پيش لفظ
منھنجو
1947ع
کان اڳ جو لکيل اڻ- ڇپيل ڪلام ضايع ٿي چڪو آھي. ھن
مجموعي ۾ منھنجو ڪجھھ
1947ع
کان اڳ جو ڇپيل ڪلام، ۽ ان کان پوءِ لکيل، ڇپيل ۽
اڻ- ڇپيل، ڪلام شامل آھي.
1947ع
کان اڳ جو اڻ- ڇپيل ڪلام منھنجي زھر آلود تبسم جي
آڳ ۾ جلي ويو. ان لاءِ ذميوار اھا بي انتھا
مايوسيءَ جي ’اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام‘ واري
ڪيفيت ھئي، جنھن جو تفصيل فقط منھنجي زندگيءَ جي
ڪنھن زخم پنھان کي تازو ڪندو، باقي ڪنھن خاص
دلچسپيءَ جو باعث نھ ٿيندو.
منھنجي بيت جي ھيئت قديم شاعريءَ جي بيت جھڙي آھي،
باقي ان جي موضوع ۾ جدت آھي. بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي
ٺيٺ سنڌي آھي، ڇو تھ بيت جي ٻوليءَ ۾ فارسي
آميزيءَ جي گنجائش بلڪل نھ آھي ۽ ھندي آميزيءَ جي
گنجائش بھ گھٽ آھي. بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف
سخن آھن. شايد ئي دنيا جي ڪنھن ٻوليءَ جي مقفى شعر
۾، ھم- قافيھ لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت
۾ آھن. اِھو سنڌي بيت جو ڪمال آھي تھ ان جي
پھرينءَ ۽ پوئينءَ سٽ جي آخر ۾ نھ قافيو آھي نھ
رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ ھم آھنگي،
ٻيءَ ھر صنف سخن کان زياده آھي. اھو خيال غلط آھي
تھ سنڌي بيت ناموزون شعر آھي، جيتوڻيڪ ان جو فارسي
بحر وزن سان ڪوئي بھ تعلق نھ آھي. بيت جي تقطيع بھ
ايتري پختگيءَ ۽ گرفت سان ٿي سگھي ٿي، جيتريءَ سان
ٻيءَ ڪنھن صنف سخن جي ڪئي وڃي. دراصل سٺي سنڌي بيت
جي تخليق نھايت مشڪل آھي، ۽ سٺو بيت اھو ئي لکي ٿو
سگھي جنھن کي روح ۾ رواني ۽ ٻوليءَ تي بي انتھا
قدرت ھجي. سنڌي بيت الھامي شعر آھي، آيت آھي.
مون سنڌي بيت کي تصوف ۽ رواياتي شاعريءَ جي ڍير
مان ڪڍي، اڇو اجرو ڪري، نئين رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آھي. اھا ڪوشش ڪيستائين ڪامياب آھي،
ان جو منصف مان نھ آھيان.
منھنجي واين جي ھيئت ۽ موضوع ٻيئي جداگانھ ۽ جديد
آھن. وايون فارسي بحر ۾ آھن، پر انھن ۾ قديم
وائيءَ جو تسلسل آھي، جو درحقيقت وائيءَ جي صنف
سخن جي جان آھي. وائيءَ ۾ اڌ سٽ يا پوريءَ سٽ جو
مسلسل تڪرار، ان جي مرڪزي ڪيفيت نمايان ڪري ٿو. ھن
مجموعي ۾ دوھي ۽ گيت جو موضوع بھ ڪلاسيڪي دوھي ۽
گيت کان زياده وسيع آھي. ڪوئي بھ دوھو يا گيت ڪنھن
بھ ھندي يا اردو دوھي يا گيت جي تقليد نھ آھي،
جيتوڻيڪ مون انھن جي مخصوص مزاج برقرار رکڻ ۽ ھندي
آميز زبان سان انھن جي مخصوص ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي
ڪوشس ڪئي آھي.
نظم ۽ آزاد نظم ۾ بھ مون ترنم ۽ نغمگي برقرار رکڻ
چاھي آھي. ترنم جي تخليق لاءِ نھ قافيو لازمي آھي
۽ نھ نظم جي ڪائي خاص ھيئت. آزاد نظم شعري ڪيفيت
جو آزادانھ جولان آھي ۽ نھ بي راھروي، جيئن عام
طرح سمجھيو ويندو آھي. دراصل آزاد نظم ۽ مقفى نظم
کان زياده ترنم ۽ فني صلاحيت جي اظھار جي گنجائش
آھي.
مان وائي، نظم، آزاد نظم، قطع ۽ غزل ۾ زير اضافت
ھمزء اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو
محدود استعمال اعتراض جوڳو نھ ٿو سمجھان، ڇو تھ
گذريل ٻن سؤ سالن ۾ فارسي ۽ اردو زبان ۽ شعر جو
سنڌي زبان ۽ شعر تي ڪافي اثر پيو آھي، ۽ ان کان
منحرف ٿيڻ اسان جي ٻوليءَ ۽ شعر لاءِ مضر ثابت
ٿيندو. ساڳيءَ ريت، مان ھر مستعمل ھندي لفظ جو
استعمال سنڌي ٻوليءَ جي وسعت، حسن ۽ ترقيءَ جو
حامل ٿو سمجھان. پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪنھن ڌاري
ٻوليءَ، خصوصا ھنديءَ، جي موزون الفاظ سان تعصب،
مان ڪج- فھميءَ جي نشاني سمجھندو آھيان. ھنديءَ جو
ھندستان پاڪستان جي زياده تر ٻولين سان قريبي تعلق
آھي، جنھن کان متعصب اردو دان بھ انڪار نھ ڪري
سگھندا، ۽ ان جي مروج ۽ مانوس لفظن ۾ اھا شيريني ۽
لطافت آھي، جا شايد ئي ٻيءَ ڪنھن اھڙيءَ زبان ۾
ھجي، جنھن جا لفظ اسان پنھنجي ٻوليءَ ۾ بي
ساختگيءَ سان جذب ڪري سگھون.
غزل جي فارسي ۽ اردو روايات کان ڪڏھن ڪڏھن ھٽي،
مون ان کي سڌي روايات ۾ رڱيو آھي. اِھا ساڳي ڪيفيت
اردوءَ جي ھندي آميز غزل ۾ بھ ملي ٿي.
فن شاعريءَ جي معيار تي سوچيندي، مون کي شاھھ جي
سٽ، ’ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس‘، ياد
پوندي آھي. ھر عظيم شاعر جي روح ۾ سندس پوري
ماضيءَ، ۽ ان فني تخليقات، روايات ۽ فلسفھ حيات
جون جڙون آھن، جي ھن جي شاعريءَ جي نشونما ڪري، ان
کي شگفتھ ڪنول جو رنگ روپ ڏين ٿيون، ۽ ھن جي فن ۽
فڪر جي انفراديت ڀونر جئن ڀرندي، آڪاش ۾ اڏامندي
ٿي رھي. جڏھن ’ٻنھي سندي ڳالھڙي‘ راس ٿي اچي، تڏھن
ھڪ فني شھپارو تخليق ٿئي ٿو. منھنجو ڪلام انھيءَ
معيار تي ڪيستائين پورو آھي، ان جو منصف مان تھ
يقينا نھ آھيان، پر شايد اوھان بھ نھ ٿي سگھو.
منھنجي انانيت ۽ حد کان زياده خود اعتمادي (جا
گھڻو ڪري ھر فنڪار ۾ ھوندي آھي) ۽ پنھنجيءَ تخليق
لاءِ بي انتھا محبت منھنجي صحيح اندازي جي راھھ ۾
ضرور حائل ٿيندي، ۽ شايد اوھان جي دور جا توھمات،
فن ۽ زندگيءَ جو مانوس تخيل ۽ پنھنجي ھمعصر جي فن
کي تسليم ڪرڻ ۽ ان لاءِ تحسين جي اظھار ڪرڻ کان
فطري گھٻراھٽ، اوھان جي صحيح جائزي ۽ نتيجي تي اثر
انداز ٿين. نھ فقط منھنجي تخليق جو پر ھر فنڪار جي
تخليق جو منصف فقط وقت آھي. مان فقط ايترو يقين
سان لکان ٿو تھ منھنجو فن ۽ فڪر ڪنھن بھ تقليد يا
مصلحت آميزيءَ کان ڪوھين دور آھي، ۽ مون اھڙي ھڪ
سٽ بھ نھ لکي آھي، جا منھنجي روح جي گھراين مان
چيرجي نھ نڪتي ھجي.
ھي ڪتاب نھ برگ سبز آھي نھ تحفئھ درويش ۽ نھ ھر
بينوا لاءِ آھي. ھيءَ ڪويل جي ڪوڪ آھي. ڏسجي تھ
اھا رات جي انڌاري ۾ گم ٿي وڃي يا وقت جي ھانو ۾
بڙڇي ٿي لڳي ٿي.
- ش. ا.
|