سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولائي 2023ع

باب:

صفحو:5 

ضراب حيدر

 

 

 

سالگرھ مبارڪ فرح ديبا

 

ڪجهه به ته اپڊيٽ نه آهي ٿيو. اسين اُهي ساڳيا جا ساڳيا آهيون، توتي لِکڻ لاءِ مون کي ڪو نئون گرنٿ نئون ڪتاب لِکڻو پوندو، مون ۾ شايد اڃان ڪي ئي ڦند ۽ ڦير هُجن، پر تون ته اُها ئي ساڳي نرمل آهين. تنھنجا سڀ رستا ۽ شاهراهون مون کان شروع ٿي مون تي ئي کُٽن ٿيون. تنھنڪري ساڳيو ئي ڪجهه تنھنجي سالگرھ تي ونڊيان ٿو، جيڪو اڳ به ڪيترا ڀيرا ونڊي چُڪو آهيان.

گھر میں تھا کیا، جو تیرا غم غارت کرتا،

وہ جو رکھتے تھے ہم اک حسرت تعمیر سو ہیں

 

منھنجي هڪ پوسٽ تي طارق قريشي ڪمينٽس ڪيا هئا، انھن ڪمينٽس مان هڪڙو ٽڪرو رکندي، شروعات ڪريان ٿو:

ياد اٿئي نه اُھو جُڳ جنھن ۾ سرسوتي جڏھن سيھون نديءَ جي ڪناري سورڳ ۾ سنان ڪندي ھئي ۽ تون چندن جي وڻن جي اوٽ ۾ لِڪي لِڪي ھُن جا چِتر ٺاھيندو ھئين ۽ ھڪڙي ڏينھن توکي، سورڳ جو رکوال ڌراوت پڪڙي وٺي آيو ھئو ۽ تو کي مَھا ديو جي آڏو پيش ڪيو ھئائين. اُن سمئي شنڪر جي ٽين اک به ظاھر ٿي پئي ھئي، منھنجو ھنيانءُ دِھجلي ويو ھئو. شو مھراج مون ڏي ڏٺو ھئو ۽ وڄ جھڙي ڪڙڪيدار لھجي ۾ چيو ھئائين،

منھنجي وردان سان پَھڻن مان مورتيون بڻائڻ وارا منش! ھن درشٽ چِترڪار کي تون سيکت ڏي، جو ھيءُ ديوين کي بي لباسيءَ ۾ ڏسڻ جو پاپ ڪري چڪو آھي. مون تنھنجي ھٿ ۾ جهليل سرسوتيءَ جو چِتر ڏٺو ھئو ۽ پوءِ تو کي جُهڪي پرڻام ڪيو ھئم.

اسان ٻئي تڏھن کان سرڳ مان تڙيل آھيون. ياد ھوندئي ته جڏھن ڌرتيءَ تي آيا ھئاسين ته پھرين تو مون آڏو ۽ پوءِ مون تنھنجي اڳيان Genuflect ڪيو ھئو. ۽ اِھا تعظيم اصل ۾ فن جي تعظيم ھئي. خواھش اٿم ته ھن جنم جي شناسائيءَ جي ڏھاڙي يعني پھرين جنوريءَ تي تو کي ھر جنم ۾ تعظيم ڏيندو رھان ۽ جڏھن به تو تي زميني يا آسماني مصيبتون توتي آيل ڏسان ته آئون تنھنجي فن جي اڳيان Genuflect ڪندو رھان.“

طارق ۽ مان ڪائنات جي تخليق کان به اڳ شايد ڪٿي گڏ ضرور هئاسين. هِن جھان ۾ ته اسان هڪٻئي جي فن جي تعظيم ۾ سدائين تڙجندا رهيا آهيون، پر جُڳن کان اِهو سلسلو هلندو اچي.

مان ته ڪرشن ڀڳوان جو ڀڳت آهيان، ڪرشن ڀڳوان وانگر ننڍپڻ کان وٺي گوپين سان پريم لِيلائون ڪندو رهيو آهيان ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪرشن ڀڳوان هجي يا تخت هزاري ڇڏڻ وارو رانجهڻ هُجي يا کڻي ايڊورڊ (اٺون) هجي، پريم هر جينيس جو ڌرم رهيو آهي، منھنجو ڌرم به پريم آهي، پريم، اڪرم کي ڪرم بڻائيندو آهي،

پريم ليلائُن جي چڪر ۾، منھنجي زندگيءَ کي ڪيترائي خال مِلندا رهيا، جنھن ڪري مون ڪيترائي خيال ۽ واقعا لِکيا، جيڪي منھنجي ڪھاڻي ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“ جي پنھنجي پاران واري حصي ۾ مختصر آتم ڪٿا طور شامل آهن. مون اُتي لِکيو هئو ته، ”منھنجا سڀ بي ترتيب لکيل واقعا منھنجي جيون جي بي ترتيبيءَ کي ظاهر ڪن ٿا، مون کي پنھنجي اِها بي ترتيبي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ منھنجي اِها بي ترتيبي مون کي فطرت جي باترتيب، بي ترتيبي ۾ بي ترتيبي جِھڙي ئي باترتيب لڳندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو، مون کي زندگيءَ جي بي مقصديت ۾ ڪوبه مقصد نظر ايندو هئو ۽ هر انتشار ۾ نظم و ضبط نظر ايندو هئو، پر پوءِ به مون ڪڏهن به پاڻ کي سَھيڙڻ ڪونه چاهيو هئو. ڇوته مون سمجهيو هئو ته مون جيڪا چاهتن لاءِ روح جي گِھراين مان حاصل ٿيندڙ فولاد جي زنجير ٺاهي هئي ۽ وفائن جون ڪڙيون، ڪڙين سان مِلايون هيون، اُهي هروار ڪونه ڪو اچي ٽوڙي اُکيڙي ويندو هئو، تنھنڪري هاڻ مون کي ڪنھن جي لاءِ به وفائون ناهن رکڻيون، بس اِتي باصفا ۽ بي ريا جذبن کي Over and all چوَڻو آهي ۽ پوءِ روح جا سڀ ڪنيڪشن (Disconnect) ڪرڻا آهن.

ها پوءِ مان اڳتي هلي، شايد هڪ دنيادار ۽ عام رواجي ماڻهو بڻجي وڃان ها، پر ائين ڪونه ٿيڻو هئو، ڪا هڪ اهڙي ڇوڪري به هئي، جيڪا پنھنجي ننڍي هوندي کان وٺي، مون کي پنھنجي مندر جو ديوتا بڻائي ۽ پاڻ داسي بڻجي، صبح شام منھنجي مورتيءَ جي اڳيان اچي پرنام ڪندي هئي. کيس چڱيءَ ريت خبر هئي ته مون پنھنجي دل جي چئن خانن کي، چئن چئن خانن ۾ ورهايو آهي ۽ هر خاني ۾ چار نه ته ٻه، ٻه نه ته هڪڙي اپسرا براجمان ڪري ڇڏي آهي. ڪھڙي اهڙي ڇوڪري هوندي، جيڪا ايتريون پَھاڄون قبول ڪندي، پر هوءَ عجيب ڇوڪري جنھن منھنجي سڀني خوبين ۽ خامين کي ڄاڻندي به منھنجي پرستش ڪئي هئي، سا منھنجي ماسات هئي. هُن مون کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو هئو، منھنجي زندگيءَ جا سڀ اڇا ڪارا هن کي معلوم هئا، پر هن شايد منھنجي روح ۾ جهاتي پائي ڏسي ڇڏيو هئو ۽ ڄاڻي ورتو هئو ته مون جنھن کي به چاهيو هئو، اُن کي روجي سمجهي پوڄيو هئو، هن نه رڳو منھنجون لکڻيون پڙهيون هيون، پر ٻين مائٽياڻين وانگي منھنجي به اسٽڊي ڪئي هئائين، هن کي اها پڪ هئي ته ”ضراب جن ڇوڪرين جو ذڪر ڪندو آهي يا ضراب جي نالي سان گڏ جِن ڇوڪرين جو ذڪر ٿيندو آهي، اُهي ڇوڪريون ضراب جي لاءِ روجيءَ جي حيثيت رکنديون آهن.“

هن ڀيري به چاهتن اڳيان ڪيترائي ڪارونجهر کر کڻي بيھي رهيا، پر هيءَ لڙائي ميھار جي لڙائي ڪونه هئي، جيڪو تڙ تي بيھي واڪا ڪندو آهي، پر هي سڀ جبل سسئي کي جهاڳڻا پيا، هن سڀ ڏونگر ڏاري رکيا، پيرن جي پٿون ٿيڻ جو ڪو به خيال نه ڪيائين ۽ پنھنجو پُنھون ماڻي ورتائين.

6 مارچ 1991ع تي منھنجي زندگيءَ جي ڦرهي تي ”فرح ديبا“ منھنجي جيون جيوتي بڻجي آئي. فرح سان منھنجي شادي جي موقعي تي، منھنجي پياري دوست اياز عالم ابڙي (ماترائن کان آزاد) ڪُجهه ٽِه سٽا لکيا هئا، جن مان ڪجهه هي آهن:

ديبا ۽ ضراب

ڏينهن ڏٺي جو سپنو ناهه،

ٻئي حقيقي خواب.

لِکيو لوح قلم جو،

فرح ضراب هڪ ٿيا

اوس پورو ٿيو.

فرح ڦرهي منجھه لِکيو،

هڪ نالو لوح قلم سين،

ضراب گھوٽ ٿيو.

فرح جو وهانءُ ضراب سان،

سنگم آ سُر ساگر جو،

سَتار ڇڙي مِضراب سان.

فرح سُھاڳِڻ ڪا مڻي،

مليس گھوٽ ضراب،

رب کي ڳالھه وڻي.

فرح جتي منھنجي زندگيءَ ۾ بيشمار، رنگ، روشنيون سرهاڻيون ۽ سنگيت آندا، اُتي هن 16 آڪٽوبر 1993ع تي پنهنجي وجود مان منھنجي لاءِ مون جِھڙو ئي ننڍڙو ”هالار/ وِشال“ تخليق ڪري منھنجي سمورين تخليقن کي شرمائي ڇڏيائين، هونئن ته هوءَ منھنجي لاءِ ڌرتيءَ تي سورڳ آهي، پر هالار جي جنم کان پوءِ مون سندس پيرن هيٺان پنھنجي هالار لاءِ هڪ نئين جنت ڏسي ورتي، اُن کان پوءِ 9 جنوري 1997ع تي سالار حيدر ۽ 2 جون 2003ع تي عباس حيدر (ايمان) کي جنم ڏئي ٻيون جنتون به خلقي ڇڏيون. آئون ڪيڏو ڀاڳوان آهيان، جو منھنجو گهر هر ڏس ۾ بھشت جو ڏيک ڏيندو آهي. هن جو مون سان پيار ايترو ته شديد آهي جو هوءَ فخر وچان چوندي آهي ته: ”جنھن کي مان چاهيان ٿي، جيڪو منھنجو انتخاب آهي، اُن کي چاهڻ وارن جون قطارون ڪڏهن به نه ٿيون کٽن.“ ۽ مان فرح کي ڪيترو چاهيان ٿو، اُن جي لاءِ ڪابه خباني دعويٰ تمام ننڍڙي ٿيندي. مان فرح جي حضور ۾ اهڙو ته راسخ العقيده مسلمان آهيان، جيڪو وحدانيت جو قائل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن مزار تان مُراد پنڻ جي ڀُل ڪري وجهندو آهي ۽ فرح جي دل ايڏي ته ڪشادي آهي. جو پنھنجي هِن گُنھگار بندي جون سڀ خطائون، خط ِتقسيم جي هيٺ آڻي ڇڏيندي آهي.

فرح جنھن منھنجي نه صرف مداين کي ميڙيو آهي، پر هڪ آرٽسٽ هوندي منھنجي فن جي اڳيان Genuflect ته ڪيو ئي آهي. پر مون کي مجازي خدا سمجهي به سجده ريز ٿيندي رهي آهي، جنھن جي مان هرگز به لائق ناهيان.

نسرين سيد

 

 

 

اندرا شبنم پونا والا جو ادبي سفر ۽ سندس خدمتون

 

ڏٺو وڃي ته اسان جا ھند ۾ رهندڙ سنڌي اديب، هميشه جيان ادب ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ايئن به ناهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي اديب سٺو نٿا لکن، پر اسان هتي رهون پيا. ڌرتي جي ڏکن سکن کي ويجهو کان ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا. اکين ڏٺا مشاهدا ڪري رهيا آھيون .

پر سنڌ کان ڏور رهندڙ اهي اديب، جيڪي محبت جو مظاهرو ڪندي، اسان سان جڙيل رهن ٿا. تن ۾ اسان جي پياري ليکڪا اندرا شبنم پونا والا به هڪ آھي.کيس مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙھندي رهي آھيان .هن جون لکڻيون تمام بهترين آهن، پر ان سان گڏ ھن جا ٽهڪ به مشهور آھن.

جن سان به رابطو رهيو اٿس سڀني طرفان تعريف جا لفظ ٻڌا آھن. انشاءَ الله آءٌ به سندس انهن محبتن ۾ شامل ٿيندس.

اندرا شبنم جي لکڻين ۾ سنڌ سان محبت، ڌرتي ڌڻين سان روحاني رشتو، انهن سان ڳانڍاپو متاثر ڪندڙ آھي.

شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ کيس 12-20 ۾ ڪوٺ ڏئي آندو ويو، جتي هن 3 پيج لکيا.

اڳ اسان جي سنڌ ۾ لطيف سرڪار يا شهباز قلندر ۽ سچل ڪانفرسون منعقد ڪرايون وينديون هيون. جن ۾ پوري هند مان سنڌي ادب جي سرجڻھارن کي ڪوٺ ڏني ويندي هئي.پر هاڻي ائين ناهي!

اندرا شبنم پونا والا هڪ بهترين ليکڪا آھي. سندس ادبي سفر جاري ۽ ساري آھي.

اڄ جڏھن هن جي سالگرهه جو ڏينهن آ ته مون کي خوشي ٿي ته مون کي ڪجهه لکڻ جو موقعو مليو. کيس مبارڪ باد پيش ڪندي، دعا آھي ته سندس ساٿ اسان سان هميشه رهندو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org