سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولائي 2023ع

باب:

صفحو:6 

احمد سولنگي

فائزا ايوب

 

موري جي مٽيءَ جي مهڪ هنڌين، ماڳين ڦهلبي رهي آھي. ساهتي جو هي ٻَھڳڻو شھر سنڌ جي سياسي جاڳرتا، ادب، آرٽ ۽ شھيد عبدالرزاق سومري جي املهه قرباني، انيڪ بي لوث قومي ڪارڪنن ۽ آمريتن سان ٽڪراءُ جو الڳ اتهاس رکندو پي رهيو آھي.

شاعري هن شھر جي روح جو آواز رهي آھي.

اهڙي نئين اوجل ۽ ڪومل آواز جو روپ سروپ رکندڙ ڪوتاڪار ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري فائزا ايوب به پنهنجي شاعراڻي سونهن، سوڀيا سان موري جي مٽيءَ مان ڪنهن املتاس جي وڻ وانگر اُڀري آئي آھي، جنهن جي جَڙَ پنهنجي مٽيءَ ۾ کتل آھي ۽ جنهن جي ٽاري ٽاري ساهتي جي نرم ۽ ڌيمي هوا جي حرڪت تي آڪاس آڏو لُڏي رهي آھي. فائزا ايوب پنهنجي نهايت ئي مختصر ادبي ڄمار ۾، جيڪا ادبي مڃتا ۽ شھرت ماڻي آھي ان ۾ يقنن فائزا جي ور مانائتي امداد سولنگيءَ جي روشن خيال ذھن جو ئي عمل دخل آھي. نه ته موري جي جنهن جاتيءَ يا قبيلي سان فائزا جو تعلق آھي، اها جاتي ۽ اهو قبيلو عورت جي آزاديءَ يا عورت کي بغير پردي جي سرِعام ائين ٻاهر نڪرڻ جي راهه ۾ هڪ مضبوط ديوار ئي رهيو آھي، ڇو ته قبيلي جي خواندگيءَ جي شرح نهايت هيٺ درجي واري رهي آھي ۽ موري جي شايد هي پهرين عورت آھي، جنهن فيوڊل نظام جي مضبوط شڪنجي باوجود مرد ۽ عورت جي ورهايل خاني کي عبور ڪري پنهنجي ذات جي هئڻ جي احساس کي محسوس ڪرايو آھي ۽ پنهنجي تخليقي جوهر کي آشڪار ڪيو آھي.

فائزا ايوب جي جنم ڏينهن تي مان فائزا کي کوڙ ساريون واڌايون ڏيندي، اميد رکان ٿو ته فائزا ائين ئي پنهنجا زمين تي پختا پير رکندي، اڳتي کان اڳتي وڌندي رهندي. پنهنجي جاتيءَ، قبيلي ۽ قوم لاءِ اتساهه جي سبب سميت، ڪاميابين جي علامت ۽ ڪامرانين جو استعارو بڻجندي ئي رهندي!

احسن عيسى

 

 

 

 

هڪ ڇوڪري پنهنجي والد سان بڪ شاپ تي ڪتاب وڪڻي رهي هئي. جو پنهنجي بواءِ فرينڊ کي پاڻ طرف ايندي ڏٺائين .

چوڻ لڳي: ڇا تون الماني جو ڪتاب بابا منهنجي ڀر ۾ بيٺو آهي خريد ڪرڻ آيو آهين؟

ڇوڪري جواب ڏنو: نه مان توماس برنانير جو ڪتاب ڪڏھن ملندينءِ“ خريد ڪرڻ آيو آهيان.

ڇوڪري: اهو ڪتاب اسان وٽ ڪونهي البته باترس فرد جو ڪتاب سڀاڻي يونيورسٽيءَ ۾ ملي سگهي ٿو.“

ڇوڪرو: سٺي ڳالهه آ پر سڀاڻي تون بلجڪي برنار جو ڪتاب  رات جو فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. آڻي سگهين ٿي؟“

ڇوڪري: ها ڇو نه ڇا تون ميشل دانيال جو ڪتاب رات ڏھين بجي کان پوءِ“ به خريد ڪرڻ پسند ڪندين؟

ڇوڪري جواب ڏنس:  اکين تي.“

جڏهن ڇوڪرو هليو ويو ته پيءُ ڌيءُ کي چيو: ڇا هي ڇوڪرو سمورن ڪتابن جو مطالعو ڪري سگهندو؟

والد: سٺي ڳالهه آ ڌيءُ، پر مون وٽ توهان ٻنهي جي لاءِ ٻه بهترين ڪتاب آهن. اهي ڪتاب توهان ٻئي ضرور پڙھجو. هڪ ھولندي فرانڪ مارتيز جو ڪتاب مان بيوقوف ناهيان سڀ سمجهي ويو آهيان ۽ ٻيو روسي موريس ھنري جو ڪتاب سڀاڻي پنهنجي سوٽ سان شادي لاءِ تيار رهجان .

فضا مرزا

 

 

گهريلو ٽوٽڪا

 

ميز تان تيل صاف ڪرڻ

 

ميز تان تيل صاف ڪرڻ لاءِ پهريان ٿورو اٽو ميز تي ٻرڪي ڇڏيو ۽ ان کي آڱرين سان تيل واري هنڌ تي مهٽيو، پوءِ اتان اٽو هٽائي آخر ۾ ڪپڙي سان ميز کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ڇڏيو.

اڌ رنگ جي مرض جو علاج

اڌ رنگ جي مريض کي ڪبوتر جو گوشت کارايو وڃي ته بيماري ختم ٿي ويندي.

نڪ تان ڪارا موهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ

نڪ تي سٺي ڪولڊ ڪريم سان مالش ڪرڻ کان پوءِ ململ جي ڪپڙي سان ڪريم لاهي ڇڏيو. هاڻي ليمي جي کل سان جنهن ۾ ڪجهه رس رهيل هجي، نڪ کي مهٽيو ۽ موهيڙن کي زور ڏئي ختم ڪري ڇڏيو.

زڪام کان بچڻ لاءِ

زڪام کان بچڻ لاءِ رات جو سمهڻ کان اڳ ست ڪارا مرچ پاڻيءَ  سان پي ڇڏيو.

کنگهه گهڻي ٿئي ته

سَنڌن جو سُور ختم ڪرڻ

بصر جو پاڻي 60 گرام، ٿوم جو پاڻي 30 گرام، ادرڪ جو پاڻي 30 گرام. هاڻي انهن ٽنهي کي 125 گرام سرنهن جي تيل ۾ بلڪل هلڪي باهه تي پچايو. جڏهن پاڻي ختم ٿي وڃي ۽ صاف تيل باقي رهجي وڃي ته ان کي ٿڌو ڪري چڱيءَ طرح محفوظ ڪري وٺو. جيڪڏهن جسم جو حصو سُن ٿي وڃي يا سَنڌن ۾ سور پوي ته ان تيل جي مالش ڪرڻ سان اهو سُور ختم ٿي ويندو.

رڌڻي مان بدبوءِ ختم ڪرڻ

رڌڻي مان ڪنهن به قسم جي بدبوءِ ختم ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ چلهي تي پيٺل دار چيني ۽ لونگ وجهي ساڙيو، رڌڻي مان بدبوءِ ختم ٿي ويندي.

اُلٽيءَ جو تڪڙو علاج

هڪ وچولو بصر، ٿورو ادرڪ، سڪل ڦودنو، لوڻ ۽ کنڊ ذائقي مطابق ۽ چانهه جي ٿوري پتي ٿوري پاڻيءَ ۾ وجهي اوٻاري ڪاڙهو ٺاهيو ۽ پي ڇڏيو. الٽيءَ ۾ فوري طور آرام اچي ويندو.

سائي جو مرض ختم ڪرڻ لاءِ

موريءَ کي پنن سميت نپوڙي ان جو پاڻي پيئڻ سان سائي ختم ٿي ويندي آهي.

بلڊ پريشر گهٽائڻ لاءِ

ٿوم کائڻ سان رڳون کلي وينديون آهن، جنهن سان رت جو دٻاءُ پاڻ مرادو گهٽجڻ لڳندو آهي.

ڀاڄين جي بوءِ ختم ڪرڻ

تيز بوءِ وارين ڀاڄين کي اوٻارڻ وقت هڪ ڊبل روٽي ململ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي ڀاڄيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ان سان ڀاڄيون (خاص ڪري گل گوبي ۽ بند گوبي) بوءِ پيدا نه ڪنديون، ڇو جو ڊبل روٽي سموري اڻوڻندڙ بوءِ پنهنجي اندر جذب ڪري وٺندي آهي.

رخسانه ”پريت

 

 

 

غزل

 

سڀ ڏانوڻيون ڇنا مان آزاد ٿي گذاريان،

سرمست ٿي،اداس ٿي،خوش ٿي کلي گذاريان.

 

سرمست ٿي،اداس ٿي،خوش ٿي کلي گذاريان.

ڇا پنهنجي زندگي ڀي تو کان پڇي گذاريان؟

 

نج پنهنجو هيءُ جياپو، گڏ عاشقي به مون ۾،

مان سڀ لئه اوپري ڀل، هُن سان ٻکي گذاريان.

 

آهي اجهو اڏيو مون سوچن جي سرزمين تي،

هان رقص ۾ ، ۽ مون وٽ ٻي شاعري گذاريان.

 

هان رقص ۾ ، ۽ مون وٽ ٻي شاعري گذاريان.

ڪنهن پل ڄمي وڃان ٿي ڪنهن پل ٻري گذاريان

 

زنده وجود آهيان، سوچيان هلان، گهمان پئي،

ڇا لئه ڀلا مان بڻجي ڪا مورتي، گذاريان.

 

خيالن ۾ اوچو اڏندي مان چنڊ ڀي هان چمندي،

۽ گيت ڪڏنهن دل کي ڇهندڙ، ٻڌي گذاريان

 

رکوالي ديس جي آ مون تي به ساڳي واجب،

ويرين جي مان اکين ۾ اکيون وجهي گذاريان.

 

غزل

 

دانھن ڌرتيء جي مان ورنائڻ ڇڏي ڏيان؟

ڇا وطن جا گيت مان ڳائڻ ڇڏي ڏيان؟

 

موھن جو اتھاس مان ئي سمبارا،

تون چوين ٿو ڀونءَ کي ڀانئڻ ڇڏي ڏيان.

 

وار وحدت تي وطن جي ھينئن ڏسندي

تخليقن ۾ قوم جاڳائڻ ڇڏي ڏيان؟

 

سنڌو پيزادو

 

 

غزل

 

شام جي هن اک مٿان ڄڻ ته ڳوڙهو وڻ هيو،

تون نه هئين اڄ ڳوٺ ۾ ڄڻ ڪو وڇوڙو وڻ هيو.

 

ڳوٺ جو سڀ درد هڪڙي وڻ جي پاڇي ۾ لڪيو،

وڻ سموري ڳوٺ جيڏو پوءِ به سوڙهو وڻ هيو.

 

هڪڙي ناري گيت بڻجي ڄڻ هوائن ۾ هُلي،

رات جي سنهڙي ڳچيءَ ۾ ڄڻ ته ٽوڙهو وڻ هيو.

 

چوڪسيءَ ۾ سڀ پکي وڻ جي مٿان ويٺا رهيا،

ڄڻ سموري ڳوٺ کي ئي هڪڙو لوڙهو وڻ هيو.

 

شاعري برسات بڻجي مون مٿان برسي پئي،

مان هيس، هڪ ڳوٺ هو ۽ هڪڙو پوڙهو وڻ هيو.

 

اڄ اُداس آهيان مان!

 

دُور دُور چانڊوڪي،

ڪيتري نه پياري آ،

روشني ستارن جي،

هيٺ سرد واري آ،

اڄ اُداس آهيان مان!



ڪيتري ٿڌي آهي،

هي هوا سياري جي،

ياد ڪا تري ٿي پئي،

سمنڊ جي مناري جي،

اڄ اُداس آهيان مان!



باک وقت ڀي مون کي،

ياد تنهنجي آئي آ،

دل ته منهنجي سيني ۾،

ڪيتري پرائي آ،

اڄ اُداس آهيان مان!



تون هليو وئين آخر،

هر خوشي رُسي وئي آ،

هيءَ مند سياري جي،

ڄڻ ته ٿي ٻُسي وئي آ،

اڄ اُداس آهيان مان!

ٽهڪ منهنجا خالي هن،

تن ۾ ڪا خوشي ناهي،

هاءِ هيءَ دل منهنجي،

ڪيتري لُڇي آهي،

اڄ اُداس آهيان مان!



رات هيءَ سياري جي،

ڪيتري نه سرد آهي،

ڪيئن لکانس لفظن ۾،

زندگي جو درد آهي،

اڄ اُداس آهيان مان

 

 

فائزه ايوب

نظم

 

ڇو چشمن ۾ قيد ڪيون ٿئي

اکڙين کي آزادي گھرجي!

بس ڳوٺاڻان ماڻھون آھيون

صورت اھڙي سادي گھرجي.

مون کان دل جو مور پڇي ٿو

توکي ڇا شھزادي گھرجي.

سنڌ ته پنھنجي جنت آھي

توکي فڪر فسادي گھرجي!

 

بختاور منصور

نظم

 

آڪاس آ اجل ڪيو

سنڌڙي وئي لڙھي

آسون... اميدون

ليرون ڪري

سڀ لڙھي ويون

اجھو ويو

ٻنيون ويون

ٻچڙا به ويا لڙھي

ٻچڙن سان گڏ مٽن جا ويا سپنا ڀي لڙھي

بس درد چوطرف

پيو راڪاس ٿي گھمي

دفنائجي پيارن کي ڪٿي

ڪوئي ڏس ڏيئي

جو آسمان ڪئي اٿل، ڌرتي به وئي لڙھي

ٻوليان ته ڪيئن ٻولجي

ھي درد منھنجي ديس جو ڇو ڪونه ويو لڙھي!!!!

 

انيسه ميمڻ

نظم

 

انيسه ميمڻ

سرتي!

هو زالن تي، عورتن تي لطيفا جوڙين ٿا

طنزيه چوندا "هر شريف ماڻهو

زالَ کان ڊڄندو آهي

۽ پوءِ گڏجي کلندا چوندا " يار ٻڌ

اٿئي ڪا سُڌ ٻڌ فلاڻو زال جو مڄو آ

پوءِ، کلن جا ڪوڪريا ۽ گارين جا ڌوڙيا!

ڪچهري هلندي سياست هجي

يا هجي ڪا زائفان

شال ڪو موضوع بچي

منهنجي سرتي!

تو ڪڏهن سوچيو آ ان جو پس منظر

ڇاهي آخر؟ شرافت جو طعنو!

مڄو هئڻ جو مهڻو!

شير مرد ٿي ڪري شريف

مڙس ماڻهو ٿي ڪري مڄو

خبردار هيڻو ٿيو آهين

شرافت زال جو زيور

هيڻي عورت سونهين

ارڏائي اٿئي  مڙسن جو مرڪ!

سکي ياد رک! هن سماج ۾

عورت جو ڳالهائڻ سياست تي

هن جو کلڻ سوال ڪرڻ

جواب ڏيڻ  اظهار ڪرڻ

ممنوع آ !

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org