ھڪڙي مکڙي، سو ڀنڀوري،
ھڪڙو چنڊ، ھزار چڪور!
ڪنھن جي من ۾ راڳ اچي ٿو،
جنھن تي سارو ڏيھھ نچي ٿو!
ڪنھن جي لونءَ لونءَ جي ڪا لوري،
ساري جيون جي چت- چور!
ھڪڙي مکڙي، سو ڀنڀوري،
ھڪڙو چنڊ، ھزار چڪور!
تون مان آھيون يار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تنھنجو منھنجو گھاءُ بھ ساڳو،
صدين جو سوداءُ بھ ساڳو،
ٻئي اونده تي وار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تون مان آھيون ٻئي ھرجائي،
ٻئي سيلاني، ٻئي سودائي،
بيگانا، بيزار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
روح نھ ريجھي تنھنجو منھنجو،
پنڌ پرھھ ڏي تنھنجو منھنجو،
پرين پرانھين پار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تون مان آھيون يار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تنھنجي ياد پئي آئي!
تنھنجي ياد ائين پيدا ٿي، ڄڻ تھ اڏند کٽولي لاٿي،
صحرا ۾ ڪنھن سودائي-
تنھنجي ياد پئي آئي!
جئن نھ سرءُ ۾ سڪجي پن پن، واءُ لڳڻ سان ڇيڙي ’ڇن
ڇن‘،
ياد ائين دل ڌڙڪائي-
تنھنجي ياد پئي آئي!
تنھنجي من ۾ گھري ڪاري، ڇانئيندي وئي رات انڌاري،
تارا ھا، ۽ تنھائي،
تنھنجي ياد پئي آئي!
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
بادل گرجيو، بجلي ڪڙڪي، مينھوڳيءَ جا جھلڪا آيا،
ڪجھھ اک ڦڙڪي، ڪجھھ دل ڌڙڪي، من تي پل پل الڪا
ڇايا،
آلاپي، آلاپي، ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات. . .
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
منھنجي من جئن موڳا تارا، جھڙ جي جھاڳ ڏسي
گھٻرايا،
آس بھ ٽمڪي، جھمڪي پيارا، جئن جئن تن جا جھلڪا
آيا،
چپ تي نينھن- نياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات. . .
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
کلنديون کوڻيون، ٽلندا بادل، پل ۾ وڄندا ڀڄندا
آيا،
وسڪارو وڄ، پاڻي جل ٿل، موت پئي ڄڻ ڏند ڏڪايا،
ٻک ۾ موت، جياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات. . .
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
گھنن گھنن، گھن گھن، گھن گھن گھن،
ڌنن ڌنن، ڌن ڌن، ڌن ڌن ڌن!
گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!
پِيو پِيو ميءِ جا متوارا، جِيو جِيو ڌرتيءَ جا
پيارا!
ڇنن ڇنن ڇن، پيالا ڇلڪن-
گھنن گھنن، گھن گھن، گھن گھن گھن!
گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!
جڳ جڳ کان آ ڌرتي پياسي، مسين مسين آئي چؤماسي!
گھڙيءَ گھڙيءَ ليلايو لڙڪن،
گھنن گھنن، گھن گھن، گھن گھن گھن!
گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!
کلو کلو اي کوڻيون کيريون، رلو ملو اي ڪڪريون
نيريون!
ٽلو ٽِلو اڄ گلشن گلشن،
گھنن گھنن، گھن گھن، گھن گھن گھن!
گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!
ٻاٻيھو ٻولي!
جھاز نھ ھتڙي ڪوئي ڪھلي،
ڪير جھڄي جھولي-
ٻاٻيھو ٻولي!
نيسر ھيٺان نيگر وھنجي،
وار ڇڏيا کولي-
ٻاٻيھو ٻولي!
چمڙيءَ کي جو مھٽي مھٽي،
آڳ لڳي چولي-
ٻاٻيھو ٻولي!
ساري رت من توکي ساري،
توکي ئي ڳولي-
ٻاٻيھو ٻولي!
ڀري ڀري ڏي ڄر سان، ڄاڻو!
ٿڌو ٿڌو ڪو ٿانءُ!
ڏنو سنھيو ڪنھن لئھ ڏاھي،
پنھنجو ڪوئي سپرين ناھي،
ناھي پنھنجي پريت ڪنھين سان،
لنوي پيو ڇو ڪانءُ!
پيارا پيارا نينھن وساريا،
ڪھڙا ڪھڙا ڏينھن وساريا،
ويا اسان کان وسري، تن جو
وٺي نھ ڪوئي نانءُ!
ڪنھن سان تنھنجو پيار ٿيو آ!
چنڊ بھ ڪنھن جو يار ٿيو آ؟
ڪنھن لئھ ٿو کنڀڙاٽيون کوھين!
ٿيو نھ جنھن جو ٿان!
مڌ پيتو، مسرور ٿياسي،
ڏک سک سڀ کان ڏور ٿياسي،
آءُ تھ جھولون، آءُ تھ جھولون،
ٿيو ھندورو ھانءُ!
ڀري ڀري ڏي ڄر سان، ڄاڻو!
ٿڌو ٿڌو ڪو ٿانءُ!
او
منھن
جا چت
پل پل جنهن جا پور پيا!
تون ائين
ڇانئين
منھنجيءَ
دل تي،
لھريون واريءَ تي وارينديون،
سڀ جا پيرا ميسارينديون،
لھرايون ٿي جيئن ساحل تي،
ڀرجي ويا جئن پور،
تئن منھنجا بھ خيال ويا:
او منھنجا چت چور،
پل پل تنھنجا پور پيا!
سج پاڻيءَ ۾ غوطا کائي،
دنيا جي ٻئي پار ويو ھو،
سانت سڄو سنسار پيو ھو،
تنھنجي ياد پئي جو آئي،
رات پئي گھنگھور،
ننڊ پيا ھا پير ھيا!
او منھنجا چت چور،
پل پل تنھنجا پور پيا!
منھنجا
پرين!
او
بانورا!
او
سانورا!
گھر
۾
گھِرين،
چوري
ڪرين،
کلندو
ورين،
مان
لک
چوان،
پيرين
پوان،
پر
جو
مڙين،
او
شل
جُڙين!
منھنجا
پرين!
او
بانورا!
او
سانورا!
سورج
ويو
جئن
ڍرڪندو،
۽
شام
لھرايون
چڳون،
آئين نظر تون مرڪندو. . .
ڪيڏيون نھ گھرايون ھيون،
منھن ۾ سندءِ اي آشنا!
سو سو سنيھا جن ڏنا!
جئن ڪنگ اڏريا واءُ ۾،
ڦرنديون ڪريون، کنڀڙيون کـٿيون،
ٿي ويا ڇلا ڦھلاءَ ۾،
جئن ڍنڍ ۾ لھريون اٿيون،
تھھ ۾ نظر آئين پئي،
وھھ تي بھ لھرائين پئي. . .
پر رات ڦھلايا جڏھن،
تارا ٿيا تارا سندءِ،
وڻ سانت ۾ آيا جڏھن،
آيا نظر چارا سندءِ،
گذري ائين ئي رات وئي،
تن مان نھ تنھنجي تات وئي. . .
کن ۾ کسي دلڙي وئين،
زورآوري پنھنجي بھ ڏس!
مھنا ٿيا جو منھن پئين،
ڏيساوري پنھنجي بھ ڏس!
لنءُ لائجي، پر ڀائجي،
پوءِ ڇو ائين گھٻرائجي!
منھنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!
کن ۾ ڦرين،
ويندو رھين، لک ٿو لھين،
مان پئي چوان، پيرين پوان،
پر جو مڙين، او شل جڙين!
منھنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!
(
وسُ
وسُ،
وسُ
وسُ،
وسَ
ڪر
مينھن،
ڏاڍا ڏينهن ٿيا ٿي!
سوڪ
وئِي
ٿي ساري ساري،
اڀ
مان
اک
نھ
ڪڍي
ٿو هاري،
ڏس
ھيءَ
وڻ
جي
ٽاري ٽاري،
هٿ ڦهلائي جيئن ڀڪاري
سڙڪون لٽ ۾ ليٽيون پيٽيون،
اٺ- گاڏيءَ سان ڄڻ تھ لپيٽيون،
گس سان اڀري نڪتو نينھن-
پرتا وڇڙيا ساٿي!
وس وس، وس وس، وس ڪر مينھن-
ڏاڍا ڏينھن ٿيا ٿِي!
مس مس اڀ تي بادل ڇايا،
اندر جا جھنڊا لھرايا،
تن تي ڇايا بدلي ڪايا،
نازڪ دل ورا گھٻرايا،
نانگڻ نڪتي يا وڄ چمڪي،
ڇم ڇم ڇم ڇم برکا ڇمڪي،
ڏس تھ سھين ڄڻ گجندا شينھن-
ڀڄندا مڪا ھاٿي!
وس وس، وس وس، وس ڪر مينھن-
ڏاڍا ڏينھن ٿيا ٿِي!
خوش ھوندا سڀ پيڪي وارا،
وڇڙئي ٿيا ٽي مھنا سارا،
پورا ٿيندا جئن لابارا،
ملندا شھري مٽ موچارا،
ساجھر ان جون گاڏيون ھلنديون،
ڀرجي ڏڌ جون چاڏيون ھلنديون،
ڏسندي ڏسندي لنگندا ڏينھن،
آس نھ آ مون لاٿي!
وس وس، وس وس، وس ڪر مينھن-
ڏاڍا ڏينھن ٿيا ٿِي!
(
سمجھئي
ڇا آھي
سنسار؟
ٿيندي
شام،
شفق
ڇانئيندي،
ڇوليڇولي
جھلڪا
ڏيندي،
ڪجهه ماٺيڻا
جهيڻا جهيڻا
ويندي گيت ندي ڳائيندي
ٻگھھ پر کولي،
ٻولي ٻولي،
بس اڏري ويندا ٻئي پار،
ھڪٻئي کان ٿي ويندا ڌار،
سمجھئي ڇا آھي سنسار؟
ڪونج افق ۾ رلندي رلندي،
ساٿي ڳوليندي دڳ ڀلندي،
لوندي لوندي،
ٿڪجي پوندي،
پوئين واءُ سرءُ جي گھلندي،
ڇٽبا ٻيجا،
کيت چڻي جا،
ڀربا پاڻيءَ سان ٽمٽار،
داڻي مان ٿيندو انبار،
سمجھئي ڇا آھي سنسار؟
ٿيندا سانوڻ جا وسڪارا،
پل پل ايندا ياد پيارا،
ڪاريون راتيون،
۽ برساتيون،
گجندا بادل ڪارا ڪارا،
ڇائيندو جھڙ،
وسندي ڦڙ ڦڙ،
بوندون ڪرندي ٿينديون ڌار،
ڪابھ نھ لھندي ڪنھن جي سار،
سمجھئي ڇا آھي سنسار؟
کن پل تنھنجو منھنجو ميلو،
روح گھڙيءَ ليءِ ڏيندو ريلو،
سڀ اتفاقي،
ڪجھھ بھ نھ باقي،
ھي مانڊاڻ،
سڀڪجھھ ڄاڻ،
سڀڪجھھ چانڊوڪي ۽ پيار،
ھن کان اڳتي آ انڌڪار،
سمجھئي ڇا آھي سنسار؟
آھھ بھشت بھ ساڳي دنيا،
۽ دوزخ بھ نڀاڳي دنيا،
جنھن جنھن ماڻي،
سا سا راڻي،
جنھن جنھن آھھ تياڳي دنيا،
سا جوڳياڻي،
ڄاڻي واڻي،
پاتو آ تنھن دک جو ھار،
سرڪي ويجھو آ دلدار،
سمجھئي ڇا آھي سنسار؟
جيون-
نَيا
مٺڙي
مٺڙي
سُر
۾
پئي
ڪجھھ
ڳائي،
سانجھي
سھڙي
آھ
ھستيءَ
تي،
ڪارا
پَـرَ
ڦھلائي،
ڪوھيري
۾
ڪونج
افق
تي
پرڙا
ٿِي
ڦڙڪائي:
آشا-
ديپ
جلائي-
ھن نيا جي وھھ تي ويو ڪو آشا- ديپ جلائي
ھوريان ھوريان ھير نديءَ تي لاٽ پئي ٽمڪائي،
پاڻيءَ ۾ پاڇو چوڌاري جوت پيو ڦھلائي،
ڇولي ڏيئي سان ٽڪرائي، تيل پئي ڇلڪائي:
ڀل پيو لوڏا کائي،
. . . ھن دنيا جي وھھ تي ڏيئو ڀل پيو لوڏا کائي!
ڏس تھ مٿان آڪاش پيو ٿو ڪيڏا ديپ جلائي،
ھڪڙو گم ٿئي، ٻيو نڪري، تارن سان راند رچائي!
تنھنجو ڏيئو غرق بھ ٿي ويو جي جڳ کي جرڪائي،
دل نھ سندءِ گھٻرائي:
ھن نيا جي وھھ تي ڏيئو ڀل پيو لوڏا کائي.
پيئو، پيئو، پيئو ڙي يار!
جيئو، جيئو، جيئو ڙي يار!
پيئو ڙي يار! جيئو ڙي يار!
ڏينھن بھ ساڳا، نينھن بھ ساڳا، مند بھ ساڳي، مينھن
بھ ساڳا:
ڪنھن جا ڪنھن جا ڏک ساريندؤ، ڪيسين گذريءَ ۾
گھاريندؤ:
مي آ وھھ جو وھھ تي وار!
پيئو ڙي يار! جيئو ڙي يار!
چنڊ بھ ساڳو، رات بھ ساڳي، بوند بھ ۽ برسات بھ
ساڳي:
ھر شيءِ ۾ ڪا ياد رھي ٿي، ڏاھپ جنھن جا ڏنگ سھي
ٿي:
ڏک جي ڏولي، سک جي سار!
پيئو ڙي يار! جيئو ڙي يار!
روپ بھ پل ليءِ رنگ بھ پل ليءِ، ساٿ بھ پل ليءِ
سنگ بھ پل ليءِ:
ھار بھ پل ليءِ جيت بھ پل ليءِ، مٺڙا مٺڙا ميت بھ
پل ليءِ:
جڳ ئي پل جو آھھ پسار!
پيئو ڙي يار! جيئو ڙي يار!
پيار پکيئڙو ھو پرڏيھي، آيو ھو پڃري ۾ پيھي،
نيٺ اڏامي ويو ٻئي پار، ڇو نھ پکيڙيون ٻيا ڪي ڄار:
ڪيئي پکيئڙا، لک ھزار!
پيئو ڙي يار! جيئو ڙي يار!
مکڙيون ميڙي ڍير لڳايو، مي ڇڙڪايو، ساز وڄايو:
ناچ وجھو، گھنگھرو ڇمڪايو، ڳايو، ڳايو، غم کي
گھايو:
مھڪو، چھڪو، ٻھڪو يار!
پيئو ڙي يار! جيئو ڙي يار!
ڪٿي آ منھنجي منزل سائين، ڪٿي آ منھنجو ماڳ؟
رات انڌيري، ويل اويري،
چنڊ ستارا منھنجا ويري،
ڪڏھن اچي مون سان مل سائين، ڀلي پيو آ ڀاڳ.
ڪٿي آ منھنجي. . . .
ويھي ونجھھ ھڻان مان ڪيسين،
لھرين ساڻ لڙان مان ڪيسين،
سجھي نھ ڪوئي ساحل سائين، سامھون سمنڊ اجھاڳ.
ڪٿي آ منھنجي. . . .
ساٿ انھيءَ جو سنگ انھيءَ جو،
نينھن انھيءَ جو ننگ انھيءَ جو،
ڳولا ۾ آ شامل سائين، مون سان منھنجو راڳ!
ڪٿي آ منھنجي منزل سائين، ڪٿي آ منھنجو ماڳ؟
تون مون کي، مان توکي ڳوليان،
لڪي ليئا پايان،
واجھھ وجھي واجھايان!
آگ ازل جي! آگ ازل جي!
آءُ تھ توکي ڳايان،
سر ۾ سوز سمايان!
ساري رات سڄڻ مان سوچان،
تارن کي ترسايان،
ڳالھھ ڳجھي ڳالھايان!
سور سوين سانڍي مان تڙڦان،
توکي ڀي تڙڦايان،
لونءَ لونءَ منجھھ لڇايان!
چنڊ! سندءِ چانڊوڪي آھيان،
پاڇو ٿي پڇتايان،
چؤ، توکي ڪيئن چايان!
تون مون کي، مان توکي ڳوليان،
لڪي ليئا پايان،
واجھھ وجھي واجھايان!
آيس آيس آيس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
پنھنجا پيارا ساٿ ڇڏي ويا،
چنڊ ستارا ساٿ ڇڏي ويا،
اونداھيءَ اٽڪايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
سک جا سندر سپنا ساريم،
من ئي من ۾ ڏيئا ٻاريم،
پل پل واءُ وسايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
مٺڙا ماڻھو مرڪڻ وارا،
لوڻ ڦٽن تي ٻرڪڻ وارا،
گھڙيءَ گھڙيءَ جن گھايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
آھي راحت رڻ جي ريتي،
اڃ ۽ رڃ جي ڏيتي ليتي،
ڪھڙيءَ ڀل ڀٽڪايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
جھولي خالي، آلي آلي،
آس اکين ۾، ساھھ سوالي،
آخر تو ڏي آيس، او،
آيس آيس آيس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
ï
من ۾ مڌ جي پياس ٻري،
شام وري آئي.
مڌ جي جوت جلي جيون ۾،
ڇنن ڇنن ٿي منھنجي ڇن ۾،
ڪنھن جي ڦيري نرتِ ڀري،
رڳ رڳ جاڳائي!
شام وري آئي.
نيل- ڪنول، جئن انگ بھ ساڳا،
من ۾ مست امنگ بھ ساڳا،
نچِي نچِي تنھن دور ڌري
منھنجي تنھائي
من ۾ مڌ جي پياس ٻري،
شام وري آئي.
ï
پري پرينءَ جي لوءِ! الا او لوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
سري پتڻ تي آئي سانجھي، پڳھھ نھ آيا پار،
نيٺ تھ ايندا منھنجي من جا مانجھي اي منجھڌار!
آيا ڪونھ تھ پوءِ! الا او پوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ڪڏھن ڪڏھن ڪا ڪڪري آئي، مگر نھ ٿي وسڪار،
آھيون رڻ جا روجھھ، تڪيون ٿا ڪارا ڪارونڀار،
وسي نھ ڪوئي ووءِ! الا او ووءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ڪڏھن تھ ايندو چنڊ اسان جو، اچي ڪندو چانڊاڻ،
ساريون راتيون جنھن سان رھندي، پنھنجي روح رھاڻ،
ھينئون انھيءَ سان ھوءِ! الا او ھوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ڀريا اسان جي من تي ڪيئي ڏکڙا ڪيئي ڏاڍ،
پوءِ بھ انھيءَ جي خوشبو آھيون، آھھ انھيءَ جي آڍ،
سار انھيءَ جي سوءِ! الا او سوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
پري پرينءَ جي لوءِ! الا او لوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ï
پِي ڏس، پِي پس، منھنجو جام،
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
پياليءَ ۾ چانڊوڪي آھي،
ان ۾ ڪوئي ڪفر بھ ناھي،
نڪي انھيءَ ۾ آ اسلام:
پيءُ انھيءَ مان، جڳ جڳ جيءُ!
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
جي تنھنجي دل ماندي آھي،
آءٌ ازل کان آندي آھي،
ھيءُ ميءِ جنھن تي آ الزام،
جيءُ چوي ٿو جنھن کي جيءُ!
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
آ، ماڻھوءَ جو پيار ڀري پِي،
ھي سھڻو سنسار ڀري پي،
برھھ ڪري جنھن کي بدنام،
تون بھ اھو متوارو ٿيءُ:
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
پِي ڏس، پِي ڏس، منھنجو جام!
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
ï
رھندو ياد اھو الحاد:
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
آھھ اھو ئي سچ،
انھيءَ تي اچ،
متو آ مچ،
پتنگا پچ،
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
رھندو ھي مانڊاڻ،
مگر ھي ڄاڻ
تھ پنھنجو پاڻ
نھ ھوندو ساڻ
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
رھندي تنھنجي روءِ
نھ تنھنجي بُوءِ،
مگر ھر سوءِ،
اِھا ئي جوءِ،
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
”مٽي زنده باد“!
انھيءَ الحاد،
ڪيو آزاد،
سدا دل شاد-
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
ï
|