منهنجي
تعليم ۾ ڪتابن جي اهميت وڌيڪ آهي:
(هيلن ڪيلر)
سوچ ويچار
قدرت جا ڪروڙين ڪرم جو، ٻالجتيءَ کان وٺي انسانذات
لاءِ مثبت سوچ ۽ رحمدليءَ وارو احساس اندر ۾
رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هميشه برابريءَ ۾
يقين پختو رهيو آهي. قدرت جي نظام ۾ سڀ انسان
برابر آهن. فرض ڪريو هيڏي حسين ڪائنات ۾ جيئن
ڌرتي، آسمان، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، جبل، ٽڪريون،
انڊلٺ، برسات، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گل ۽ گلزار، پوپٽ،
سمنڊ، درياءَ، نديون، ڪوئل جي ڪوڪ، گلڙن تي ماڪ
ڦڙن جو حسن، جهنگل، صحرا، ٻيلا، جيت، جڻيا ۽ جانور
اهي فطرت جي سونهن آهن. پر انسان انهن سڀني کان
اشرف المخلوقات آهي. اهو شرف انسان کي سندس ذهن ۽
روح سبب مليو آهي. انسان سوچي ٿو ۽ پنهنجي روح جي
قوت، سوچ جي خوشبوءِ سان ڪائنات جي بهتريءَ ۾
پنهنجو ڪردار ادان ڪري سگهي ٿو. پر ڏٺو وڃي ته اهو
ساڳيو انسان، جتي ڪائنات جي رنگن ۽ سونهن جو محور
۽ سبب آهي، اڄ اهو انسان پنهنجي هوڏ ۽ ضد سبب ان
ئي فطرت سان ٽڪر کائي رهيو آهي. پنهنجي منافعي
لاءِ فطرت جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي، جنهن
سبب ماحول ۾ آلودگي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻيا مسئلا
پيدا ٿي رهيا آهن.
اڄ جي دور ۾ جيڪي جديد تحقيق جون رپورٽون آيون
آهن، انهن ته هر سوچ رکندڙ انسان کي حيران و
پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جبلن جي ڪٽائي سبب، زلزلا
اچڻ جا امڪان وڌيا ته ٻئي طرف صنعتي ڪارخانا ۽
فيڪٽرين لڳائڻ ۽ درياهن جي وهڪري جا رخ موڙڻ سبب
ٻوڏن جا خطرا وڌي رهيا آهن. ڪاربن آڪسائيڊ ۾ واڌ
ٿيڻ جي ڪري هاڻي ته دنيا کي وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو
انديشو آهي ۽ اهڙي نموني سامونڊي سطح مٿي ٿيڻ ڪري
ڪيترن ئي ملڪن کي خطرو آهي، جن ۾ وري سرفهرست ٽئين
دنيا جا ملڪ آهن ته وري انهن ۾ سنڌ اڃا به وڌيڪ
خطري ۾ آهي. سرتيون جي پليٽ فارم تان ماحولياتي
وزارت کان مطالبو ڪجي ٿو ته ترجيحي بنيادن تي هن
مسئلي کي حل ڪرڻ جا اُپاءَ ورتا وڃن.
جيئن ته هيلن ڪيلر دنيا جو هڪ مثال آهي جنهن ڪتابن
ذريعي پنهنجي زندگي کي بدلايو. پاڻ چوي ٿي: ”مون
مئي 1887ع ۾ پهرين آکاڻي ان وقت پڙهي، جڏهن منهنجي
ڄمار ست سال هئي. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون
ڇپيل صفحن جي صورت ۾ اهو سڀ ڪجهه پڙهيو آهي، جيڪي
منهنجن بکايل آڱرن جي پورن تائين پهتو. آءٌ ڪنهن
ڪتاب کي ٻڌڻ جي ڀيٽ ۾ پاڻ پڙهڻ کي اهميت ڏيندي
هيس. دراصل جيڪي ڳالهيون مون کي پسند هونديون
هيون، آءٌ اُهي هر هر پڙهڻ چاهيندي هيس. پوري
محويت سان پڙهڻ دراصل مون بوسٽن جي پهرين دوري ۾
شروع ڪيو. مون کي پرڪنس اداري جي لائبريريءَ ۾
ڏينهن جو ڪجهه وقت لاءِ پڙهڻ جي اجازت ڏني ويئي.
آءٌ ڪتابن جي هڪڙي ڪٻٽ کان ٻئي ڪٻٽ طرف گهمندي
رهندي هيس. جنهن ڪتاب تي منهنجون آڱريون پونديون
هيون. ان کي کڻي وٺندي هيس.“ ان جو مطلب ته علم يا
ڪتاب انساني زندگيءَ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ وڏو
ڪردار ادا ڪري ٿو.
ماهوار رسالو ”سرتيون“ فيبروري 2023ع جو شمارو
اوهان جي هٿن ۾ آهي. اوهان پڙهندڙن/لکندڙن جي
سهڪار جو نتيجو آهي جو 34 سالن کان رسالو باقاعدي
شايع ٿيندو رهي ٿو. پنهنجي ڄمار ۾ هن رسالي
ڪيترائي خاص نمبر جيئن شاعري نمبر، ڪهاڻي نمبر،
ڪهاڻي نمبر ٻيو، انٽرويو نمبر، شهيد راڻي بينظير
ڀٽو نمبر، مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو نمبر،
خيرالنساءِ جعفري نمبر، امڙ نمبر، يادگيريون نمبر،
هڪ شخصيت 100 سوال نمبر، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
نمبر ۽ بابا خاص نمبر شايع ڪيا آهن. جيڪي سنڌي ادب
جو تاريخي سرمايو آهن. ”سرتيون“ مواد جي لحاظ کان
هميشه معيار کي ترجيح ڏني آهي. قديم ۽ جديد لکڻين
سان ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي پڻ پنهنجي مضمونن،
فيچرز ۽ ايڊيٽوريلن ۾ آواز اٿاريندو رهيو آهي. ٻي
هڪ خاص ڳالهه ته انهن بهترين سوا ٽن ڏهاڪن ۾، هن
رسالي نوجوانن، ليکڪائن/شاعرائن ۽ زندگيءَ جي سڀني
شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ عورتن جي همت افزائي
۽ پذيرائي ڪئي آهي.
اسان کي اميد آهي ته هميشه جيان پنهنجي راءِ کان
آگاهه ڪندا. اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جي
آجيان ڪئي ويندي.
گلبدن جاويد
ايڊيشنل سيڪريٽري
عالمي ماحولياتي تبديلي
سنڌ
لاءِ وڏو خطرو
جمن احمداڻي
اقوام متحده
جي سربراهي ۾ تازو (ڪلائمينٽ چينج،
تبديلي آبهوا ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن جي ويسٽ انڊين
جي
باربدوس ملڪ جي وزيراعظم ساموٽلي
ترقي يافته ملڪن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي
خبردار ڪيو آھي ته اوهان جي صنعتي ترقي جي
هوس ۽ منافع خوري جي ڪري عالمي
ماحوليات کي تباھ ڪري ڇڏيو
آھي. جيڪو ترقي پذير ملڪن تي اثرانداز ٿي رهيو
آھي. جنهن جي ڪري ڌرتيءَ
جي فضا ۾ گرين هائوسز گئس جي مقدار وڌڻ سان آبهوا
پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. موٽلي
خطرو ڏيکاريو آھي ته موسمي تبديلي
سبب دنيا جا هڪ ارب انسان پناهگير بڻجي محفوظ ماڳن
جي تلاش
۾
ڀٽڪندا.
اها رپورٽ رڳو ان ڪانفرنس جي ناهي،
پر ٻئي
طرف ماهرن جو چوڻ آھي ته فضا ۾ گرين گئسز جو مقدار
وڌي ويو آھي،
جنهن جي ڪري هاڻي دنيا جا ڪيترائي ملڪ قدرتي آفتن
جي گهيراءَ
۾ آھن. جن ۾
ترقي پذير ۽ غريب ملڪ شامل آھن.
جنهن ۾ پاڪستان. ڀارت،
بنگلاديش به شامل آھن.
جيڪڏهن
گرين گئسز جي وڌڻ ڪري ڪاربان
ڊاءِ
آڪسائيڊ
جو مقدار تيزيءَ
سان وڌندو رهيو ته2037ع
تائين اهو 1000450
تائين پهچي سگهي ٿو. جنهن سان
گرمي پد ۾
تمام گهڻو اضافو ٿي ويندو،
جيڪو انساني آبادي لاءِ
سنگين خطرو آھي. ان سبب جي ڪري سمنڊ جي سطح 115
فوٽ بلند ٿي ويندي. جنهن سان ڪئين
ساحلي شھر غرق ٿيڻ جو به
خطروآھي.
جيڪڏھن اهو خطرو برقرار رهيو ته پاڪستان جا شھر
ڪراچي گوادر،
پسني ۽ ٻيا علائقا غرق ٿي سگهن ٿا.
صنعتي انقلاب 1750ع ۾
شروع ٿيو.
ان وقت دنيا جي
انساني آبادي 80
اسي ڪروڙ
ھئي،
جيڪا اڄ 8 اٺ ارب
تائين پهچڻ بعد
به وڌي رهي آھي.
ايڏي
وڏي آبادي کي زندهه
رهڻ لاءِ
بي تحاشا کاڌ خوراڪ لاءِ
صنعتن جي واڌاري ۽ ٻين وسيلن کي استعمال ڪرڻ
جي ضرورت به وڌي چڪي آھي،
جنهن
ڪري
آلودگي،
گئسن جو
فضا ۾ پکڙجڻ،
گند ڪچري جو ڦھلاءُ،
پلاسٽڪ جو استعمال،
ڪيميائي
مصنوعي شين جو
استعمال ۽ قدرتي وسيلن کي ختم ڪرڻ،
جهڙا سبب فطري ماحول کي نقصان پهچائڻ جي ڪري
فضا کي آلوده
ڪري
رهيا آھن.
جنهن سان گرين گئسز جو فضا ۾ وڌي وڃڻ سان درجه
حرارت ۾
به بي انتها واڌارو ٿي رهيو آھي.
درجه حرارت جي وڌڻ ڪري دنيا جا گليشيئر
تيزي
سان ڳرڻ/پگهرجڻ شروع ٿيا آھن.
گليشيئر مٺي پاڻي جي ملڻ
جو واحد ذريعو به آھن. موسمي تبديلي انهن کي تيزي
سان ڳاري ختم ڪري رهي آھي.
گذريل پنجن سالن
۾ تيز
بارشون،
خطرناڪ طوفان
۽
ٻوڏ واري صورتحال ڏسڻ ۾ آئي آھي. ته ڪڏھن وري پاڻي
۽ وسيلن جي کوٽ
جو تناسب به وڌي رهيو آھي.
ڪلائمينٽ چينج جو هڪ سبب ڪوئلي جي کاڻين مان
نڪرندڙ مٿين گئس به آھي،
جيڪا فضا ۾ پکڙجي رهي آھي
.ان
کان سواءِ
ٻارڻ زرعي فصلات
کي ساڙڻ سان نائٽروجن آڪسائيڊ گئس
به فضا ۾ شامل ٿي
رهي آھي.
سائنسي مشاهدي
موجب فضا ۾ گئسن جي ماليڪيولن جو
تعداد نوٽ
ڪري ٻڌايو ويندوآھي ته فضا ۾ ڪهڙي
گئس جا ڪيترا ماليڪيولز
ڪيتري مقدار
۾ موجود
آھن،
جنهن کي(
part- pr
notation)
چيو ويندو آھي. جنهن
کي لک -ڪروڙ - ۽ ارب
۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
تصويرن جي نمائش 2003ع
شگفته شاهه
جيئن ته آءٌ اڳ بيان ڪري چڪي آهيان ته جنوري 2001ع
۾ پاڪستان آمريڪن سينٽر جي قاسم آباد برانچ ۾ (جتي
هاڻي ڌوراجي رنگون والا ڪميونٽي سينٽر آهي)
حيدرآباد جي پهرين آرٽ گيلري کلي ته مون به
مصوريءَ جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ارادو هو
ته هڪ انفرادي (سولو) نمائش ان گيلريءَ ۾
ڪرائجي. منهنجي تصويرن جي آخري سولو نمائش 1989ع ۾
نوابشاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي هئي، پوءِ
حيدرآباد شهر ۾ امن امان جو ماحول اهڙو بگڙيو، جو
اڳوڻو ادبي ۽ تخليقي سرگرمين وارو ماحول ئي نه
رهيو. پوءِ وري آءٌ بي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ جي ٽريننگن ۾
مصروف ٿي ويس. اهڙيءَ طرح اٺ ڏهه سال ڄڻ فن جي
دنيا کان ڪٽجي ويس. هاڻي مون ٽريننگون به ڪري
ورتيون هيون. انڪري وقت ڪڍي ٿي سگهيس. مون ڪم ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ ارادو هو ته 2001ع تائين نمائش جي
تياري ٿي ويندي.
2001ع ۾ 11/9 واري واقعي سموري دنيا کي ڌوڏي رکيو
۽ دنيا وري ساڳي نه رهي. انهيءَ عرصي ۾
PACC جي قاسم آباد
واري برانچ ئي ختم ٿي وئي ۽ اتي ٻيهر تعمير ۽
تبديلي ڪري ان کي ”رنگون والا ڪميونٽي سينٽر“ جو
نالو ڏنو ويو ۽ ڇوڪرين کي سکيا ڏيڻ جو مرڪز قائم
ڪيو ويو، جتي فلاور ميڪنگ، سلائي، بيوٽيشن جا ڪورس
۽ ٻيا به ڪيترائي ڪورس رکيا ويا، جن جي فيس بنهه
گهٽ هئي. ڏسندي ئي ڏسندي اتي تمام گهڻيون داخلائون
ٿي ويون، جنهن سان قاسم آباد واري سرڪاري ”ويمن
ٽيڪنيڪل ڪاليج“ جي داخلائن کي ڌڪ لڳو ڇو ته اتي
فيون ڳريون هيون. آءٌ اتي انگريزي جا ڪلاس وٺندي
هيس. مون کي رنگون والا سينٽر مان آفر ملي ته اتي
انگريزي ڪلاس وٺان. هتي هڪ نه ٻئي ڏينهن يعني هفتي
۾ ٽي ڪلاس هئا ۽ پئسا به مناسب هئا. منهنجي گهر
کان به ويجهو هو. انڪري مون اها آفر قبول ڪئي. پر
جڏهن اتي پڙهائڻ لاءِ ويندي هيس ته دل کي جهوٻو
ايندو هو. ساڳي عمارت هئي، جتي PACC
جا انگريزيءَ جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ايندا هئاسين.
هاڻي قاسم آباد مين روڊ پاسي کلندڙ گيلريءَ کي بند
ڪري ڪمرو ٺاهيو ويو هو. ڪلاس اهي ساڳيا هئا، پر
ماحول مختلف هو. سڀني کان گهڻو ڏک ان آرٽ گيلريءَ
کي ڏسي ٿيندو هو. جيڪا هينئر بند ڪئي وئي هئي.
2002ع جي آخر تائين مون ايترو ڪم ڪري ڇڏيو جو سولو
نمائش ٿي سگهي. هاڻي مون ڪرافٽ ورڪ به ڪيو هو.
پٿرن کي پينٽ ڪيو هو ۽ پيپر ڪرافٽ ۾ پڻ تجربا ڪيا.
پر اهو سڀ مون پنهنجي ذهن سان ڪيو هو. نه ته اڃان
انٽرنيٽ عام هو نه ئي وري مون ڪڏهن غير ملڪي ٽي.
وي چينل ڏٺا هئا، جن تان اهي فن سيکاريا ويندا
هئا. هاڻي خبر پئي آهي ته ”اسٽون پينٽنگ“ ۽ ”پيپر
ڪرافٽ باقاعدا فن آهي
آءٌ (سنڌ صوبائي عجائب گهر) ويس. ۽ اتي آپا ياسمين
جميل سان مليس. هوءَ اسان جي پاڙيسري به هئي ۽
سندن خاندان جا ٻار به منهنجا شاگرد رهي چڪا هئا،
جڏهن آءٌ پاڙي جي اسڪول آغا تاج محمد هائي اسڪول ۾
پڙهائيندي هيس. پاڻ ان وقت سنڌ ميوزيم جي آرٽ
گيلريءَ جي ڊسپلي آفيسر هئي. جڏهن مون کيس ٻڌايو
ته آءٌ پنهنجي تصويرن جي نمائش ڪرائڻ چاهيان ٿي ته
هن مون کي تمام سٺو ريسپانس ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ
صوبائي عجائب گهر ۽ ”نيو ٿنڪرز فورم“ جي سهڪار سان
24 فيبروري 2003ع تي تصويرن جي نمائش جو پروگرام
رٿيو ويو. منهنجي خواهش هئي ته آءٌ غلام علي الانا
صاحب کان تصويرن جو افتتاح ڪرايا، جيڪي ان وقت
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جا چيئرمين هئا ۽ هڪ ٻه ڀيرا
مون کي آفيس ۾ سڏائي ڪجهه آفيشل اسائنمينٽس ڏيڻ
چاهيائون، پر ايم. ايڊ جي ٽريننگ ۽ جاب جي
مصروفيتن سبب مون معذرت ڪئي. هو چوندا هئا:
”بيبي.... توکي فرصت ملندي ئي ڪونه...“
مون کي سندن ”بيبي“ چوڻ ڏاڍو سٺو لڳندو هو. ڪڏهن
به منهنجو نالو نه وٺندا هئا. ”بيبي“ چئي مخاطب
ڪندا هئا. تاج جويو به سدائين شفقت سان مٿي تي هٿ
رکي ملندو هو/آهي.
بهرحال منهنجي تصويرن جي نمائش جي افتتاح محترم گل
محمد عمراڻي کي ڪرڻو هو، جيڪي ثقافت کاتي جا
ڊائريڪٽر جنرل هو.
گيلري ۾ تصويرن جي ڊسپلي جي حوالي سان مرحوم لطف
علي انصاري بيحد تعاون ڪيو، جيڪو سنڌ ميوزيم سان
ئي وابسته هو. مون کي اسان جي آرٽسٽ طبقي کان ڪڏهن
به سٺي موٽ نه ملي، سواءِ ٽن آرٽسٽن، لطف علي
انصاري، منصور عالم ابڙو ۽ حسين چانڊيو جي.
ان نمائش کي ميڊيا ۾ تمام گهڻي ڪوريج ملي. سوشل
ميڊيا جو دور نه هو، پوءِ به پرنٽ ميڊيا ۾ تمام
گهڻي پذيرائي ملي ۽ ڪي. ٽي.اين پاران ناز سهتي
ڪوريج ڏني.
ڪھاڻي
اڻ لکيل
ڪھاڻيءَ جو الميو
فوزيه
ناز سيال
سائرُ
سلڇڻي ۽ خوش اخلاق نوجوان هئڻ سان گڏ، هڪ شاعر
به
آهي. پر سدائين پنھنجي اندر جي دنيا جي سُرن ۽ سورن ۾
مگن! وقت جي گذري وڃڻ تي تڏهن پڇتائيندو آهي، جڏهن
اهو سندس هٿن مان نڪري ويندو آهي. جڏهن
به تنھا هوندو آهي
ته
سدائين دل جي گنبذن ۾ وڇڙي ويل محبت جو نوحو
گونجندي محسوس ڪندو آهي. انڪري گهر ۽
ڪٽنب
تي صحيح توجهه
نه
ڏئي سگهندو آهي. غيرذميدارانه حالتن کيس غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. کيس
هڪ ئي ڌيءُ آهي،
سا
به ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ وٺجي وئي آهي، جنهن
ڪري سندس زال هڪ ماءُ هئڻ جي ناتي ڏاڍو پريشان
رهندي آهي. چاهيندي آهي
ته
سندس ڌيءُ جو علاج سرڪاري اسپتال بدران ڪنھن سٺيءَ
پرائيويٽ اسپتال ۾ ٿئي. پر اهو سندن پھچ کان پري
آهي. هڪ ڏينهن مجبور ٿي پنھنجي هڪ
مائيٽاڻِي
حميده بيگم، (جنھن جو مڙس وڏو بزنس مين آهي) جي
گهر وئي. حميده
ته
گهر
۾
نه
هئي، پر نشي ۾ ڌُت سندس مڙس جڏهن هن جو حسن ڏٺو ۽
سندس روئداد ٻڌي
ته
ان
جي اندر جو بگهڙ جاڳي پيو ۽ رقم عيوض هن جي عزت جو
سودو ڪرڻ ٿي گهريائين.
”ايترو
ڏيندو سانءِ جو تون
نه
رڳو پنھنجي بيمار ڌيءُ جو علاج ڪرائي سگهندينءَ پر
پاڻ
به
سکي رهندينءَ“.
اهو ٻڌي، هِن کي هُن جي حوس جا هٿ پنھنجي چولي ڏانھن وڌندي
محسوس ٿيا. ھوءَ پاڻ بچائي، موٽي پنھنجي گهر اچي
ڏاڍو رُني ۽ پڇتائڻ لڳي
ته
ڇو ويس! غريب ۽ مجبور انسان جو ڪو
به
پنھنجو ناهي هوندو، پر ڇا ڪيان ڌيءُ کي روز مرندي
ڏسي
به
ته
نٿي سگهان!
هاڻي
ته
سور جون گوريون
به
اثر نٿيون ڪنس. جيستائين وڃي ڪا سئي لڳيس.
اهو سوچي، ڌيءُ جي ڳڻتيءَ ۾ پئي رات ڏينھن ڳرندي
آهي.
اڄ رات جڏهن مڙس ڳالهيون ڪندي، کيس ٻڌايو
ته سڀاڻي ڪھاڻين جو مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ کٽڻ واري کي پنجاهه هزار روپين جو انعام ڏنو ويندو.
اهو ٻڌي منَ ۾ ڄڻ
ته مئل اميد جاڳي پيس ۽ مڙس سان ضد ڪرڻ لڳي.
”آئون
چوانءِ ٿي ڪھاڻي لک!
۽ وڃي ڪھاڻي مقابلي ۾ شامل ٿيءُ! پر اهڙي ڪھاڻي لکجانءِ جو پنجاھ هزارن جو انعام توکي ملي. جيئن
ان مان حور ڌيءُ جو علاج ڪرائي سگهون.“
”پر
حور ماءُ! تون
ته
ڄاڻين ٿي
ته
آئون شاعر آهيان، ڪهاڻيڪار
نه!
“
”مون
کي ڪا
خبر ناهي، بس توکي ڪھاڻي لکڻي آهي. ڏس ٻي ڪابه واهه
ناهي، نڪو ڪٿان ڪا اوڌر ٿي ملي، جو پنھنجي ڌيءُ جو
علاج ڪرايون.“
ائين چوندي هوءَ سڏڪي پئي.
”چڱو
چڱو تون روءُ
نه،
الله سڻائي ڪندو. وڃ، مون لاءِ چانھه
جو ڪوپ
ته
ٺاهي اچ.
“
هوءَ رئي جي پلئه
سان لڙڪ اگهندي، ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي. پويان
ڪمري ۾ سندس لڙڪن جي ٻوڏ ۾ هن جو وجود ٻڏندو رهيو.
ساري زندگيءَ جون محروميون ور ور ڪري، کيس ڏنگڻ ٿي
آيون. سوچيندي سوچيندي، اچانڪ کيس اهو خيال آيو
ته
ڇو
نه
جيون جي دکن تي يا پنھنجي وڇڙي ويل محبت تي ئي ڪا
ڪھاڻي لکان؟
نه
نه
مون
کان پنھنجو پاڻ بيان
نه
ٿي سگهندو. سڄي زندگي جنھن محبت کي سيني ۾ دفن ڪري
رکيو اٿم، اڄ ان
کي ڪيئن
اظھاريان يا اهي پيڙائون جن کي برداشت ڪندي،
زندگي ڀورا ڀورا ٿي گذاريم،
سي ڪيئن لکان؟
سوچن جي ٻڏتر ۾ ڪو فيصلو
نه پئي ڪري سگهيو
ته
سندس زال چانھه
کڻي ڪمري ۾ آئي.
”هيءَ
وٺو چانھه،
ڇا پئي سوچئي؟
سڀاڻي ويندين
نه
مقابلي ۾؟“
”پر
مون
ته
ڪڏهن ڪھاڻي لکي ئي ناهي!“
”ناهي
لکي
ته
هاڻي لک کڻي!
ھيءَ هيڏي جبل جيڏي رات آهي
نه ان ۾ لکي وٺ، مون
کان حور ڌيءُ
جي طبيعت هاڻي ڏٺي نٿي ٿئي! سرڪاري دوائن ۾ ڪو اثر
ئي ڪونهي. تڪليف روز وڌندي ٿي وڃينس.
هن مھل
به
ننڊ جون گوريون کارائي سمهاري آئي آهيانس.“
سندس ڳالهيون ٻڌي، هن کي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا،
پر بيوسي گونگي هوندي آهي. هِن جو خيال مٽائڻ لاءِ مرڪي چيائين.
”اڌ
چانھه
تون پي!
“
چوڻ لڳي،
”ڪڏهن
ڪڏهن مون
کي تنھنجي اها مرڪ ۽ اهي سموريون مرڪون، جيڪي اسان
هڪٻئي کي موٽ ۾ ڏيندا آهيون، هڪ ڍونگ لڳنديون آهن.
اهي مرڪون ڄڻ
ته اسان
جي اندر جي خالي پڻي جو پردو رکڻ لاءِ هجن!!“
وڌيڪ ڳالهائڻ بھتر
نه سمجهيائين
ته
اهو چئي اٿي.
”چڱو
تون چانھه
پي وٺ. ٿڌي ٿي ويندئي. آئون حور وٽ ئي سمهان ٿي.
پر رات ۾ ڪھاڻي ضرور لکجانءِ!“
هن
نه
چاهيندي
به
ڪنڌ لوڏي زال سان ها ڪئي. هوءَ وياڪل نگاهن سان هن
ڏي نھاري، ڪمري جو در بند ڪري هلي وئي.
هن کي احساس ٿيڻ لڳي ٿو
ته مان دنيا جو ناڪارا
انسان آهيان! سگريٽ جي ڪش ۽ دوستن وٽان پياريل پيگ
تي شاعري لکڻ وارو رولاڪ انسان، جيڪو اڄ هڪ ڪھاڻي
به
نٿو لکي سگهي! جڏهن
ته
اندر ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون قيد آهن. اهو سوچي،
سندس اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. پر هو سوچي ٿو
ته
پنھنجي ڌيءُ لاءِ
ته
آئون ڪجهه
به
ڪري سگهان ٿو. انڪري موبائيل کڻي، پروگرام جي منتظم دوست جي نمبر تي سڀاڻي واري پروگرام ۾
شامل ٿيڻ جو ميسج ڪري ٿو. پوءِ اکيون پوري بيڊ تي
آهلجي پوي ٿو. پر سندس اکين ۾ صدين جا اوجاڳا
محسوس ٿيڻ لڳن ٿا. سندس سوچون شعور کان لاشعور طرف
سفر ڪن ٿيون. کيس اونداهي جيون ۾ چانڊوڪين راتين
جون رولاڪيون ياد پون ٿيون. وڇڙي ويل ناڪام محبت،
جيڪا دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ويھي کانئس
ڪوتائون لکرائيندي آهي. جنھن جو چيل آخري جملو
سندس دل جي گنبذن ۾ گونجڻ لڳي ٿو.
”تون
۽ مان ڏينھن ۽ رات جيان آهيون. هڪٻئي کانسواءِ
نامڪمل، پر ڪڏهن
به
ملي نٿا سگھون. هو يادن کان پاند ڇڏائڻ لاءِ آڳنڌ ۾ اچي ويھي ٿو. کيسي ۾ رکيل آخري سگريٽ کڻي
سوچي ٿو. دکايان يا سڀاڻي لاءِ رکان؟ پر پيئڻ کانسواءِ
ڪٿي ٿو رهي سگهان!
نه
پيئندس
ته
هن جون يادون ايترو تڙپائينديون، جو مان ڪجهه
به
لکي
نه
سگهندس. انڪري مون
کي انھن کان فرار کپي. اهو سوچي هو سگريٽ کي هٿ ۾
کڻي ڏسي ٿو
ته
سگريٽ محبوب جو روپ بڻجي دُکڻ لڳي ٿو. سگريٽ جو
دونھون سندس محبوبا
جي
زلفن
جون سرمئي گهٽائون ٿي اڏرڻ لڳي ٿو. هن جا چپ سگريٽ
بڻجي سندس چپن ۾ دکن ٿا. هن جو وجود سگريٽ جو ڦُلو
ٿي ڇڻندو وڃي ٿو. آخري ڪش تي هن جا چپ
به
ڦلو ٿي ڇڻي پون ٿا
ته
سندس اکيون پٿرائجي وڃن ٿيون، ڦلو ٿي ڇڻيل چپ زخمي
پوپٽ بڻجي پون ٿا. هو پوپٽ کي هٿ تي کڻي ڪمري ۾
ٽيبل تي اچي رکي ٿو. هو ڪيتريءَ دير تائين ان پوپٽ
جي خوبصورت پرن کي نھاريندو رهي ٿو. ڄڻ
ته
پوپٽ جا نيڻ کيس ٻڌائي رهيا هئا
ته ان
جي دل ۾ ڪا سپَ ابرِنَيسا جي انتظار ۾ وات کوليون،
پويان پساهه
کڻندي، چئي رهي هئي
ته،
”جڏهن
کان تو منھنجي چاهتن کان بي نياز ٿي، جيئڻ شروع
ڪيو آهي، تڏهن کان منھنجي نيڻن ۾ تنھنجا پوکيل
خواب منھنجي وجود ۾ ٿوهر بڻجي، ڦٽڻ لڳا آهن.
تنھنجون چُميون ڪفن بڻجي، منھنجي روح تي ويڙھجي
ويون آهن. مان ان ڪفن کان ۽ توسان گهاريل انھن
سمورن لمحن کان، جن ۾ تنھنجي انتظار جون اذيتون
به شامل آهن، سڀني کان مڪت ٿيڻ گهران ٿي.
تڏهن هو کيس چوي ٿو
ته
مان، جنھن کي تنھنجي محبت، چانڊوڪين ۽ بارشي موسمن جي ڪيفيتن کي
محسوس ڪرڻ جي سگهه ارپي هئي.
پر اهو
به
سچ آهي
ته
تنھنجي محبت مون
کي وڌيڪ تنھا ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ اهڙي دنيا
۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جتي توکانسواءِ ڪجهه
به
نظر نٿو اچي. پر تون انتظار جي اذيتن کان ناواقف
آهين. تون چپن جي انھيءَ پياس کان
به
ناواقف آهين، جيڪا سدائين تنھنجي چمين جي هيراڪ
رهي آهي!!
اڄ، اڄ تنھنجون يادون ڪھاڻيءَ کي ارپي آئون تنھنجي
محبت کي مڪت ٿو ڪريان!!!“
اهو ٻڌي، پوپٽ جون اکيون بند ٿي وڃن ٿيون.
هو ڊائري کولي لکڻ شروع ڪري ٿو. هن جا احساس لفظن
جي بدن ۾ اوتجندا وڃن ٿا. کيس لڳي ٿو
ته
ھو صفحي صفحي تي وکري ويو آهي. لفظ هن کي کائي
رهيا آهن. هو اکيون پوري سمهي پوي ٿو
ته
جيئن ڪٿي لفظ هن جا خواب
به
نه
کائي وڃن! ڇاڪاڻ
ته
هو پنھنجي خوابن جي المئي
تي
ڪڏهن
به
ڪھاڻي
نه
لکي سگهندو. انڪري خواب سندس اکين ۾ ڪومائجي وڃن
ٿا!! هو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ دل ڏي هٿ وڌائي ٿو،
پر سندس دل
ته ان صفحي تي اڪرجي وئي آهي، جنھن تي زخمي پوپٽ پنھنجا رنگ ڇڏي،
فنا ٿي ويو آهي! پوپٽ جي موت جو الميو ڪھاڻيءَ جو
رڻ بڻجي، هن جي اندر ڦھلجي رهيو آهي، جنھن کان بچڻ
لاءِ هو پنھنجا احساس اڌوري ڪهاڻيءَ کي ارپي، لڙڪ
اگهي، اسٽيج تان هيٺ لھي اچي ٿو. پويان سڄو هال
تاڙين سان گونجي وڃي ٿو.
هو تاڙين جي آواز تي ڇرڪ ڀري، ننڊ مان جاڳي پوي
ٿو. صبح جا 9 ٿي ويا آھن. سندس زال نيرن
جو ٽري کڻي، ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي.
”اٿو
دير پئي ٿئيوَ، ڪھاڻي مقابلي ۾
به
ته وڃڻو اٿوَ.“
هو اهو ٻڌي، وائڙو ٿي وڃي ٿو. سامھون ٽيبل تي رکيل ڊائريءَ کي ڏسي ٿو، جنھن
جي خالي صفحن تي قسمت جي خالي لڪيرن جيان، فقط درد
جون پوروڇوٽ ليڪون ڦھليل آهن، جن جي ڪينواس ۾ اڻ
لکيل ڪھاڻيءَ جا المياتي احساس اڀري پون ٿا.
ڊائريءَ جا ڪيترائي صفحا المياتي احساسن جا خاموش
سڏڪا ڀرڻ لڳڻ ٿا. سموري ڊائري خاموش سڏڪن سان ڀرجي
وئي آهي. هو انھن سڏڪن جي
ٻڏندڙ آواز ۾ چوڻ لڳي ٿو.
”آ... آ... آئون ر... رات ڪائي ڪھاڻي
نه لکي سگهيو آهيان...
!“
اِهو ٻڌي هوءَ ڏکويل ۽ اداس نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي ٿي. سندس اکين ۾ لڙڪ اچي
وڃن ٿا. هوءَ جيئن ئي لڙڪ لڪائڻ لاءِ اکيون بند
ڪري ٿي
ته
جسم تان پنھنجي چولي کي لھندي
محسوس ڪري ٿي.!!! |