سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولائي 2023ع

باب:

صفحو:2 

آواز

مير تقي عباس

 

 

منهنجي دل جو درد اکين محسوس ڪيو آهي. دل جو ايذاءُ اکين کي ٿيندو آهي ته ڳوڙها وهي ايندا آهن. مان گوڙ ٻڌي ناهيان سگهندو. ڇو جو گوڙ مون کي تنگ ڪندو آهي. پر وري وقت سان گڏ گوڙ ٻڌڻ جو عادي به ٿي ويو آهيان. بيجا آواز منهنجن ڪنن ۾ وڄندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منجهند جو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي پوندو آهيان. ڊڪندو ڊڪندو گهر جي دروازي تي ويندو آهيان. ارسل دروازو کولي ڏيندو آهي. ٻاهر ڏسندو آهيان ته متان ٻار گهنٽي وڄائي ڀڄي ويا هجن، پر اهي پيرن مان اٿيل دز ۾ گم ٿي ويندا آهن. موٽ تي گهنٽي کي غور سان ڏسندو آهيان. گهنٽي به مون کي چتائي ڏسندي آهي ته آواز ايندو آ.

”ٽڱ ٽوڱ!!!!“

منهنجو ڇرڪ.. مون کان ڇرڪ نڪري ويندو آهي ۽ مان ڏڪندڙ هٿن سان گهنٽيءَ کي هٿ لائي منهن تان پگهر اگهندو ڪمري ۾ هليو ويندو آهيان.

ڪڏهن ڪڏهن ٽينگ. جامِ شيرين ۽ ڊنگ ڊونگ جي اشتهارن جا آواز منهنجن ڪنن ۾ وڄندا آهن ته اڌ رات جو ڀڻ ڀڻ ڪندي اُٿندو آهيان.

”الائي ڪير ٽي. وي هلائي هليو ويو آ!!... هنهه!!“

اڌ کليل اکين سان لائونج ۾ ويندو آهيان ته ارسل پهريان ئي اُتي بيٺو هوندو آهي. رموٽ هٿ ۾ کڻي ٽي. وي بند ڪرڻ لڳندو آهيان ته ٽي. وي اڳي ئي بند هوندي آهي. بند ٽي. وي ڏسي منهنجون بند ٿيل اکيون کلي وينديون آهن ۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪيتري وقت تائين ارسل ۽ مان هڪٻئي کي حيرت مان ڏسندا رهندا آهيون. نرڙ تي پگهر اچي ويندا آهن. پگهر پريشانيءَ جا ساٿي هوندا آهن.

اڪثر ائين ٿيندو آهي، موبائيل چارج تي رکي واپس ويندو آهيان ته موبائيل جي رنگ ٽون ڪنن ۾ وڄندي آهي. جنهن دوست جي اچڻ جو انتظار هوندو آهي، ان جي ڪال سمجهي کڻڻ ويندو آهيان ته ارسل مون کان اڳي ئي اتي پهچي ويندو آهي. موبائيل کڻي ڏسندو آهيان ته ان ۾ ڪابه نوٽيفيڪشن ناهي هوندي.

جڏهن بابا مون سان ناراض پنهنجي ڪمري ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو آهي ته مون کي هن جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ ناهي ايندو ته هو ڇا چئي رهيو آهي. پر اهو سمجهي ويندو آهيان ته هو اسان ٻنهي جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي، ڇو ته لهجا لفظن جا نمائندا هوندا آهن. هاڻي مان ڳالهائي ناهيان سگهندو. ڳالهائيندو آهيان ته لڳندو آهي ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو آهيان ۽ ڀڻ ڀڻ اسان جي دل ويهاري ڇڏيندي آهي. جڏهن ننڍڙو هيس ته فقط جهيڙا ڏٺا. ننڊ مان اکيون کوليون ته رڙيون ٻڌيون. گاريون نه ٻڌي سگهان ان جي ڪري ڪن بند ڪري ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيس.

آواز جون لهرون ڪنن جا پڙدا ٽپي اينديون هيون ته آخر ۾ سڀني کي گار ڏئي ڇڏيندو هيس. گار بيوسيءَ جي آخري حد آهي. جهيڙا ٻارن کي سموري عمر لاءِ حساس ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اها حساسيت مان اڄ به وهاڻي هيٺان رکي سمهي پوندو آهيان. مون کي رات جو ننڊ ناهي ايندي ڇو ته رات جو آواز هوندو آهي، اهو آواز جيڪو ننڍي لاءِ کان منهنجي من جي گنبذ ۾ پڙاڏا ڪري رهيو آهي. ننڊ خاموشيءَ جي محتاج آهي ۽ محتاجي ماڻهوءَ جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندي آهي. ڪالهه به پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلائيءَ کي ڀاڪر پائي ويهي رهيس. ڪمري جي چيلهه تي ڪتابن جو وزن آهي. بيڊ جي ٽيڪ مٿي کان وڌيڪ منهنجن سوچن چٻي ڪري ڇڏي آهي. پين کڻي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ته ارسل منهنجي زندگيءَ مان نڪري ڪهاڻي جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي ويو ۽ مان اڪيلو ئي پنهنجي زندگيءَ جون اذيتون برداشت ڪرڻ لڳس.

ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ته گهر جي ڀتين مون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪمري جي جهوني ڀت ڪنڌ مٿي ڪري پڇيو.

”زندگي اڪيلي گذاري ويندين؟ ڇو جو زندگي مايوسين جي ڀتين ۾ قيد آهي.“

مان ان کي ڏسندو رهيس. ان تي ٿيل پيلو رنگ مون کي ڏسي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. ڀت کي سال پراڻو رنگ ٿيل هيو، ان جي ڪري ڀت جا ڏندا به پيلا ٿي ويا هيا. ڀت جو پيلو رنگ ڏسي منهنجو منهن پيلو ٿي ويو. مان ڪنڌ هيٺ ڪري ڪهاڻيءَ کي جاري رکيو ته آواز آيو.

”حقيقت کان انڪار ڪرڻ، حقيقت کي تبديل ناهي ڪندو!“

ڪنڌ مٿي ڪيم. ڏٺم ته ٻي ڀت ڳالهايو. ٻئي ڀتيون پاڻ ۾ تاڙا ملائي ٽهڪ ڏيڻ لڳيون . ڀتين جي ٽهڪن مان جدائيءَ جي بدبوءِ ايندي آهي. ڀتين جي ٽهڪن کان مون کي نفرت آهي، ڇو جو ڀتيون ماڻهن کي الڳ ڪن ٿيون. ان رات ارسل ۽ مان به الڳ ٿي ويا هياسين، ڇو جو اسان جي وچ تي ڪهاڻيءَ جي ڀت کنيل هئي.

پين کڻي واپس ڪهاڻي لکڻ لڳس، جنهن جي قيد ۾ ارسل جو ساهه منجهي رهيو هو ۽ مان ان جي درد کي محسوس ڪرڻ لڳس.

لکندي لکندي ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيا. مٿي ڏٺم ته ڇت وارو پکو مون کي ڏسي کلي رهيو هو. اٿي وڃي پکي جو بٽڻ بند ڪيم ته جيئن ان جي کل بند ٿي سگهي. ڪهاڻي هلندي رهي، جنهن ۾ ارسل زندگيءَ جي زنجير ۾ ڦاٿل رهيو. زندگيءَ جي زنجير موت جي ڪلف ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جي هڪ چاٻي انسان وٽ آهي.

”تون بزدل ترين شخص آهين جنهن جي هٿ ۾ فيصلا ناهن، ڇو جو توکي عقل ناهي ۽ بي عقل بزدل ٿيندو آهي!“

اهي رڙيون گهر جي ورانڊي مان اچي رهيون هيون. مون کي ڀئهُ ٿيو ڪوئي اٿي نه پوي ان ڪري ڳالهائيندڙ کي چپ ڪرائڻ ويس. آهستي آهستي ورانڊي جي طرف وڃڻ لڳس. ارسل ڪهاڻي ۾ قيد نه هجي ها ته مون کان پهريان ئي اتي پهچي وڃي ها. منهنجون اکيون منهنجن پيرن کان وڌيڪ تيز هلڻ لڳيون ۽ منهنجي سوچ انهن ٻنهي کان تيز هلڻ لڳي. ڏٺم ته گهڙيال رڙيون ڪري رهيو هو ۽ مان وقت جي هٿان شڪست کائي واپس ڪمري ۾ هليو ويس. هر شيءِ وقت جي آهي ۽ وقت ڪنهن شيءِ جو محتاج ناهي. سڀ منهنجو منهن ڏسي کلڻ لڳا ته پنهنجي حال تي روئڻ لڳس. ڳوڙها منهن تي لڪيرون ٺاهيندا آهن، جڏهن ته منهن کي هٿ ناهي هوندو.

کاٻي ٻانهن جي ڪف سان نڪ صاف ڪيم ته لڳو ڄڻ گهڻو روئي ويو آهيان. ڪهاڻيءَ  جي پينگهه سوچن جو وهڪرو آهي ۽ سوچون جن جو وهڪرو زندگيءَ جي تجربن تي ٻڌل آهي. ڪهاڻي لکندو رهيس ۽ انت جي طرف پنڌ ڪندو رهيس. ڪهاڻي ۾ ايندڙ هر گار کي پين جي ٿڪ سان لکندو ويس. لکندي لکندي لڳو ڄڻ مون کي ڪوئي ڏسي رهيو آهي. ڪنهن جون اکيون منهنجي پين جي آڏو اچي پيون وڃن، جيڪي منهنجن لفظن کي نظري پيون وجهن. مون کي ڪارو ڌاڳو نه هئو نه ته لفظن کي ٻڌي ڇڏيان ها. اٿي سڄي ڪمري کي ڏٺم. ڪوبه نه هو. منهنجن اهڙن حرڪتن تي ڪمري جون ڀتيون ٽهڪ ڏيڻ لڳيون. پکو پنهنجي وات تي هٿ ڏئي کلڻ لڳو، جيئن مون کي آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي. بيڊ تي ويٺس ته بيڊ شيٽ اکيون خراب ڪري، مون کي ڏسي رهي هئي. منهنجي دل ۾ وڏو  ڌڪ لڳو. ائين لڳو ڄڻ دل ۾ رکيل پراڻي صندوق ڪري پئي هجي. مان بيڊ شيٽ جي اکين تي هٿ گهمائي ڇڏيو ته ان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. طنز ڀريل ٽهڪن جي گونجار ۾ سالن جو سفر ڪري آيو هيس. اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. ماضيءَ جون تلخ يادون پراڻي ريل گاڏي وانگر سوچن جي پٽڙي تان دانهون ڪري گذري ويون. ٽهڪن جو آواز وڌي ويو. منهنجي دل به تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي. مان روئڻ لڳس ۽ ارسل منهنجين اکين ۾ ترڻ لڳو. ٽهڪن جي بيزاري وڌي وئي.

خاموشي!! جيڪا ڪٿي به نه هئي. رڙيون وڌي ويون. ڪڏهن اندر جو آواز، ڪڏهن ڀتين جو آواز، ڪڏهن بابا جي ڀڻ ڀڻ، گهڙيال جا ڪنا ٽهڪ، ته وري ڪڏهن  بيڊ شيٽ جون هانءُ ڏاريندڙ اکيون!

منهنجن ڪنن ۾ رڳو آواز.

”چپ ڪيو!!!!“ ڪنن تي هٿ رکي مون وڏي رڙ ڪئي.

آواز گهٽجي ويو رڳو ڀڻ ڀڻ اچڻ لڳي.

”چپ. شششش!!!! چپ، چيم نه چپ!“ چپن تي آڱر رکي سڀني کي چوڻ لڳس.

سڀ چپ ٿي ويا. مايوس ٿي پکي کي ڏٺم ته ڪهاڻيءَ جو انت زندگيءَ جي زنجير بڻجي موت جي ڪلف ۾ ڦاٿل نظر آيو. جنهن جي هڪ چاٻي مون وٽ هئي. ڪهاڻيءَ جو انت پنهنجو انت نظر آيو ته ڪهاڻي اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پکي تان نظرون هٽائي ڇڏيون. پين بيڊ سائيڊ تي رکي ڇڏي ته ارسل ڪهاڻيءَ مان نڪري صوفي تي ويهي رهيو. هو مون کي ڏسي رهيو هو ۽ مان هن کي ڏسي رهيو هيس. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ پاڻ کي ڏسي رهيو آهيان. ڪمري جون ڀتيون اسان کي ڏسي رهيون هيون. زندگي ڪهاڻي ۽ سڄو ڪمرو ڪاغذ ٿي ويو. ماربل تي ٺهيل ليڪون ڪاغذ جون ليڪون لڳيون.

”آءٌ توسان گڏ هجان ٿو، پر توکان ٻاهر نه!“، ارسل اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو.

”مَ... مان... هه، هه، ها.... پ، پر......“ مان ڏڪڻ لڳس. ڄڻ لفظ ڪمري جي دري مان خودڪشي ڪندا هجن.

”تو مون کي زندگي ڏني آ. ۽ منهنجو انت به تو وٽ آ.“ ارسل ڳالهائيندو رهيو.

”ٿڪجي پيو آهيان، آوازن ساهه منجهائي ڇڏيو آ... رحم ڪر.“

ائين لڳو ڄڻ پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان.

هو زندگيءَ جي آواز مان بيزار هيو ۽ مان هن جي بيزاريءَ جو سبب هيس. آواز مان ٻڌندو هيس، پر لهجن جا ڏنگ ارسل کي لڳندا هئا. درد مون کي ملندو هو ۽ ايذاءُ هن کي ٿيندو هو. هو مري نه پيو ڇو جو مان زندهه هيس. انسان عارضي آهي، تڏهن سڀ گڏ آهن، هميشه لاءِ رهڻ چاهي ٿو ته مري وڃي ٿو. زندگي آواز سان شروع ٿئي ٿي ۽ خاموشيءَ تي ختم ٿئي ٿي. زندگي موت جي آتم ڪٿا آهي. اڪيلائي موت ڏي وٺي وڃي ٿي ۽ موت هڪ نه کٽندڙ اڪيلائيءَ جي طرف وٺي وڃي ٿو. هو منهنجي من ۾ رهي وڏو ٿيو هو ۽ مان هن جي ڪردار ۾ رهي جيئڻ لڳو هيس. هن سالن کان ننڊ نه ڪئي هئي، ڇو جو مان سالن کان جاڳي رهيو هيس. اداس مرڪ هن جي چپن تي تري آئي. صوفي تان اٿي ڀاڪر پاتائين. مان پاڻ کي هن جي اندر محسوس ڪيو ۽ هو مون کي پنهنجي اندر محسوس ڪرڻ لڳو. هن مون کي ڀاڪر پاتو، مان هن کي ڀاڪر پاتو ته ٻئي هڪ ٿي وياسين. سڀ ٽهڪ بند ٿي ويا. آواز موجودگيءَ جي نشاني آهي. ڪو آهي ته آواز آهي. ڪو ناهي ته صرف مان آهيان. ان رات مان هن کي خوابن جو سير ڪرايو، جتي ننڊ جي غفا زندگيءَ جي آوازن کان بي خبر هئي

ظهار سومرو

 

 

 

 

منهنجي ماءُ

 

ماءُ

زندگي جي خالي پڻي ۾

ٽٻڪي جهڙي، هڪ شروعات

هڪ پڄاڻيءَ جهڙي

هڪ صبح، هڪ ساجهر جهڙي

هڪ شام

هڪ رات جي ڀاڪرن ۾ ڀريل

پناهه جهڙي

ماءُ

خدا جهڙي مهربان

عبادت جهڙي آرامده، دعا جهڙي پرسڪون

ماءُ

وقت جيان تبديل نه ٿيندڙ

محبت جيان بي لوث، ضمير جيان سچي

ماءُ

جيڪا هر جاءِ تي موجود هجڻ جي

احساس سان ڀرپور

هميشه آس ۽ اميد سان ٽمٽار

سدائين قربانين جي ويڪري چادر پائي

پنهنجي ذات جي نفي ڪرڻ لاءِ تيار

ماءُ

جيڪا آهي ته به آهي

جيڪا ناهي ته به آهي

 

سفر سونهن جو

نشاءِ ڪنول

 

 

 

 

 

مان اڪثر سوچيندو آھيان ته، ”مان ڪير آھيان؟“ پاڻ ئي انَ سوال جو جواب ڳوليندي اُلجهي پوندو آھيان. مان سماج جو اُھو آئينو آھيان، جنهن ۾ ڪو به پنهنجو عڪس ڏسڻ ناهي چاهيندو. چوڻ جي لاءِ ڪائنات ۾ موجود سڀئي رنگ حَسين آھن، پر مان سماج جو اُھو ڪارو رنگ آھيان، جنهن کي ڪوبه پسند نٿو ڪري. جيتوڻيڪ پھرڻ لاءِ گهڻا ماڻھو ڪارو رنگ  پسند ڪن ٿا. ”مان ڪيرُ آھيان؟“ مان اهو وڻ آھيان، جنهن ۾ پن ۽ شاخون ته آھن، پر ميوو نٿو ڏئي سگهي. ها ماڻھو ان جي ڇانوَ ۾ ڪجهه لمحا ٿڪُ ته ڀڃي سگهن ٿا، پر ڪنهن لاءِ مستقل ڇانورو نٿو بڻجي سگهي. مان سماج جو اهو فرد آھيان، جنهن جي تاڙين جي گونج ۽ گهنگهرن جو آواز ته هر ڪوئي ٻڌڻ پسند ڪري ٿو، پر ان جي پويان لڪيلَ درد کي ڪوبه محسوس نٿو ڪري، مان هن سماج  جو اھو ڌڪاريل  فرد آھيان، جنهن جي پاند ۾ سواءِ ذلت ۽ ڌڪار جي ٻيو ڪجهه به ناهي آيو. جنهن جي اندر ۾ ڪڏھن به ڪنهن جهاتي پائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.

 ”مان ڪيرُ آھيان؟“ مان زندگيءَ جو اهو روپ آھيان، جيڪو ڪوبه نٿو قبولي. اھي سوال جيڪي اڪثر آئون پاڻ کان پڇندو آھيان ۽ ھن سماج کان به پڇڻ چاهيندو آھيان ته، ”ڇا آئون هن سماج جو حصو ناهيان..؟“ منهنجو جنم هڪ هندو گهراڻي ۾ ٿيو، منهنجو پيءُ ماءُ مون کي ڪڏھن سمجهي نه سگهيا، نه ڪڏھن سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائون،  نه وري گهر کان ٻاهر جي دنيا جي ماڻهن پاڻ جهڙو انسان سمجهيو. بابا ۽ امان مڙئي سڙئي پڙھيل هيا. جڏھن اسڪول ۾ ويٺسُ ته اتان جا ٻار تنگ ڪندا هيا. دوستي رکڻ، گڏ کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ پسند نه ڪندا هيا. آئون سوچيندو رهندو هيس ته آخر سڀ ماڻھو  مون سان اهڙو رويو ڇو پيا اختيار ڪن؟ مون کي ڇو ايتري حقارت جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي؟؟ گهر ڀاتين، پاڙيسرين کان ويندي، سماج جي هر ماڻھوءَ جي ٽوڪُنِ، طعننِ ۽ بيهودن اشارن  منهنجي زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏيو هو. هر لمحي جيئندو ۽ مرندو هيس. منهنجو قصور فقط اهو هو جو منهنجو تعلق ڪنهن ٽين جنس سان هو. پر ڇا اهو  سڀ  منهنجو ذاتي قصور هو؟ ڇا مون پاڻ خدا آڏو اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته منهنجو شمار اهڙي جنس ۾ ڪيو وڃي، جنهن کي هي بيمار ذھنيت رکندڙ  سماج قبول نه ڪري..!؟  نه… ڪڏھن به نه …بلڪل نه …! اهو سڀ ته هن سموري جهانَ کي جوڙيندڙ جو فيصلو هو. اها ان جي مرضي هئي، ته پوءِ ان جي سزا مون کي ڇو پئي ڏني وئي؟ انهن اذيتن ۽ محرومين کي ڀوڳيندي، مون يارهين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪئي. اُھا رات ڏاڍي اذيت ڏيندڙ ۽ اونداهي هئي، جڏھن بابا مون کي ڏاڍي مار ڏني هئي ۽ گهران تڙي ڪڍيو هيائين. ها! ان ڏينهن منهنجي سنڌَ سنڌَ سان گڏ روح به تڙپيو هو. مون سڄي رات فٽ پاٿ تي روئندي ۽ سڏڪا ڀريندي گذاري هئي.

اسان جي پاڙي ۾ بينا نالي کدڙن فقيرن جو هڪ گُرو رهندو هو،  جيڪو مسلمان هو. ٻئي ڏينهن صبح جو بينا جي رستي ويندي، جڏھن مون مٿان نظر پئي ته سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا ۽ مان جيڪو خوف ۾ ورتل هيس ڊوڙي وڃي کيس چنبڙي پيسُ. بينا مون کي ٻانهن کان وٺي، پنهنجي مڙھيءَ تي آيو ۽ جتي  مون کان سموري  وارتا پڇيائين.  مون کيس روئيندي پنهنجي درد ڪهاڻي ٻڌائي. بينا مون کي پاڻ وٽ پناهه ڏني. شفقت ۽ پيار ڏنو ۽ مان آھستي آھستي پنهنجا ڏک وسارڻ لڳس. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ھڪ ڏينهن بينا مون کي چيو: ”ڏس، مارل! جي توکي هتي رهڻو آھي ته ڪجهه اصولن کي مڃڻو پوندئي. ڏس پُٽَ! پيٽُ ته پالڻو آھي نه.  توکي گهر جو ڪم به ڪرڻو پوندو ڳائڻ وڄائڻ ۽ جهمر به سکڻي پوندي ته جيئن شادين مرادين ۾ نچي روزي ڪمائي سگهين ته سک جو ٽڪر ڳڀو کائي سگهين. مون وٽ انڪار ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو. شروع شروع ۾ اهو سڀ ڏکيو لڳندو هيم، پر پوءِ آھستي آھستي ٻين فقيرن وانگر مان به عادي ٿي ويسُ. گرو جيسيتائين زندهه رهيو آئون به تيستائين ساڻس گڏ ئي رهيس. پر گروءَ جي وفات کان پوءِ مون پنهنجي مڙھي ٺاهي. هڪ ڏينهن مون کي ريما نالي هڪڙو فقير مليو، جيڪو مون جيان زماني جو ستايل ۽ بيحسيءَ جو شڪار  هو. ريما مون کي ٻڌايو ته سندس تعلق مسلم گهراڻي سان آهي ۽ ھُنَ جي زندگي به ائين ئي  دردن جي ڪهاڻي آھي، سورن جو داستان آھي، جنس جي بنياد تي مائٽ کانئس نفرت ڪن ٿا. ريما ٻڌايو ته پنهنجي جنس سان ٿيندڙ انيائن ۽ زيادتين تي هڪ وڏي عرصي کان غور ۽ فڪر ڪري رهيو هيم ۽ ڪنهن ھڪ اھڙي ساٿيءَ جي ڳولا ۾ ھيس، جيڪو منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿئي.  هاڻي  مارل جي صورت ۾ ريما کي اهڙو ساٿي ملي ويو هو ۽ پوءِ اسان ٻنهي گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته اسان هڪ اهڙو ادارو ٺاهينداسين، جيڪو اسان جي جنس جي هر ماڻھوءَ کي بنا ڪنهن فرق جي تحفظ ڏيڻَ سان گڏ انهن جي فلاح بهبود جي لاءِ ڪم ڪندو... ۽ پوءِ اسان  پنهنجي گڏيل ڪوششن سان هڪ ادارو قائم ڪري ورتو. نه  فقط اڄُ اسان جو ادارو پنهنجي ڪميونٽيءَ جي فلاح بهبود جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آھي، پر ٻين جنسن سان تعلق رکندڙ ڏکايل انسانن جي زخمن تي  پهو رکڻ ۽ سندن وس آھر مدد ڪري رهيو آھي.

ريما ۽ منهنجي زندگيءَ جو هاڻي مقصد به اهو آھي ته بنا ڪنهن مذھبي ۽ جنسي مت ڀيد جي ڏکايل ۽ سماج جي ڌڪاريل  انسانن جي مدد ڪريون. منهنجي اهڙين ڪاوشن جي ڪري مون کي سرڪار جي پاران ٽرانس جينڊرس جو فوڪل پرسن پڻ مقرر ڪيو ويو آھي. اڄُ به سڄي ملڪ ۾ جتي به جنهن به ذات، قبيلي يا مذھب سان تعلق رکندڙ ڪنهن کدڙي فقيرَ سان ڪو ظلم ڪا زيادتي ٿيندي آھي ته اسان جو ادارو سندن ڀرجھلو بڻجندو آھي. مون کي ياد آھي ته سال اڳ جڏھن هڪ ٻُڍڙي عورت کي جڏھن سندس نافرمان اولاد سخت تشددُ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هو ۽ ھوءَ روڊَ تي زخمي حالت ۾ تڙپي رھي هئي ته اُتي ڪيترائي ماڻھو ان مظلوم عورت جو تماشو ڏسي رهيا هيا، وڊيوز ڀري رهيا هيا، پر اسان جي اداري کي جيئن ئي اطلاع مليو ته مان ۽ ريما ترتُ ئي اُن واقعي واري هنڌ پهتاسين ۽ ان ٻڍڙي عورت کي کڻائي اسپتال پهچايوسين، ان جو علاج ڪرايوسين  ۽ ان عورت کي سندس آخري وقت تائين پاڻ وٽ پناهه ڏني سين. اهڙيءَ طرح  مان ۽ ريما اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هي سماج ڀلي اسان کي جنسي بنيادن تي نظر انداز  ڪري،  پر اسان به ٻين ماڻھن وانگر هن سماج جي لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. اسان به ٻين نارمل انسانن جيان هڪ مهذب ۽ انسان دوست سماج جي اڏوات ڪري سگهون ٿا.

 

ياسمين چانڊيو

 

 

 

 

 

ستل ضمير

 

ھڪ رات گھري ننڊ سُتل ھيس!!!

۽ سپنن جي دنيا ۾ ھلي ويس

ڪنھن جھنگ ۾ پھچي ويس، جتي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ، جانور ۽ جيت جڻيا ھئا. مان پاڻ کي انھن کان بچائيندي بچائيندي،

اڳتي وڌندي رھيس

آخر ٿڪجي ھڪ وڻ ھيٺان ويھي رھيس.

اوچتو منھنجي ڪنن تي ڪنهن جو آواز پيو

اھو آواز چوڻ لڳو!

ڇا وري تون ھتي جھنگ کي

منافقت جو پاڻي پيارڻ آئي آھين ؟

مان ان آواز تي ڇرڪجي ويس

پنھنجي آس پاس ڏسڻ لڳس

وري ساڳيو آواز آيو، جنهن منهنجي حيرانيءَ کي وڌايو

اھو ان وڻ جو آواز ھيو

جنھن وڻ ھيٺان مان ويٺل ھيس.

مون ڪنڌ مٿي کڻي وڻ کي ڏسڻ شروع ڪيو،

ڏسندي ڏسندي منھنجو جسم ڏڪڻ لڳو،

خوف ۽ حيرانيءَ مان انڪري جو مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن اھڙو وڻ ڪونه ڏٺو هو.

ھن وڻ جي ھر پن جو رنگ مٽجي رهيو هو،

شاخون بظاهر ته خوبصورت پر،

جڏهن مون ھٿ لڳايو ته نانگ جي زھريلي زبان جيان تيز ڌار ۽ نظر نه ايندڙ ڪنڊا هئا.

مون رڙ ڪئي. اڃان ڪجهه ڪڇان ايتري ۾ وڻ چيو، ”ڇو مون کي ڏسي تون حيران ٿينءَ؟ ھي حال به ته تو جھڙي ڪنهن انسان ئي ڪيو آهي.“ مون وائڙي ٿيندي پڇيو، ”ڪيئن؟؟

وڻ چوڻ لڳو: ”ڪافي عرصو اڳ ھن جھنگ ۾

ڪجهه منافقن، شھرتن جي بکين، نام نھاد شرافت جي ڪپڙن ۾ ڍڪيلن، دنيا اڳيان سچن، پر اندر جي ڪوڙن منھنجي ڇانو ۾ اچي ساھي پٽي هئي انھن جي ھٿن ۾ ڪجهه پيئڻ جون بوتلون ھيون، جيڪي انھن اوبر ڪري منھنجي پاڙ ۾ اوتيون!! پوءِ آھستي آھستي منھنجي جسم ۾ تبديلي اچي وئي، منھنجي پاڙ کان ويندي ٿُڙُ ۽ ھر ٽار ۾ منافقت ۽ ڪوڙ جو زھر ڀرجي ويو، ان ڪري جو انسانن جي اوبر منھنجي نس نس ۾ ڀرجي وئي.

منھنجي ھر پن پل پل ۾ رنگ تبديل ڪيو،

منھنجي شاخن ۾ نظر نه ايندڙ زھر ڀرجي ويو،

پوءِ ھتي جھنگ ۾ جنھن به جيوَ منھنجي جسم کي ڇھيو اھو به بدلجڻ لڳو، ايئن پورو جھنگ تبديل ٿي ويو. انسانن جي منافقت جي زھر جھنگ، جانورن جيتن ۽ وڻن کي به پنهنجي اوبر سان منافق، ڪري ڇڏيو، سچائيءَ جو نه وڻ رھيو نه ئي ھن جھنگ ۾ ڪو سڪون بچيو!! ڏسڻ ۾ اسان ڪجهه ٻيا آھيون ۽ اندر ۾ ڪجهه  ٻيو آهي.“

اھو چئي وڻ سڏڪڻ لڳو.

سڏڪندي سڏڪندي مون کي چوڻ لڳو،!!

بظاهر ڏسڻ ۾ توھان انسان ڪيترا نه خوبصورت آھيو، وايون، بيت، غزل، سھرا ٿا ڳايو ابن ڏاڏن جي قصن ڪھاڻين کي ٿا ورجايو، پر توھان اندر جا ايترا منافق جنهن جي اوبر ھن جھنگ کي بدلائي ڇڏيو آهي.“

اھو ٻڌي شرم وچان مون سيس نوايو، ايتري ۾  ننڊ مان جاڳي پيس.

مون جيڪو خواب ڏٺو تنھن منھنجي ضمير کي به جھنجھوڙي ڇڏيو

۽ مان سوچڻ لڳس ته ڪاش! ھر ڪنھن کي اھڙا ئي خواب اچن، جن سان ھميشه لاءِ انھن جا ستل ضمير جاڳي پون

جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ته پوءِ ڀلي سڀ ننڊ ۾ ئي ھجن

نظم

منجھند جي ٿڌڙي اُس ۾

تنھنجي محبت جي شدت ۾،

گرمي ڀري ڇڏي آهي منھنجي دل جي دريچي ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org