عمر مارئي
عمر سومري جي زماني ۾، ٿر مَلڪَ جي ملير ڳوٺَ ۾،
پالِڻِي نالي هڪ پهنوارُ رهندو هو. هيءُ مسڪين
مارو ۽ سندس زال ماڏوئِي سارو ڏينهن مالَ سان
پَهُرِي، اُن کي جهنگُ چاري ايندا هئا. سندن
گذرانُ ڏٿَ ڏونري ۽ جهڻِ مکڻَ تي هوندو هو. ڪجهه
ٻني ٻارو به هئنِ جنهن جي پوکَ ڦوڳَ نالي هڪ
هاريءَ جي همراهي سان ڪندا هئا. کين سڪي پني هڪ
نياڻي ڄائي هئي، جا ڄاپندي حُر جهڙي حسين هئي ۽
جيئن ويئي وڌندي تيئن ويئي هيڪاري سونهن ۾ سرس
ٿيندي. آخر جڏهن سامائي، تڏهن سندس حسن جي هاڪ
هنڌين ماڳين هلي ويئي. اها سوڀياوان سندري، جا
مارو قوم جي مُرڪَ هئي، تنهن کي سڏيندائي ”مارئي“
هئا.
پالپڻي کان ئي ڦوڳ جو مارئيءَ تي ڏاڍو ارواحُ هو.
سو هاڻي ته سندس جوانيءَ جو جلوو پسي، ويتر مٿس
مستُ ٿي پيو. آخر پاڻ جهلي نه سگهيو، هڪ ڏينهن
وُجهه وٺي پالڻي کان مارئيءَ جو سنڱ گهريائين.
پالڻي ته مارئيءَ جي مائٽي پنهنجي هڪ نياتيءَ، کيت
سين، سان اڳيئي ڪري ڇڏي هئي، سو صفا نابِري
واريائين. ڦوڳ جون آسون اميدُون سڀ پٽ پئجي ويون ۽
نهن کان چوٽيءَ تائين باهه وٺي ويس. پوءِ ته ساڙي
۽ حسد وچان وير وٺڻ جون، سٽون سٽڻ لڳو. پهه پچائي
پچائي، آخر اها رٿَ رٿيائين ته ڪو حيلو هلائي،
مارئيءَ کي عمر جي ڦندي ۾ ڦاسايان. انهيءَ مرادَ
سان ملير ڇڏي، اٿي امرڪوٽ ڏي ڏنڌ پيو، ۽ سَٽُون
ڏيندو ستت ئي اچي منزلَ مقصُود تي پهتو. عمرَ اوڏي
مهل پنهنجن اميرن وزيرن سان ڪچهري ڪيو ويٺو هو، ۽
کين هدايتون پئي ڪيائين ته رعيت سان ستم ڪرڻ آهي
پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ. اوچتو سندس اک وڃي ڦُوڳ
تي پيئي، جو دَر وٽ داد لاءِ دانهُون ڪري رهيو هو.
هُن کي هڪدم سڏائي کانئس پڇيائين ته “تُون ڪيرُ
آهين ۽ توسان ڪهڙي ويڌَن آهي؟“ ڦوڳ هٿ ادب جا ٻڌي
عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! هن بندي کي حضور جن سان
هڪ خلاصي خبر ڪرڻي آهي.“ عمر انهيءَ ساعت ڪچهري
برخاست ڪئي ۽ ڦوڳ کي فرمايو ته ”چؤ جيڪي چوڻو
هجيئي.“ ڦوڳ عرض ڪيو ته ”جهان پناههَ! ملير جي ڳوٺ
۾ مارئيءَ نالي هڪ نينگر آهي، جنهن جي ڪهڙي صفت
ڪريان. آهي سا ڌنار جي ڌيءَ پر سج به سندس اڳيان
سرُ نمائي ٿو، لڱن تي ليڙون اٿس، پر جي لاکيڻو
لباس پهري ته هوند پرين کي به پري بيهاري. اهڙي من
موهڻي صورت شاهي محلات ۾ ئي سونهي.“
اِهو حال سڻي عمرَ کي نياءَ جون نصيحتون وسري
ويون، مارئيءَ جي اڻ ڏٺل صورت تي اَڪَنُ ڇَڪَنُ ٿي
پيو ۽ پڪو پِرِنُ ڪيائين ته کيس حيلي بهاني هٿ
ڪري، پنهنجي پَٽَ راڻي بڻائيندس. پوءِ پاڻ ۽ ڦوڳُ
ويس بدلائي، وهٽَ پلاڻي، ملير ڏي ڪاهيندا ويا. ٻه
چار منزلون ماري، ٽئين ڏينهن سج اُڀرئي ئي، اچي
ملير کي اوڏو پيا. هاڻ پاڻ ۾ پهڻ لڳا ته ڪهڙي ريت
مارئيءَ کي ڦُسلائي ڦندي ۾ آڻجي. اُهي گهاٽ
گهڙيندا، اچي ڳوٺ واري کوهه وٽ نڪتا. ٿر جا کوهه
اڪثر اُونها ٿين ٿا، جن مان پاڻي ڪڍڻُ البت وقت
پُڇي. انهيءَ سبب ٿر ڄايون آڌيءَ اُٿي، سنجڻ
وينديون آهن، ۽ جيڪي ويسليُون ٿي سمهي رهنديون
آهن، تن کي ڏينهن جو وارو مشڪل ملندو آهي، ڇو ته
پوءِ گهر جي ٻِيءَ ورتڻَ ۾ ئي رڌلُ رهنديون آهن.
مارئيءَ به راڄَ جي رواجَ پٽاندڙ، هر روز وڏيءَ
ويرُ اُٿي، کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي. قضا سان
اڄ ننڊَ نهوڙي نيو هوس، سو جيئن جاڳي، تيئن گهڙو
کڻي، اُٿي کوهه ڏي هلي. اتي سندس هڪ ساهيڙي به
بيٺي هئي، جنهن سان اڃان کليائين کيڪاريائين پئي،
ته اوچتو سندس اک پريان اُٺَ تي ايندڙ مسافرن تي
وڃي پيئي. انهن اوڦٽو آدمين کي ڏسي مارئي هيسجي
وئي، ۽ گهڙو اتي ئي ڦٽو ڪري، پويان پير ڪرڻ لڳي،
پر سندس ساهيڙيءَ کيس همٿائي چيو ته ”ڇو ٿي ڇرڪين؟
هي ويچارا ڪي واٽهڙو ٿا ڏسجن. الائجي متان پاڻ ۽
سندس وهٽ اڃايل هجن ۽ پاڻيءَ لاءِ هيڏانهن ايندا
هجن. گهڻي ۾ گهڻو ته به پاڻ کان پاڻيءَ لپَ
گهرندا، ۽ ان جي عيوض پاڻ به کانئن ملڪ جو واءُ
سواءُ لهنديون سين.“ ساهيڙيءَ جي صلاح تي لڳي،
جهڙو موٽي تڙ تي آئي ته واٽهڙو به اچي مٿان
ڪَڙڪيا. ڦوڳ اڳيئي عمر کي ڦوڪ ڏيئي ڇڏي هئي ته
”مارئي اها اٿيئي.“ اهڙو حسن پسي، عمر جي نينهن کي
نئون نيش اچي ويو. پوءِ پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري
اُٺ هُشائي، لهي هيٺ ٿيو، ۽ اڳڀرو وڌي مارئيءَ کي
منٿ ڪيائين ته ”پاڻيءَ ڍُڪُ پِيارِ.“
ويچاريءَ وسُوڙِل جيئن ڀاڻُ ڀري عمر کي ٿي آڇيو،
تيئن هن کيس بازن کان جهلي کڻي اٺ تي چاڙهيو ۽
واڳُون وٺي، اُٿي وطنَ ڏي وريو.
امرڪوٽ اچڻ سان، عمر مارئيءَ کي نيئي وڃي محلات ۾
قابو ڪيو. رات جو وٽس لنگهي ويو. ڏسي ته هوءَ رتُ
پيئي روئي. سو کيس ليلائي چوڻ لڳو ته ”روڄ راڙي
مان ڇا ورندو؟ ڏڌو کير وري ٿڻين ڪين پوندو، هاڻي
هتي ئي رهي، منهنجي پَٽ راڻي ٿي ويهه. منهنجون
ٻيون سڀ راڻيون تنهنجون گوليون ٿي گذارينديُون، ۽
آءٌ به ساري عُمر تنهنجو ٻڌو ٻانهون ٿي رهندس.“ پر
مارئي جيئن ويئي پنهنجا پکا ۽ پهنوار ياد ڪندي،
تيئن ويتر ويئي هنجُون هاريندي. آخر جڏهن عمر گهڻو
ستايس، تڏهن جوابُ ڏنائنس ته ”منهنجون کيت سين سان
ازل کان ئي لائون لڌل آهن. سو هن بنان منهنجو جيءُ
ٻئي ڪنهن سان مور نه ٻَجَهندو. مِهِرَ ڪري، مون کي
موڪل ڏي ته آءٌ موٽي ملير وڃان.“ پر عمر نه مڙيو ۽
سمجهيائين ته جيئن وقت ويندو گذرندو، تيئن مارئي
ويندي هوڏ تان هٽندي. سندس اها اميد اجائي هئي.
جيئن ويئي ويرم پوندي، تيئن مارئيءَ جي من ۾ ويئي
عمرَ لاءِ ڌڪار وڌيڪ ٿيندي. راتو ڏينهن سانگين کي
ساري، پيئي جُهرندي ۽ جِهڄندي هئي. پر اُنهن مان
به ڪو واهرو ڪونه وريو.
عمرَ به سنديس پچر نه ڇڏي، روزُ رات جو وڃي
لالُچون ڏيئي ريهيندو ريبيندو هوس. پر مارئي پکن
جي پريت ماڙين سان مُورُ نه مَٽي، مارن لاءِ جا
اندر ۾ اڪير هيس، سا هرگز ماٺي نه ٿي ٿيس. عمر جي
پٽ پٽيهرن ۽ مخمل بافتن کي اباڻيءَ لوئيءَ جو مَٽُ
نه ڪيائين. هن جي سونن روپن ڳهڻن، عطرن، عبيرن،
پُلاهن ست رڇين ۽ ميون مٺاين کي تِڇُ سمان ڪري
سمجهيائين. عمر گهڻوئي ڌُتاريس، پر وريوئي ڪينَ.
آخر ڏمرَ وچان کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيائين. بس، پوءِ ته
ويچاريءَ کي ٻنهي پارين حياتي وههُ ٿي آئي.
هيڏانهن عمرَ جا اهنج ۽ ايذاءَ، هوڏانهن مارن جي
لاغرضِي ۽ بيپرواهي. اُتر لڳي، کوهه تان کڄِي آئي
هئي. مٿان اچي واهوندا وريا. مارُن جُون مُندَ
مندَ جُون هاجُون ياد ڪري هنجُون پيئي هاريندي
هئي. سندس ورلاپ ٻڌي واٽهڙو به اکين مان آب پيا
آڻيندا هئا. جي سانڀيڙا اچي سار لهنس ها، ته بندي
بندُ نه ساري ها.
هاڻي اچي مينهن جي موسم ٿي آهي، مارو مال ڪاهي
ڍَٽين پَٽين پکڙجي ويا آهن. هرڪو پنهنجي هاجَ ڪم ۾
ئي پورو آهي، مارئيءَ جو محلن ۾ هِينئون پيو
مُنجهي. نااميد ۽ نراسائي وڪوڙي وئي اٿس. کَٿِي
ليڙون ليڙَ ٿي ويئي اٿس. چڳن ۾ چيڙهه پئجي ويا
اٿس. دل ۾ جا درد جي دونهين پئي دکيس، تنهن هڻي
ميرو ڪري وڌو اٿس. کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو اٿس ۽ مرڻ
وهيڻي اچي ٿي آهي. سو عمر کي سڏائي کيس ٻاڏائي چوي
ٿي ته ”جيئري ته آجائيءَ جو ڏينهن نه ڏٺم. هاڻ وطن
لاءِ واجهائيندي، جي هت مرِي وڃان ته مِهِرَ ڪري،
منهنجو مڙهُه ملير روانو ڪج، ۽ ڪفنُ منهنجو مِرُ ۽
لوبانَ سان واسڻ بدران، اُن کي منهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه
۾ ولين جو واس ڏج.“ ائين چئي ساڻِي ٿِي ڪرِي
پيئِي.
مارِئيءَ کي ائين بيحال ڏسي، عمر جي دِل اُٿلي
آئي. سو هڪدم سندس بند خلاصُ ڪرڻ جو پَههُ ڪيائين.
هُن جو اهڙو ستُ ۽ سچائي ڏسي، سندس منُ ڀڄِي پيو،
۽ هن سَتِيءَ سُلڇڻيءَ کي پنهنجي سڳِي ڀيڻ ڪري
سمجهڻ لڳو، ۽ هُن جي مارن ڏانهن ماڻهو مڪيائين ته
”اَچِي پنهنجي امانت وٺِي وڃو.“ هِي جي سنيهو
سڻِي، ويچارن مارن ۾ نئون ساهُه پيو، پر شڪُ پين
ته متان عمرُ اسان کي ڪوڙو دلبو ڏيندو هجي، سو هڪ
اوٺِي سنڀرائي روانو ڪيائون ته وڃي سُڌِ سَماءُ
لهي اچي. اوٺيءَ اَمرڪوٽَ ۾ پهچي، مارئيءَ سان
ملاقات ڪئي ۽ دلداري ڏنائينس ته ”جهڙو ستُ سيل
رکيو اٿيئي، تهڙو ئي رکيو اچجانءِ، اجهو واهرُو
ورياڪي وريا.“ پوءِ وَهلوئِي ملير موٽيو ۽ مارن کي
وڃي سارو حال سڻايائين. ساري ڏيهه ۾ واڌايُون وري
ويئون. پوءِ ته مارئيءَ جا مائٽ ۽ کيتُ سينُ گڏجي
امرڪوٽ آيا. عمر ساڻس وڏا سهجَ ڪيا. ۽ مارئيءَ کي
سوکڙيُون سڙيُون ڏيئي کيس سندن حوالي ڪيو.
پر کيتَ سينَ جي منُ ۾ مارئيءَ بنسبت بدگمانُ ويهي
ويو هو، ۽ کانئس گوشو پيو ڪندو هو، ۽ اٿندي ويهندي
ويڻَ پيو وجهندو هوسِ.
سانگي سان عمرَ کي پتو پئجي ويو ته ڪيئن نه کيتُ
سينُ مارئيءَ جي سَتَ ۾ شڪَ آڻي، خود سندس بدنامي
ڪري رهيو آهي. ڏاڍي مٺيان لڳيس. سو هڪدم فوج
سنڀرائي مارن تي حمو ڪرايائين. مارن کي کڙڪَ پئجي
ويئي، سو اُٿِي ڀڳا. هاڻي ته هيڪاري چؤ پچؤ ٿيڻ
لڳي. تنهن تي عمر ماڻهن کي به چوڻَ لڳو ته ”هِن
سَتِيءَ جو ورُ ڇوٿو کيس مفت آزاري؟ اِها ڪا خبر
پويس ٿي ته ائين ڪرڻ سان پنهنجيءَ نُور جيان شفاف
زال ڪيڏو انياءُ ڪري رهيو آهي! هوڏانهن هيءَ سڄي
روئدادِ ڏسي، مارئيءَ کي ڏاڍو ارمانُ ٿيو، پوءِ
مارن جي هيءَ پاڪدامن نياڻي، نيات جي زالن کي
تسليٰ ڏيئي، پنهنجي معصوم مَنَ جي زرو تي سڌو عمر
وٽ لنگهي ويئي، ۽ وڃي چيائينس ته ”تُون هِن ملڪَ
جو والِي آهين، جي اهڙا ابتا پارَ نه هلين ها، ته
اڄُ نه پاڻ کي پُڻائين ها، نه مون کي. پرائيءَ لَڄ
کي ٻارهن مهينا ڪوٽ ۾ قابوُ رکي، ناحق هن کي شڪَ
شبهي جو شڪارُ بنايُئي! لوڪَ کي سچَ ڪوڙَ جي ڪهڙِي
ڪَل؟ جي اسان تي بهتان رکيائون، ته ان ۾ ڪهڙو عجب؟
غيرت وچان جي منهنجو ڀتارُ مون کي هڻي ماري وجهي،
ته به ڏوهي نه چئبو. تلافي ته ڪا نه ڪَيئه، اٽلو
آيو آهين ڏکويلن کي وڌيڪ ڏکوئڻ! منهنجا افعال ساري
امينُ ٿي ڏسُ، ته ڪنهن جو ڏوههُ آهي؟“ عمر کي اها
ڳالهه دل سان لڳي آئي، ۽ پنهنجي ڪِئي کان پشيمانُ
ٿِي، فوج واپس گهرائي ورتائين. پوءِ کيتَ سينَ کي
سڏائي چيائين ته ”قسم کڻِي ٿو چوان ته مُون کان ڪا
خيانتَ سرزد ڪانه ٿي آهي. انهيءَ ڳالهه کي ثابت
ڪرڻ لاءِ آءٌ ڪهڙِيءَ به پريکشا لاءِ تيارُ
آهيان.“ پر مارئي چيو ته ”پريکشا مُون کي ئي
جڳائي، مَنَ اِئين ئي پاڻ تان ۽ پنهنجي ڪُرَ تان
ڪارنهن جو ٽڪو لاهيان!“ اِها رٿ قبول ٿي. پوءِ هڪ
آڙاهه تيارُ ڪرايو ويو، ۽ منجهس هڪ لوهه جي سيخَ
تپائڻ لاءِ وڌي ويئي. جڏهن اُها تپِي لعل ٿي، ۽
کنوڻِ جيئان جهلڪا ڏيڻ لڳي، تڏهن مارئي اُن کي هٿن
۾ جهلي بيٺي. خدا جي جوڙَ، جو لَهسَ به ڪانه آيس.
هاڻي سڀني جي نظر ۾ هوءَ سڀَ عيبَ کان آجي ٿي، ۽
جَڳَ کي تصديق ٿي ته هوءَ تحقيقُ سَتِي آهي. قدرت
جو اهڙو عجبُ رنگُ پسي، عمرُ به پنهنجي سچائي ثابت
ڪرڻ لاءِ متي مچَ ۾ ڪاهي پيو. سندس وارُ به ونگو
نه ٿيو. هاڻ ماڻهن جا وات بند ٿي ويا. هِن کان
پوءِ مارن جو ۽ سڄي ملير ديس جو مُنهن مٿي ٿيو،
کيتُ سين ۽ مارئي به پاڻ ۾ کيرُ کنڊُ ٿيا ۽ پنهنجي
سڄي راڄ ڀاڳ سان باقي حياتيءَ جا ڏينهن هو سک سانت
۾ گذارڻ لڳا.
سَسُئِي ۽ پُنهُون
راجا دَلُوراءِ جي زماني ۾ ڀانڀرِواههَ جي ڀَر تي،
تاتيا نالي هڪ ٻانڀڻُ رهندو هو. پاڻ ۽ سندس گهر
واري، جنهن جو نالو مُنڌارِ هو، سي ٻئي اولاد لاءِ
سڪايلُ هئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين هڪ نياڻي ڄائي، جا
سونهن ۾ چوڏهينءَ جي چنڊَ کي به شَههَ ڏيئي وئي.
پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو ته سندس انگ ڪنهن
مسلمان سان اڙيلُ آهي، اهڙيءَ شُهُرَتَ ۽ بدناميءَ
کان پاڻُ بچائڻ لاءِ تاتيا ۽ سندس ناريءَ اُنهيءَ
بي بها موتيءَ کي وڏي افسوس سان صندوق جي سِپَ ۾
دَرجُ ڪري، درياءَ ۾ داخلُ ڪيو. صندوق لهرن ۾
لڙهندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي
نڪتي. انهيءَ شهر ۾ محمد نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو،
جنهن کي ”لالا“ به ڪري سڏيندا هئا. سندس هٿ هيٺ
پنج سَوَ ڪاريگر ڪمائيندا هئا، ۽ چڱيءَ پُونجِيءَ
وارو هو. پر ويچاري کي اولاد پِٽيءَ ڪونه هو. جڏهن
ڪاريگرن جي نظر ان پيتي تي پيئي، تڏهن ان کي
پاڻيءَ مان ڪڍي، پنهنجي استاد وٽ کڻي آيا. ڌوٻي
صندوق کولي جان کڻي ڏسي، ته هڪ سدا سهڻو ٻار منجهس
سُتو پيو آهي! ٻارُ کڻي پنهنجي گود لاتائين ۽ مَٿس
”سسئي“ نالو رکيائون، جنهن جي معنيٰ آهي ”چَنڊُ“
(سن. شِشِي(. سندس زال سسئي کي گهڻي لاڏ ڪوڏ مان
نپائڻَ لڳي. ماڻهو سندس موهڻي صورت تي مفتون ٿي
پيا، ۽ جيڏانهن ويندي هئي، تيڏانهن سندس چنڊَ جهڙي
مُنهن جي چوڌاري ڪَتِيءَ جي تارن وانگر ميڙ ڪري
بيهندا هئا. گاذَرَ جون اکيون به سسئي کي ڏسيو
پيوُن ٺرنديُون هيون ۽ هُنَ جي سکَ ۽ آرام لاءِ
هُو هرڪا ڪوشش ڪندو هو: هُن لاءِ هڪ عاليشان محلُ
اڏايائين، جنهن جي چوڌاري هڪ وڏو باغ رکيائين،
جنهن ۾ هوءَ پنهنجي سهيلين سان گڏجي آتڻ ۾ ويهي
ڪتيندي هئي.
اُنَ زماني ۾ ڪيچ مڪران جا قافلا ڀنڀورَ جي شهرَ
مان لنگهي، ٺٽي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن واپار ڪرڻ لاءِ
ويندا هئا ۽ سسئي جي سونهن جُون هاڪُون ٻڌندا
وتندا هئا. نيٺ ڪِنِ وڃي اِها خبر ڪيچ جي حاڪم
آريءَ ڄام جي پٽ پنهونءَ کي سڻائي. ٻڌڻ شرط
پنهونءَ جي دل ديواني ٿي پيئي، ۽ هُو واپاريءَ جو
ويس ڪري هڪ وڏو قافلو سنڀرائي، مشڪ ۽ عنبر جا
انبار ساڻُ ڪري، جلدئي اچي ڀنڀور ۾ وارد ٿيو، جن
جي کٿوُريءَ ۽ خوشبوءَ سان هڪدم سارو شهر واسجي
ويو. سسئُي کي جڏهن اهڙي سڌ پيئي، تڏهن عطرَ سودڻَ
جي ارادي ان هارُ سينگار ڪري سهيلين سميت، پنهونءَ
جي منزل تي ويئي. سسئيءَ جي صورت ڏسي پنهونءَ جو
هينئڙو هيڪاري هٿن مان ڇنائي ويو. هوڏانهن وري
سسئيءَ کي به پنهونءَ جي پيشانيءَ پسڻَ شرط، پريت
جو پيچ پئجي ويو، ۽ هن نيٺ پنهنجي اندر جو آوازُ
هڪ سکِيءَ سان اوريو، جنهن کي منٿ ڪيائين ته ڪابه
تجويز ويڙهائي، اَبي کي ريهي ريبي، منهنجو پنهونءَ
سان سڱ ڪر آءِ!“ سهيليءَ وڃي ڌوٻيءَ سان ڳالهه ڪئي
۽ پنهونءَ جي شرافت ۽ دولت جي ساراهه ڪئي، پر
ڌوٻيءَ انڪارُ ڪيو. ۽ چيائين ته ”هڪڙو ته پنهُون
پرديسي آهي، ۽ ٻيو ته اسان جي ذات جو نه آهي.“ پر
سکيءَ کيس پڪ ڏني ته پنهون پڻ ذات جو گاذَرُ آهي ۽
چيائين ته ”جيڪڏهن ويساهه نه ٿو اچيئي ته کيس
آزمائي ڏسُ.“ کِٽيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽
پنهونءَ کي گهرائي، آزمائش وٺڻ لاءِ هن کي چياِن
ته ”کيپَ ڌوئِي اچ.“ پنهونءَ جا نازڪُ هٿَ ڦڙَهي
تي ڪپڙا سٽيندا لِڦُون ٿي ويا. نيٺ ڪپڙن کي چيري
ڦاڙي اچي کِٽيءَ جي گهر نڪتو، ۽ ملُولُ ٿي، ڪنڊ ۾
ويهي رهيو. سسئيءَ کيس دلداري ڏيئي چيو ته ”ڀولو
نه آهي. هاڻ ڇا ڪر، جو هر هڪ ڦاٽل ڪپڙي جي تهه ۾
هڪ سوني مهر وجهي ڇڏ، ته پوءِ ڪٿان به شڪايت ڪانه
ايندي.“ پنهون، ائين ڪري، ڪپڙا مالڪن کي پهچائي
آيو، ۽ ڪنهن وٽان به ڌوٻيءَ کي ڪابه دانهن ڪانه
رسي. هاڻي ڌوٻيءَ کي تسلي ٿي، جنهن کيس سسئيءَ جو
سڱ ڏيڻ قبوليو.
انهيءَ وچ ۾، هڪ پاڙي ۾ رهندڙَ سونارڻ جي دل
پنهونءَ تي سرڪي ويئي، جنهن پنهنجي طمع پوري ڪرڻ
لاءِ سسئي جي ست جي خلاف وڃي پنهونءَ جا ڪن ڀريا.
انهن ڏينهن ۾ رواج هوندو هو ته جيڪڏهن ماڻهوءَ تي
ٺِڪرُ ڀَڄندو هو ته هُن کي پنهنجي سچائيءَ ثابت
ڪرڻ لاءِ باهه جي مچ مان لنگهڻو پوندو هو. پنهونءَ
به سسئي کي پاڻ موکڻ لاءِ اُنهيءَ پرک مان پار
لنگهڻ واسطي اشآرو ڪيو. سسئي، جا سون وانگر سچي
هئي، سا انهيءَ باهه مان پاڻ اڳي کان به اُجري ٿي
نڪتي. آخر وڏي تجمل ۽ طومان سان هنن ٻنهي عاشقن جي
شادي ملهائي وئي. پوءِ ڌوٻيءَ پنهونءَ کان جنڊو
پاڙو لکائي ورتو ۽ پنهون به وطن وڃڻ جو خيال لاهي،
ڌوٻيءَ جو ڌنڌو ڪندو رهيو.
پنهونءَ جو ڀاءُ، چَنرو، جو ساڻس ساٿَ ۾ آيو هو.
سو سندس انهي روشِ تي گهڻو ئي پوسريو. پر جڏهن
ڏٺائين ته ڪو چارو ڪونهي، تڏهن ساري ماهيت وڃي
آريءَ ڄامَ جي پيش ڪيائين. آريءَ ڄامَ جي مُنهن جو
پنوئي لهي ويو، ۽ پنهون، جو دادلو پٽُ هوندو هوس،
تنهن جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو. پهريائين هڪڙو قاصد
روانو ڪيائين، جنهن جي هٿان پنهونءَ کي چوائي
موڪليائين ته ”جيڪڏهن هڪدم اچي حاضر نه ٿيندين ته
منهجو جيئڻ محال آهي.“ جڏهن قاصد ڀنڀور ۾ پهتو،
تڏهن ڇا ڏسي ته پنهون پرٽن سان گڏيو پارچا پيو
پڇاڙي. هيءَ روئداد ڏسي، قاصد جا ڳچَ ڳري پيا، ۽
درد سان دانهن ڪري چيائين ته،
”اِيءُ ڪاملَ ڪمُ نه سندوءِ، جيئن پهس پڇاڙِين
پوتيين.“
پر پنهون پوئتي هلڻ کان پِڙُ ڪڍي بيٺو. قاصد
نااميدو ٿي، موٽي وڃي آريءَ ڄام کي سربستو سماچار
پهچايو. آري ڄام ٻڌڻ شرط مورڇا ٿي ڪري پيو، ۽ روئڻ
۽ راڙي ڪري اهڙو لاغرُ ۽ صعيفُ ٿي ويو، جو سندس
ساهه ڇٽي وڃڻ جو امڪان هو. پيءُ کي اهڙِ جوکائتي
حال ۾ ڏسي، سندس ٽن پٽن، چنري، هوتِيءَ ۽ نوتِيءَ
کيس آٿت ڏيئي چيو ته ”ڪوبه حيلو وسيو ڪري، ڄاڻ ته
پنهونءَ کي ساڻُ وٺي، اچي ٿا توهان وٽ رسايون.“
پوءِ ٽيئي خان اٺن تي سوار ٿي، سگهوئي اچي ڀنڀور
پهتا. سسئيءَ ۽ پنهونءَ کين گهڻو آڌرڀاءُ ڏنو، ۽
پاڻ وٽ مهمان ڪري سندن گهڻي خاطرداري ڪيائون، هڪ
رات جو ڳچُ ويرم تائين مجلس ۾ مشغول رهيا. سسئيءَ
ويچاريءَ کي پنهونءَ جي اوسيڙي ۾ پلنگ تي جاڳندي
جاڳندي ننڊ کڻي ويئي. هوڏانهن وري ڀائر پنهُونءَ
کي غافلُ ڏسي، ويا کيس شراب جا پَٽَ پياريندا، تان
جو نشي ۾ اهڙو الوٽُ ٿي ويو، جو پنهنجي وجودُ جو
ڪو سماءُ ئي نه رهيس. آڌيءَ راتَ کان پوءِ سندس
اُٺ گُنگائي، کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي، ساڻيهه
ڏانهن سٽيندا ويا.
پوئينءَ رات جو، جان سسئيءَ جي اک کُلي، ته ڇا ڏسي
ته پنهون پلنگَ تي ٺهي ئي ڪونه. حيرت ۾ پئجي.
هيڏانهن هوڏانهن دريافت ڪري ڏٺائين ته اوطاقُون ۽
اوتارا سڀ سُڃا ٿيا پيا آهن! معلوم ڪيائين ته ڏيرَ
کيس ويساهي، پنهونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آهن.
پوءِ وٺِي گهوڙا گهوڙا ڪيائين. جنهن تي مائٽَسِ ۽
پاڙيسري اچي مڙيا، جن کيس گهڻيئي دم دلاسا ڏنا، پر
هُن ڪنهن جي ڪين مڃي. ويس وڳا ڦٽا ڪري، لاڳاپا ۽
لاڳ لاهي، ڪلهي ۾ ڦاٽل ڪنجرو وجهي، اڪيليائي
اڪيلي، اُٺن جو پير کڻندي، پنهونءَ جي پٺيان
ڪاهيندي ويئي. چاليهن ڪوهن جي پنڌ بعد اچي پٻَ
جبلَ جي ويجهو پهتي. اُڃَ ۽ ٿڪَ سببان ماندي ٿي
ڪري پيئي، ۽ ڇڙهُيون هڻڻ لڳي. قدرت خدا جي، جو
اُنهيءَ هنڌان هڪ صافُ پاڻيءَ جو چشمون ڀڙڪو ڏيئي
ڦُٽِي نڪتو. ”تحفہ الڪرام“ وارو چوي ٿو ته ”مُون
معتبر ماڻهن کان ٻڌو آهي ته اُهو چشمون اڃا تائين
جاري آهي. ۽ ڪڏهن به سڪي نه ٿو وڃي، ۽ ٻيو ته
ميندِيءَ جي ٽارِي، جا پرڻي رات سسئي، دستور موجب،
هٿ ۾ ڪري سِتي هئي ۽ جا سندس هن سفر ۾ همراهه هئي،
سا اُنهيءَ چشمي جي ڀَرِ تي ڪري ٽُنبيائين، ۽ اها
اَڄ به انهيءَ ڦٽيل عاشقياڻيءَ جي نشاني آهي.“ ذرو
ساعت وسرام وٺي، وري اڳتي کُڙِي کنيائين ۽ پٻَ
جبلَ وارو مشهور لَڪُ ”پُپوِڻي ناڪو“ لنگهي اچي
هاڙهي جبل جي پاڙَ وٽ ڦوڙَ نديءَ جي ڀر ۾ پهتي، پر
پاڻيءَ جي اُٿلَ سببان اڳتي اپڙي نه سگهي. نهايت
نااميد ٿي، پوئتي، هِٽي، ۽ ڳچ پنڌَ بعد اچي ماباڙ
نيءِ ويجهو رسي. هاڻ واهيري جي ويلَ اچي ٿي هئي.
پريان پهاڙ تي هڪ ابلِ پنهوارَ جي جُهوپڙِي ڏسي،
کانئس وڌي پڇيائين ته ”ادا، اِئين ڪو ويو ساٿُ
سڄَڻ جو؟“ سسئيءَ جهڙيءَ سهڻيءَ صورت کي هيئن
اڪيلو ڏسي، ايل پنهوارَ جي دل هِرکِي ويئي، ۽
ڏانهس بڇڙي نظر ڪرڻ لڳو. سسئي پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي،
پنهُونءَ جي سار ۾ زار زار رُنو. سندس سوزَ وارين
صدائن ڏونگرُ ڏاري وڌو، پر هُن ڪٺورَ تي ڪوبه اثر
نه ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي،
ايل پنهوار کي پاڻ وٽان ٽارڻَ بهاني آزي ڪري
چيائينس ته ”آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آهيان، ڀلائي ڪري
پهريائين ڪو کير چڪو پيارينم.“ ايل پنهوارُ خوش
ٿي، ڌڻ ڏانهن ڊوڙيو. هن جو پاسي ٿيڻ ۽ سسئي جو رب
کي سوال ڪرڻ. ٻئي هٿ کڻي، ٻاڏائي چيائين ته ”اي
ستار! هن بيوسيليءَ جو وسيلو ٿيءُ!“ هُن اڃا دعا
مس پُوري ڪئي، ته پهاڙ ڦاٽي پيو، جنهن ۾ اندر گهڙي
ويئي، پوءِ جبلُ جبلَ جهڙو ٿي پيو. پر سسئيءَ جي
چُنيءَ جو پاندُ ٻاهر رهجي ويو. ايل پنهوار جڏهن
کيرُ ڏُهي پوئتي موٽيو، تڏهن هيءُ رنگ ڏسي
تَپَرُسَ ۾ پيو ۽ الاهي قدرت جو اهڙو اهڃاڻُ پسي
توبهه تائب ٿيو.
پوءِ اُنهيءَ هنڌ، هڪ پٿرن جو ميڙُ ڪري، قبر جو
لوڙهه ٺاهي ڇڏيائين. هوڏانهن رستي تي جڏهن پُنهون
نشي جي خُمارَ مان سجاڳُ ٿيو. تڏهن پاڻ کي اُٺَ تي
جڪڙيلُ ڏسي ڏاڍا جَڪَ کاڌائين. ڀائرن کان ڀڄِي وڃڻ
لاءِ گهڻوئي واجهايائين، پر هنن کان ڀڄي نه سگهيو.
نيٺ آڻي سندس ٻانهن آريءَ ڄامَ جي حوالي ڪيائون.
پر پُنهون، سسئي جي وڇوڙي ۾ اهڙو ڳرندو سڙندو ويو،
جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوفُ ٿي پيو. لاچار پنهونءَ
کي رخصت ڏنائين ته ”ڀڀنور موٽي، سسئي کي به ساڻُ
وٺي اچي آستاني ٿيءُ.“ پوءِ هيءُ يار به سٽيندو
ڀنڀور ڏانهن راهي ٿيو. جڏهن سسئيءَ جي قبر وٽان
لانگهائو ٿيو، تڏهن سندس روح کي هڪ ازغيبي اڌمو
آيو. ههڙي رڻَ پَٽَ ۾ تازي لوڙهه مان چُنيءَ پاندُ
ٻاهرِ نڪتلُ ڏسي، دل ۾ سَنسو پيدا ٿيس ته نه ڄاڻان
هيءَ سسئيءَ جي قبر آهي! اتفاقا اُهو ايل پنهوار
به اُتي اچي سهڙيو، جنهن سچي ماجرا کيس بيان ڪري
سڻائي. ٻڌندي شرط اُٺَ تان ٽِپو ڏيئي لهِي پيو ۽
ڀائرن کي چيائين ته ”ذرو ويرم ترسو ته هن قبرَ جي
زيارتَ ڪري وٺان.“ پوءِ قبر جي ڀر ۾ ويهي زارِ
زارِ رنائين ۽ خدا جي درِ وينِتي ڪيائين ته “اي
وڇڙيلن کي ملائيندڙ سچا ڌڻي! مُون کي پنهنجي محبوب
سان هيڪاندو ڪر!“ سندس عرض اگهاڻو، وري به جبل
ڦاٽِي پيو ۽ پنهون وڃي پنهنجي پرينءَ کي هيمشہ
لاءِ مليو.
سورَٺ راءِ ڏياچُ
ڪنهن زماني ۾ راءِ ڏياچَ نالي هڪڙو راجا جُهونا
ڳڙهه تي راڄ ڪندو هو. کيس هڪَ ڀيڻُ هئِي، جا اولاد
لاءِ ڏاڍي سڪايلِ هئي. هڪڙي ڏينهن هڪ فقيرَ کي وڃي
ستايائين ته “سائين! ڌڻيءَ کان دعا گهرو ته مون کي
ڪو خير جو ٻچو ملي. فقيرَ دعا ڪري چيس ته ”مائي!
پٽڙو سو ملندءِ، مگر اُهو راءِ ڏياچ جي سِسِي ڌڙَ
کان ڌار ڪندو.“ هي لفظ ٻڌِي راجڪمارِيءَ کان رڙِ
نڪري ويئي، ۽ چيائين ته ”سائين اهڙو پٽُ ئي
گهوريو، جو ڀاڻمِ جو سرُ وڍي.“ پر فقير جو ڪلامُ
ڪيئن ٽري! پوري نوين مهيني راجڪماريءَ کي هڪ پٽُ
ڄائو. فقير جا سخنَ يادِ ڪري، ٻالڪَ کي صندُوق ۾
وجِهي، کِڻي درياءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. صندوق لڙهندي
لڙهندي وڃي راجا اَنِيراءِ جي ملڪ مان نڪتي. هڪ
چارڻ ۽ سندس زال، جي درياءَ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ آيا
هئا، تن جي نظر وڃي ان تي پيئي. صندوق کي پاڻيءَ
مان ٻاهر ڪڍي جان کڻي کولين ته ڏسن ته منجهس هڪ
ٻاروتن ۾ تنجيلُ ٻارُ پيلُ آهي! پوءِ ته ان کي ڪڍي
ڪري پنهنجي ڳل لاتائون ۽ گهر وٺي وڃي نپايائونس.
مٿس نالو رکيائون ”ٻيجَلُ“. نينگر اڄ ننڍو سڀان
وڏو، تان جو اچي ساماڻو. هاڻي هرروز مائٽن جا گڏهه
۽ گهوڙا وٺِي جهنگ ۾ چارڻ ويندو هو.
انهيءَ جهنگَ ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن رمتي، هرڻ جو شڪارُ
ڪري، ان جو گوشتُ کائِي باقي آنڊا کڻِي ڪرڙن تي
ڦٽيا ڪيا هئا. جڏهن جڏهن ڏکڻَ جو واءُ لڳندو هو
تڏهن تڏهن اُنهن آنڊن مان اهڙو ته من موهيندڙ آواز
نڪرندو هو، جو پکي پکڻَ ۽ ٻيا جِيوَ جنتر ڪنڌ
نمائي، اچي ٻڌڻ بيهندا هئا. هڪ ڏينهن اُهو آواز
وڃي ٻيجل جي ڪن پيو. ۽ دليل ڊوڙائي، نيٺ سهي
ڪيائين ته اُهو اَچرج انهن آنڊن ۾ سمايل آهي. پوءِ
ته آنڊا کڻي پنهنجي چنگ تي چاڙهيائين ۽ گُزُ ڪڍي
ويٺو کين وڄائڻ، اڃا چنگُ چوريائين ڪين ته مرن ۽
پکين جا ميڙ اچي متا. انهن مان ٻه چارِ هرڻ جهلي،
مائٽن وٽ وٺي آيو. هاڻ روز اهڙيءَ ريت شڪارُ ڪري
پيو پنهنجو ۽ مائٽن جو پيٽُ پاليندو هو. سندس
سُرندي جي هاڪ هرجاءِ پکڙجي ويئي.
جنهن وقت ٻيجل ڄائو هو، تنهن وقت راجا اِنيراءِ کي
پڻ هڪ ڌيءَ ڄائي هئي. کيس ست ڏيئون اڳيئي هيون، سو
ڪَڪِ ٿي، هن ڌيءَ کي صندوقَ ۾ بند ڪري، کڻي درياءَ
۾ داخلُ ڪرايائين. صندوق وڃي راءِ ڏياچ جي سرحد
مان نڪتي، جتي رتني نالي هڪ ڪنڀر کي هٿ اچي ويئي،
ڪنڀر، جو اولاد لاءِ سڪايل هو، تنهن کي ههڙو ملوڪ
ٻار ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، سو گهر کڻي وڃي چوڄ مان
پاليائينس ۽ نالو رکيائينس سورٺ. جيتوڻيڪ رتنو
راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رهندو هو، ته به راجا اِنيراءِ
سان ڏاڍو رستو هوندو هوس. جڏهن سورٺ ساماڻي تڏهن
اِنيراءِ کي سندس حسن جي خبر پئجي ويئي. سو رتني
کان ان جي سڱ جي گهر ڪيائين، جا هن خوشيءَ سان
قَبولُ ڪئي. جڏهن شاديءَ جو ڏينهن اچي ويجهو ٿيو،
تڏهن رتنو هڪ وڏي ڄڃَ سنڀرائي، ڌامِ ڌومُ سان اُٿي
شهر مان نڪتو. راءِ ڏياچ، جو اُن وقت پنهنجي محلات
جي دريءَ وٽ بيٺو هو، تنهن جي نظر وڃي ڄڃَ تي
پيئي. پڇا تي معلوم ٿيس ته رتنو پنهنجي ڌِيءَ وٺي
انيراءِ سان پرڻائڻ ٿو وڃي. اُها خبر ٻڌي ڏاڍا
خارَ لڳس، سو پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ”رتني
کي کنڀي ڌيءَ سميت وٺي اچو.“ جڏهن انهن کي آڻي
حاضرُ ڪيائون، تڏهن راءِ ڏياچ رتني کي چيو ته
”ڪميڻا! مون کي ڇڏي، پنهنجي ڌيءَ وڃي ٿو ڌارين کي
پرڻائين! هاڻي توکي به جواب ته انيراءِ کي به
جواب.“ ائين چئي سورٺِ کي وٺي وڃي حويليءَ ۾
ويهاريائين.
جڏهن انيراءِ کي هن حادثي جي خبر پيئي، تڏهن تپِي
باهه ٿي ويو ۽ وڏو لشڪر وٺي اچي جهوناڳڙهه تي
گهيرو ڪيائين. ٻارهن مهينا جندُ پٽن سان هڻي بيٺو،
پر دال نه ڳريس. آخر شهه کائي موٽي وطن وريو. پوءِ
رتن ٽڪن جو ٿالهه ڀري، ساري ملڪ ۾ ڦيرايائين ته
”جيڪو راءِ ڏياچ جو سرُ وڍي ايندو، تنهن کي نه فقط
هيءُ ٿالهه ملندو پر ٻيو به جيڪي به گهرندو، سو
ملندس. ٻيجل جي زال ٿالهه وٺي رکيو ۽ ٻول ڪيائين
ته ”منهنجو مڙس پاڻيهي راجا جي منشا پوري ڪندو!“
جڏهن ٻيجل گهر آيو ۽ ساري قصي جي سڌ پيس، تڏهن
ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، سو زال کي جهڻڪي چيائين ته ”مصيبت
پويئي، هيءُ تو ڇا ڪيو؟ هاڻ جي وچن ۾ ولها ٿا
پئون، ته راجا اسان جو جڻ ٻچو پيڙائي ڇيڏيندو!“
ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ٻيجل پنهنجو سرُندو سينگاري،
اٿي جهوناڳڙهه ڏي راهي ٿيو. ٻه ٽي منزلون هڻي، نيٺ
هڪ ڏينهن نما شام جو اچي قلعي وٽ پهتو. پوءِ ته
چنگ ڪڍي، ويٺو وڄائڻ، ۽ ساري رات تندُون تنواريندو
رهيو. سندس ساز جي آواز سڀني کي گهائي وڌو. راءِ
ڏياچ، جو پنهنجي رنگ محل ۾ ويٺو هو، تنهن جي روح
به ريلو ڏنو، سو ڪوٽَ جي دريءَ کان ٻيجل کي پڪاري
چيائين ته ”مڱڻارَ! گهرُ، جيڪي گهرڻو هجيئي.“ ٻيجل
وراڻيو ته ”راجا مون توسان هڪ ڳجهه ڳرهڻو آهي.
اجازت ملي ته مٿي اچي اوريان.“ تنهن تي راءِ ڏياچ
پنهنجي ماڻهن کي حُڪم ڏنو ته ”چارڻ کي چوڏول ۾
چاڙهي مٿي وٺي اچو!“ هاڻ راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي جي وچ ۾
ڪوبه وسيلو ڪونه رهيو، ٻئي خلوت ۾ ٿي ويٺا. ٻيجل
نڪي ڪڇيو پڇيو، سرندو ڪڍي وري به ويهي وڄائڻ لڳو.
راءِ ڏياچ جو من اهڙو ته موهي وڌائين، جو کيس
طرحين طرحين جا انعام آڇڻ لڳو. پر ٻيجل هٿ جوڙي
عرض ڪيو ته ”راجا مُون وٽ مالَ متاعَ جي ڪمي
ڪانهي. تنهنجي سخاوت جي ساراهه ٻڌي، تو وٽ وڏي آس
رکي آيو آهيان. اِهو سِر، جو تنهنجي سرير جو
سينگار آهي، تنهن جو ئي سيڪُڙو ٿي آيو آهيان.
اُميدَ اٿم ته نانهن نه ڪندين.“ راءِ ڏياچ کي
اهڙيءَ اڍنگيءَ مگُ تي نهايت اچرج لڳو، سو چيائين
ته ”اي چارڻ! منهنجي مٿي مان توکي ڇا هٿِ ايندو؟
انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃُ. ڏس ته آءٌ توکي ڪهڙا نه
دُهرا دانَ ٿو ڏيان، ساري عمر پيو کائين ته به کٽڻ
جا نه آهن.“ ٻيجل سان جيڪي مٿا هڻڻا هئس، سي
هنيائين، پر هو نه مڙيو. آخر ٻيو ڪو حملو نه ڏسي
پنهنجي هٿَ سان سرُ وڍي چارڻ کي اڇلائي ڏنائين.
چارڻ مٿو کڻي رهندو رهيو.
هن حادثي جي خبر هنڌين ماڳين هُلِي ويئي ۽ ٻيجل جي
اچڻ کان اڳُ انيراءِ جي ڪِن وڃي پيئي. جڏهن ٻيجلُ
سر کڻي اِنيراءِ جي ڪچهريءَ ۾ آيو، تڏهن انيراءِ
پويان ئي ڏهڙ ڏيئي چيس ته ”ڪميڻا! جوفي وچان ههڙي
سخا جي صاحب مان به نه گُٿين، سو اسان سان الائجي
ڪهڙو ڪلُور ڪندين. اڄ کان وٺي تُون اسان جي ملڪُ ۾
رهڻ جي لائق نه آهين. هاڻي هڪدم هليو وڃُ. خبردار!
جي منهنجي ملڪ ۾ وري پير پاتو اٿيئي.“ ٻيجل جا
ڇَههَ ئي ڇڄي ويا، ۽ پڻ وويڪ جا وڍَ پوڻ لڳس. پوءِ
ته متوالن وانگر جهوناڳڙهه ڏي ڊوڙندو ويو. جڏهن
شهر جي ويجهو اچي پهتو، تڏهن ڏسي ته باهه جا مَچ
پيا ٻرن ۽ سورٺ ڏاگهَه چڙهي، ستي ٿي رهي آهي. پاڻ
به ڌُوڪيندو مچُ ۾ ڪاهي پيو ۽ جلي ڀسمُ ٿي ويو.
لِيلا چَنيسَرُ
رڻو کَنگهارُ، ڍَٽَ ڌڻِي، هڪ نهايت حَشمت ۽ دٻدٻي
وارو حاڪم ٿي گذريو آهي. ان کي ڪَؤنرُوءَ نالي هڪ
نياڻي هئي، جنهن جي هنڌ هنڌ هاڪ هئي، ۽ اُن زماني
۾ سونهن ڪري سندس ڪو ثانِي نه هو. سندس مڱڻو
سَوٽَسِ اَتماديءَ سان ٿيلُ هو.
ساڳئي زماني ۾ سومري گهراڻي جي داسڙو شاخ مان هڪ
راجا، چنيسَر نالي، ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندو هو. حَسن
۽ دولت، شان ۽ شوڪت ۾ بينظير هو. انهن اوصافن ڪري
سڀڪا سهڻي سندس سهاڳَ جي طمعدار رهندي هئي. هڪڙي
ڏينهن ڪَؤنرؤءَ کي سندس سهيليءَ جَمنِيءَ چَٿرَ
ڪري چيو ته “تُون جو هيترو هارُ سينگارُ پيئي ڪرين
سو ڀانءِ ته چنيسر سان چاهه رکيو اٿيئي؟“. هِن
طعني ڪَؤنرؤءَ کي بيحال ڪري ڇڏيو، ۽ اڻ ڏٺو چنسير
تي چرِي ٿِي پيئِي.
اِن ماجرا جي جڏهن ماڻس مُرڪيءَ کي ڪلَ پيئي، تڏهن
سڌو وڃي، پنهنجي ڀتارَ راڻي کنگهارَ کي خبر
ڪيائين. چنيسر سان سڱ ڪرڻ هڪ فخر جهڙي ڳالهه هئي،
سو راڻي کي هيءَ ڳالهه ٻڌي گهڻي خوشي ٿي. پر دل ۾
سمجهيائين ته جيڪڏهن ٿو ظاهر ظهور سڱ ڇڪايان، ۽
چنيسر ٿو انڪار ڪري، ته مفتُ ڳالهه پکڙندي ۽
بدنامي ٿيندي. سو پاڻ ۾ پههُ پچايائُون ته چنيسر
کي ڪنهن حيلي بهاني هٿ ڪجي. نيٺ ان ٺهراءَ تي بيٺا
۽ ڪَؤنروُ ۽ ماڻس وڻجارڪو ويس ڪري، چنيسر جي ديس
وڃي هُن کي ريجهائڻ جون رَمزُون رَچِينِ. ستت ئي
مالُ اسبابُ ميڙي، وهٽَ پلاڻي، وطنُ واري، پربت
ندي پار پَئي، اچي ديول ڪوٽَ ۾ ديرو دمايائون.
سانگي سان هڪ گلن واريءَ جو ساڻس سُٻنڌُ ٿي پيو.
هڪ ڏينهن اُن سان اندر جو احوال اوريندي معلوم ٿين
ته سندن مقصد چنيسر جي وزير جکري هٿان پورو ٿيندو.
اُٿِي ٽيئي گڏجي، جکري جي جاءِ ڏي روانيون ٿيون.
اتي پهچڻ شرط، ڪَؤنرُوءَ کيس پنهنجي درد جو داستان
سڻايو، ۽ پيرن تي ڪري نيزاري ڪيائينس ته ”ڪنهن به
ريت اُٿِي منهنجي واهَر ڪر!“. وزير جي دل ڀِنِي،
سو دڙُ دلاسو ڏيئي، چيائينس ته ”سائينءَ تي رکُ،
مڙَئِي سڻائِي ٿِي پوندي. باکَ ڦٽڻُ بعد آءٌ چنيسر
وٽ چڙِهي ويندس، اُميدَ اٿمِ ته توکي پاڻ وٽ
آڻائيندو.“ ائين چئي ٽنهِي کي رخصت ڏنائين.
صبح ساڻُ جکرو سنڀري، شاهي محلات ڏي راهي ٿيو.
وجهُه وٺي، چنيسر سان ڪؤنروُءَ جي محبت جو ذڪر
چوريائين، ۽ سندس سونهن سوڀيا جو اهڙو چٽو نقش
ڪڍيائين، جو چنيسر جو هِنيو البت هرکجي ويو. پر
پنهنجي پٽَ راڻيءَ ليلا جو لحاظ ڪري جکري کي جواب
ڏنائين ته ”ليلا ويٺي، ٻيءَ ڪنهن ڌارِيءَ زالَسان
ناتو رکڻ نامناسب آهي، بهتر آهي ته ڪؤنروُءَ کي
رهي ريبي وطن ڏانهن وارينس.“ جکري ڪؤنروءَ جي
پاران وري به ازحد آزِي نيازِي ڪئي، ۽ اکين ۾ آب
آڻي، عرض ڪيائين ته ”ڪؤنروُءَ تي ڪا ڪهلَ ڪرايو!“
پر چنيسر پنهنجي قول تان بازِ نه آيو. جڏهن جکري
هيءُ نااميديءَ جو نياپو ڪؤنرُوءَ ۽ ماڻسِ کي آڻي
رسايو، تڏهن ٻنهي جا ڇَههَ ڇِڄِي پيا، ۽ اکين
اڳيان آنڌيون اچي وِيُن. آخر ٻيو ڪو اُپاءُ نه
ڏسي، رٿَ رٿيائُون ته ”مال اسباب وڪڻي، ويس مٽائي،
وڃي ليلا وٽ پورهيتون ٿي بيهون، ته منَ ڪنهن موقعي
تي، چنيسر کي تجويز ڪري، ليلان تان چِتُ کڻائي،
پنهنجي پَلَئه آڻيون.“ اها ڳالهه ڳڻي غريباڻو لباس
پهري، ليلا لنگهي ويون، ۽ ليلائي چيائونس ته
”سائئڻ! زماني جي ڏولائن اسان کي هِتِ رولي ٽولي
آندو آهي، پئسو پنجڙُجو ساڻو هئوسين، سو پنو ڏيئي
ويو آهي. ڌڻي توکي پنهنجيءَ ٻاجهَه سان وڏيري ڪيو
آهي، جو هيڻن تي هٿُ رکيئي، ته هرجُ ڪونهي، ٻئي هٿ
جون سڄيون آهيون، امان اُڻڻ جي فنَ ۾ استاد آهي ۽
آءٌ وري گهُرو ڪم ڪار ۽ کَڙِي تَڙِي آهيان.“ ليلا
کي سندن بيحاليءَ تي قياس آيو. ٻنهي کي هڪدم
پنهنجون خاص ٻانهيون ڪري رکيائين. ڪؤنروُءَ تي
چنيسر جي سيج وڇائڻ جو ڪم ڌريائين. ۽ ماڻس
مُرڪِيءَ کي چنيسر جي پڳَ اُڻڻ جو امرُ ڪيائين.
وقت ويو گذرندو، مگر چنيسر سان وصالَ جو ڪوبه
امڪانُ نظر نه آيو. هڪ رات نراسائيءَ وچان ڪؤنروءَ
جي اکين مان اوچتا لڙڪ وهڻ لڳا. ليلا هيءُ رنگ ڏسي
کانئس روئڻ جو سبب پڇيو. ڪؤنروءَ وراڻي ڏني ته
”سانئڻ روئان ڪانه ٿي، وٽ سوريندي، تيل هاڻو هٿ
اکين کي لڳي ويم، جنهن ڪري اکين ۾ پاڻي اچي ويم.“
ليلا کي هن ڳالهه تي ويساهه نه آيو. ورجائي
پڇيائينس آخر سچي ڪرڻي پيس، چيائين ته ”ڪو ڏينهن
هو، جو آءٌ به تو وانگي هندورن وچ ۾ هوندي هيس.
رات جو منهنجو نَوَ لکِي هارَ وارا موتي ۽ هيرا
رات جي چراغن جيان جرڪندا هئا. اُهي سکر ڏينهن
ساريندي نيڻ ڀرجي آيم.“ ڪؤنروءَ جي ڪهاڻي ليلا کي
دِل سان نه لڳي. ثابتي گهريائينسِ. ڪؤنروءَ سَٽَ
ڏيئي پنهنجو نَوَ لکو هارُ دٻِلي مان ڪڍي آئي. اُن
جي جهلڪي سان سارو محلات ٻَهه ٻَهه ڪرڻ لڳو. ليلا،
جا سُڀاءَ جي چلولي هئي، ۽ مڻين سان محبت رکندي
هئي. سا هارُ پسي، هرکجي ويئي، ڪؤنروءَ کي هڪلَ
ڪري چيائين ته ”گهر جيڪي گهرڻو هجيئي، رڳو اهو
هارُ مون کي ڏي.“ ڪؤنروءَ ورندي ڏني ته ”مون وٽ
مال متاع جي ڪمِي ڪانهي، فقط چنيسر سان هڪ رات
رهاڻ ڪرڻ ڏينم ته هار مٿانءِ گهوري ڇڏيان.“ ليلا.
جنهن جا حوصلا هارَ جي هوسَ خطا ڪري وڌا هئا، تنهن
هيءُ شرطُ هڪدم قبوليو، ۽ چيائينس ته ”هاڻي وڃي
دلجاءِ ڪري ويهه، رات جو آءٌ پاڻيهي چنيسر کي آڻي،
تنهنجي ڪمري ۾ پهچائي وينديس.“
قضاني، اُنهيءَ رات چنيسر درٻارين ۽ دوستن سان
محفل ڪندي، نشس ۾ الُوٽ ٿي ويو. تڏهن ليلا کيس
خماريل ڏسي، خوش ٿي، ڀانيائين ته هاڻِ چنيسر کي
جئن چونديس تئن ڪندو. ڳراٽڙي پائي، ليلايائينس ته
”ويچاري ڪؤنرو تو لاءِ نالان آهي، اَڄ رات وڃي
اڪير لاهينس.“ اگرچه چنيسر پوري هوشَ ۾ نه هو،
تڏهن به اهڙيءَ آڇ تي غيرت آيس، ۽ صفا نابري واري،
وڦلَڻ لڳو. پر ليلا ڪن لاٽار ڪري، کيس هٿ کان وٺي
ڪؤنروءَ جي ڪمري ڏانهن ڪاهي ويئي. ڪؤنرو، جنهن جي
انتظار ۾ تارا تڪيندي رات وهامي ويئي هئي، سا
چنيسر کي چترائي اندر وٺي ويئي. ٻانڀڻ به ڪو هڪيو
تڪيو ويٺو هو، جنهن ٺَهه پَهه ويڏي پڙهي، سندس
ميڙائي جو موکُ ڪيو. پر چنيسر، جو سرت ۾ نه هئو،
سو کيرو ٿي پلنگ تي پئجي رهيو. ڪؤنرو کيس سجاڳُ
ڪرڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيا، پر ڪين وريو. مٿان
اچي پرهه ڦٽي ۽ ڀيڄَ ڀِني. |