پروفيسر اعجاز علي شاهه
سنڌي فَنِ چتر ڪاري
/مصوري
فن(Art)علم
جي اُها شاخ آهي جيڪا صدين کان آباد قومن جي رسم
رواج، سندن رنگ، نسل ۽ سڀيتا (civilization)
کي سمجهڻ ۾ انسان جي مدد ڪري ٿي ته ٻئي طرف انهيءَ
وسيلي انفرادي طور انسان جي اندروني ڪيفيتن ۽ جذبن
جي صحيح نمائندگي ٿئي ٿي. فن کي سرجيندڙ، حاصل
ڪندڙ ۽ ان جي عزت ڪندڙ لاءِ سماج ۾ هڪ جيتري عزت
آهي.
سنڌو سڀيتا (Indus
civilization)
جي پنج هزار سال اڳ جي تهذيب پڻ فنون لطيفه جي
حيثيت ۾ قائم رهندڙ صدين تائين لازوال ۽ زنده آهي.
جنهن تحت اتان لڌل مهرن مٿان تحرير تصويري شڪلين
(Pictograph)
۾ موجود آهي.
فن جي مختلف نمونن کانسواءِ تخليقي فن (Creativity)
۾ چترڪاري /مصوري (Painting)
پڻ انساني احساسن (Human
feelings)
جي اندروني يا روحاني ڪيفيتن ۽ جذبن تي سچ، سونهن
۽ حقيقت ڏانهن وڌ ۾ وڌ ويجهو ڪندڙ هڪ ذريعو آهي.
سنڌ جي سرزمين جيئن ٻين فنون لطيفه جي شاخن ۾ پاڻ
موکيو آهي، تيئن چترڪاري/ مصوريءَ جي فن ۾ هن پاڻ
ملهايو آهي. چترڪاريءَ/مصوريءَ جي فن ۾ سنڌ جو
پنهنجو مڪتب فڪر
(Sindian school of painting pensioning)
يعني هڪ خاص نمونو آهي جنهن کي
اسين خالص سنڌي طرز چتر ڪاري / مصوري چئي سگهون
ٿا.
اسان جاڪجهه فنون لطيفه جا ڄاڻو سنڌ جي چترڪاري ۽
مصوريءَ جي تاريخ بيان ڪندي چون ٿا، سنڌ جو هي فن
مغليه فن مصوري يا راجستاني فن جي اثر ڪري پيدا
ٿيو. ۽ انهن اثرن کان اڳ سنڌ ۾ مصوريءَ جي فن جو
ڪو نانءُ نشان به نٿو ملي.
اهڙن فنون لطيفه جي تاريخ جي ڄاڻن لاءِ اهو عرض
پيش خدمت آهي ته سنڌ جو
پنهنجو الڳ ”مڪتبهء
فڪر“ چترڪاري/مصوري آهي جنهن جي تاريخ تمام قديم
آهي. جنهن جا اوائلي اهڃاڻ سنڌو- ماتر جي قديم
آثارن جي کوٽائي مان دستياب ٿيا آهن. وادي سنڌ جي
قديم آثارن موئن جي دڙي، ڀنڀور، ڪوٽڏيجي ۽ هڙپا جي
کوٽائي مان هٿ آيل رنگين ۽ مٽي جي سادن برتنن تي
نڪتل چٽن ۽ تصويرن جي غور سان اڀياس ڪرڻ جي ضرورت
آهي. ماهرن جو خيال آهي ته مصوريءَ جو فن ۽ فن
مجسمه سازي هنرن ۽ فنن ۾ پهريان فن هئا، جيڪي سنڌو
ماتر ۾ رهندڙ قديم دور جي انسان ايجاد ڪيا، ڇاڪاڻ
ته سڀني فنن جو مدار چترڪاريءَ جي فن تي رهيو آهي.
انسان ذات کي چٽن ڪڍڻ يعني چترڪاري جي فن جي ڄاڻ
راڳ داريءَ ۽ ”نرت“ يعني ”نٽ“ يا ”ناچ“ جي فن
ذريعي حاصل ٿي ۽ گهري سوچ يا سوڀياوان طبيعت واري
ڪنهن مصور ۾ اهڙي قسم جي فن جو اُتساهه ”ڳايل راڳ
music
Vocal
تي سو چندي جاڳيو.
سنڌو سڀيتا ۾ چترڪاريءَ جي فن جا اوائلي اهڃاڻ مٽي
جي برتنن تي نظر اچن ٿا جنهن جو ثبوت ۽ نمونا آمري
جي دڙي“، ”ڪوٽڏيجيءَ“، ”موئن جي دڙي“، هڙپا جي
آثارن، ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي قديم آثارن جي
کوٽائي مان هٿ آيل برتنن تي صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا. موئن جي دڙي ۽ هڙپا مان هٿ آيل برتنن تي
انسان، جانورن، پکين، مڇين ۽ گلُن، ٻوٽن جون
شڪليون ۽ چٽَ چٽيل آهن.
سر مارٿر وهيلر پنهنجي (Indus
civilization)ٽئين
ايڊيشن 1968ع ۾ صفحي 94 ۽ 95 ۾ هن موضوع جي باري ۾
پنهنجي راءِ ڏني آهي، هن جي راءِ موجب ”موئن جي
دڙي“ جي آثارن مان هٿ آيل برتنن تي گهڻو ڪري ٽن
رنگن ۾ نقش نگاري چٽسالي ٿيل آهي. اهي ٽي رنگ آهن
ڦڪو(Buff)اگلابي
(Pink)
ڳاڙهو يا ڪارو ، پر ڪٿي ڪٿي اڇو ۽ سائو به
استعمال ڪيو ويو آهي برتنن تي عام طور ”افقي“(Horizontal)طرز
جو ليڪون ڪڍيل آهن ۽ برتنن تي گهڻو ڪري شڪليون،
چٽ، نقش، گل، پن ۽ ٻوٽا پڻ ٺهيل آهن جاميٽري جي
شڪلين ۾ گهڻو ڪري هڪٻئي کي ڪپيندڙ گل، ماپ ڪرڻ جي
شڪلين، شطرنج ۽ چوپڙ راندين جي نموني واري شڪلين
جهڙا ٺاهي چورس ۽ مستطيل خانا، وڻن جا پن، چونرن
(دال)، بڪين نما شڪليون، ڦڻي جون شڪليون، پهريدار
ليڪون، کجيءَ جي ڦرهن، پپر جي پنن ۽ گلابي رنگ جي
ٻوٽن جا چٽ نقش ٺاهيل آهن. ڪٿي ڪٿي وري مور جي
تصوير ۽ ان مٿان ٺاهيل (مسلط ڪيل) ٻيا چٽ ۽ گل،
مڇي ۽ ماڻهوءَ ۽ جون شڪليون به ڪن ڪن برتنن تي
ٺاهيل آهن.
ساڳئي موضوع تي آمريڪن ماهر ڊاڪٽر ڪنائر به پنهنجي
ڪتابThe
Ancient
Sites
Indus
valley
1998ع صفحي 14 تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ڊاڪٽر
ڪنائر جو خيال آهي ته ”مٽي جو مرتبان“ (Jar)
جنهن جي مٿان بنيادي رنگ جو تهه تي وري ڪاري رنگ
جي چٽسالي ۾ ”مورتي“ سائي رنگ جي ڪاري ۽ هڪ ٻئي کي
ڪينوڙ گول شڪليون ٺهيل آهن اهو مرتبان (Jar)
چانهوءِ جي دڙي مان لڌو ويو هو ۽ اهو ثبوت آهي
قديم چترڪاري جو جيڪا سنڌ ۾ مروج هئي. ڀنڀور جي کو
ٽائيءَ سنڌ جي چترڪاري جي فن جي تاريخ ۾ هڪ نئين
باب جو اضافو ڪيو آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان جيڪو
مواد هٿ آيو هو تنهن جي اڀياس مان معلوم ٿيو آهي
ته هن شهر ڀنڀور تاريخ جا ٻه دور ڏٺا، هڪڙو برصغير
۾ اسلام ۾ اچڻ کان اڳ وارو دور، ٻيو اسلامي دور
آثار قديمه کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايف .اي.
خان جو رايو آهي ته مسلمانن ڀنڀور ۾ اٺين صدي
عيسوي کان وٺي رهڻ شروع ڪيو هو. اسلامي دور کان اڳ
وارو دور جي هٿ آيل برتنن ۾ ڪي برتن ڏاڍا اَهم
آهن. انهن برتنن تي ٿيل چٽسالي مان اهو ثبوت ٿو
ملي ته سنڌو ماتر ۾ چترڪاريءَ جو فن گهڻو آڳاٽو
آهي. هڪ برتن تي هڪ ”نچندڙ جوڙي“ ۽ سورج مکيءَ جا
گل ٺهيل آهن، اهي سڀ هن شهر ڀنڀور جي اسلامي دور
کان اڳ آباد هجڻ جي شاهدي ڏين ٿا. اهڙي طرح
ٿرپارڪر ۾ گوڙيءَ جي مندر ۽ ڀو ڏيسر جي مسجد جي
گنبذن جي اترئين پاسي چٽ ۽ تصويرون ملن ٿيون.
مٿي ڄاڻايل قديم تاريخي جائزي کان پوءِ ترخانن،
مغلن ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي زماني ۾ به شاهي حاڪمن جي
محلن ۽ محلاتن جي ديوارن تي چترڪاري ۽ نقش نگاري
جو گهڻو رواج هوندو هو. سنڌي چترڪارن جي فن جو شوق
اهو شوق پوءِ ٽالپر حاڪمن ۽ ان کان پوءِ انگريزن
جي دور حڪومت واري زماني ۾ به سنڌ ۾ جاري رهيو.
مسجدن ۽ ڪن درويشن جي درگاهن ۽ مقبرن ۽ حاڪمن جي
محلن ۽ نوابن جي بنگلن جون ديوارن چٽساليءَ ۽ نقش
نگاري جي ڪري اڄ به مشهور آهن. اڄ کان ٿورو اڳ
سنڌ ۾ ڪي مثالي چترڪار ڪن ادارن مان تربيت حاصل
ڪري پيدا ٿيا ته وري ڪي ڄمندي ڄام هئا.
جهڙوڪ: ع .ق. شيخ، ظفر ڪاظمي، گل محمد کتري، محرم
راز وغيره جيڪي سنڌي چترڪاري جا ماهر تسليم ڪيا
وڃن ٿا. موجوده دور ۾ جيئن ته سنڌي چترڪاري جا
فنڪار تمام گهٽ آهن ۽ ضرورت ان اُمر جي آهي ته
سنڌي فن چترڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سنڌي چترڪاري
جي به سکيا ڏني وڃي ۽ نوجوانن کي ان طرز چترڪاري
ڏانهن راغب ڪيو وڃي ته جيئن هي اسان جو قديم فن
ورثو هميشه قائم ۽ دائم رهي.
|