مصرَ ۾، الازهر يونيورسٽيءَ ۾، به عربي پڙهڻَ ۽
پَرُوڙَڻَ جي خيالَ کان ڪُجُهه وقتُ تَرسيا. کين
انگريزي، سنڌي ۽ اردو زبانُنِ سان گَڏوگڏُ عربي،
فارسي، جرمن ۽ فرينچ زبانَ تي به ملڪو حاصل هو.
جڏهن به وطن واپس ورندا هئا، ته نوجوانن کي گڏ ڪري
سندن ذهني، اخلاقي ۽ روحاني تربيت لاءِ کينِ
ليڪچرَ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندا هُئا.
اِنهيءَ خيالَ کان 1935ع کان 1945ع تائين مسلم
ڪاليج هاسٽل ڪراچيءَ ۾ خطباتِ جو سلسلو شروع
ڪيائون ۽ اُن وقتَ جي زير تربيتَ شاگردن کانئنِ
سُٺو فيضُ حاصل ڪيو.
جڏهن سنڌ يونيورسٽي ٺهي، ته سنڌُ حڪومتَ کين اُن
اداري جي سَربَراهيءَ لاءِ مِنَٿَ ڪئِي، جا پاڻَ
قبولُ ڪيائون ۽ وڏيءَ جانفشانيءَ، ديانتَ ۽ محنتَ
سان اداري جي ترقيءَ ۽ سَر بلنديءَ لاءِ راتِ
ڏِينهِنِ ڪمُ ڪيائون.
يونيورسٽيءَ ۾ ڪمُ ڪَندڙَ پوري عملي لاءِ پاڻَ
هڪڙو مثالي ڪردارو ڪيائون. پٽيوالي کان وٺي
رجسٽرار تائين، لبررينِ، ليڪچرارن ۽ پروفيسرن سڀني
لاءِ پاڻَ مقبول ۽ محبوب شخصيتَ بَنيا رهيا. سندن
سيرتَ جا سڀئي پهلو سندس مقرر ڪيل آدرشن ۽ اصولن
سان هم آهنگ رهيا.
پاڻَ وقتَ جا نهايت پابندَ هُئا، ۽ ڪنهن به شخصَ
طرفان وقتَ جي زيانَ کي برداشت نه ڪندا هُئا. ڪنهن
تقريب ۾ جڏهن اُن دور جو مرڪزي وزير مقرر وقت کان
ڪجهه دير ڪري آيو ته پاڻ ان کي به بخش نه ڪيائون ۽
ڀَريءَ محفل ۾ کيس چيائون ته وزير صاحب کي خبر
هُئڻ گهرجي ته وقت ۽ وزارتَ ٻَئِي وٽس امانتون
آهن، اُنهن ۾ خيانتَ ڪبيرو گناههُ آهي. ڪوبه وڏو
عُهدو ڪنهن کي ماڻهن تي رعبَ ڄمائڻ لاءِ نٿو ڏنو
وڃي.
يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن ۾ فڪري جاميتَ
پيدا ڪرڻ لاءِ، ايڪسٽينشن ليڪچرن جو سلسلو شروع
ڪيائون، ۽ ڪِن سالن تائين اُهو عملُ جاري رهيو.
پاڻَ اُنهن تقريري سلسلن جي صدارت ڪندا هئا ۽ سندن
صدارتي خطبا نهايت جامعيت جو مظهر هئا.
انگلينڊ ۾ قيامَ دوران پاڻَ اُتان جي مسلمانَن کي
دينَ جي بصيرتَ ڏيڻ لاءِ به بنان معاوضي هڪڙو
تبليغي سلسلو شروع ڪيو هُئائون، جنهن کان مختلف
ملڪن کان تعليمَ لاءِ آيلَ مسلمانَ شاگردَ ڪافي
فيضاب ٿيا.
مصر جي حڪومت کين چڱو خاصو وظيفو آڇيو ته پاڻ وڃي
مصر ۾ حڪومت جي طرفان ڪنهن اداري ۽ علمي ڪُم ڪَنِ،
مگر تبليغ جي ڪم کي اَڌَ ۾ ڇڏي، اوڏانهن وڃڻُ سندس
اصولَ جي خلاف هو، جنهنڪري پاڻ اُها آڇَ قبولُ نه
ڪيائون.
برطانيه جي جڳ مشهور دانشور ۽ ڊرامه نگار برنارڊشا
هڪڙو ڪتابُ (بلئڪ گرل اِن سَرچ آف گاڊ) ”ڪارِي
ڇوڪرِي خدا جي تلاش ۾ لکيو، جنهن ۾ نظريي توحيدَ ۽
خُدا جي وجودَ متعلق تشڪيڪ ۽ طنز سمايل هُئي.
پاڻَ اُن جي جواب ۾ (برائون گرل ان سرچ آف گاڊ)
”ڀُوري ڇوڪري خُدا جي تلاش ۾“ ڪتاب لکيائو، جنهن ۾
نظريي توحيد ۽ مذهبي فڪرَ جي ارتقا تي نهايت
خوبصورت پيرايي ۾ شَرَحَ بيان ڪيائون ۽ خُدا جي
وجود جي اقرارَ ۽ اثبابَ تي مُدَلّلُ بحثُ ڪيائون.
قاضي صاحَب پنهنجِي پورِي زندگِي سَچَ، سُرتِ ۽
سُونهن جي تلاش لاءِ وقفُ ڪئي هُئي، ۽ سندن ئي چوڻ
مطابق، پاڻ اُنهن سَچايُنِ جي سوادَ کان آشنا
ٿيندا رهيا ۽ منزلون طئي ڪندا رهيا.
يونيورسٽيءَ جي علحدگيءَ کان پوءِ گهڻو ڪري پاڻ
پنهنجي گَهرَ ۾ مطالعي، مراقبي ۽ محاسبي وارين
وارداتن ۾ مصروفُ رهندا هئا، جيڪي سندن مُعتقِدَ
هُئا، اُهي گاهي ماهي سندن جاءِ تي وڃي کائن فيضُ
حاصل ڪندا هُئا.
پاڻ هڪڙو ٻيو ڪتاب (”ڪييُوئَل پِيپس اَئٽ سوفيا“)
”دانش جُون اوچتيون جَهلَڪُون“ به لکيائون جنهن ۾
سندن علم ۽ دانش جو نِچوڙُ موجود آهي، ۽ علم جي
طالبن لاءِ هڪُ بيش بها تحفو آهي. قاضي صاحبَ نه
ڪڏهن ڪنهن جي خوشامدِ ڪئي، نه پنهنجي ذاتي غرضَ
لاءِ ڪنهن جي ڪاڻِ ڪڍِي، نه ڪڏهن مال متاع ميڙڻ جو
سوچيو، ۽ نه دنيا جي ڪنهن رتبي، شهرتَ ۽ مصنوعي
عزتَ لاءِ ڪڏهن ڪو ارادو ئي ڪيو. هِن الله لوڪ،
جديد ۽ قديم علومَ جي ڄاڻُوءَ، اپريل 1968ع ۾
لاڏاڻو ڪيو.
خواجا غلام فريد
خواجا غلام فريد هڪُ اَهڙو نانءُ آهي، جو نه رُڳو
پنجابَ پر سنڌُ ۾ به شاهه لطيفَ ۽ سچلَ سَرمستَ جي
نالن سان گڏوگڏُ وڏي احترامَ ۽ محبتَ سان ورتو
ويندو آهي. پنجابُ ۽ سنڌُ صدين کان پنهنجي روحاني
اوسَرِ ۽ اخلاقي هم آهنگيءَ ۾ هڪٻئي سان قريبُ
رهيا آهن، جنهن جو اهم ڪارڻُ هِن خِطي جا اهل دل
بزرگَ ۽ صوفي رهنما آهن. سڄو نقطو اشتراڪ انسانيت
جو هڪڙوئي آهي. يعني (1) ”خود شناسِي“ ۽ ”خدا
شناسِيءَ“ جي عظيم ترين آدرش کي ماڻَڻَ لاءِ نفسَ
جي پاڪيزگي ۽ صفائي، ۽ (2) انساني ”خوديءَ“ جا
جيڪي به مُهلِڪَ مرضَ آهن جيڪي کيس مٿئين آدرشَ ۽
نصب العينَ ڏانهن وڌڻَ ۽ رَنڊَڪُون ۽ رڪاوٽون وجهن
ٿا، اُنهن جو صحيح علاجُ. اُنهن مرضن مان چند
خطرناڪ مرضَ آهن حَسَدُ، تَعصّبُ، خود غرضي ۽
نفاقُ. اِنهن کان نجات لاءِ جنهن جُهدَ ۽ جهادَ جي
ضرورتَ آهي. اُن جي طريقي ڪارِ ۽ ترتيبَ لاءِ اسان
جي هِنن صُوفين ۽ الله لوڪن وٽ عجيب نسخا آهن، جي
جيڪڏهن آزمايا وڃن ۽ نيڪ نيتيءَ ۽ خلوصَ سان اُنهن
تي عمل پيرا ٿجي، ته انسان جو وجود هڪُ نِرويو،
نِبارُ، سالم ۽ صحتمند وجود بنجي پوي ٿو ۽ بَشَرَ
مان وحشانيتَ، بربريتَ ڪينه پروري ۽ بدخواهيءَ جا
خوانخوار اوصافَ خَتَمُ ٿي وڃن ٿا، ۽ تَنِ جي جاءِ
تي اعليٰ انساني گڻَ، مثلاً امن پسندي، رواداري،
انسان دوستي، درد مندي، قرباني، اخوت ۽ مساواتِ
سگهارا بنجي، انساني معاشري کي صحيح سِمتَ ۾
سَفَرَ ڪرڻَ ۽ پنهنجي اعليٰ نصب العينَ تي رسڻ ۾
مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ته اهڙو آهي تاثير هِنن
اعليٰ هستُينِ جي صبحت جو، سندن ڪلام ۽ پيامَ جو.
انسان کي هر دور ۾ هر هَنڌِ اِنهن صفتن ۽ گُڻَنِ
کي سَنڀالڻَ ۽ اِنهن جي حفاظتَ جِي ضرورت آهي ۽
اِنهيءَ پيغام کي وري وري نسل در نسل منتقل ڪرڻ جي
ضرورت آهي. اِهو اُهو نصابُ آهي، جنهن کي سنڌ ۾
لطيف، سچل، شاهه عنايت، بيدل ۽ ٻُڍَلَ ۽ ٻين ڪيترن
بزرگن ۽ پنجاب ۾ بابا فريد گنج شڪر، بُلهي شاهه،
وارث شاهه، سلطان باهُو ۽ خواجه غلام فريدَ جهڙن
آفاقي شخصيتن، پنهنجي ڪردار، سيرت، ملفوظات ۽ شعرَ
۾ محفوظ ڪيو آهي. اِنهنِ مان فيض حاصل ڪري، صحيح
انسانُ بنجڻُ اسان جِي ذميواري آهي.
خواجا غلام فريدَ جي سرائڪي، سنڌي، هندي دوهن ۽
ڪافين جيترو پنجاب جي ماڻهو کي موهيو آهي، اوتروئي
سنڌ جي سرزمين تي وسندڙ آباديءَ جي هَرَ طبقي کي.
هِي نامور شاعر ۽ باڪمال صوفي 1261 هجريءَ ۾ ڪوٽ
مٺڻ جي ڀلاريءَ سرزمين ۾ ڄائو. سندس پورو نالو
خواجا غلام فريدالدين آهي.
مولوي رڪن الدين ”جامع ملفوظات“ ۾ سندن تاريخ
پيدائش 26 ذوالقعد 1361 هه ڄاڻائي آهي. سندن والدَ
جو نالو مولانا محمد بخشُ هو. سندن سلسلو نَسَبُ
حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو.
سندن خاندانَ جو هِڪُ فردُ، يحيٰ بن مالڪُ، عرب
مسلمانن جي لشڪر سان سنڌ کان ٿيندو. منگلوٽ، ضلعي
ملتان ۾ اچي قيام پذير ٿيو ۽ اُتان واري يارا
والِي، ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ آيو. اهڙيءَ طرح هِن
گهراڻي عرب کان سنڌ، سنڌ کان ملتان، مظفر ڳڙهه ۽
چاچڙان مان ٿيندي، آخر اچي مٺڻ ڪوٽَ، ضلعي ديره
غازي خان، ۾ سُڪُونَتَ اختيار ڪئي. مولانا محمد
بخش کي ٻه ٻٽ ٿيا، هڪ جو نالو غلام فخرالدين ۽
ٻئي جو نالو فريدالدين رکيائين. خواجا غلام فريد
اٺن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ حِفظُ ڪري ورتو. سندن
والد جي وفات تي وڏو پٽ مولانا فخرالدين سجاده
نشين ٿيو ۽ اسان جي شاعَر فريدَ 14 سالن جي عمر ۾
پنهنجي ڀاءُ جي هٿ تي بيعتَ ڪئِي ۽ پاڻ 16 سالن جي
عمر ۾ ايندي، ظاهري ۽ باطني علم جا اهم اسرارَ
حاصل ڪري ورتا.
خواجه غلام فريد پنهنجي ڪافين ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽
مرشد فخرالدين کي جابجا ”فخر جهان“ ڪري لکيو آهي.
1288 هه ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽ مرشد جي وفات وقت خواجا
غلام فريدُ 28 سالن جي عمر ۾ اُن جي جاءِ تي سجاده
نشين ٿيو. 1829 هجريءَ ۾ خواجا صاحبُ حج بيت الله
جي ارادي سان ملتانَ، لاهورَ، دهليءَ مان ٿيندو
اجمير شريف پهتو، جتي سندس دستارَبَندِي ٿِي، جتان
پوءِ پاڻ حج تي هليو ويو. سندس ديوان ڪافين تي
مشتمل آهي. سندن ڪلام نهايت سوز ۽ بيقراريءَ وارو
آهي.
”روهيءَ“ جي قدرتي نظارن سان جِهڙوڪَرَ سندن عشقُ
هو. سندن وفات 6 ربيع الثاني 1319 هجري مطابق 24
جولاءِ 1901ع ۾ ٿي. سندن مزارَ ڪوٽ مٺڻ ۾ آهي، جتي
هر سال عرس ملهائبو آهي ۽ هزارين عقيدتمندَ پنهنجي
روحاني پيشوا جي حاضري ڀريندا آهن.
مير عبدالحسين خان ”سانگي“
مير عبدالحسين خان سانگي، مير عباس علي خان جو
پُٽُ ۽ سنڌ جي آخري تاجدارَ مير محمد نصير خان جو
پوٽو هو. هو سنه 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو هو. اُن وقت
مير عباس علي خان پنهنجي والد سان گڏ ڪلڪتي ۾
انگريزن وٽ نظربندُ هو.
مير عباس علي خان هڪ ڏينهن سُندَرَبن ٻيلي ۾ وڃي
تلوارِ سان شينهن کي ماريو هو. هُن جي اهڙِي
بهادرِي ڏسي، هڪ يوروپين عورت ساڻس شادي ڪئي هئي،
اُن مان مير عبدالحسين خانُ ڄائو هو.
مير عبدالحسين خانُ اڃا ڇهن ورهين جي عمر جو هو،
ته سندن والد ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي، جنهن کي حيدرآباد
سنڌ ۾ کڻائي آيا ۽ ميرن جي قبن وٽ اچي دفن ڪيائون.
هو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي چاچي مير حسن علي
خان ”حسن“ جي سنڀال هيٺ رهيو، جنهن کيس اردو،
فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ تعليم ڏياري. جڏهن ٻارنهنِ
سالن جي عمر کي پهتو، ته پنهنجي چاچي سان گڏ سنڌُ
۾ آيو.
هڪ دفعي هو گنجي ٽڪر جي ڀرسان مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۾
هرڻ جو شڪار ڪندي هڪ نوجوان ۽ خوبصورت دوشيزه تي
موهت ٿي پيو پوءِ ساڻس شادي ڪيائين. اُن مائيءَ
ٿورن ئي ڏينهن ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ کيس ڀٽ شاهه تي دفن
ڪيائون. سندس گهر واريءَ جي جدائيءَ جو مير صاحب
جي دل تي ايترو ته اثر ٿيو، جو ڪجهه عرصو هو
حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه جي وچ ۾ پيرين اُگهاڙو ايندو
ويندو هو ۽ راتين جُون راتيون گنجي ٽڪر تي مجنون
ٿي گذاريندو رهيو.
آخرڪار وڏين ڪوششن سان هڪ انگريز عورتَ کي مسلمانُ
ڪري ساڻس شادي ڪرائي وئي، اُن مان کيسِ ٻه لائق
فرزندَ ڄاوا.
مير عبدالحسين خان فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽُ به
ٿي رهيو. هو شاعرن جي مجلسن، راڳيندڙن جي محفلن ۽
درويشن جي صحبت ۾ به گذاريندو هو، ته اُن سان گڏ
ڪورٽ جو ڪم به پوريءَ طرح سرانجامُ ڏيندو هو. هو
شڪار جو به بيحد شوقين هو. هر سال سياري توڙي
اونهاري ۾ شڪار ڪرڻ نڪرندو هو. ڪڏهن ٿر جي ڀِٽُنِ
تي، ڪڏهن ڪيٽيُنِ ۾ ته ڪڏهن وري کِيرِٿَرَ جبلَ جي
دامَنَ ۾ شڪارُ ڪندو رهندو هو.
مير عبدالحسين سانگي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جو معتقدُ هو ۽ سندس ڪلام سان بيحد پيار هوس. هو
ننڍپڻ کان وٺي فقيري خيالن جو هوندو هو. عشق
بازيءَ ويتر کيس فقيرُ ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هو
امير گهراڻي جو ماڻهو هو، پر سندس دل دردمند هوندي
هُئِي. کيس پنهنجي ملڪ جي غريب ۽ پورهيت ماڻهن سان
اُنسُ هو. سندس دل تي فقيراڻو رنگ چڙهيل هو.
انهيءَ ڪري هُن پنهنجو تَخَلّصُ ”سانگي“ اختيار
ڪيو. ”سانگي“ معنيٰ ”ڪجهه وقت گذاري وڃڻ وارو“.
سانگي صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه، اخلاقي، عاشقانه،
فطرت نگاري، سيرت نگاري، مداحيه ۽ مذاقيه مضمون
آهن. هُن جڏهن ٻي شادي ڪئِي ته سندس دماغ تان عشق
جي مستيءَ جا پردا لهي ويا، تڏهن پنهنجي شعر ۾ چوي
ٿو ته:
جنهن ٿي ڏٺو مون کي، تنهن ٿي چيو چريو چريو
پنهنجي پرينءَ ڏي مون جي ڏٺو ٿي وريو وريو.
فرقت ۾ پنهنجي حال تي مون پاڻ ٿي رُنو،
سڀڪنهن چيو ٿي عشق جو ڏونگر ڏريو ڏريو.
سچ آهي سَنگَ سَختَ کان انسانُ سنگدل،
جن ري نه دم سريو ٿي سو سانگي سريو سريو.
مير سانگي صاحب جن جڏهن اڃا ڪلڪتي ۾ هئا، ته اُن
وقت چيو اٿن ته:
پيارج پرت جو پيالو الاً يَا اَيُّهاَ السَّاقِي،
اسان جو ملڪ بنگالو الا يا اَيُّهَا السَّاقِي.
مير عبدالحسين سانگيءَ چوهتر ورهين جي عمر ۾ سنه
1924ع ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت مطابقُ کينِ ڀٽ شاههَ
تي دفُن ڪيو ويو.
پير حسام الدين راشدي
انسانُ فردَ جي حيثيتَ سان جَڏهن پنهنجي انفراديتَ
جا جوهر ڏيکارڻ لڳي ۽ ساڻُسِ گڏُ رهندڙَ ۽ ڪم
ڪندڙَ هم جنسَ هُن جي خوبين کان متاثر ٿي پنهنجي
سوچَ ۽ سيرتَ کي موڙڻَ لاءِ آماده ٿين تهَ اُن فرد
کي رهبر چئجي ٿو. جيڪڏهن ڪو فردُ پنهنجي تائيدَ ۽
حمايتَ جي حَد تائين ماڻهن ۾ مقبولُ ٿئي ته اُنَ
کي ورڪرُ ۽ ڪارڪنُ چئجي.
سنڌ رهبر به پيدا ڪيا ته ڪارڪن به.
ماڻهن جي هن بي تحاشا هجوم ۾ اُهي انسانَ جيڪي
سوچين ٿا، لوچين ٿا ۽ ڪنهن ڪارائتي وَٿُ کي ڳولين
ٿا ۽ اُن راهه ۾ رُڪاوٽن ۽ مشقتن کي ڀوڳين به ٿا،
۽ پوءِ اُن ڳوليل وَٿُ کي پنهنجي قوم آڏو آڇين ٿا،
جيئن ان مان انهن جو ڀلو ٿئي، اَهڙا انسان انسانيت
جا محسن آهن. پوءِ اِها وَٿ ادب جي حيثيت ۾ هجي،
شاعري هجي، فلسفو هجي، سائنسي ايجادَ هجي، نظرياتي
قدر هجي، علم ۽ فن جي ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندڙ
شيءِ هجي. اها پوريءَ قوم لاءِ وقف ٿي وڃي ٿي، ۽
ان اديب، شاعر، محقق، فنڪار، سائنسدان ۽ سياستدان
وغيره کي قابل قدر ۽ قابل احترام شخصيتن جي فهرست
۾ جاءِ ملي ٿي. اهڙيءَ طرح قومون پنهنجي اجتماعي
ڪردارَ جي برڪت ۽ حرڪت جو تسلسلُ برقرارُ رکن
ٿيون.
اسان جي اَڄ جي صحبت جو فرد به اهڙن ئي بابرڪت
عالمن ۽ محققن جي صف اول جو منفرد شخص آهي، جيڪو
حسام الدين راشديءَ جي نانءَ سان ملڪ توڙي ملڪ کان
ٻاهر پنهنجي بصيرتَ ۽ سيرت جي هُڳاءُ کان مشهور
آهي. پير حسام الدين راشدي پنهنجي سِرِ پاڻَ هڪ
مڪتب هو، حقائقَ جو وسيعُ ايوان هو. تواريخ، ادبَ،
شعر ـــ خاص طور تي فارسي زبان جي قديم توڙي جديد
علم و ادب جي ذخيرن جو وڏو ڄاڻُو ۽ قدردان هو. سنڌ
فارسي زبانَ ۽ ادبَ کان صدين کان روشناسُ هئي، ۽
مٿس ايران ۽ افغانستان جي تهذيبن جو خاصو اثر هو،
راشدي صاحب سنڌ ۽ ايران جي علمي ميثاقَ جو نه رڳو
قدردان هو بلڪ اُن جو امين هو.
سندس شخصيت جي اِها عظمت هئي ته هو باوجود هڪ پير
۽ سيد خاندان جي فرد هوندي، روايتي ۽ مدي خارج
پيري مريديءَ جي بي سودُ ۽ بي فيضُ سلسلن کان باغي
هو.
هو هڪ روشن دماغ، خوددارُ ۽ بي باڪ نقاد هو، جنهن
پنهنجي ساري ڄمارَ تحقيق، تدوين ۽ تلاش حق ۾ صرف
ڪئي. هو سنڌ جي هڪ ڳوٺ بَهَمڻَ ۾ ڄائو، مگر سندس
سيرتَ ۽ فضيلتَ جو واس پوري برصغير، ايران ۽
افغانستان جي علمي حقلن تائين پکڙيو.
سنڌ ۾ هن اردو، سنڌي سرائڪي، پنجابي ۽ پشتو زبانن
جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو ۽ هر هنڌ پنهنجا دوست ۽
قدردان پيدا ڪيا.
هُو ڪُلُ وقتي طالب العلم ۽ طالب التحقيق هو.
جيتوڻيڪ روايتي طور تي هو ڪنهن ڪاليجَ،
يونيورسٽيءَ، يا دارالعلومَ جو باقاعده استاد ۽
معلمُ ڪونه هو، ۽ هُن جا ڪي رسمي شاگرد ڪونه هئا،
مگر نِجي محفلن ۽ شغُلَنِ ۾ ادبي گڏجاڻين ۽ اهم
قومي ورسين جي موقعي تي، هن جي ٻولن ۽ قولن جا
ڪيئي مشتاق هئا، جيڪي کيس احترام سان ٻڌندا هئا، ۽
فيض حاصل ڪندا هئا. پاڻَ هُونءَ ڪيترن تحقيقَ ۽
ريسرچ جي طالبن جي، خاص طور تي تاريخ ۽ ادبَ جي
موضوعن تي، رهبري ڪندا رهيا، جن پوءِ پي ـــ ايڇ
ـــ ڊيءَ جي اعليٰ سَنَدُنِ کي حاصل ڪيو.
پاڻَ ڪيترا ئي مقالا ۽ مضمونَ، ملڪي ۽ بين
الاقوامي رسالن ۽ ادبي شهپارن ۾ تحرير ڪيائون.
سندن ضخيم تصنيفات ۽ تاليفات جو به خاصو تعداد
آهي، جن مان ڪي اهم نالا هي آهن:
1. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون.
2. هو ڏوٿي هو ڏينهن.
3. تذڪره امير خاني.
4. تاريخَ مظهر شاهجهاني.
5. مقالات الشعراء.
6. مير معصوم بکري.
اِهي سندس شاهڪار تصنيفون تاليفون آهن. پاڻ انجمن
ترقيءَ اردو جو مستقلُ ميمبر رهيو، اردو ڊيولپمينٽ
بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو، سنڌي ادبي بورڊ جو به
مستقل ميمبر رهيو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ائڪيڊيمڪ
ڪائونسل جو ميمبر هو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سِينيٽَ
جو ميمبر رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ تي
1963ع کان ميمبر مقرر ٿيو، جنهن تي آخر تائين
برقرار رهيو. پاڪستان سرڪار 1958ع ۾ نئشنل ميوزيم
ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، اُن جو به راشدي صاحبُ
آخر تائين ميمبرُ رهيو.
1964ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان کيس تمغهء امتياز ڏنو
ويو.
1965ع ۾ کيس پاڪ روس ڪلچرل اَئسوسئيسن جو نائب صدر
چونڊيو ويو.
1966ع ۾ افغان حڪومت جي دعوتَ تي افغانستان ويو،
جتي پاڪ افغان مشترڪ تاريخي ورثي ۽ لاڳاپي تي
تحقيقي موادَ جو مطالعو ۽ موازنو ڪيائين.
1900ع ۾ ايران جي شاهه جي دعوت تي ايران ويو، جتي
شاهه ايران فارسي زبان ۽ ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جي
خذمتِن جي صلي طور کيس نشانِ سپاس (درجه اول) عطا
ڪيو.
پاڻ پهرين اپريل 1982ع تي اسان سڀني کي الوداع
چئي، اهڙي پار هليا ويا، جيڏانهن هرڪو وڃي ٿو پر
جِتان موٽڻُ ممڪنُ ناهي.
رَئيسُ غلام محمد خانُ ڀُرڳڙِي
سنڌ جي جاگيردارِي ۽ زمينداري سماجَ ۾ ڪي بِنِههِ
ٿورا زميندارَ ۽ وڏيرا اَهڙا به ٿي گذريا آهن، جي
دستوري وڏيرڪي مزاج سان گهمنڊ، خودغرضي، ڏاڍائي،
بي حسي، غريبان مارَ، استحصالي عيبن کان آجا قرار
ڏيئي سگهجن ٿا. انهن ۾ جناب غلام محمد خان ڀرڳڙي
کي سرفهرست ڳڻي سگهجي ٿو. هن بظاهر رئيس ۽ وڏي
زميندار جي جبلت ۾ انسانَ ذات جي ڀلائيءَ ۽
همدرديءَ جو ڪو انگورئون ڀَلو سَلو مجود هو.
مظلومن، مسڪينن ۽ غريبن لاءِ هُن جو هڏ ڪُرڪندو
هو. اُنهي معاملي ۾ هُو ڏاڍو ڪو بي غرض، حساس ۽
مخلص ماڻهو هو. هن عام ماڻهن، هارين نارين ۽
پورهيت طبقي لاءِ جيڪي به سياسي ۽ سماجي ڪَشالا
ڪيا ۽ انهن جي سُڌاري لاءِ جا به جدوجهد ڪئي، اُن
جي پوئتان ڪابه نمائشي ڪيفيتَ ۽ واهه واهه جي تمنا
ڪانه هئي.
سنڌ جي هن آزاد خيال، باهمت زميندار 1908ع ۾
انگلينڊَ مان بئريسٽريءَ جو امتحانُ پاس ڪيو ۽
حيدرآباد شهر ۾ اچي وڪالتَ جي فرم کوليائين ۽ ان
سان گڏوگڏ سياستَ ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيائين. اُن
دوران شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ به مسلمان ٿي اچي رئيس
غلام محمد ڀرڳڙيءَ وٽ رهائش اختيار ڪئي. ڀرڳڙي
صاحب جيئن ته ”الامين“ اخبار جاري ڪري چڪو هو، اُن
جي ايڊيٽريءَ جي چارجَ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
حوالي ڪيائين.
ڀرڳڙي صاحب 1909ع کان اِنڊين نئشنل ڪانگريس جو
ميمبر ٿي رهيو ۽ هَرَ سال بِلا ناغي ان جي اجلاسن
۾ شرڪت ڪندو رهيو، ساڳئي سال جي آخر ۾ ”مِنٽو
مارلي رفارمس“ تحت نيون چونڊون ٿيون. انهن ۾
زميندارن ۽ جاگيردارن جي عيوضيءَ طور سنڌ مان رئيس
غلام محمد خان ڀرڳڙي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو
ميمبر چونڊجي ويو، ۽ 1920ع تائين ان ۾ رُڪُنُ
رهندو آيو. اُنهي مدي دوران پاڻ گهڻو ڪري
غيرسرڪاري پارٽيءَ ۾ رهي ڪم ڪيائين.
سنڌي مسلمانن ۾ تعليم جي گهٽتائيءَ کي محسوس ڪندي،
پاڻ ”مسلم ايڊيوڪيشن سيس بِلُ“ تيار ڪري، ڪائونسل
۾ پيش ڪيائين، جنهن موجب سنڌ جي هر مسلمان زميندار
کان ڍَلَ جي هڪ روپئي تي هِڪُ پَيسو اُڳاڙي، هارين
جي ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪرڻو هو. پر جڏهن ڀرڳڙي
صاحب اُن بِلَ جي تائيد لاءِ زميندارن کان صحيحن
وٺڻ جي مهمَ شروع ڪئي، ته زميندارن جي وڏيءَ
اڪثريت اُن هڪ پيسي ڏيڻ کان صفا نابري واري: چي،
”هارين جا ٻار پڙهندا ته اسان جي تابعداريءَ مان
نڪري ويندا!“ حڪومت اڳيئي درپرده اُن بِلَ جي
مخالف هئي. بهرحال، اها تجويز بحال ٿي نه سگهي!
سنڌُ ۾ رَسائيءَ ۽ لاپي جي نالي ۾ سرڪاري ڪامورن
جي گشت وقت انهن جي عياشين ۽ شاهه خرچين لاءِ هڪڙي
غيرقانوني رقم زميندارن کان اڳاڙي ويندي هئي. اُن
جي باوجود عام ۽ غريب ماڻهن کان بيگر ۾ ڪيترا ڪم
ورتا ويندا هئا، جن جو هُنن کي ڪوبه اُجورو ڪونه
ڏنو ويندو هو. مثلاً، رستا ٺهرائڻ، جهنگ وڍرائي
صاف ڪرڻ، تنبو کوڙائڻ، ڪامورن جي وهٽن لاءِ گاهه ۽
چارو ميسر ڪرڻ ۽ پاڻي ڀرائڻ، رستن تي ڇڻڪار ڪرائڻ،
شڪار ڪرائڻ، وغيره. غريبن کي مار موچڙو هڻي، بي
عزتو ڪري کانئن اِهي ڪم ورتا ويندا هئا، ان جو
عيوضو ته پري ٿيو پر مسڪينن کي مانيءَ جو هڪ ويلو
به ڪونه کارايو ويندو هو!
رئيس ڀرڳڙِ صاحب اُن نِسوري ناحَقَ ۽ ظلم کي بند
ڪرائڻ لاءِ ڪائونسل ۾ زوردار موقفُ اختيار ڪري،
تقريرون ڪيون ۽ اُن زيادتي ۽ زبردستيءَ جي خلاف
اِنڪواريءَ لاءِ حڪومت تي زور ڀريو. سرڪار اُن
لاءِ آماده ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي انگ اکر پڌرا
ٿيا، انهن ۾ اها حقيقت جيئن جو تيئن صحيح نڪتي.
سرڪار سختيءَ سان ڪامورن کي نوٽيس سرڪيولر جاري
ڪري اُن رسم کي بند ڪرڻ جا حڪم صادر ڪيا. مگر
افسوس جو مڪمل طور وري به اها ختم ٿي نه سگهي.
سنڌ جي بمبئيءَ پريزيڊنسيءَ کان آزاد ڪرائي، کيس
مڪمل صوبي ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي حيثيت ڏيارڻ
لاءِ رئيس صاحبَ ۽ سندس ساٿين، جهڙوڪ: شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ، سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ سيٺ
هرچند راءِ وشنداس وغيره، گڏجي، ڪوششون ڪيون، جنهن
جي نتيجي ۾ نيٺ سنڌ بمبئيءَ جي بالادستيءَ کان
نِجات حاصل ڪئي ۽ کيس صوبي جو درجو مليو.
ٻيا مکيه مسئلا جن ۾ خاص طرح ”عام ماڻهن جو ڀلو“
هو، اُنهن ۾ رئيس دلچسپي ورتي، ۽ اُنهن قانوني
اقدامن واسطي بل يا اُنهن جي تائيد ڪئي، اُهي هن
ريت آهن:
1. اُردو پرائمري تعليم لاءِ ٺهراءُ.
2. چيرِيٽِيرِ رجسٽريشن بِلُ.
3. اِرِيگيشَن بِلُ.
4. ڊسٽرڪٽ ميونسپل بِلُ.
5. فِري ڪَمَپلسري ايڊيوڪيشن بِلُ.
6. وليجِ پئنچائت بِلُ.
7. ڪاٽَن ڪنٽرول بِلُ، وغيره
ڪانگريسَ جو اُهو اهم اجلاس، جيڪو ڪراچيءَ ۾ 26،
27، 28، ڊسمبر 1913ع ۾ نواب محمد بهادر (جيڪو ٽيپو
سلطان جي اولاد مان هو) جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾
رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کان علاوه سر آغا خان،
محمد علي جناح، لالا لجپت راءِ ۽ ٻيا سرڪرا ليڊر
پڻ شريڪ ٿيا هئا، اُن اجلاس کان پوءِ ڪافي سنڌي
اڳواڻَ جناح صاحب ۽ ڀرڳڙي صاحب سان گڏجي، آگري ۾
ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگَ جي اجلاس ۾ به وڃي شريڪ
ٿيا هئا، جنهن جي صدارت سر ابراهيم رحمت الله ڪئي.
اُهو اجلاس ساڳئي سال 30 ڊسمبر 1931ع ۾ ٿيو. اُن ۾
مسلم ليگ هندستان لاءِ خود حڪومت جو ٺهراءُ پاس
ڪيو.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ اِنَ وچ ۾ جناح صاحب کان
سواءِ جِن ٻين اهم سياسي اڳواڻن سان لاڳاپا قائم
ڪيا ۽ گڏجي جدوجهد ڪئي، انهن ۾ راجا صاحب محمود
آباد، غلام علي چاڳلا، مولانا ابوالڪلام آزاد،
ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري قابل ذڪر آهن.
جناح صاحب ۽ ڀرڳڙي صاحب جي گڏيل ڪوشش سان ڪانگريس
۽ مسلم ليگ ۾ هڪ سمجهوتو ٿيو، جنهن کي بعد ۾ ”لکنو
پئڪٽ“ جي نالي سان سڏيو ويو.
ڀرڳڙي صاحب 15، 16، 17 فبروري 1920ع تي بمبئيءَ ۾
ٿيندڙ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي اجلاس جي صدارت
ڪئي. اُن اجلاس ۾ جن مکيه ماڻهن شرڪت ڪئي، اُنهن
مان ڪن جا نالا هي آهن:
(1) قائداعظم محمد علي جناح، (2) مولانا ابو
الڪلام آزاد، (3) مولانا عبدالباري فرنگي محلي،
(4) مولانا ظفر علي خان، (5) ڊاڪٽر سيف الدين
ڪِچلُو، (6) مولانا حسرت موهاني، (7) مولوي فضل
الحق (شيرِ بنگال)، (8) سيٺ حاجي عبدالله هارون،
(9) پير راشد الله شاهه جهنڊي وارو، وغيره.
اُن ڪانفرنس ۾ ڏهاڪو هزار کن ماڻهن شرڪت ڪئي ۽
انگريزن جي خلاف پاليسيءَ کي سختيءَ سان ننديو ويو
۽ ان جي خلاف ٺهراءُ بحال ٿيو.
31 مارچ 1923ع ۾ لکنو ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو
اجلاس ٿيو، ان جي صدارت به رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙيءَ ڪئي. اُن اجلاس ۾ ڪافي ميمبر جيلن ۾ هئڻ
ڪري شريڪ نه ٿي سگهيا هُئا. اُن ۾ راجا صاحب محمود
آباد بهرحال شريڪ هو، ڀرڳڙي صاحبَ اُن اجلاس ۾ هڪُ
تفصيلي صدارتي خطبو پڙهيو، جيڪو 58 صفحن تي مشتمل
هو، جنهن ۾ اُن وقت جي قومي توڙي بين الاقوامي
مسئلن تي سير حاصل بحث ڪيائين.
ڀرڳڙي صاحبُ وڏيءَ دل وارو، سخي ۽ مَٿيرُ مڙس هو.
زمينداريءَ مان چڱي پيدائش هُيس. کيس عياشين ۽
پئسي ميڙڻ جو حرص ڪونه هو. وڪالت کي پيشو ڪري
استعمال ڪونه ڪيائين. اڪثر ڪيس مفت ۾ کڻندو هو.
سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪنَ سندس مدد ۽ مهمان نوازيءَ
مان مستفيد ٿيندا رهيا.
شيخ عبداالمجيد سنڌيءَ جي مسلمان ٿيڻ تي، هندن جي
داخل ڪيل ڪپس کي به ڀرڳڙي صاحب دوستيءَ ۾ هلايو.
حُرن کي جڏهن لوڙهن ۾ بند رکيو ويو، تڏهن اُنهن کي
آزاد ڪرائڻ لاءِ به ڀرڳڙي صاحب ڪيسُ پاڻ هلايو.
ڀرڳڙيءَ صحاحب جو مسلَڪُ ۽ مذهبي عقيدو صوفياڻو ۽
فرقيبنديءَ کان ڪوهين دُور هو. ڪٽرپڻي کان کيس
بُڇان هُئي. هِن درويش صفت، آزاد منش ۽ غريبن جي
هڏڏوکيءَ، بئريسٽر، زميندار، اصول پرست ۽ ايماندار
سياستدانَ 9 مارچ 1924ع تي نمونيا جي بيماريءَ ۾
وفات ڪئي.
حيدرآباد جا هزارين شهري جن ۾ مسلمان، هندو، مرد
عورتون سڀني فرقي جا ماڻهو شامل هُئا، سندس جنازي
۾ غمناڪ ٿي شريڪ ٿيا. کيس پنهنجي ڳوٺ ڊينگاڻ
(ٿرپارڪر ضلعي) جي سندس اَباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو
ويو.
سَر حاجي عبدالله هارون
جهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمان زميندارن ۽ آبادگارن ۾
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي هڪ مخلص، باهمت قومي،
سياسي ۽ سماجي ڪارڪنُ ۽ رهنما ٿِي ڪم ڪيو، ساڳئيءَ
طرحَ سنڌ جي مسلمانَ واپاري طبقي مان سَر حاجي
عبدالله هارون به ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ بي
غرضُ ٿي قومي خدمت جو فرض بجا آندو.
هن جا وڏا اصل ڪڇ جي لوهاڻه هندن مان مسلمانَ ٿي،
”موئمن“ ۽ پوءِ ميمڻ سڏجڻ لڳا. هن جي قبيلي جو هِڪ
فرد ميان هارون سنڌ تي انگريزن جي حملي ۽ قبضي کان
پوءِ 1858ع ڌاري واپار جي خيال کان لڏي اچي
ڪراچيءَ ۾ ويٺو. اُنهي ساڳئي دور ۾ بمبئيءَ کان
عَلَوِي ڪٽنب جا بوهرا ۽ ڊِنشا قبيلي جا پارسي به
لڏي اچي ڪراچيءَ ويٺا ۽ واپار جو شغلُ اختيارُ
ڪيائون.
سيٺ هارون کي ٻه فرزند هئا، هڪ جو نالو محمد عثمان
۽ ٻئي جو نالو عبدالله هو، جو پوءِ ”سَر حاجي
عبدالله هارون“ جي نالي سان مشهور ٿيو. پاڻ سنه
1872ع ڌاري ڄائو، اڃا چئن سالن جو ٻارُ هو، ته
سندس والد وفات ڪري ويو ۽ سندس والده هن جي پروش ۽
تعليمَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي، ڏاڍيءَ
هوشمنديءَ ۽ جرئت جو ثبوت پيش ڪيو. کيس پهريائين
گجراتي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين ۽ پوءِ انگريزي
اسڪول ۾ تعليم ڏياريائين.
هن پهريائين ننڍي پيماني تي واپار شروع ڪيو. پر
پوءِ پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان وڏو واپاري
بڻيو. واپار ۾، سندس هڪ سونهري اصول هيءُ هو ته
پاڻ مُوڙيءَ کي خيال ۾ رکي، واپارُ ۽ ڪاروبار ڪندو
هو، ۽ گهڻي يا ترت فائدي جي لالچ ۾ پنهنجي ناموس
جي جوکم کڻڻ جو عادي نه هو. ڪمائيءَ مان زڪوات جي
رقم هر سال باقاعدگيءَ ۽ ايماندريءَ سان ادا ڪندو
هو.
واپار کان پوءِ پاڻ سياست ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن
۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1889ع ۾ حج جو فرض ادا
ڪيائين. 1937ع ۾ کيس سَر جو خطاب مليو. 1939ع ۾
خاندان سميت اوٽاوا )ڪئناڊا) ۾ سڏايل اقتصادي
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، ۽ موقعي ملڻَ تي يورپَ جو سير
ڪيائين. سندس وڏي فرزند يوسف هارون جي شادي آغاخان
جي ڪٽنب مان ٿي.
پاڻ 1901ع کان سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪري چڪو هو.
بتدريج ان وقت جي اهم سياسي اڳواڻن جهڙوڪ سَر آغا
خان، مولانا آزاد، حڪيم اجمل خان، مير ايوب خان،
جمشيد مهتا، هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا جن
سان لاڳاپا قائم ڪيائين، ۽ اُنهن سان گڏجي ڪَمَ
ڪرڻ جو موقعو مليس. اُن وچ ۾ قائداعظم جناح صاحب
سان گهاٽا لاڳاپا جوڙيائين ۽ مسلم ليگ ۾ شموليت
اختيار ڪيائين.
سيپٽمبر 1919ع ۾ طرابلس جي جنگ لڳي، ته ترڪن جي
مدد لاءِ ”هلال احمر“ نالي ڪميٽيون سڄي هندستان ۾
جوڙيون ويون، جيئن چندا ڪري پيسا ۽ ٻيو ضروري
سامان ڪٺو ڪري، ترڪن لاءِ موڪلجي. سنڌ جي هلال
احمر ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ۽ خزانچي به سر عبدالله
هارون کي چونڊيو ويو.
1929ع ۾ هند سرڪار طرفان بئنڪِنگ انڪوائري ڪميٽي
ٺهي، ته حاجي عبدالله هاورن ان جو ميمبر مقرر ٿيو.
1930ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس الهه آباد ۾
منعقد ٿي، جنهن جي صدارت سيٺ حاجي عبدالله هارون
ڪئي، ۽ اُن ۾ مسلمانن جي تنظيم، تعليم جي مسئلن تي
ٺهراءُ بحال ٿيا. دهليءَ ۾ ساڳئي سال آل انڊيا
مسلم ڪانفرنس سَر آغا خان جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾
پڻ حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪئي. 1930ع ۾ سنڌ جي
مسلمانن طرفان سنڌ جي مالي حالت جو تجزيو ڪرڻ لاءِ
هڪ جانچ ڪميٽي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ٿيو. سيٺ
عبدالله هارون کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽
ان عهدي تي هُن 1935ع تائين رهي ڪم ڪيو.
هندستان ۾ ڪانگريس جي رويي کان مجبور ٿي بنگال ۽
پنجاب جي وڏن وزيرن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري
ورتي هُئي ۽ جڏهن سنڌ ۾ به ڪانگريس جي قول ۽ فعل ۾
تضاد ظاهر ٿيڻ لڳا، ته ڪراچيءَ ۾ جناب محمد علي
جناح قائداعظم جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو اجلاس سڏايو
ويو، جنهن ۾ مرحبائي ڪميٽيءَ جو صدارتي خطبو سَر
حاجي عبدالله هارون پڙهيو، ۽ خاص طرح اُن کان پوءِ
حاجي صاحبَ مسلم ليگ جو مکيه ۽ مخلصُ رڪن ٿي ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو. کيس سنڌ کان ٻاهر صدارتن لاءِ ڪافي
مرتبا سڏايو ويو. 1941ع ۾ لائلپور جي شاگردن جي
ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت پاڻ ڪيائين ته 1942ع ۾
الهه آباد ۾ انڊيا سيرت ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت
به جناب عبدالله هارون ڪئي.
27 اپريل 1942ع تي حاجي صاحب اوچتو دل جي دوري پوڻ
ڪري وفات ڪري ويو. مزڪري اسيمبليءَ ۾ سندس خالي
ڪيل جاءِ تي سندس فرزند يوسف هارون بِنا مقابلي
چونڊجي آيو. سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن جي عام ڀلي لاءِ
سوچيندڙ ۽ فعال سياستدان سيٺ سر حاجي عبدالله
هارون جو خال اهڙو هو جو ڀرجي نه سگهيو. پاڻ سنڌ ۾
تعليمي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي سڌارن آڻڻ لاءِ هڪ
مخلص ۽ سچارَ ڪارڪنَ جي حيثيت سان جيترو سرمايو،
وقتُ ۽ محنت ڪم ۾ آندائين، ان لحاظ کان سندس شخصيت
بجا طور تي سنڌ ۽ پاڪستان جي صف اول جي رهنمائن ۾
شامل ٿيڻ جو مستحق آهي. |