگيئڙن، لڏن ۽ قافلن، ڪارن ڪڪرن ۽ زرد رنگ
بيابانن، ميهارن ۽ ريڍارن، ۽ چهچ چراگاهن کي
پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. هِنن هِن ديس جي لَيُن ۽
لاڻن، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، ڪرڙن ۽ کبڙن تي بيت چيا.
هنن هن سهڻي ديس جي انهن نارين کي ڳايو، جن جي
ڪُونج جهڙين ڊگهين ڳچين ۾ چانديءَ جون مالهائون ۽
هَسَ، ۽ سنهڙين ڪاراين ۽ ڪنگڻَ، ۽ ننڍڙن نازڪُ
پيرن ۾ ڪڙيون ۽ پازيبَ پهريل آهن، سندن مٿي تي
واسينگَ نانگ جهڙن ڀنئور جهڙن ڪارن وارن جون
پيچدار چڳُون ۽ گهنڊيدارُ ڳُتُون نڪتل آهن. ۽ سندن
مرگهه جهڙيون ڪجلدار ڪاريون اکڙيون مشعل وانگي ٻري
رهيون آهن. شاعرن حسين نارين جي پيارن مڙسن ۽
پريمين جي اُنهن پتڻن ۽ ٻيڙن کي پڻ ڳايو، جيڪي
وڻجارن سنڌورڪين کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ واپس
ماڳ موٽائي وٺِي آيون. هنن گهر ڌياڻين جي گهرڙن،
چرخن ۽ آتڻن کي پڻ ڳايو.... مطلب ته سنڌ جي هنن
سداحيات سگهڙن شاعرن، پنهنجيءَ سٻاجهيءَ سونهن
ونديءَ سنڌ جي هر ڳالهه ۽ هر ادا کي، هر دفعي
ڳايو.
ڌرتيءَ جي کيڙيندڙ هارين پورهيو ڪيو ۽ پگهر وهايو،
۽ زميندار ۽ شاهوڪار انهن جي پگهر واريءَ خسيسُ ۽
ٿورڙيءَ ڪمائيءَ کي به ڳهندا، ڳڙڪائيندا مچندا
ٿلها ٿيندا ويا ۽ غريبن کي ٿُونها هڻندا رهيا، مگر
مفلسيءَ جي هر حال ۾، آسيس ۽ دعائن حاصل ڪرڻ لاءِ
هنن پيرن ۽ سيدن سڳورن جي رِڪيبن ۽ لغامَ جي واڳن
کي هر وقت چمي سيني سان لڳايو. سنڌ جي لافاني
شاعر، شاهه، هِنن سڀني کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو،
ڇاڪاڻ ته هُو هِنن جو هو. مان اڃا تائين هن جي
روحاني ڪافين ۽ ڪلامن کي ٻڌي سگهان ٿي.
مان آهيان ٻلوان ۽ زور واري سنڌو!... مان پاڻ سان
داءُ رکڻ واري کي اڇلايو ڇڏيان. جن مون سان شرط
رکي، اُنهن هميشہ راند هارائي. جن به مون سان سينو
ساهيو پاڻ کي نيست ۽ نابُود ڪيائون. پر شاهه مون
کي ماٺو ڪري ڇڏيو. مون هن جي آسپاس شانتي ۽ پيار
حاصل ڪيو. مان هن جي دل جي گهرائپ ۽ شاعريءَ جي
روانيءَ سان محبت ڪريان ٿي. مان هن جي مٺي ڪلام تي
قربانُ آهيان. هو ڪيترو نه مون جهڙو ۽ ڪيترو نه
مون کان اعليٰ آهي!
اوهان جي هن ملڪ ۽ اوهان جي ڪَچي وارن ميدانن جي
هن زمين ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجن ماڻهن کي
لنگهڻ ۽ فاقا ڪڍارايا، ڇو ته پاڻي ڪونه هو. منهنجو
پاڻي ڪيترن ئي ويران برن ۽ ساڙيندڙ ميدانن کي آباد
ڪري سگهيو ٿي. پر وقت جي راجائن ۽ فاتح حڪمرانن ڪا
خاص پرواهه ڪانه ڪئي، انهن مان ڪن ٿورڙن ڪي ننڍا ۽
نماڻا واههَ کوٽايا ۽ ٿوري ئي عرصي کان پوءِ
منهنجي لٽ ۽ ريٽ جي واريءَ انهن کي لَٽي ڇڏيو. اڄ
پهريون دفعو انهن ماڻهن لاءِ چاهه ڀريل، سچيءَ
پچيءَ دل واري ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪي منهنجي
نالي پويان سڏجن ٿا، سکر وٽ هڪ زبردست بئراج
منهنجي پيٽ ۾ سوگهو بيٺل آهي. آءٌ اوهان کي اوهان
جي ڪم ۾ ساٿڙو ڏيئي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجو
اوهان سڀني سان پِريمُ آهي ۽ اِهو اوهان جي ئي
فائدي لاءِ آهي. ڪوٽڙيءَ وٽ پڻ اوهين منهنجي پُل
واري گهوڙي تي نَوَن سنجن وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مون
انهيءَ لاءِ اوهان کي اجازت ڏني. پنهنجي زمينن ۽
ٻنين کي آباد ڪريو، مان چوانوَ ٿي، سونهري ڪڻڪ
پيدا ڪريو، کيڙيو ۽ کائو، پيئو، پهريو ۽ خوش
گذاريو! مان اوهان کي نه روڪينديس. منهنجو پاڻي
کڻي وڃو، ۽ مون کي اُهي قديم ۽ اڳي اڳي وارا
خوشيءَ جا ناچ ۽ راڳ رنگ ڏيکاريو! مون کي اهي ٽهڪ
ٻڌايو جيڪي دلين مان اڌما ڏيئي نڪرندا هجن. مان
اوهان کي سڀڪجهه ڏيئي ڇڏينديس، جيڪي ڪجهه مون وٽ
آهي... ۽ مون وٽ ان کان تمام گهڻو آهي، جيتري جي
اوهان کي گهرج آهي. ڇاڪاڻ ته مان آهيان ٻلوانِ ۽
طاقتور سنڌُو... مان آهيان اجيت ۽ امر سنڌُو....
مان آهيان اٽڪُ، مان آهيان جِهلمُ، مان آهيان
چنابُ، مان آهيان راوِي، مان آهيان بياسُ، مان
آهيان ستلج.... مان آهيان مهراڻ، اِنهن سڀني جي
اُپت ۽ جوڙَ! مان آهيان سنڌو.... مان آهيان مها
ٻلوان، اجيت ۽ امر سنڌُو.
شاهه ڪريمرحه
تون چَو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ،
سچو اکرُ من ۾، سوئي لکيو لِکُ.
پريان سندِي ڳالهڙِي، جي ڪو ٻي ڪري،
مت منهنجي ڪَنِ ڪر، تَنهن کي جاب نه ڏي.
هِنيون ڏجي حبيب کي، لَڱ گڏِجن لوڪَ،
کُڏيون ۽ کِروتيون، اِي پڻ سڳر ٿوڪَ.
وَرُ سا سُڃي ويڙ، جتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙِ ڪُماڙهئين.
جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ
جو لَکَڻ ۾ ماڻهوين، سو ڪُلکڻ ۾ کير.
تان ڪِي ڳوري ڇُلُ، جان لاڙائو سڄُ ٿِئو،
هاڙي ڌاري هُلُ، وڃي هوتن جو ٿئو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه
اول الله عَلِيمُ، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آه قديمُ،
والِي، واحدُ، وحَدهُ، رازِقُ رَبُ رحيم،
سو ساراهِ سچو ڌڻي، چَئِي حَمدُ حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريمُ، جوڙُون جوڙَ جهانَ جي.
جوڙي جوڙَ جهانَ جي، جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاصو خَلقي، مُحمُد مڪائِين،
ڪلمو تنهن ڪريم تي، چٽو چايائين،
انامولالڪ وَ اَنتَ مَحبُوبِي اِي اُتائين،
ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائُون سيد چئي.
جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي، محمد مڪائين،
ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي.
وحده لاشريڪُ لہ، جان ٿو چئين ايئن
تان مَڃُ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن
تان تون وڃئو ڪيئن، نائين سر ٻين کي
وحده لاشريڪ لہ، جڏهن چيو جن،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجا ساڻ هنين،
تڏهن منجهان تن، اوتَڙِ ڪونه اولئو.
وحده لاشريڪ لہ، جن اُتو سين ايمان
تن مڃئو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان
اُو فائق ۾ فرمانَ، اوتڙ ڪنهن نه اولئا.
وائي
اکيون ميگهه ملار، صورت تُنهنجي سڀ جڳُ موهيو.
سجدو فِيلَ في الحال ڪيو، پسي مُطِلبَ نُورُ نراڙ
ڄاپَڻَ وقتِ ڄام جي، ڪريا ڪُنگرا ڪوٽ ڪُفارَ،
صورت تنهنجي سڀ جَڳُ موهيو.
آگي سَڀُ اُڀن جو، توکي ڪاريو سيرُ ستار
والسوف يُعطِيک ريک، توسين قادِرَ ڪيا قَرار
صورت تنهنجي سڀ جَڳُ موهيو.
قادر پاڻَ قَسَم ڪيا، خاڪ قدَمَنِ جا ڪلتارَ
آهن ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اپار
صورت تنهنجي سڀ جَڳُ موهيو.
اُڪنڊيا جي اَبرکي، سَرَها ٿِيا سي سنگهارَ
موڪل ٿي مينهنِ کي دوس هٿان دِلدارَ
صورت تنهنجي سڀ جَڳُ موهيو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه.
محبت مچ مجاز جا، دل ۾ دغ دکن،
مَنَ مونجهارا مُون پرين، وير نه وسرن،
سنجهي صبح سامهان، اڳيان اکڙين،
راتو ڏينهان روح ۾، ميڙو محبوبن،
کامي دل خمار ۾، لوچي لئه پرين،
سَگهه ساٿ نه ڄِندڙو، سدا منجهه ڏکن،
اَرتو اوتيان اکين، ساريو سپرين،
مُون واجهيندي وره ٿيا، الا مانَ ملن،
سِڪي سڄڻ گڏئا، پڄاڻان وَرهَن،
گوندر لٿا ڄِندڙِي، پسِي کي پرين،
واٽون وڻ ٽڻ واسئا، سُرهائيُون سيرن،
آءٌ پڻ مکيان مُنهَن کي، پَڻِي جا پيرن،
ڪريان سرمو اکيين، سندي کِههَ کُڙين.
سچلرحه
جي هجين عاشق، ته بر سر مينهن محبت جو وساءِ،
ساهه جو سانگو ڪرين، تان پير هِن پڙَ ۾ نه پاءِ.
پاڻُ ڪُلُ قربان ڪر، هِيءَ دم هڻڻ جي ناههِ جاءِ،
آءُ ادا اعتبار ڪر، آ هوش نيندڙ هيءَ هواءِ.
رت روئڻ راتو ڏينهان، آهي لُڇڻ محبوب لاءِ،
هي ملئي سودو سهانگو، ڪينڪي سِرکون سواءِ.
ڪينڪي مون کان ٿيو، عمر تان ويئي اجاءِ،
هِت وساري نِي ويهڻ، جاني توکي هئن جڳاءِ.
هيءَ مَهَلَ موچارِي ٿَئِي، پوءِ ڪرين هاءِ هاءِ،
”هاءِ هيَ“ مَون هٿ نه ايندُءِ، ويلَ ويندَءِ واءِ
واءِ!
هيءَ حقيقت حال جي، سارِي وڃي ساٿِينُ سڻاءِ،
سو سچو مرشد سچُوءَ جو، پير عبدالحق آههِ.
خليفو گل محمد
دور دنيا جي مٿي، اي دلي ڪئين آيا ويا،
سک مٿي سورن سٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.
ڪي سوداگر رات ڏينهان، منجهه وٺڻ وڪڻڻ خراب،
ڪوڙ دنيا جا ڪٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.
ڪَن ڪِيُون پوکون، ٿيُون ڀرپُور پِي پاڻي جڏهن،
پوءِ پڪي، هنئَيون هٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.
ٻانڊَ ڪَئين بحر ۾، لڙهندا وتن پاڻيءَ مٿي،
پيا سُڪي پاڻيءَ لٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.
”گل“ حقيقت ٿو پڇين، ڪهڙي دنيا جي دور جي!
ڪا خبر ڪنهن کي اَٿِي، اي دل ڪئين آيا ويا.
آجيان= خاطر تواضح، خوش اَڌُ= نصف، اَدها، نيم
آمديد، خير مقدم اَڍنگي= بدافعال،
بدچال
آڇَ= پيشکش، تجويز اُسَ= تپش، گرمي، دهوپ
آڌر ڀاءُ= مرحبا، تعظيم اسان= هم، هم سب، هم
لوگ
آڏو= سامني، روبرو اُڪيرَ= چاهت، پيار،
محبت
آرماڙُ= جنگي جهازون کا بيڙا آکَرُ= حرف، لفظ، سخن
آکيرو= آشيانہ، گهونسلا اڳُ= اگلا حصہ،
ابتدا، شروع
آنڊا= اَنتين اڳڀرو= تهوڙا
آگي، کچهه آگي
آڻڻ= حاضر کرنا، لانا، اڳواڻُ= رهبر،
پيشوا
لي کر آنا
آءٌ= مين، خود اڳيان= آگي، سامني
پهلي
اٻوجهه= ساده لوح، اگهائڻُ= قبول
کرنا، منظور
بهولا بهالا، نادان کرنا، پسند کرنا
اڀرو= بي وسيلہ، بي سهارا الوٽ= مخمور، مدهوش
اُتان= وهان سي، اس جگہ سي اَنبارُ= ڊهير، ذخيرو
اُٿڻُ= اڻهنا، جاگنا، بيدار هونا اوتارو= منزل،
آستانہ، مکان،
اُٺُ= اونڻـ، شتر دائره
اپار= بي انتها، بيحد اوٺي= اونڻهـ والا،
شتربان، تيز
اُپت= پيدائش، آمدني، حاصلات
رفتار قاصد
اجايو= بي جا، فضول، غير اوچتو= اچانک اتفاقاً
ضروري اوڍَڻُ= پهننا،
اوڙهنا
اُجرو= اجلا اَڄُ= آج، ابهي،
اب، في الحال
اَچُ= آج، ابهي- اب في الحال اُڃَ= پياس، تشنگي
اوسيئڙو=انتظار، فکر، خيال، اُڃايلُ= پياسا، تشنہ
انديشہ
اَڃا= ابهي تک هنوز، تادم اوطاق= مهمان خانہ
اوڦٽو= اجنبي، غير، بيگانہ عرض اونايو= عرض
قبول کيا
ناواقف اهڃاڻ= نشانيان،
علامت
اُهو= وه ايترو= اتنا، اس
قدر
باکَ ڦٽَڻُ= بوپهوڻنا، بُڇان= نفرت
دلانا، خفا کرنا،
صبح صادق هونا بيزار کرنا
بندُ= قيد، جيل ٻانهو=
بنده، غلام، نوکر
ٻانهِيون= چوڙيان ٻُڌڻ= سننا، معلوم
کرنا
ٻرانگهون= دو قدم کا فاصلہ
ٻول= واعده،
قول، اقرار، انجام
ٻهڪَ= چمک تازگي، روشني ٻهڪَڻُ= چمکنا، مهکنا،
مسرور هونا
ٻَئي= دونون ٻيرا ٻيرا= ڻکڙي
ڻکڙي
ٻيڙي= کشتي، ناؤ ٻيلا= جنگلات
ڀتارُ= شوهر، خاوند ڀَر= کناره، پاس
ڀلي ڀَت= اچهي طرح تڇُ= ذرا سي، تهوڙي سي
تَڏهِن= تب، اس وقت، پهر تيڏانهون= اس طرف سي،
وهان
ٽِڪو= داغ، دهبا، بدکاري کا الزام
ٽيئي= تينون
ٺهه پهه= فوراً، ايک دم پاڙو= محلہ، پڙوس
پاڻ= خود پاڻي= آب، جل، پاني
پٽاندڙُ= مطابق، موجب، موافق پڇاڙي= آخر، انت،
انتها، اختتام
پرکڻُ= آزمانا، جانچنا، پرکهنا پروڙ= خبر، واقفيت،
علم
پريان=- تهوڙا دور پريت= محبت، پيار،
چاهت
پرين= محبوب، معشوق پَڪَ= يقين،
تصيديق، تسلي، برابر
پکو= جهونپڙي پوکَ= آبادي،
فصل، کاشت، کهيتي
پکي= پرنده پگهرُ= پسينہ
پنو= کاغذ پنهنجي= اپني
پڻُ= بهي پَڻي= خاک، مڻي
پَههُ= خيال، فکر، تجويز پويان= پيجهي
پينگهو= جهولا، گهواره پيههَ= انبوه، جهمکڻـ
جتان= جهان سي، جس جگہ سي جڏهن= جب، جس وقت
جرڪندڙ= چمکدار جڳ= جهان، سنسار، دنيا
جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ= گهر داماد بننا قبول کرنا
جو= کيونکہ، چناچہ جوکائتو= نقصانکار،
پر خطر
جَهِڙو= جيسا
جيڏانهن= جس
طرف، جهان، جدهر
جيڪو= کوئي بهي، وه جيئن= جيسي، جس طرح
ڄاڻو= جانني والا، واقف، ڄَڃَ= برات
سمجهني والا جهڄڻ= کڙهنا، رونا
جهڻڪَ= تنبيہ، دهمکي، ڊانڻـ چارڻُ= گائي والا فقير
چارو= پگڊنڊي چِتُ= توجہ،
فهم، سمجهه، خيال
چٽو= شفاف، ظاهر چڱو= اچها، خوب، بهلا
چڱيءَ طرح= اچهي طرح، چنڊُ= چاند،
قمر
بهتر طريقي پر چُني= ايک
قسم کا درپڻہ
چوڌاري= چارون طرف، چوڏهين= چودهوين (رات)
ارد گرد
چونڊڻ= چننا، انتخاب کرنا، پسند کرنا، معافي دينا
چوَڻ= بولنا، کهنا، هدايات کرنا چيڙاڪُ=
چڙچڙا، جوشيلا، غصہ ور
ڇَڏڻُ= چهوڙ دينا، چهوڙنا، آزاد کرنا
دٻلي= ڊبيا، ڊبي دادلو= لاڊلا،
پيارا، منچلا
ڌار= علحده، الگ، جداگانہ ڌاري= غير
ڌڪارَ= نفرت، بيزاري، حقارت ڌنارُ= چرواها، گوالا
ڌَڻُ= ريوڙ، گلہ ڌوڙيو= گرد و
غبار کا طوفان، جهکڙ، بوچهاڙ
ڌيءُ= بيڻي، دختر، بنت
ڏاگهه= چتا، آگ ڏٻرائي= دبلاپن،
ضعف، لاغري
ڏکوئڻ= دکهانا
ڏوٿي= مکين، ديهاتي، جنگلي پهل پهول پر گذاره کرني
والا
ڏمرُ= غضب، غصہ، ناراضگي، عتاب
ڏورانهن= دور دراز ڏولائو= گردش،
مصيبت، قحط،
افراتفري
ڏونگرُ= پهاڙ، پربت، کوه ڏوهي= مجرم، ملزم،
گنهگار
ڏهاڳ= انڊاپا، نحوست، بدنصيبي
ڏينهن= دن، روز ڏيههُ= ديس، ملک
ڏيڻ= دينا ڊگهي= لمبي
ڊوههُ= دهوکہ دينا، فريب دينا ڍنڍَ= جهيل
رِٿَ= رائي، مشوره، صلاح رُڌَلُ= مشغول، مصروف
رڳو= صرف، فقط، محض رِڻُ= بيابيان، صحرا،
ويرانہ
روڄُ راڙو= ماتم، کهرام رهاڪُو= باشنده
ريجهائڻُ= راضي کرنا، خوش کرنا
زال= بيوي، بيگم، زوجہ ساراههَ= تعريف
ساروڻي= ياد سامائجڻُ= سن بلوغت
کو
پنهچنا، بالغ هونا
سامهون= سامني، آگي، روبرو سان= سي، ساتهـ مع،
قريب
سانگو= آسره، بهروسہ، خيال، موقع، تعلق
ساڻي= مددگار، حمايتي، ساتهي
ساههَ= سائس، نفس، دم، حياتي
ساهيڙي= سکهي، سهيلي
سِٽُون سٽڻُ= تجاويز کرنا، سازش کرنا
سجاڳ= بيدار، هوشيار سڄيون= ثابت،
تمام
سُڃا= ويران، اجاڙ، تباه، برباد سڃاڻڻ=پهچاننا،
جاننا، پرکهنا
سدائين= هميشہ، دائم سُڌِ= خبر،
علم، آگاهي
سرسُ= وافر، زياده، زائد، بهت سکڻو= خالي،
کهوکهلا
سُڳنڌ= خوشبو، مهک سِگهو= جلد
سَڱ= رشتة، نسبت سنيهو= پيغام
سڻائڻ= سنانا، بتانا، کهنا سڻائي= آسماني
سوادُ= ذائقہ، مزه سوڀيا وانُ=
حسين، خوبصورت
سوجهرو= اجالا، روشني سوکڙيون= تحفہ، سوعات
سهانگو= سستا، ارزان سونهن= خوبصورتي
سُهائو= روشني، تجلي
سِيڻاهه= وه مشکيزه جس کو هوا سي بهر کر دريا مين
تيرتي هين
ڦاٽڻُ= پهڻــــ جانا- پهڻنا
ڦرهي=لکڙي کي پڻي، تختي ڦرڦوٽ= بهگدڙ، هراس،
کهلبلي
ڪاراڻ= سياهي ڪارڻُ= سبب، باعث،
وجہ
ڪارڻي= کي سبب، وجہ سي ڪارون= آه و زاري، عاجزي
ڪاوڙ= غصہ ڪَتِي= ثريا، پروين
ڪَٽَڪُ= فوج لشکر ڪٺورُ= بيرحم
ڪُجههُ= قدري تهوڙا، کچهه ڪُڌو= برا، خراب، بدچلن
ڪڏهن= کب، کبهي ڪَڍَڻ= نکالنا، خارج کرنا
ڪُرُ= نسل، خاندان ڪُڙمي= کسان،
کاشتکار
ڪڙڪيا= نازل هوئي ڪَڪِ= بيزار، خفا، تنگ
ڪَڪَرُ= گهڻا، ابر، بادل ڪن ڀرڻ=
بهکانا
ڪنڀرُ= کمهار ڪنڊَ= کونا، گوشہ
ڪوڙو= جهوڻا ڪَئين= بهت سي،
لاتعداد، کئي
کِلَ= هنسي، مذاق، دل لگي کاڌو پيتو= کهانا
پينا، دانہ پاني
کٿوري= مشڪک کُڙڪ= خبر
کوٽڻ= کهدائي کرنا کوهه= کنوان
کيرُ= دودهه کٽي= دهوبي
گاههُ= گهاس، چارا گدلو= ميلا کچيلا،
گدلا
گَڏُ= ساتهـ گڏجڻُ= مل جانا
گڏجاڻي= ملاپ، وصال، ملاقات
گڏ ڪرڻ= ملانا، شامل کرنا
گوڙُ= شور، غل گوندرُ= فکر، غم، ملال
ڳاٽُ= گردن ڳالهه= بات
ڳالهيون= تذکره، داستانين، باتين ڳجه= رازداري،
پرده پوشي، مخفي
ڳچُ= بڙا ڻکڙا ڳچي= گردن
ڳوٺُ= ڳائون ڳولائو= ڊهونڊني
والا، متلاشي
ڳهڻا= زيورات، گهنا گهاٽي= گهري، قريب
گهٽتائي= کمي، قلت، کوتاهي
گهر= طب، تقاضا، مانگ
گهرواري= گهر والي، بيوي، مالکن
گهوٽ= دولها
گهورَ= قربان، صدقہ، نچهاور لاڏُ ڪوڏُ= ناز نخره،
لاڊ پيار
لاڙُ= سندهه کا جنوبي حصہ لاڙائو= اترني والا،
غروب
هوني والا
لاءِ= واسطي، کي لئي لَڄَ= شرم، حيا،
لاج، غيرت، آبرو
لَڇَڻُ= تڙپنا لَڏي= کوچ کرکي
لڙڪَ= آنسو، اشکـ لُڌِڙو= ايک قسم کا
آبي
جانور، سک آبي
لَقاءُ= نظآره، تماشا، ديدار لڪُ= دره،
پهاڙي، راستہ
لڳ ڀڳ= تقريباً، لگ بهگ لَڱ= عضو، انگ
لنگهي= گذر کر، آگي نکل لوئي= عزت کا کپڙا،
کر، بڙهه کر اوني چادر
ليڙون ليڙون= چيتهڙي، دهجيان ماٺِ= خاموشي،
سکوت، آرام
ماٺو= ڊهيلا، سست ماٺيڻو= خاموش
طبع، کم گو، سنجيده
ماکي= شهد ماڳُ= جگہ، مقام،
ڻهکانا
ماڻڪُ= هيرا، جوهر، گوهر ماڻڻ= بسر کرنا،
گذارنا
ماڻهو= شخص، بشر، فرد ماءُ= مان، والده
مٿان= اوپر مٿيرو= بهادر،
دلير
مَٽُ= برابر، لائق، همسر مٺيان= غصہ، چڙ،
ناراضگي
مَچُ= آگ کا ڊهير مدايون= برائيان،
خطائيان
مَرَڪُ= ظرف، واجب، موزون مرگهه= هرن
مَڙههُ=لاش، جنازه مڱڻهارُ= مانگني
والا
موٽي= لوڻـ کر مُور= اصل، بنياد،
جڙ
موکڻُ= سرخرو هونا، کامياب هونا
مون وٽ= ميري پاس
موهجڻ= گرويده هونا، فريفتہ هونا
مهاڻا= ماهيگير، مچهيري
مهل= موقع، دفعہ، مرتبہ ميندي= مهندي، حنا
نابري= قطعي انکار نارِ= عورت، بيوي
نانءُ= نام نڀائڻُ=
پالنا پوسنا، پروان چڙهانا
نڌڻڪا= لاوارث، بي سهاره، نادار، عاجز
نراڙ= پيشاني، ماتها نرملتا= پاکيزگي،
اجلا پن
نروارُ= ظاهر هونا نِندڻُ= ملامت
کرنا، مذمت کرنا
ننڊَ= نيند، آرام، بي خبري ننڍپڻ= بچپن
ننڍو= چهوڻا، حقير، تهوڙا
نويڪلائي= تنهائي، علحدگي، فرصت
نهارڻ= گهورنا، تکنا نئون= نيا
نياڻي= بيڻي، دختر، لڙکي نيٺ= آخرکار
نينگر= لڙکي واٽهڙو= راهگير،
مسافر
واپاري= تاجر، سوداگر، بيوپاري
واڄٽ= نقاره اور ڊهول کي بلند آواز
واڌايون= مبارک باديان والُ= بال
وارو= باري، والا، نوبت، کا واري= ريت
واڙو= تهان، مويشيون کي باڙ
واسُ= خوشبو، مهک
واڳون= مگر مچهه وانگر= جيسا، مانند
واهرو= مددگار
واهيري جي ويل= پرندون کا آشيانون مين بيڻهني کا
وقت
واهَڻ= چهوڻا گائون، ديهات
واءُ= هوا
وترو= جلد، تيز وَٿُ= شـي، چيز
وَجُهه= موقع وَڃَڻُ= جانا
وچُ= بيچ وچان= درميان سي
وچولو= سندهه کا درمياني خطہ
وڇوڙو= فراق، جدائي
وڇائڻ= بچهانا وَڌَڻ=
بڙهنا
وڏو= بڙا وَڍَڻُ= کاڻنا،
قطع کرنا
ورلاپ= نالہ، بين ورهائڻ= بانڻنا،
تقسيم کرنا
وَرُ= لحاظ، احسان وسڪارو= برکها،
برسات
وِلها= مفلس، لاوارث وَڻُ= درخت
وڻجارو= سوداگر، تجارت کرني والا
وويڪُ= ضمير، دل، قلب سليم
وهيڻو= اختيار مين، بس مين ويڌَنِ= ظلم، اندهير
ويرَ= وقت، ساعت، دم، وقفہ وِيرُ= بهادر، دلير
ويرمَ= دير، تاخير وينتي= التجا
عاجزي
ويڻ= عتاب، طعنہ، گالي هاجَ= کام
هاڪَ= تعريف هاڻي= اب
هشائي= اونڻهه کو بڻها کر، جهکا کر
هڳاءُ= خوشبو، مهک هنجهه= آنسو، اشک
هنڌين ماڳين= هر جگہ، هر جا
هيجَ= شوق، چاهت
هوڏَ= حجت، بازي هيٺ= نيچ
هينئون= دل، قلب هيڪڙو= اکيلا، واحد |