بيت
اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،
سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنھن سر لاءِ.
سڄڻ جو ساريوم، تھ آيون ھيرون ھنج ۾،
جيڏانھن نھاريوم، چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ھئي.
ستارن جي سيج تي، ستس ساري رات،
پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنھن چنڊ کي.
چوسيون چانڊوڪيون، تنھنجي مٺڙي منھن مان،
راتين جو روڪيون، واڳون اسان وقت جون.
چئي سگھندين چنڊ، توڏي مان ڇو تڪيان!
ڏئي سگھندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا!
چؤ، مان ڪنھن جي ڪاڻ، رلان پيو راتڙيون!
چؤ، ڪنھن جي چانڊاڻ، ھرکايو منھنجو ھيئون!
آيو آڌيءَ رات جو، پرينءَ جو پڙلاءُ،
چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ،
صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، ستو رات سڄڻ،
چمڪيو چوڏھينءَ چنڊ سان، آڌيءَ ويل اڱڻ،
الا اسر جو سندس، منھنڙي جو مھڪڻ
ھيرن ۾ ٿي ڄڻ، ھن جون ھٻڪارون مليون.
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.
تون چانڊوڪي چيٽ جي، منھنجو من چڪور،
اچي ڪڏھن اور، مون سان ڳالھيون ڳجھھ جون.
منھنجي نيڻان ننڊڙي، تو تائين پھتي،
تنھنجي تن سان چاندني، ساري رات ستي،
مٺڙيون منھنڙي تان وتيون، اتر ھير اچي،
سڄڻ سيراندي، ميڙو مڙني جو ھيو.
ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڄڻ ساري سنسار کي ٿي ڏاري ڏکويل،
پرينءَ سان پويل، شل رھي ساھھ سڀن جو.
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
رتين رتيون راتڙيون، اڏاڻا احساس،
چت ۾ چوڏھينءَ چنڊ جئن، اڀري ڪائي آس،
پريان پريان پاس، آيون ڳالھيون ڳجھھ جون.
چنڊ لڙھي لس ليٽ ۾، جھاڳي جھڙ جي جھاڳ،
مينھوڳيءَ جي مند آ، وسن پيا ويراڳ،
ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ آن، واري اچ تون واڳ،
مٺڙا، منھنجا ماڳ، سڄڻ منھنجي ساھھ جا.
چوڏھينءَ چانڊوڪي، ويجھي آئي وس ۾
اڄ تنھن سان ترسي، ٿيو سيني ۾ سوجھرو.
ڏکائي ويو ڏور، مون کي چنڊ چريو ڪري،
دل کان ناھي دور، دوري آھي ديد جي.
نئين نھ منھنجي ننڊڙي، چانڊوڪيءَ کي چوءِ،
جاڳي جلندي جندڙي، تن من ايندو توءِ،
سور اسان لاءِ سوءِ، آندا جاڳ جھان ۾.
نھاريم نيراڻ ۾، تڪيندي تارا،
ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ تون، پرھھ کان پيارا!
چنڊ پٺيان چارا، رليم ڪيئي راتڙيون.
ڇڻي پيئي ڇاٽ، ستارن جي سونھن جي،
ڪرڻن ڪئي چنڊ جي، وڻن منجھان واٽ،
لڇڻ لڳي لاٽ، ڪائي منھنجي روح
۾.
سڻيم تنھنجو سڏ، پھتس پھتس او پرين،
ھيڻون اٿم ھڏ، پر سھگھ ڏسين ٿو ساھھ جي.
سھڙي آ سانجھي، اوندھھ لٿي آب تي،
او منھنجا مانجھي، ساٿ نھ ڇڏج سير ۾!
سيڻھھ کنئي ساھھ، پيا پور پرينءَ جا،
دکن جا درياھھ، پار ڪياسي پل ۾.
ساوڻ سندا مينھن، آيو آھين ان بنا!
الا، ڪھڙي ڏينھن، ٻجھندي پياس پرينءَ مان!
اڃا آکيرو، تنھنجو آھھ اکين ۾،
صبح سويرو، اڏري آءُ اسان ڳري.
آ ريتيءَ تي رڃ، الا پيار پرينءَ جو،
اکڙين سنديءَ اڃ، ڀٽڪايوم ڀٽن ۾.
گھرا گھرا نيڻ، ڪارا ڪارا ڀونر جئن،
ڀِرندا رھيا ڀيڻ، مکڙيءَ مٿان من جي.
ٿي سڄڻ سار، ڳاتم ان جون ڳالھڙيون،
ڇيڙيا من ملھار، اکين آب وسائيا.
ويڙھي ويا واس، ون کي محبوبن جا،
آندا من ۾ آس، خزانا خوشبوءِ جا.
ڇٻيون آھن ڄڻ، سموري سنسار ۾،
ويجھن کان وڇڙڻ، جلائي ٿو جيءَ کي.
تارن کي ترساءِ، پرين پوئين پھر جو،
سڀان تو سواءِ، ناھي جس جيئڻ ۾.
جدائي جانڊه، پينھين ڇڏي پيار کي،
سڄڻ مون سانده، سوگھو رھج ساھھ ۾.
ڪڏھن آءُ قريب، ڪريانءِ ڳالھيون ڳجھھ جون،
اندر جا عجيب، اوريانءِ امنگ سپرين.
کڻي نماڻا نيڻ، مٺڙي ڏٺو ڏک مان،
واسينگن جئن ويڻ، ڏنگيون منھنجي ڏاھھ کي.
دلين جا درياھھ، اٿلي پيا اوچتو،
سالن کان پوءِ ساھھ، ساعت ۾ سرچي ويا.
مينھوڳيءَ جي مند آ، اٺا اڄ اتر،
وڍيو واءَ وجود کي، ڪي ڪيس ڪڪر،
جيڪر پايان پر، پھچان پنھنجي پرينءَ کي.
گھلي ڏکڻ ھير، پيا پور پرينءَ جا،
سيرون ڪيون ساھھ ۾، اندر جي اڪير،
ڪڏھن کنڊون کير، ڪڏھن وھھ جئن واسطا.
آئي رت رابيل جي، دل ۾ دود دکيو،
ناھي ساھھ سکيو، تو بن پل ليءِ اي پرين!
آئي رت رابيل جي، پيا پرينءَ جا پور،
نينھن سندا ناسور، اندر ۾ اکلي پيا.
اکڙيون اڃايل، سڄڻ تنھنجي سونھن جون،
سدا سڪايل، پرين پنھنجي پيار جون.
ورھين کان پوءِ ٿو وسين، برھھ جا بادل!
ترس تھ ٻھ ٽي پل، پياسو آھيان پيار جو.
اڄ اکڙن جي اڃ، پوري ٿي پرينءَ مان،
روح اندر ھئي رڃ، وسي بوند برھھ جي.
ويا اڄ اڏي، مون کي منھنجا سپرين،
آيا گھڙي اوچتو، جن کي ساھھ سڏي،
تن کان پوءِ تڏي، آھي بوءِ بھار جي.
سدائين ساوڻ، سڄڻ لاتو ساھھ ۾،
گھٽائن ۾ ڄڻ، گذريون گھڙيون عمر جون.
آئي ننڊ نيڻن کي، اڏاڻا ارواح،
سڄڻ، منھنجو ساھھ، پھتو تو وٽ پل ۾.
گھڙي جا گھاري، تنھن لاٿي سڪ صدين جي،
وڃان مان واري، سھڻا تنھنجي سونھن تان.
رھي منھنجو روح ۾، سدا تنھنجي سونھن،
ورھين لاءِ ورونھن، پلڪ تنھنجي پيار جي.
ورھين کان واسو، سڄڻ تنھنجو ساھھ ۾،
پنھنجن کان پاسو، مناسب ناھي مٺا.
وينديسانءِ مري، ڳائي تنھنجون ڳالھڙيون،
چوندين ’ھاءِ چري، سچي ھئي سڪ جي.‘
جيئين! تنھنجي جند جي، مٺڙي موسيقي،
ورھين ليءِ وڄندي، رھندي منھنجي روح ۾.
جيئين! تنھنجي جندڙي، ساري آ سرھاڻ،
تن مکڙين جو ميڙ آ، من خوبين جي کاڻ،
آڻي توکي اوچتو، قدرت منھنجي ڪاڻ،
مون کي چيو ’ماڻ، وٺ ھي گل گلاب جو.‘
چھڪي پيو چاه، مھڪي پئي مجبوبڙي،
سرھو ھن جو ساھھ، آھي بوءِ بسنت جي.
سوچي ڪجھھ سڄڻ جو، منھنڙو مرجھايو،
سرءُ جو سايو، ٽھليو ٽانگر جي مٿان.
نگاھن مان نينھن، ڇڻي پيا ڇاٽون ڪري،
ڏٺي ٿيا ھئا ڏينھن، محب ملي ويو اوچتو.
پرھھ کان پيارو، منھنڙو منھنجي يار جو،
مٺڙو موچارو، سڄڻ منھنجي ساھھ جو.
ڳوڙھن ڳالھايو،. الا وقت وداع جي،
اکين ۾ آيو، سارو ساھھ سڄڻ جو.
اسان ڪيئن ڪاٽيون، رسي ريجھڻ جون گھڙيون،
ڳوڙھا ڳراٽيون، چميون چپ چپن تي.
جھليم ھن کي جھول ۾، وجھي ڳچيءَ ڳٽ،
لھي ويس لڄ- ڀري، لبن مٿان لٽ،
پرين سارو پٽ، ڇھي ڇھان ڪيترو.
شل منھنجا محبوب، حرف نھ اچي حب تي،
او منھنجا مطلوب، طلبيان توکي نت نئون.
اکڙين اڄ اڦٽ، ماريو آھھ ميار سان،
پنبڻيون جھڪيون پٽ، ھي جون ڏوراپا ڏئي.
چئو منھنجي چنڊ کي، رھي وڃي رات،
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منھنجي ساھھ کي.
پکيئڙو پرڏيھھ جو، لنوي ويندو لات،
رھي ويندو رات، سڄڻ تنھنجيءَ سيج تي.
سدا سيلاني، آھي ساھھ ’اياز‘ جو،
ڳچيءَ ۾ ڳاني، پرين وجھھ نھ پيار جي.
چانڊوڪي ۽ چنڊ، رھڻو آھي راتـڙي،
گھڙيءَ لاءِ گھمنڊ، چڱو ناھھ چڪور سان.
صديون سڪائين، گھارين گھڙي ھڪڙي،
سٻاجھا سائين، ويجھو آءُ وجود کان.
کنڀڙاٽيون نھ کوھھ، پڄندين ڪونھ پکيئڙا،
من کي ٻئي ھنڌ موھھ، چانڊوڪي چت مان ڪڍي.
وھي توريءَ وھھ لڳي، سائين آءُ ستت،
اکڙين مان امرت، پيئان تنھنجي اي پرين.
ساريم تنھنجي سڪ، سک وساريم ساھھ جا،
تن من جا مالڪ، واريم توتان جندڙي.
نھارن پيا نيڻ، سڄڻ جا سنسار مان،
ڀلندس ڪيئن مان ڀيڻ، گھاو انھن جي گھور جا!
اوڙھي آڌيءَ رات جي، شال سموري شھر،
سارو عالم پيو سمھي، اڏاڻا پل پھر،
سيرون ڪيون ساھھ ۾، لڳي تنھنجي لھر،
نيڻين وھي نھر، ڳاتم تنھنجون ڳالھڙيون.
تنھا راتيون تو بنا، سياري جون سرد،
مٺڙو مٺڙو درد، دکندو رھيو دل ۾.
دکندو رھيو درد، وري رک ۾ روح جي،
سالن کان ھو سرد، مچ اسان جي من جو.
ڪارا ڪڪر اڀ تي، وسڪارا ۽ وڄ،
منھنجا مٺڙا، ھن گھڙيءَ، ڇاتيءَ کان نھ ڇڄ،
مون سان پيھي ڀڄ، برساتين ۾ برھھ جي.
اصل يار اکين جي، ٻي آھي ٻولي،
سڄڻ ليءِ سولي، ڏکي ساري ڏيھھ لاءِ.
پيارا پيارا پل، وسري وسرن ڪينڪي،
سوگھي جھليم ساھھ سان، ڪا مٺڙي مومل،
چميم جنھن جا چاھھ مان، ڳوڙھن ڀريا ڳل،
الا وقت اجھل، لتاڙيءَ لک عاشقيون.
الا، چوڏھينءَ چنڊ جيئن، محبوبن جا ميل،
وھامي وئي ويل، رسي ويڙيم راتڙيون.
تنھائيءَ جا تير، کتا منھنجي کيپ ۾،
چڪي پھتي چت تي، آيا نيڻين نير،
تڙڦي وئي تقدير، گھوري منھنجي گھاو کي.
الا ڏس تھ الا، جا ٻاريا عشق اندر ۾،
برھھ ھيئين ڀلا، جلايو ڇو جيءَ کي!
مان بڙڇي مان گھاءُ، مان ئي وار وجود تي،
مان ئي ھان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو.
مڙھيون ٻوٽيون من، مٽجي وييون مورتيون،
دلين ديپ وسائيا، دونھاٽيا درسن،
وسري ويا وچن، آخر پوڄا پريت جا.
چانئٺ کي چمي، گھر ۾ ڳوليم گھڻگھرا،
ويو آھيان ھتڙي، ڪيئي سال سمھي،
ڪتيون جھلي ڪڇ ۾، تارن سان ترسي،
پرڙن تي پوپٽ جي، ويو وقت اڏي،
ڪاجا واء لڳي، پن نھ مليو پن سان.
اکڙين منجھھ اجاڙ، نگريون تنھنجي نينھن جون،
پل پل آھھ پھاڙ، ڄڻ واريءَ ۾ وقت جي.
اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا،
جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منھنجا جام،
الا، ڪڏھن عام، رسندا منھنجي روح کي.
شفق اوڙھي شام، پھتي تنھنجي پار کان،
مھڪڻ لڳي ميءِ منجھن، جرڪڻ لڳا جام،
پيئڻ جا پيام، سانجھيءَ آندا ساھھ ليءِ.
پيئڻ ۽ جيئڻ، متو متوالن جو،
ڀيري ساڻ ڀرڻ، سرڪيون تنھنجي سونھن جون.
پيتي ڙي پيتي، پيالي اسان پريت جي،
بدلي نشي نينھن جي، نيت ۽ نيتي،
ھارائي جيتي، بازي اسان برھھ جي.
پرھھ جا پياڪ، چڪيون چاڙھن چنڊ مان،
ستارن جي سنگ ۾، راتين جا رولاڪ،
مٽجي ٿيا ماڪ، ڳوڙھا ڳاڙي ڳجھھ ۾.
سوري آڻ ستار، سڄڻ منھنجي ساھھ جا،
سر کي سر جي سنگ ۾، ڌڙ کان ڌريان ڌار،
رچي وڃي راڳ جي، لونءَ لونءَ منجھھ لغار،
ازل جا اسرار، تڙڦڻ لڳن تند ۾.
چري پيو چنگ، جھري پيئي جندڙي،
رکي رکي روح ۾، ڏکي پيو ڏنگ،
سڄڻ تنھنجو سنگ، وسري وسري ڪينڪي.
وندر منھنجي واٽ تي، ڳولڻ ۽ ڳائڻ،
تتيءَ ٿڌيءَ تند سان، نينھڙو نڀائڻ،
پرينءَ کي پائڻ، رلندي پنھنجي راڳ ۾.
سر پيارو آ ساھھ کان، تن کي مٺڙي تان،
آھي پنھنجي آن، راڳيندڙ جي روح کي.
آيو نيڻين نير، ڳوڙھا ڳڙيا ڳجھھ ۾،
ھارايو مون ھٺ الا، دلن ڪيو دلگير،
دل کي آيو ڌير، ڳائي تنھنجون ڳالھڙيون.
ڳالھيون ھن جون ڳائڻا، ڳوڙھا آڻي ڳاءِ،
رک ۾ منھنجي روح جي، ڄڀيون ڪي ڄرڪاءِ،
رتين رتيون راڳڻيون، سازن سان سرچاءِ،
سر ۾ پوئين پھر جو، سارو سوز سماءِ،
راتين منجھھ رچاءِ، رمزون پنھنجي روح جون.
سارو عالم پيو سمھي، جلي منھنجي جاڳ،
ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ،
ڀڙڪيا الا آڳ، ڄرڪڻ لڳي ڄندڙي.
جھوري پيئي جھانجھھ، جيڏيون منھنجي جيءَ کي،
سھڙي آھي سانجھھ، جھڄندي جنھن جي جھانءِ ۾.
ناھي ڪوئي ڳائڻا، ڳائڻ جھڙو ڳڻ،
سائين، مون کي سڻ، ڌمندو رھھ تون ڌن ۾.
ازل جا آواز، اچن ٿا اڌ رات جو،
وسن ٿا ويساھھ ليءِ، سؤ روحاني راز،
صديون ستل ساز، وڄن ٿا وجود ۾.
اڄ تھ ازل جي اڃ، مٽجي ويئي من مان،
سامھون ساري سڃ، وسي وئي وڻڪار سان.
ڄڻ ازل جي آڳ، جلي پيئي جيءَ ۾،
مرڪي پيو ماڳ، شعلن جي شعاع ۾.
نسريو تنھنجو نينھن، وسري واٽ وجود جي،
محبت مون کي ماڳ جي، سانوڻ سندو مينھن،
آھيان راتيون ڏينھن، پانڌيئڙو پرينءَ جو.
پرھھ جو پرواز، ڪيو ساھھ سڄڻ ڏي،
ڪل رمزون ۽ راز، کلي پيا کن ۾.
پرھھ جو پيرو، کڻي پھتو ڄڻ پرين،
سھڻو لڳو سج کان، صبح سويرو،
ويو انڌيرو، چؤڌاري چٽاءُ ٿيو.
اچي ٿو آواز، پرينءَ جي پيرن جو،
ڪو روحاني راز، سري پيو سانت ۾.
پرينءَ سندي پيچري، پيو آھيان پنڌ،
ھيئون، انھيءَ ھنڌ، پھتو پيرن کان اڳي.
او منھنجي منزل، رلائين ٿي روح کي،
ويجھو اچي واٽ تي، ڪڏھن مون سان مل،
دکڙن ڀري دل، پيرين پڄان ڪيئن مان!
چمڪي وڄ وجود ۾، ڏٺم پرينءَ جا پير،
اونده ۽ اوير، منجھايو ھو ماڳ کي.
کلي ڪير کنوڻ، چمڪائي ويو چِت ۾،
صدين لاءِ سڄڻ، ٿيو سيني ۾ سوجھرو.
ساري رات سڙي، سوچ اسان جي سچ لاءِ،
اچي نڪري شل الا، جنھن سان جان جڙي،
ڳوڙھن منجھھ ڳڙي، وڃن وھم وجود جا.
سدائين سوداءُ، سانڍيم تنھنجو سمجھھ ۾،
او اڻ ڄاتل آءُ، ڄاڻو منھنجي ڄاڻ جا.
آھيان راڳيندڙ، ڪنھن روحاني راز جو،
ڪيو سر سگھڙ، روح رچي ويو رمز ۾.
ستارن سان رات، چوريم ڳالھيون چنڊ جون:
ملندي ڪئين نجات، سونھون ناھيان سونھن جو.
آڌيءَ رات الله، ڳائي پيو ڳجھھ ۾،
سڻي پيو سانت ۾، ستارن جو ساھھ،
نغمي جي ڪا نھر ڄڻ، اٿلي آھھ اٿاھھ،
ماڻھوئڙا ۽ ماھھ، سڀئي آھن سير ۾.
موڙي ڪيو ميڻ مون، پھڻن جھڙو پاڻ،
سڄڻ اڄ تو ساڻ، اوڙھي آيس عاجزي.
سليا ڪنھن نھ سوال، سانڍيا جي مون ساھھ ۾،
ڏاھپ ساري ڏيھھ جي، سونجھيم صديون سال،
خلوت منجھھ خيال، جلن روز جواب ليءِ.
پڃري تي پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،
پکيئڙا پر وس، ڦٿڪڻ لڳا قيد ۾.
پڃري ۾ پيھي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيھي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.
ڦٽڻ لڳو ڦاڳ، آئي بوءِ بسنت جي،
سڄڻ منھنجي ساھھ کي، ويڙھي ويو ويراڳ،
ڪٿي منھنجو ماڳ، ڪٿي منھنجون منزلون!
(وڌيڪ پڙهو) |