نور ڪنڀر
ڪھاڻي
بند
اکين کان پوءِ
” امان ڇھين ڪلاس ۾
داخلا وٺي ڏيو نه “
” ڌيءَ
مومل پڻھين پنج درجا پڙھڻ ڏنا اٿئي اھو به
شڪر ڪر.“
زيبو ڪپي سان چانهه
ديڳڙي مان ڪڍي ڪوپ ۾ وڌي.
”وڃ مومل!
چانهه
ماني کڻي ڀاڻين کي ڏي
ته
کائي اسڪول وڃي.
“
امان بابي کي چئو نه،
مون کي سڄڻ سان گڏ اسڪول ڇڏي،
مان انگريزي پڙھان.
“
” جي پڻھين سان ڳالهه
ڪيم ته
تون پاڻ سان گڏ مون کي به موچڙا کارائيندينءَ.
وڃ جلدي ڪر ڀاڻين کي دير پئي ٿئي اسڪول کان.“
” امان!“
مومل نماڻائي
مان چيو:
”امان،
امان...
لفظ ۾ ڪيئي التجايون ھيون اسڪول وڃڻ جون پر امان
کي بڇان
ٿي
لڳي.
”ڇوري اھڙو ٿي موچڙو ھڻانءِ
ان ضد تي
اصل ڪتي وارو ضد اٿئي.
اٿ وڃ ماني ڏي ڀاءُ
کي.“
مومل اٿي ڀاءُ
کي ماني ڏيڻ لاءِ
وئي.
ماڻس ڀڻڪڻ لڳي.
”مون
واري وڏي ڌيءُ
رحمت کي
به
پڙھڻ جو ڪيڏو شوق ھو.
وس ڪيم.”
اڙي پڙھاءِ
نياڻي کي چار اکر پڙھندي،
متان ماستر رفيق جي ڌيءُ
رابيل وانگر ماستريءَ
جي
نوڪري ملي پويس.
پنھنجي پگھار ٿيندس زندگي ڀر ڪنھن جي محتاج نه
ٿيندي.
پر ھن کي اھا ڳالهه
ڄڻ گار
ٿي
لڳي.
نياڻي جو ٻار پڙھائيندس
ته
ماڻھو ڇا چوندا؟
غيرت پئي اچيس.
منھنجي ضد
ڪرڻ سان
ڇا وريو؟
وريو به اھو ٻه جوتا ڇوڪريءَ
کي ھنيئن
۽ ٻه مون کي ھڻي ماٺ ڪرايائين.
اھا ته
وئي پرڻجي ھاڻ ساڳو ضد
ھن ڪيو آ
زيبو چلهه
تي ماني کائڻ ۾ شروع ٿي وئي.
مومل ڀاءُ
جي پويان اسڪول وڃڻ لڳي.
زيبو مومل کي در جي ٻاھرين چانئٺ ٽپندي ڏسي،
رڙ ڪئي.
”مومل“ پر مومل
ڀاءُ
جي پويان کڻي آ ڪئي....
منجھند ڌاري مومل جو پيءُ
رکيل گھر آيو.
رکيل قد جو ڊگھو،
منھن ويڪرو،
ويڪري منھن تي
وڏا شھپر،
اکيون
وڏيون،
رنگ جو پڪو،
ٿلهي آواز سان
گڏ
رعبدار ھو.
ماني کائڻ لاءِ
کٽ تي ويٺو جوڻس زيبو ماني اڳيان رکي کٽ جي
سيرانديءَ
کان پاسيري ٿي ويٺس.
زيبو
به ڇا ڪري رکيل
دڙڪو ڏيندو ھيس ته
ساهه
مُٺ
۾ اچي
ويندو
ھيس.
اسڪول کان سڄڻ ۽ مومل موٽي گھر جو در ٽپي،
اندر داخل ٿيا
ته
رکيل مومل کي سڄڻ سان اسڪول کان گڏ موٽندي ڏسي،
لال ٿي ويو.
رکيل جو رنگ بدلجندي ڏسي
زيبو کي
چپن تي خشڪي اچي وئي،
رنگ ھيڊو ٿي ويس.
رکيل پنھنجي ڳوري آواز ۾ چيو،
”پنج درجا پڙھڻ کان پوءِ،
مومل اسڪول ڪيئن وئي.“
” او اھو...
زبيو خوف مان جملو به
اڃا صحي نه
ڪڍي سگھي ته
رکيل چپ رھڻ جو چيس.
زيبو ماٺ
ڪئي
کڻي.
رکيل مومل
کي چيو.
”اسڪول ڇو وئي ھئين.“
” بابا مون کي
انگريزي پڙھڻ جو شوق آھي.
مان پڙھي ماسترياڻي...
مومل جو ايترو چوڻ رکيل جي زوردار چماٽ ڪياڙي واري
لڳس.
ڀر ڪري وڃي زمين تي ڪري.
رکيل ڪاوڙ مان کٽ تان اٿيو زبيو تي دوڏا ڦولاريندي
چيائينس.
”وري جي مومل اسڪول وئي آ ته
توسان به
سٺي نه
ٿيندي.“
ائين چئي ڪاوڙ مان ٻاھر ويو ھليو
مومل چماٽ لڳڻ تي ڏاڍو رني.
جيئن ننڍڙا
ٻار رانديڪا ڀڃڻ تي روئندا آھن.
مومل پنھنجي اسڪول وڃڻ جا ارمان ٽٽل رانديڪڙن
وانگر
پاڻ وٽ
سانڍي،
انگريزي پڙھڻ جا خواب پنھنجي ذھن تان ميساري ڇڏيا.
ھاڻ مومل پنھنجي ڀاءُ
سڄڻ جي پويان ڊوڙ پائي اسڪول نه
ويندي
هئي.
رکيل جي وڏي
ڌيءُ
رحمت جنھن کي به
رکيل پڙھڻ نه
ڏنو ھو.
شادي کان پوءِ
ان کي چار ٻار
ٿيا.
مڙس سرن جي بٺيءَ
تي مزدوري ڪندو
اٿس.
روزي ايتري مڙئي پيٽ گذر
ٿيندو اٿن.
رکيل به
زمين جو ھارپو ڪري گھر جي گاڏي کي پيو ڌڪيندو آھي.
پنھنجي غربت کي ڏسي رکيل چاھيندو ھو ته
پٽ سڄڻ کي ڪھڙي به
حال ۾ پڙھائيندس،
جيئن ڪا نوڪري وٺي مون وانگر غربت
واري
حال ۾ زندگي نه
گذاري.
اھڙيون سوچون ذھن
۾
ويڙھائي
رھيو
هو،
ته
زور سان ٻاھريون در کڙڪيو.
دروازي کڙڪڻ
سان
گڏ
تيز آواز آيو رکيل!
او او رکيل!
کڙڪي ۽ تيز آواز تي رکيل جلدي آواز ڏئي.
”آيو
آيو.“
چئي ٻاھر در تي آيو.
در تي چار ڳوٺاڻا موجود ھئا.
رکيل جي در تي پھچڻ سان ئي ٻڌايو
ته:
”تو وارو نياڻو بٺيءَ
۾ سرون وجھي رھيو هو
ته
پير نڪري ويس.
ٻرندڙ بٺيءَ
۾ اندر ھليو ويو.
خاڪ سان خاڪ ٿي ويو.
پنھنجي نياڻيءَ
جي مڙس جي
مرڻ جو دردناڪ واقعو ٻڌي،
رکيل جا تاڪ لڳي ويا.
جيڏو مضبوط مڙس ھو اوترو ذرا ذرا ٿي پيو.
سانحو
ناقابل برداشت ھو،
پر رکيل ان سانحي
تي روئڻ کان سواءِ
ڪري به
ڇا پئي سگھيو.
نياڻو به
ويو ته
نياڻي جو گھر
به.
رکيل لاءِ
زندگي ڀر جو وڏو صدمو ھو.
جيڪو ھن کي پنھنجي ڪلھن تي تاحياتي کڻڻو پيو
نياڻي عدت کان پوءِ
ماءُ
پيءُ
جي گھر
رهڻ لاءِ آئي،
ڇو جو نياڻو اڪيلي سر ھو.
پويان ڪٽنب مان
زال
اولاد کانسواءِ
ٻيو ڪو به
ڪونه
ھئس
رکيل
پهرين ئي
غربت جي ور چڙھيل ھو.
وري مٿان وڏي نياڻي ۽ ان
جي
چئن
ٻارن جي کاڌ خوراڪ
۽
لٽي ڪپڙي پريشان ڪري رکيس.
ھيڏو قدآوار
شخص ھاڻ ڏوڙو ٿي پيو ھو.
اڪيلي سر ايڏو وزن ڪيئن کڻي.
ٻڏ تر ۾ ھو ته
زيبوءَ
جون ڳالھيون اڳيان پيس،
”اڙي پڙھاءِ
نياڻيءَ
کي چار اکر پڙھندي
ته
ماستر رفيق جي ڌيءُ
رابيل وانگر ماستريءَ
جي
نوڪري ملي پوندس.
پنھنجي پگھار ٿيندس
ته
زندگيءَ
ڀر ڪنھن جي محتاج نه
ٿيندي.“
زال جون تکيون مٺيون ڳالھيون اڳيان اينديون ويس ۽
پنھنجي ڳالھين تي پڇتاءُ
ٿي رھيو ھيس.
جيڪڏهن
رحمت کي پڙھايان ھان
ته
ماستري ملي وڃيس هان ته
منھنجي مٿان
ٻوجهه
نه
ھجي ھا.
نه
ئي ھن کي مڙس مرڻ کان پوءِ
زندگي گذارڻ ۾
تڪليفون
پيش اچن ھا.
سوچن جي جنجھوڙ
کان پوءِ
رکيل اٿيو زيبو وٽ
آيو ۽ چيائينس،”
ڪجهه
پيسا اٿئي.“
”مڙئي
سڙئي خرچ مان بچائي ڀانڊاري ۾ وجھندي ويندي آھيان.“
مون کي ڀانڊارو آڻي ڏي.“
زيبو جي سوال تي رکيل جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
روئڻھارڪي آواز ۾ چوڻ
لڳو:
”مومل کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيندس.“
ائين چئي روئي پيو.
زيبو جي اکين ۾ به پاڻي اچي ويو.
زيبو اکين جو پاڻي ھٿ جي تري سان اگهندي
ڀانڊارو کڻي اچي رکيل کي ڏنو.
رکيل ڀانڊارو ڀڃي پيسا ميڙي مومل کي ساڻ ڪري اسڪول
طرف روانو ٿيو.
اسحاق سميجو
گيت
پيرَ سان گڏ پير کڻ
ٻانهَن کي وجهه ٻانهَن ۾!
درد کي بندوق هڻ
دل نه ٻوڙِج دانهن ۾!
زندگاني ڪجهه پلن جي آ ڪهاڻي، غم نه ڪر!
جهُوم ٿورو،
ڳاءِ ٿورو،
پيار ڪر، ماتم نه ڪر!
جهُوم ٿورو،
ڳاءِ ٿورو،
پيار ڪر، ماتم نه ڪر!
ڇا به ٿيو ۽ ڇو به ٿيو، پر روئجي ڇا لئه ڀلا،
مورَ کي ڏس غور سان ۽ بي رنگيءَ کي ڌوڙ وجهه
دل نه ماڻي چين جي، ان بندگيءَ کي ڌوڙ وجهه
ٽِڙ گلن سان، ڇِڙ سُرن سان، رقص ڪر، ٻيو ڪم نه ڪر!
جهُوم ٿورو،
ڳاءِ ٿورو،
پيار ڪر،
ماتم نه ڪر!
ٿي سگهي ٿو
ڪا لهر اهڙي اٿي، لوڙهي وڃي،
ڪنهن دُکيءَ جي بد دعا دنيا سڄي ٻوڙي وڃي،
ٿي سگهي ٿو، هي سَيارو خاڪ ٿي وکرڻ لڳي،
ٿي سگهي ٿو هي بدن جو باغ ئي اجڙڻ لڳي،
عشق کي ڀر ڀاڪرن ۾، نيڻ پنهنجا نم نه ڪر!
جهُوم ٿورو،
ڳاءِ ٿورو،
پيار ڪر،
ماتم نه ڪر! |