رشته دارون کي نام
اردو
سندهي اردو
سندهي
مان ماءُ سالي
سالِي
باپ پِيءُ پهوپي
پُڦِي
چچا چاچو پهوپها
ڦُڦَڙُ
چچي چاچِي هم زلف سنڍُو
بهائي ڀاءُ سسر
سَهُرو
بهن ڀيڻُ ساس
سَسُ
شوهر مُڙِسُ بيڻا
پُٽُ
بيوي زالَ’ بيڻي
ڌِيءَ
پوتا پوٽو دادا
ڏاڏو
پوتي پوٽِي دادي
ڏاڏِي
مامون مامون خالُو
ماسَڙُ
مماني مامِي خالہ
ماسِي
خالہ زاد بهائي ماساتُ
بهتيجا ڀائِٽِيو
خالہ زاد بهن ماساتِ بهتيجي
ڀائِٽي
نانا نانو بهو
نُنهَن
ناني نانِي سوکن
پَهاڄَ
چچا زاد بهائي سوٽُ ديور
ڏيرُ
چچا زاد بهن سوٽِ نواسا
ڏوهِٽو
سالا سالو نواسي
ڏوهِٽِي
سوتيلا بهائي ماٽيجو ڀاءُ
بهنوئي ڀيڻِيوِيو
سوتيلي مان ماٽيجِي ماءُ رضاعي بهائي کِيريتو
ڀاءُ
بهانجا ڀاڻيجو ساڙو
سَنڍُو
بهانجي ڀاڻيجِي
پرندو کي نام
اردو
سندهي اردو
سندهي
پرنده پَکِي مَينا
مينا/ ڪَٻَرِ
طوطا طوطو مورني ڊيلَ
کوا کانءُ چيل
سِرِڻِ
مور مورُ بطخ
بَدَڪَ
عقاب عُقابُ گِدهه
ڳِجَهه
فاختہ ڳيرو اُلو
چِٻِرو
کبوتر ڪَبُوتَرُ شترمُرغ
اُٺُ پَکِي
کوئل ڪوئل مرغا
ڪُڪُڙُ
باز بازُ مرغي
ڪُڪِڙِ
تيتر تِتِرُ
بگلا ٻَگههُ
چڙيا جِهرِڪِي
مرغابي آڙِي
جانورون کي نام
اردو
سندهي اردو
سندهي
اونڻهـ اُٺُ بلي
ٻِلي
هاتهي هاٿِي خرگوش سَهو
شير شِينهُن هِرن
هَرَڻو
هرني هَرِڻِي بندر
ڀولِڙو
بهينس مينهِن
لومڙي لُومِڙِي
گائي ڳئوُن گيدڙ
گِدَڙُ
بهيڙ رِڍَ چوها
ڪُئو
بيل ڍَڳو گلهري
نورِيئَڙو
بکري ٻَڪِرِي سانڊ
پاڏو
کتا ڪُتو گهوڙا
گهوڙو
کتي ڪُتِي گدها
گَڏَههُ
سبزيون کي نام
اردو
سندهي اردو
سندهي
گوبهي گوبِي شلجم
گوگِڙُو
بهنڊي ڀِينڊِي ڻنڊي
ميها
مولي مُورِي لهسن
ٿُومَ
آلو پَٽاٽو خرفہ
لُوڻَڪَ
بينگن واڱَڻُ مرچ
مِرچَ
پياز بَصَرُ دهنيہ
ڌاڻا
گاجر گَجَرَ املي
گِدامِڙِي
ڻماڻر ٽَماٽو پودينہ
ڦُودِنون
هلدي هَيڊَ ادرکـ
سُنڍِ
پيشہ ورون کي نام
اردو
سندهي اردو
سندهي
گلوکار گَوَيو/ ڳائڻو گڊريا
ريڍارُ
کسان ڪُڙِمِي/ هارِي جوهري
صَرافُ
جولاها ڪورِي چمار
موچِي
تاجر واپارِي دهوبي
ڌوٻِي
قصاب ڪاسائِي باورچي بورچِي
ملاح ملاحُ/ خلاصِي مالي
باغائِي
دودهه والا کيرَ وارو کمهار
ڪُنڀارُ
سنار سونارو ماهي گير
مُهاڻو
بڙهئي واڍو
شاههُ عبداللطيف ڀِٽائِي
شاههُ عبداللطيف ڀٽائِي، جنهن کي گهڻو ڪري شاهه
ڀٽائي يا ”ڀٽائي گهوٽ“ ڪري سڏيندا آهن، سال 1102
هجري مطابق 1689 عيسوِي، حيدرآباد ضلعي جي هالا
تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺَ ”ڀئي پور“ ۾ ڄائو.
شاهه صاحب جي والد جو نالو حبيب شاههُ هو. شاهه
عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو سندس پَڙَ ڏاڏو هو. اصل ۾
شاهه صاحب جا وڏا هرات کان لڏي سنڌ ۾ آيا هئا.
شاههُ لطيفُ ننڍي هوندي کان ئي ماٺيڻو، نويڪلائي
پسند ۽ گَنڀيرُ هوندو هو. کيس ماڻهن جي سيرتَ ۽
ڪردارَ جي مشاهدي ڪرڻُ ۽ قدرتي حُسن کي پَسَڻ ۽
پرِکَڻُ جو شوق هوندو هو. هو جهَرَ جَهنگَ،
ٻيلَنِ، پهاڙَن ۽ دَريائَنِ ۽ واديُن جا سَيرَ
ڪَندو رَهَندو هو.
جوانِيءَ ۾ هُن لَڳِ ڀَڳِ پورِيءَ سنڌ، جَنهن ۾
لاڙُ، وِچولو، ڪاڇو، اُترَ جا عِلاقا شامِلُ آهن،
اُنهن سَڀنِي جو سير ڪيو، ۽ ويندي جيسلميرَ تائين
به وڃي نڪتو.
اُنهي سفر دوران کيس سنڌ جي مختلف ماڻهن، ذاتين ۽
قومن جي ريتن رسمن کي چڱيءَ طرح جانچڻ ۽ پروڙڻ جو
موقعو مليو، ماڻهن جي غربت، بيوسيءَ ۽ محروميءَ کي
هُنَ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو ۽ اُنَ احساسَ کي نهايت
ئي دلگداز پيرابي ۾ پنهنجي شعر ۾ جاءِ ڏِنِي.
ماڻهن جي ڏُکن سُورن ۽ حقيقِي جذبَن جي پنهنجي
شاعريءَ ۾ مؤثر ترجمانيءَ ئِي کيس عوامي شاعر جو
درجو ڏنو ۽ انهيءَ ڪري ئي سندس ڪلامَ خاص ۽ عام
جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪَئِي.
سندس ڪلام ۾ تصوف جي نهايت ئي باريڪ ۽ نفيس نڪتَنِ
کي عام فهمَ اندازَ، آسان تشبيهُنِ، استعارَن ۽
ڪناينِ ۾ بيانُ ڪيو ويو آهي. شاهه صاحبَ جو ڪلامُ
انسانِي قدرَنِ ۽ معيارَنِ جو ترجمانُ آهي.
مساواتِ، مروتَ، ايثارُ، روادارِي، بي لوثِي ۽
خدمتَ خلقَ جا اعليٰ قدرُ سندس ڪلام ۾ بجا موجود
آهن.
تصوف جي خاص ۽ آخرينِ نصب العينَ جي حوالي سان،
خود شناسي، نفس جي پاڪيزگِي ۽ خُدا ترسِي سندس
ڪلامَ جو خاص موضوعُ آهي. شاههَ صاحبَ پنهنجي
ڪلامَ ۾ سنڌ جي مشهور عوامي قصنِ ۽ ڪهاڻيُن،
جَهڙوڪِ عمر مارئيءَ، سسئي پنهونءَ، مومل راڻي،
لِيلا چَنيسرَ، سُهڻِي ميهارَ ۽ سورٺِ راءِ ڏاچَ
کي اوٽَ بَنائي، حُبَ وطنَ، اخلاق، انساني، تصوفَ
۽ وَحدَةُالوُجُود جا نڪتا بيان ڪيا آهن.
سندس ڪلامَ ۾ اُهي سڀ شاعراڻيوُن وصفُون ۽ اعليٰ
اُهڃاڻَ موجودُ آهن، جيڪي ڪنهن به شاعر کي آفاقِي
شاعرَ جو درجو ڏيَنِ ٿِيوُن. شاهه صاحب جو ڪلامُ
نهايت بليغ، فصيح ۽ سليس انداز جو حامل آهي.
سندس ڪلام سنڌي شاعريءَ جي قديم ۽ عام صنفَ سخنَ،
وائيءَ، دوهي ۽ بيتَ جي هيئتَ ۾ آهي.
سندس ڪلام کي سنڌ کان ٻاهر بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به
عارفانه ڪلام جي حيثيت ۾ ڳايو وَڄايو ويندو آهي.
سندس رسالو 32 سُرن/ بابن تي مشتملُ آهي، جنهن ۾
5000 (پنج هزارَ) کَنُ بيتَ دَرِجُ آهن.
سندس ڪلامَ جي نه رڳو سنڌ جي مشهر عالمن ۽ محققن
جهڙوڪ مرزا قليچ بيگَ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، ڊاڪٽر
دائودپوٽي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ تحقيقَ ۽ تشريح ڪئي آهي، بلڪ جڳ مشهور
لساني ماهرن ڊاڪٽر ٽرمپَ، سورلي ۽ اينميري شملَ به
لطيف جي ڪلام جي شرح ڪِئي آهي ۽ کيس خراج عقيدتَ
پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر سورلي ته کيس دنيا جي وڏن
شاعرن ۾ سڀ کان وڏو شاعر ڪري مَڃيو آهي.
سندس ڪلام جو شعري صورتَ ۾ مڪمل اردو ترجمو سنڌ
جي مشهور شاعر شيخ ايازَ ڪيو آهي ۽ پڻ ٻِنِ جلدن ۾
اردو نثري ترجمو پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهاري
هيٺ تازو شايع ٿيلُ موجود آهي.
اُردوءَ کان علاوه دنيا جي ٻين وَڏيُن ترقي يافته
ٻولين جهڙوڪ انگريزي، جرمني، فرينچ ۽ فارسي وغيره
۾ به اُن جو ترجمو ٿيو آهي.
شاههُ لطيفُ، هر صوفي مَنُشَ بزرگ ۽ ولي الله
وانگر ڪنهن به مت ڀيدَ جو قائلُ نه هو.
هُو هندن توڙي مسلمانن جي وَڏَنِ بزرگن ۽ رهنمائن
جي عزت ۽ احترامَ جو قائل هو. هُو سُني، شيعي
وغيره جي فَرَقَنِ مان ڪنهن جو به طرفدار نه هو.
شاهه صاحب جوانيءَ ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس اولاد
ڪونه ٿيو. لطيف 23 ورهين جي ڄمار ۾ 14 صفر 1165
هجريءَ ۾ هن دنيا کان لاڏاڻو ڪيو. اُن تاريخ تي هر
سال ڀٽ شاهه تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي.
وفات کان اڳ پنهنجي مريدن کي چيائون ته هو سندس
ڪلام ڳائڻ شروع ڪن ۽ پاڻ پنهنجي حجري ۾ وڃي چادر
اوڍي ليٽي پيو. مريدن، سَڄي رات ڪلام ڳائڻ کان
پوءِ، صبح جو، وڃي ڏٺو ته سندس روح پرواز ڪري چڪو
هو.
شاهه صاحب موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ اُن جو دلداده
هو. يڪتارو سندس ئي ايجاد آهي، جيڪو پاڻ وڄائيندو
به هو. ڪلام چوڻ ۽ ٻڌڻ مهل وجد واري ڪيفيت طاري
ٿيندي هئي.
سَچَلُ سَرمَستُ
اَڳوڻِي رياستَ خيرپور ۾، راڻي پور ريلوي اسٽيشن
کان ميل کن پري، درازا نالي هڪ ننڍڙو شهر آهي،
جنهن جي ٻاهران ئي سچل فقير جو روضو آهي. سچل فقير
جو اصل نالو عبدالوهابُ آهي. سچو، سچيڏنو ۽ سچل،
بطور تخلص، به استعمالُ ڪيا اٿس ۽ اڳتي هلي، اهي
لفظ سندس اسم ثانيءَ طور مشهور ٿيا.
هر صوفي سچائيءَ جو مبلغ ۽ پرستار هوندو آهي. مگر
جنهن بيباڪيءَ ۽ صاف گوئيءَ سان سچ جو پرچار
پنهنجي شعر ۾ توڙي ڪردار ۾ سچل سرمست ڪيو آهي، اها
سندس انفرادي صفت آهي. حق جي ڪلمي چوڻ ۽ ان تي
قائم رهڻ جا جيڪي انداز سچل آزمايا، انهن جو طفيل
کيس ”منصورُثانِي“ به سڏجي ٿو. سچل 1757 عيسوِيءَ
۾ ڄائو، مگر ڪن محققن جي تحقيق موجب سندس سن ولادت
1739 عيسوي آهي. پاڻ 1829 عيسويءَ ۾ نَوي وَرهين
جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو
ميان صلاح الدين هو. سندس ڏاڏي جو نالو عبدالوهاب
هو، جنهن کي صاحبڏنو به سڏيندا هئا.
سچل جا وڏا اصل فاروقي هئا، يعني سندس نَسَبُ حضرت
عمرَ فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو. سندن وڏو شهاب
الدين، محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو.
سَچُو ننڍي هوندي کان ئي هڪ غير معمولي ٻارُ هو.
هُن پنهنجي دور جي تعليمي ۽ تدريسي روايتن مطابق
چڱو علمَ پرايو، مگر سندس شهرت باطني علمَ يا
روحاني علمَ جي ڪري ٿي جنهن جو اظهارُ هُن جي
عارفانه ڪلام ۾ موجود آهي. پاڻ ڪافي ٻولين ۽ دسترس
حاصل ڪيائين، جنهن جو اندازو به سندس دستياب ڪلامَ
مان ٿئي ٿو. سنڌي، هندي، اُردُو، فارسي ۽ سرائڪي
ٻولين ۾ سندس ڪلام جو ذخيرو موجود آهي. ڪلهوڙن ۽
ميرن ٻِنهين جي دور حڪومت ۾ سچل سرمست حياتيءَ جا
ڏينهن گذاريا.
خيرپور جي والي، مير علي مُراد، سندس معتقدُ هو.
سندس فارسي ديوانُ، ”ديوان آشڪار“، به مير علي
مراد ڇپائي پنهنجي ذاتي ڪتُبُ خاني ۾ تبرڪَ طور
رکرايو هو. اِنهي شعرِي مجموعي ۾ سچل پنهنجي
تخلصَ کي ”اَشڪار“ ڪري استعمال ڪيو آهي. سچل
پنهنجي چاچي عبدالحق جي نگرانيءَ ۾ ظاهرِي ۽
باطِني تربيت جا مرحلا طئي ڪيا.
هِن بزرگ جي ڪلام جي خاص صفت سندس عشقيه اظهارَ جي
فراواني ۽ رواني ۽ مصلحت کان مبرا صداقت آهي، سڀني
صوفين وانگر عقل جي مقابلي ۾ عشقيه جذبي کي سچل به
ترجيح ڏني آهي. مگر هن مرد مجاهد جي بيان جو انداز
بي ساختگيءَ ۽ دليريءَ جي صفتن ڪري نرالو ۽ بيحد
اثرائتو آهي.
مخدومي مجذوبي ڪڏهان گَڏُ نه ٿِيوَنِ
عشق عقل دي راهه نرالي، هڪٻئي نُون ڪِينَ
مَنيسِنَ.
....... ........
عشقُ لڳيئِي، تان ڪر آمين
نا منجهه ڪفر، نا منجهه دين.
هِنن عارفن لاءِ عشقيه جذبو ئي اهڙِي ڏاتِ آهي،
جيڪا رب تائين رسائڻَ جو مستند ۽ مضبوطُ ذريعو
آهي. هِنن وٽ ڪفر ۽ دين جُون معنائُون رسمي ۽ اسمي
معنائن کان مختلف آهن، اهي استعارا آهن، ۽ سندس
مخصوص زاويه نظر جا ترجمان آهن.
شرعَ دينَ ۽ فقه وغيره جي حوالن سان هِنَنِ جي
ڪلام ۾ جيڪا جَرَحَ نظر اچي ٿي، اُها رياڪاريءَ،
منافقيءَ، سکڻائيءَ ۽ سطحي ادائگيءَ خلاف آهي، ۽
نه ڪه اصل دينَ ۽ اُن جي روحَ خلاف، هِنن جي طرفان
سَڌِڙِيَنِ ۽ رياڪارَنِ جي ”عبادتن“ خلاف اِهو
هڪڙو احتجاج جو اندازُ آهي.
قاضِي ساڙ ڪتابان ڪُون، هُڻ مرشد ايوين فرمايا
آپ سڃاڻ ته تون ڪي آهين ”عرف نفسه“ پُرجهايا
سچو راهه ڪفر دا سانُون مرشد آپ بتايا.
اِهڙيءَ طرح اِتي ۽ اِهڙِن ٻين جاين تي ڪفر جو
اطلاحُ رياڪاريءَ، مڪاريءَ، مذهبي دڪانداريءَ ۽
دين فروشيءَ جهڙن ڪُڌَنِ ڪردارن جو ڪفرُ/ انڪارُ
آهي، نه ڪه اصل دينَ ۽ ديني بصيرت کان ڪفر ــــ
جيئن چوي ٿو ته:
مسجد وچ ڪاڻ ٽُڪر ڏيونِ ٻانگ صلواتان
عالم ليکي روزي رکندي، نت کاوَڻ ديان آفاتان
سَچُو راهه نه اها سچ دِي، بره واليان بيان باتان
ڪيترائي بزرگ اصل ۾ لالچ ۽ حرص هوس ۽ ذاتي غرض
لاءِ مذهب کي استعمال ڪرڻ وارن جا مخالف رهيا آهن.
سچ جي برملا اظهارَ ۾ هُو سڀني کان سرسُ ۽ اڳرو
هو.
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،
ڪُوڙِي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي!
بهرحال سچل سرمست انهيءَ لحاظ کان واقعي سرمست هو.
هو ظاهرداريُن ۽ ظاهر پرستيُن جي هنگامن کي ظاهر
ظهور نِنديندو هو. ماڻهن جي سَکڻايُنِ ۽ واڄَٽَنِ
تي سِڌي جرحَ ڪندو هو، ۽ اُنهن کي ڪِينَ بخشيندو
هو، جيڪي “اندر ۾ آذَرَ ۽ مُنهَن ۾ مسلمان“ بنيا،
خلق خدا کي ڀَنڀِلائيندا رهندا هئا.
سچل سرمست جو ڪلام پنهنجي همعصرن جي ڪلام کان
مقدار ۾ ۽ تَنَوّعَ ۾ سرسُ آهي.
پاڻَ بيتَ، وائِيءَ ۽ ڪافِيءَ کان سواءِ غزل، نظم،
رباعِيءَ، مسدس، سِي حرفيءَ وغيره جي صنفن ۾ به
طبع آزمائي ڪئي اٿس.
سچل جو سَنِيهو، سچل جي سيرت، سچل جو نظريو، انهن
ٽنهين پهلوئن ۾ هڪڙي اهڙي اهم آهنگي موجود آهي،
جيڪا هڪڙي راست گو، نيڪ نيت، پرهيز گار ۽ اوچي
آدَرِشَ واري اولالعزم انسانَ ۾ هُئڻ جڳائي.
سُچُوءَ کي سچَ سان، سچَ جي پرچار سان ايتري گهاٽي
نسبتَ هُئي، جيڪا اڄ به اسان لاءِ هڪڙِي مشعلَ
راههَ آهي ۽ اسان لاءِ نصب العينَ جو درجو رکيو
بيٺِي آهي.
مرزا قليچ بيگ
سنڌي زبانَ جي خدمتَ ۽ اون کي ڪثير النوع موضوعن ۽
مضمونن سان مالا مال ڪرڻ۽ اُتساههُ جيترو اَسان جي
هِن مردَ مومنَ کي هو، مشڪلَ سان سنڌ جو ڪو عالمُ
۽ محققُ اُنَ سان بَرُ ميچي سگهي.
اها انوکي حقيقت آهي ته جيتوڻيڪ مرزا صاحب سنڌ جي
ڪنهن قديم خاندان جو فرد نه هو، اُن جي باوجود
سنڌي زبان جي ڪشش ۽ ان جي حسن هن کي ايترو ته
موهيو، جو رِوينيُو کاتي جي ڊِگهيءَ ملازمت جي
باوجود نهايت پابنديءَ سان روزانو وقت ڪڍي، سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکڻُ سندس فرائض ۾ شمار ٿي
ويو هو.
مرزا صاحبَ جو والدُ مرزا فريدون بيگُ ننڍيءَ عمر
۾ جارجيا کان هِتِ سنڌُ ۾ پهتو، پاڻَ شروعَ ۾
پنهنجن اَبن ڏاڏن جي مذهب عيسائيتَ جو پيرو هو،
ميرن جي دورَ حڪومتَ ۾ ميرَ ڪرم علي خان کي مرزا
فريدون بيگ جي ٻانهن ملي، جنهن جي صحبت ۾ هو
مسلمان ٿيو. سندس پهريون نالو سِڊِنِي هو. مرزا
قَلِيچُ بيگُ سَندُسِ ٽِيون نمبر فرزندُ هو.
مرزا قليچ بيگَ شروعاتي تعليمَ سنڌ جي روايتي
مڪتبن ۾ حاصلُ ڪئي، جتي وقت جي رواج موجب، سنڌيءَ
سان گڏ فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين. پاڻ
ايترو ته زيرَڪُ ۽ فهيمُ هو، جو اَڃا ڇهين ڪلاسَ ۾
هو ته هاءِ اسڪولَ ۾ ”پرشن ٽيچُر“ مقررُ ڪيو ويو
1872 عيسويءَ ۾ مئٽرڪ جو امتحانُ پاسِ ڪري،
بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ بي. اي جي ڊگري وٺڻ
ويو، ۽ اُتي به ڪاليج ۾ فارسيءَ جو فيلو ٿِي ڪَمُ
ڪيائين. ڪِنِ سَبَبَنِ جي ڪري بي. اي جي ڊگري حاصل
ڪرڻ کان اڳ ئي پاڻَ حيدرآباد موٽي آيو ۽ عدالتَ
کاتي جو امتحان پاس ڪري ضلعي شڪارپور ۾ مختيارڪارُ
مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي، ڊپٽي ڪليڪٽرَ جو عهدو
ماڻيائين، جتان پوءِ رِٽايَر ڪيائين. مرزا صاحب
عربي، فارسي، انگريزي ۽ ترڪي زبانن ۾ خاصي مهارت
رکندو هو.
پاڻ سڄي زندگي هڪڙي نيمُ ۽ ٽائيم ٽيبل مطابق
گذاريائين: لکڻ جو ٽائيم، پڙهڻَ جو ٽائيم، کائڻَ
جو ٽائيم، ننڊ ۽ ننڊ مان اٿڻ جو ٽائيم، تفريح/
وِندُرَ جو ٽائيم، وغيره. پاڻ اُنهن مقرر وقتن جو
سختيءَ سان پابَندُ رهيو.
پورا ٽيهه سال سرڪاري ملازمت ڪيائين ۽ ملازمت ڪندي
به سنڌي ٻوليءَ لاءِ محبت ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ ۾
ناغو نه وڌائين، روزانو ٻه صفحا ئي سَهِي پر ضرور
لکڻ ۾ مصروف ڪيائين.
وٽس ڪافي ناياب ڪتابن جي ذاتي لئبرري هئي. پينشن
تي لهڻ کان پوءِ سارو وقت تنصيف ۽ تاليف ۾ مصروف
رهيو. سندس حياتيءَ ۾ ئي سندس ڪتاب ڇپيا ۽ مقبول
ٿيا.
مرزا صاحب لڳ ڀڳ ساڍا چار سَو ڪتاب سنڌيءَ ۾ تاليف
ڪيا، جن ۾ گهڻو تعداد ترجمن جو آهي. جنهن به موضوع
۾ ڏسندو هو ته سنڌيءَ ۾ اڳ لکيل موادُ ڪونه آهي،
ته هڪدم اُن موضوع تي ڪتاب هٿ ڪري، اُن جي سنڌي
ترجمي کي لڳي ويندو هو. اِنهيءَ حَدَ تائين، جو
اقتصاديات، نفسايت، ناول، ڊراما، افسانه نويسيءَ،
شاعريءَ، ويندي باغبانيءَ جهڙن موضوعن تي به
سنڌيءَ ۾ سَندَسِ ڪتاب ترجمو ٿيل آهن. اڃا به سندس
ٻه سو کن ڪتاب دستخط صورت ۾ موجود آهن، جيڪي اڻَ
ڇپيلَ آهن.
مرزا صاحب نهايت نيڪ نيتُ ۽ نيڪ سيرتَ انسانُ هو.
سڄِي عمرِ ايمانداريءَ سان پنهنجا فرض نباهيائين.
سرڪاري توڙي خانگي زندگيءَ ۾ ڪنهن کي ڪونه
ڏکويائين. سندس طبيعتَ ملنسازيءَ، خوش اخلاقيءَ،
سنجيدگيءَ ۽ محنت ۽ مشقت جو هڪڙو مثالي نمونو
هُئي. پاڻ صوم و صلوات ۽ ٻين مذهبي ادائگين جو به
بيحد پابند هو. صوفي مَنُشُ انسانُ هو. فرقيواريت
کان پرهيز ڪندو هو.
پاڻ شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس علمي ۽
اَدَبِي خدمتن جي اعترافَ ۾ سرڪار کيس ”شمس
العلماءَ“ جو خطاب ڏنو ۽ خلعت به عطا ٿيس.
مرزا صاحب جون هڪڙيون انوکيون رومانوي مصروفيتون
به هيون. ڇا ڪيائين، جو گَهرَ جي هڪڙي وڻ تي هڪڙو
اهڙو آکيرو ٺهريائين، جنهن ۾ پاڻ وڃي ٻه چار
گهڙيون صبح سويري ويهي رهندو هو، ۽ پکين جون
لاتيون ٻڌي دل کي سُرور بخشيندو هو. پنهنجي جيئري،
هڪڙي قَبَرَ ٺهرائي ڇڏي هُئائين. جنهن جي ساميءَ ۾
به وڃِي گهڙِي کَنُ ليٽِي پَوَندو هو، موتَ کي
يادِ رکندو هو ۽ اُن جي آجيان لاءِ پاڻ کي سدائين
تيارُ رکندو هو. مرزا صاحب ٽي شاديون ڪيون، جن مان
کيس يارهن فرزند تولَدُ ٿيا. اُنهن جي تربيتَ به
وڏيءَ اونَ ۽ ذميداريءَ سان ڪيائين، ۽ اُهي به وڏا
ٿِي علم و ادب جا شائق بنيا، سرڪاري نوڪريون به
ڪيائون ته سنڌي زبانَ ۽ ادب جِي به خدمت ڪيائون.
انهن ۾ شاعر به ٿيا، محقِقَ به ٿيا ۽ مُقَرَرَ به
ٿيا.
مرزا صاحب 74 ورهين جي ڄمار ۾ 3 جولاءِ 1929
عيسويءَ ۾ حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪئي.
علامه آءِ آءِ قاضِي
امداد علي ولد امام علي قاضِي پورو نالو آهي اُن
شخصَ جو جيڪو ”آءِ آءِ قاضيءَ“ جي نالي سان مشهور
ٿيو.
قاضي صاحُب سنه 1886 عيسويءَ ۾ ڄائو. سَندَسِ وَڏا
اصل ”پاٽ“ جا رهاڪُو هُئا، جيڪو دادو ضلعي جو هڪڙو
ڳوٺُ آهي، جنهن جي خصوصيتَ اِها آهي ته پنجاهه
سالَ اَڳُ جَڏِهن پوري سنڌ صوبي جِي شرح خواندگِي
25 سيڪڙو مَسَ هُئي، ته پاٽِ جهڙي ننڍي ڳوٺ جا 80
سيڪڙو ماڻهو پڙهيلَ هُئا.
قاضي صاحب ابتدائي تعليمَ حيدرآباد شهرَ ۾ حاصل
ڪئِي، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ کين انگلنڊ وڃِي
پڙهڻَ جو موقعو مِليو، جتان بئريسٽريءَ جو امتحانُ
پاس ڪيائون. اُن ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ جڏهن
ملڪ موٽيا، ته روزگار جي سلسلي ۾ خيرپور ۾ جج طور
مقرر ٿيا، مگر جلدُ ئي اُها سروسِ ڇڏي ڏنائون.
سببُ اهو ڄاڻايائون ته نوڪريءَ دوران وڏن ماڻهن جي
روايتي مداخلت ۽ بيجا سفارشُنِ کين ڏاڍو دل
برداشته ۽ پريشان ڪري وِڌو هو.
قاضي صاحب جن شروع کان ئِي هَڪ سچي انسانَ ۽ مڪمل
مسلمانَ جو آدَرِشُ پنهنجي آڏو رکِي، زندگيءَ جو
سفر شروع ڪيو. پاڻَ گڏوگڏ پنهنجي آدرشَ جي اصولنِ
۽ تفصيلن کي ڀَليءَ ڀَتِ پَرُوڙَڻ لاءِ، علم ۽
شعورَ جي روشنيءَ جا ڳولائو رهيا، ۽ بِنان ڪنهن
روايتِي ڊگريءَ ۽ سَندَ حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مطالعي
کي لڳاتار جاري رکيو. مطالعي جي شوق کينِ ڏيساوَرُ
جا ڪيترائي ڀيرا دورا ڪرايا. پاڻ اِن لحاظَ کان
يورپَ جي ملڪنِ، انگلنڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ، ۾ قيام
ڪيو، ۽ اُتان جي درسگاهن جي مکيه دانشورن،
پروفيسرن ۽ استادن جي صحبتَ خالص علمَ حاصل ڪرڻَ
لاءِ، اختيارُ ڪئي. |