سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولائي 2023ع

باب:

صفحو:4 

اسحاق سميجو

سانتا ڪلاز

 

اڄ صبح جو ننڊ مان اٿيس ته منهنجي وهاڻي هيٺان هڪ خط پيو هو. ڪالهه منجهند جو جڏهن مان ٻاهر نڪتل هوس ته بنفشه بيبي منهنجي هنڌ تي ستي هئي ۽ اهو خط لکي، ڳجهه ڳوهه ۾ وهاڻي هيٺان رکيو هيائين. جيئن ته سانتاڪلاز سان ڪيل خواهش کي ڳجهو رکبو آهي، انڪري هن اڃا تائين ان خط بابت گهر ڀاتين مان ڪنهن کي به ڪجهه ناهي ٻڌايو. شايد هن کي پڪ آهي ته ڪو سانتاڪلاز به آهي، جيڪو هن جي وش ضرور پوري به ڪري ڇڏيندو.

۽ فلمون ڏسي ڏسي، ٻارن جا خواب، تصور، اعتقاد ۽ اعتبار سندن دنيا ٺاهن ٿا. بنفشه جي ڪهاڻي ته اها آهي، جو هو هڪ مڪمل بي چين ٻار آهي. ڪڏهن مصور، ڪڏهن شاعره ڪڏهن راڳي ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول جي پرنسپال ٿيڻ جي سندس خواهش پئي رنگ مٽائيندي آهي. هو اڃا ساڍن ٽن سالن جي هئي ته هڪ زبردست پينٽنگ ٺاهي هئائين، جيڪا منهنجي ڪمري ۾ لڳل آهي. پنجن سالن جي عمر ۾ هڪ پيارو نظم چيو هئائين. سوال ڪرڻ ۽ ڪهاڻيون گھڙڻ ته هن جو خاص شوق آهي. هڪ ڀيري حيدرآباد ويندي، المنظر تان گذرياسين پئي ته عجيب سوال ڪيائين.

بابا، الله سائين ٻيڙيءَ کان به وڏو آهي“.

مون چيو،

بلڪل.

۽ پل کان؟“

۽ پل کان؟“

بلڪل“.

بلڪل“.

مون چيو،

يقينن“.

پوءِ ته جبلن کان به وڏو هوندو“.

مون چيو،

بلڪل. الله سائين هر شيءِ کان وڏو آهي“.

هاڻ ان سوال جو ڪهڙو جواب ٿي پئي سگهيو. مون چيو، تون سمجهه الله سائين هر ڏٺل ۽ ٻڌل شيءِ کان وڏو آهي“.

 

فرحين مغل

 

انصاف

 

قانون جي هڪ ڪلاس ۾، استاد هڪ شاگرد کي اٿاري، ان جو نالو پڇيو ۽ کيس بنا ڪنهن سبب جي ڪلاس ڇڏڻ لاءِ چيو. شاگرد دليل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي دفاع ۾ ڪيترائي دليل ڏنا، پر استاد ان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. شاگرد ٽٽل دل ۽ غمگين ٿي ٻاهر نڪري ويو، پر هو پاڻ سان ٿيل زيادتي کي ظلم سمجهي رهيو هو.

حيرت باقي شاگردن تي هئي، جيڪي ڪنڌ جهڪائي خاموش ويٺا هئا.

ليڪچر شروع ڪندي، استاد شاگردن کان پڇيو ته: قانون ڇو ٺاهيا ويا آهن؟ هڪ شاگرد اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو: ماڻهن جي روين تي ضابطو آڻڻ لاءِ.

هڪ ٻئي شاگرد چيو: سماج ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ“.

ڪيترائي جواب ٻڌڻ کان پوءِ استاد چيو: اهي سڀ جواب صحيح آهن، پر ڪافي نه آهن.

هڪ شاگرد اٿي بيٺو ۽ چيائين: جيئن انصاف قائم ٿئي.

هڪ شاگرد جواب ڏنو: ته جيئن ماڻهن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي ۽ ڪوبه ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي.

هن ڀيري استاد ڪجهه سوچڻ کان پوءِ چيو: ”چڱو، مون کي بنان ڪنهن خوف جي منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏيو، ڇا مون توهان جي ساٿي شاگرد کي ڪلاس روم مان ڪڍي، ان سان ڪو ظلم يا زيادتي ڪئي آهي؟

سڀني شاگردن جواب ڏنو؛ ها سائين، توهان ظلم ڪيو آهي.

هن ڀيري استاد ڪاوڙ ۾ وڏي آواز ۾ چيو: ”ها، اهو سچ آهي ته ان شاگرد سان ظلم ٿيو آهي. پوءِ سڀ خاموش ڇو ويٺا آهيو؟ اهڙن قانونن جو ڪهڙو فائدو، جنهن تي عمل ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همت ۽ جرئت ناهي؟

جڏهن توهان جي ساٿي شاگرد سان زيادتي ٿي رهي هئي ۽ توهان ان تي خاموش هئا، ان جو مطلب صرف اهو هو ته توهان پنهنجي انسانيت وڃائي ڇڏي آهي. ياد رکو، جڏهن انسانيت تي زوال ايندو آهي ته ان جو ڪو متبادل ناهي.

ائين چئي استاد ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. ۽ هن شاگرد کي واپس اندر سڏيو. پنهنجي غلطي لاءِ  معافي گهري ۽ باقي شاگردن ڏانهن رخ ڪندي چيو: اهو توهان جو اڄ جو سبق آهي. وڃو ۽ سماج ۾ اھڙين ناانصافين کي ڳوليو ۽ انھن کي درست ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪرڻ جا طريقا سوچيو.“

ممتاز عباسي

 

 

 

ھڪ نظم تنھنجي نانءِ

 

مون جيان تون به اڪيلائي پسند ھئين!

اڪيلائيءَ کي گفتگو سيکارڻ لئه

ٻار جي معصوميت کڻي ھلڻي پوندي آهي.

اڪيلائيءَ خاموشيءَ ۽ ڌار رھڻ جو مطلب،

ماڻھو پنھجي مرضيءَ مطابق ڪڍندا آهن.

جنھن تي وضاحتن بدران

نظرانداز ئي ڪري سگھبو آھي

ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته ڏکارا مزاج

مسڪرائي به ملندا آهن. تون ھليو وئين

تو پويان ،

وارياسي جي وک ۾ وچڙي پيل تنھنجي خوابن جي آکاڻي

اڌ ۾ رهجي وئي.۽ تون اڌ مان ڪٽجي وئين!

تنھنجي امان ۽ ابي کي ئي خبر ھوندي ته

ڏک پوڙھا ڪيئن ٿيندا آھن؟

۽ اکين جي آلاڻ

انتظارن جا بادل ڪيئن برسائينديون آھن

پر زندگي سان گھڻي حجت نٿي ڪري سگهجي.

ھڪ عجب درد آهي زندگي

جنھن جو ھر ذائقو انسان تي

پنھجي مرضيءَ مطابق سواري ڪري ٿو

اڄ تنھنجو جنم ڏينهن آهي

ڪجهه لفظن سان گڏ توکي

ھڪڙي خاموشي اماڻي رھيو آھيان

جنھن خاموشيءَ جو مفھوم

تون ۽ مان خاموشيءَ ۾ ئي

سمجھي ويندا ھئاسين.

ڪيتري آلاڻ اکين جي

ڇنڀڻ سان ٿي ڪري

هر ابتدا، ڄڻ شام جي ڪنهن موٽندڙ

هي وقت خاموشيءَ جي کڙڪي ۾ لڪي

زندگيءَ جا ڏينهن چڳندو ٿو وڃي

پياس جو پورو جهان هڪ پوئتان آ منتظر

نيرين اکين جي الودائي اوٽ ۾

واپسيءَ جو واءُ، پوڙھو ٿي جهٽي ٿو جسم کي

ڄڻ لٽي ٿو جاڳ جو

جيئرو سمورو هيءُ جهانُ

ڪيتري آلاڻ اکين جي ڇنڀڻ سان ٿي ڪري

ڪيترو هي پنڌُ وارياسي جو پاڻي ٿو گُهري

ڪيئن نظر انداز ٿيندو ٿو وڃي

هن عمر جو هيءُ حصو نازڪ نفيس

 

پاڪستان جي پهرين خاتون پائليٽ

عورتن جو تعارف

ترجمو: گلبانو هادي

 

 

 

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستاني عورتون پنهنجي جرئت مندانه صلاحيتن جي سبب ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. اسين اڪثر هي جملا ٻڌندا آهيون ته ”دنيا مردن جي آهي ۽ عورتن کي اهو مقام حاصل ناهي، جيڪو انهن جو حق آهي.“ هي اهي لفظ آهن، جنهن تي ڪجهه عورتون يقين ناهن رکنديون ۽ عملي طور تي ڪجهه اهڙو ڪري ڏيکارينديون آهن، جو مرد به حيران ۽ پريشان ٿي ويندا آهن.

ڪيتريون ئي پاڪستاني عورتون پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ايئر لائن کي جوائن ڪيو ۽ اها ڳالهه غلط ثابت ڪري ڇڏي ته عورتون ته صنف نازڪ آهن. انهن مشهور عورتن ۾ سڀ کان پهريون نالو ”شڪريه خانم“ جو آهي. جنهن کي پاڪستان جي پهرين خاتون پائليٽ ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي. پر هوءَ پي. آئي. اي ۾ پائليٽ جون خدمتون سرانجام نه ڏئي سگهي، ۽ گرائونڊانسٽرڪٽر طور تي ڪم ڪندي رهي.

ان کان پوءِ ”مليحه سميع“ جو نالو اچي ٿو. جيڪا پاڪستان جي پهرين خاتون پائليٽ هئي ۽ ان پي. آئي. اي جو ايئر ڪرافٽ اڏايو. ان کي پهرين خاتون پائليٽ ڪيپٽن ٿيڻ جو به اعزاز حاصل آهي. ان ايئر بس A310 ۽ A300 اڏايو. ان کي پهرين خاتون پائليٽ جو اعزاز به حاصل آهي. جنهن اڪيلي سر فوڪر ڪراچيءَ کان گوادر تائين اڏايو. ان کان پوءِ ڪيپٽن عائشه رابعه جو نالو اچي ٿو، جنهن ڪمرشل پائليٽ لائسنس حاصل ڪيو، جڏهن ته هوءَ صرف 17 سالن جي هئي.

ان 1989ع ۾ PIA کي ڪيڊٽ پائليٽ طور جوائن ڪيو. عائشه 15 سال  PIA ۾ گذاريا. ان پنهنجي سروس جي دوران ايئر بس 300 ۽ بوئنگ 747 تي اڏار ڀري. 2006ع ۾ ان پهرين پاڪستاني خواتين فلائٽ اڏائي، جنهن ۾ پورو اسٽاف پائليٽس ۽ ڪييو خواتين تي مشتمل هو. ان کان پوءِ ويجهڙائي ۾ رڪارڊ مريم مسعود ۽ ارم مسعود ٺاهيو. هنن ٻنهي گڏجي پرواز ڪئي آهي. اهو نه صرف پاڪستان بلڪه ايشيا ۾ هڪ رڪارڊ آهي. ڪيپٽن پائليٽ شهناز لغاري پاڪستان جي پهرين خاتون پائليٽ آهي، جنهن کي نقاب ۾ فلائٽ اڏائڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان جو نالو book of record ۾ به شامل آهي ته اها پهرين حجاب واري ڪيپٽن پائليٽ آهي.

(نيٽ جي ٿورن سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org