سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 2020ع

باب:

صفحو:5 

ياسمين چانڊيو

 

 

 

ڪجهه خواب اڌورا

 

اڄ راھب تمام گهڻو ڏکارو ھئو، آفيس ۾ ريوالونگ چيئر تي لاشعوري طور تي لُڏي رھيو ھئو. بلڪل پنھنجي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جيان جيان!

ھن ھڪ نظر پنھنجي آس پاس وڌي، ھڪ خوبصورت ڪمرو، جنھن ۾ ڪنھن شيءِ جي ڪا ڪمي ڪا نه هئي، سامھون رکيل شيشي جي ٽيبل جنھن تي خوبصورت نقاشي ٿيل ھئي، سڄي پاسي مني پلانٽ ۽ مکڙين جا گلدان، کٻي پاسي ديوار تي ٽنگيل خوبصورت پينٽنگ جنھن ۾ نوري ڪينجهر ڪناري انتظار ۾ ويٺل، سامهون ايندڙ ٻيڙين کي تڪي رهي هئي. پينٽنگ تي نظر پوندي راھب جون اکيون ڪجهه دير اتي اٽڪي پيون ڄڻ اتي پنھنجو عڪس ڳوليندو ھجي ۽ ھڪ ٿڌو ساھ ڀري دل ئي دل ۾ پنھنجو پاڻ کي چوڻ لڳو، ھڪ سينئر آفيسر لاءِ  ھي سڀ ڪجهه  ڪافي آھي. ھي سڀ ڪجهه ھن جو خواب ھئو جيڪو پورو ٿي چڪو هئو، پر.... پوءِ به ھي خوش ڇو نه ھئو، ھن ھڪ نظر پنھنجي گول گھمندڙ ڪرسيءَ تي وڌي ھن کي لڳو ڄڻ هن جي زندگي به ھن ڪرسيءَ جيان گھمي رهي آهي. ھن ٽيبل جي خاني مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي لائيٽر سان سگريٽ دکايو، ڪش مٿان ڪش لڳائيندو رهيو. ٽيبل تي رکيل ايش ٽري کي پاڻ طرف ڪندي ان ۾ دکيل سگريٽ جو حصو ڇنڊي ان کي غور سان ڏسڻ لڳو، ايئن محسوس ٿيس ڄڻ ھن جي اندر جو ڪو احساس ھجي جيڪو سگريٽ جيان دکي ايش ٽري جي نظر ٿيندو ھجي. وري ھن سگريٽ جو وڏو ڪش لڳايو ۽ دوھين کي اندر ئي اندر جذب ڪري ڇڏيائين. جنھن تي کنگهه جو ھلڪو غلبو طاري ٿيس، اکين مان لڙڪ نڪري آيس جيڪي ڪڏهن کان ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ بيٺل ھئا. ھن ٽشو پيپر سان فوراً پنھنجو اکيون صاف ڪيون، جيڪي ھن جي دل تائين آليون ٿي چڪيون ھيون، ھن پنھنجا لڙڪ اکين جي بجاءِ  دل ۾ وھايا ھئا. اڄ ھي آفيس ۽ ٺَٺُ ٺانگر سڀ بي معنى لڳي رھيو ھئس.  جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن خواب ڏٺا هئا ۽ پوءِ تعبيرون به ماڻيون ھئائين.

ڪيترو نه خوش ھئو جڏھن ڏهه سال اڳ سينئر آفيسر جي پوزيشن تي آيو ھو. ۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ نازِ سان ھن جي شادي ٿي. تنھن ڏينھن ھن کي سمورا خواب پورا ٿيندي محسوس ٿيا. ناز جيڪا ھن جي ڪل ڪائنات، ھن جي چاھت ھن جي خوابن جي تعبير ھن جي جيئڻ جو مقصد ھئي !

جڏهن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ھئائين ته مضمون لکڻ جي مقابلي ۾ ھن پھرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ ناز رنر اپ ٿي ھئي، مضمون جو عنوان هو محبت. تنھن ڏينھن کان وٺي ھن کي ناز سان محبت ٿي وئي. راھب ۽ ناز تنھن زماني ۾ سٺن ليکڪن ۾ شمار ٿيندا هئا. ھنن جي لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ مليا ھئن ۽ راھب ناز کي انڪري به وڌيڪ پسند ڪندو هئو جو ھڪ ليکڪ ئي ٻئي ليکڪ کي سمجھي سگھي ٿو ان جي لکڻين جو قدر ڪري سگهي ٿو اھو راھب جو خيال هو، پر ناز جو شرط ھو ته راھب جيستائين بنگلو ڪار نه ھوندئي، مان تو سان شادي ڪانه ڪنديس. راھب ڏينھن رات پڙھائي ڪري ڪميشن جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي پوسٽ حاصل ڪئي هئائين، جيڪو ناز کي پنھنجو ڪرڻ جو خواب ھئو. ڪيڏو نه خوش ھو راھب جڏھن ھن جا سمورا خواب ساڀيان ٿيا.

 سوچن جي صحرا مان ان وقت ٻاهر نڪتو، جنھن وقت آفيس بواءِ شيشي جي خوبصورت ٽري ۾ ڪافي سان ڀريل مگ آڻي ٽيبل تي رکيو ھئس. ھن ھڪ نظر ڪافي جي مگ تي وڌي جنھن مان ٻاڦ نڪري رھي ھئي. سرديءَ جي ڪري ڪافي  جو دونهون واضح نظر اچي رهيو هو، پر... ھن جي دل اندر دکيل باهه جو دونهون صرف ھن جي ئي اندر ۾ ھن کي ساڙي رهيو هو، ھن سگريٽ ايش ٽري  ۾ رکندي ڪافي جو مگ پنھنجي ھٿ ۾ جھلي مگ کي چوڌاري ھٿ ڦيري ڏسڻ شروع ڪيو ته مگ ٻاھران کان ٿڌو لڳو پيو ھو ۽ اندران دونھان پئي نڪتا، ھڪ ڍڪ ڀريو، ڍڪ کي نڙي  ۾ اوتيائين اڄ پھريون دفعو ھن کي ڪافي جو ٽيسٽ ڪوڙو لڳو، ھن مگ واپس ٽيبل تي رکيو ۽ ھڪ ٻيو سگريٽ دکائڻ لاءِ لائيٽر جو بٽڻ آن ڪيائين. ھڪ پل ۾ ڀڙڪي سان لائيٽر مان باهه نڪتي ھن سگريٽ دکائڻ کان بغير وري لائيٽر آف ڪيو ۽ ان جي ٻاھران خوبصورت ڪلر ۽ ڊزائين کي ڏسڻ لڳو. ھي سوچڻ لڳو ته بظاھر ماڻهو به ھن لائيٽر جيان آهن، ٻاھران خوبصورت نفيس ۽ اندر ۾ باهه ٻريل، وري سگريٽ دکائي، وڏو ڪش اندر ئي اندر جذب ڪيائين ۽ کنگهه جو وڏو دورو پيس دروازي تي بيٺل آفيس بواءِ ڊوڙندو اندر آيو ۽ جڳ مان شيشي جي گلاس ۾ پاڻي اوتي ڏنائين:

سر ھي وٺو خير ته آهي نه سر؟“  پٽيوالي سوال ڪندي چيو.

راھب پاڻيءَ جو ڍڪُ پنھنجي نڙيءَ ۾ اوتي، پٽيوالي کي سواليا نظرن سان ڏسندي چيو: ”ڇا تو ڪي خواب ڏٺا جيڪي پورا نه ٿيا ھجن

پٽيوالي جواب ۾ وراڻيو: ”سر جيڪي خواب پورا ٿيندا آهن تن جي تعبير ڏاڍي ڀوائتي ھوندي آھي.“

اھو وري ڪيئن؟

راھب تجسس مان پڇيو.

پٽيوالي جواب ۾ چيو:

سر انڪري جو خواب بند اکين ۾ ئي سٺا لڳندا آهن.“

پٽيوالي جي جواب تي ھي سوچڻ لڳو ته واقعي خواب تڏهن ئي سٺا لڳندا آهن جيستائين انھن جي تعبير نه ٿئي، تعبيرکان پوءِ خواب فنا ڪيئن ٿيندا آهن سو ھن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي. ڪلهه رات گھر ۾ داخل ٿيندي ھن ٻڌي ورتو ھو جڏھن ناز فون تي ڪنھن کي چئي رهي هئي.

مان توسان ئي محبت ٿي ڪريان بس جلد راھب مان جان ڇڏائيندس.“

ٿوري دير بعد راھب جي لکيل مضمونن جو بيگ ڪم واري ماسيءَ کي ڏيندي چيائين:

ھي رديءَ واري کي ڏئي پيسا توهان کڻجو.“

 

ارشاد سومرو

 

 

 

 

خوشي بي قصور هئي!

 

خوشي مون سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندي هئي. سندس پيءُ چاچو دائود ڏهاڙي جو مزدور هو. ڏهاڙي لڳي ته واهه، نه ته واپس گهر ايندو هو. گهر ۾ هڪ مينهن هوندي هين. جنهن جي آمدنيءَ مان گهر جو گذر سفر پيو هلندو هو. خوشي صبح جو ماءُ کي ڪم ڪار ۾ مدد ڪري مينهن جو وٿاڻ صاف ڪري ڇيڻا ٿڦي پوءِ اسڪول ايندي هئي. هوءَ ڪڏهن به اسڪول جي اسمبليءَ ۾ ڪونه پهچندي هئي. ته وري ڪلاس ٽيچر کان به روز دڙڪا ملندا هئس. جڏهن سبق ٻڌائڻ لاءِ آپا جي ڪرسيءَ جي ڀرسان بيهندي هئي ته هٿن مان ڇيڻن جي بدبو۽ ايندي هئي. مٿان وري سبق به سدائين ڪچو هوندو هئس. ته آپا وري دڙڪا ڏيندي هيس ۽ چڙ مان چوندي هيس،

”اسڪول اچڻ کان اڳ ۾ صابڻ سان هٿ به نٿي ڌوئين؟ هٿن کي سُنگهه ته ڪيڏي نه بدبوءِ اٿن!“

آپا جي اهڙن لفظن ۽ نفرت ڀريو لهجو ٻڌي لڄي ٿي ڪنڌ جهڪائي بيهندي هئي ته وري آپا چوندي هيس.

”وڃ هاڻي وڃي سبق ياد ڪري ٻڌاءِ، نه ته هي رول ڏسين ٿي، جيتريون چڪون نڪتيون اوترا رول هڻنديسانءِ.“

آپا جي، اهڙين ڳالهين تي اسين ڇوڪريون کلنديون هيونسين ۽ ويچاري خوشي ڪلاس ۾ پيل آخري بينچ تي وڃي ويهندي هئي. هوءَ روز اچي اُتي ئي ويهندي هئي. ڇو جو هوءَ دير سان ايندي هئي. اسين سڀ سهيليون سوير اچي اڳين بينچن تي ويهنديون هيون سين.

مرد پنهنجن عورتن کي قسم کڻائيندا هئا ته ڇوڪري بالغ ٿئي ته مردن کي ڏسين! ڇو ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ نياڻي گهر ۾ ويهارڻ حرام آهي! هڪ مهيني ۾ نياڻي بالغ ٿئي، ٻئي مهيني ۾ شادي ڪرائجي. سڄو ويڙهو پنج وقت نماز ۽ روزن رکڻ جو پابند هوندو هو. ڪوبه ڪوتاهي ڪونه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪا عورت ڇوڪريءَ جي بالغ  ٿيڻ جي خبر مردن کي نه ڏيندي هئي ته، نماز ۽ روزن جو فرض ادا نه ڪرڻ تي مردن کي خبر پئجي ويندي هئي.

 

خوشي آپا جا دڙڪا کائي ٻه درجا پاس ڪري ٽين درجي ۾ آئي ته، چاچي دائود اسڪول مان ڪڍي گهر ويهاريس. خوشيءَ جي اسڪول ڇڏڻ تي اسان سرتين سان گڏ آپا کي به ڏاڍو افسوس ٿيو آپا به هن کي ڏاڍو ڀائيندي هئي، پر مٿاڇرا دڙڪا ڏيندي هئس.

خوشي اسڪول کان بند ٿي ته گهر ۾ ماءُ جو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي. چاچي دائود جي مزدوريءَ مان گهر جو خرچ پکو ممڪن ڪين هو، ان لاءِ گهر ۾ هڪ مينهن ڌاري هئن، جنهن جي سڄي ذميداري خوشيءَ ۽ سندس ماءُ تي هوندي هئي ڪتر ڪرڻ، هاڏر ملڻ، وٿاڻ صاف ڪرڻ، کير ڏهڻ، ٿيتين کي ڏيڻ، اهو سڀ هن جي ذمي هيو.  مال  جهنگ چرڻ ويندو ته خوشي مال جو واڙو ڏانداريءَ سان صاف ڪري گهر جي ٻاهران خالي پڌر تي اچي ڇيڻا ٿڦيندي هئي. اسين سرتيون به قرآن پاڪ جي سبق کان فارغ ٿي خوشي وٽ ايندا هئاسين. ۽ هن کي ڇيڻن اُٿلائڻ ۽ انهن کي ٻورين ڀرڻ ۾  مدد ڪنديون هيون سين، هر آچر تي گاڏي وارو خوشيءَ کان ڇيڻا وٺي ويندو هو ڄڻ ته هر آچر تي خوشي لاءِ ڇيڻن جي ٻار کڄندي هئي. پئسا ملڻ تي خوشي خوش ٿيندي هئي. پئسا ڀانڊاري ۾ جمع ڪري ويس وڳا وٺندي هئي ته ماسي نصيبان به خوش ٿيندي هئي ته خوشي پنهنجو ڏاج ٿي ميڙي، ڄڻ سندس ڪلهن تان بار پيو هلڪو ٿئي. موڪل واري ڏينهن اسان سڀ سرتيون ملي ڪنهن هڪ سرتيءَ جي گهر ۾ گڏين جي شادي ڪنديون هيوسين ته خوشيءَ جي گهر وڃي گڏين جي شاديءَ جو سڏ ڏئي اينديون هيونسين ۽ ماسي نصيبان کي منٿون ڪنديون هيونسين ته،

”ماسي! خوشيءَ کي موڪل ڏئي ته اسان سان هلي راند ڪري“.

ماسي به اسان جو مان رکي خوشيءَ کي اسان سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندي هئي. پر مٿان تاڪيد ڪندي هئي ته خوشيءَ کي جلدي واپس ڪجو.

اسان نم جي ڇانوَ ۾، گهر ٺاهڻ لاءِ خوشيءَ کي چونديون هيونسين. هوءَ ويچاري ٻهاري ڏئي سرون کڻي اسان کي گهر ٺاهي ڏيندي هئي. وري کاڌي پيتي جا ٿانو به خوشيءَ کان ئي ڌورائيندا هئاسين ڄڻ ته بنا پئسي مزدور مليو هجي. هن جي جسم جي بناوت به مزدورن جهڙي هوندي هئي، جسم ۽ هٿ پير به سخت جهڙا پٿر اسان هڪ ٻه سرون کڻنديون هيون سين ته هٿن ۾ لڦون پونديون هيو ن ۽ خوشي هڪ ٻئي مٿان پنج سرون کڻندي هئي! شايد ننڍي عمر کان ڪم ڪرڻ جي ڪري هن جو جسم مزدورن جهڙو ٿي ويو هو! هوءَ ويچاري اسان سان کيڏڻ جي خوشيءَ ۾، خوشي خوشي سان ڪم ڪندي هئي، دير ٿيڻ تي ماسي نصيبان ڀاءُ موڪليندي هيس ته واپس گهر ويندي هئي. خوشي بلڪل هڪ معصوم سادي سودي سانوري سلوني نينگري هئي. هن کي عام ڇوڪرين وانگر پاڻ کي ٺاهڻ جو ڪوبه شوق ڪونه هوندو هو. ڪنڌ تي مٽيءَ جا تهه ڄمي ويندا هئس. هٿن، پيرن تي به ڇيڻن جي ساول ڄمي ويندي هئس. ماسي زوري نلڪي هيٺان ويهاري گيڙا ڏئي وهنجاريندي هيس، هٿ، پير مهٽي صاف ڪندي هيس ته جرڪي پوندي هئي. هوءَ پاڻيءَ کان ائين ڊڄندي هئي جيئن ٻلي پاڻيءَ کان ڊڄي. وهنجي کٽ تي اُس ۾ ويهندي هئي ته ڪرڙيءَ جيان ڏڪندي هئي هن کي سردي ڏاڍي لڳندي هئي. وارن سڪڻ کان پوءِ ماسي نصيبان مٿي ۾ ميندي وجهي ٻه چوٽيون ڪري چوٽي ءَ ۾ اُن جا ڪارا چڙا وجهي، چوٽيون بند ڪري، ٻنهي چوٽين، جي ڦندڙن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندي هئي ته جيئن اڳيان نه اچن. وهنجي صاف سٿري ٿي ته ملوڪ پئي لڳندي هئي، پر وري به هن جي ڪرت ساڳي  اچي ڇيڻن جي ڍيرتي ويهندي هئي.

”هل، ته سهي! ڇيڳري اڄ ته ملوڪ ٿي لڳين.“ سندس مامي  جي پٽ تعريف ڪيس ته شرمائجي وئي ۽ ويتر سهڻي ٿي پئي. هو هليو ويو ته مون هن کي چيو، ”اڙي خوشي! هي ڏندرو ڪير آهي جنهن جي تعريف تي تون شرم ٻوٽيءَ وانگر شرمائجي ٿي وڃين؟“

خوشي ويچاري نه مئن ۾ هئي نه جيئرن ۾. سسئي ۽ سهڻي هن لاءِ ڄڻ ته زحمت بڻجي آيون. هوءَ پاڻ معصوم ٻارڙي ٻن جاڙين ڇوڪرين کي سنڀالي نه پئي سگهي نه سس پئي مدد ڪريس، نه پيڪي وڃڻ جي موڪل هيس نه ئي وري ماڻس کي هتي اچڻ جي اجازت هئي.

 

 ”هيءُ شڪور آهي منهنجي مامي جو پٽ.“

هوءَ شڪور جو نالو وٺڻ تي وري شرمائجي وئي.

 ”مامي جو پٽ آهي ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ هو تو کي ڇيڳري ڇو ٿو سڏي؟“

”اڙي چري! هو ڇيڳري پيار مان ٿو سڏي خبر اٿئي شڪور منهنجو مڱيندو آهي. بابا، امان جي عيوض ۾ ماما وارن کي پيٽ لکي ڏنو هو.“

مان خوشيءَ جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويس ته ڏندرو خوشيءَ جو مڱيندو آهي ۽ خوشي اُن لاءِ ايترو قربان ٿي وڃي.

اسان پنج درجا پاس ڪيا ته خوشي ءَ جي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون. اسان نم جي ڇانو ۾ گڏين جون شاديون پئي ڪيون ته خوشي ونواهه ۾ پئي ويهي.

اسان سرتيون به ملي خوشيءَ جي گهر وياسين. خوشي ڪوٺيءَ جي ڪنڍ ۾ وڇايل تڏي تي ويٺي هئي. ٻانهن ۾ ڳاڙهو ڳانو ٻڌل هيس. هڪ هٿ ۾ ڪاتي، ٻئي هٿ ۾ تسبيح! اڇي چادر ۾ ويڙهيل تسبيح جي داڻن تي ڪجهه پڙهي پئي. ڀر ۾ ماسي حجامڻ ويٺي هئي. جنهن اٽو پئي ٺاهيو! اسان در تي بيهي رهياسين خوشيءَ اسان سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو، نه ئي اسان کي ويهڻ لاءِ چيو.

”امڙ نياڻيون! خوشي اوهان سان ڪونه ڳالهائيندي ونواهه ۾ ويٺي آهي ستاواڙي تي اچي ته پوءِ ملڻ اچجوس“.

ماسي حجامڻ اسان کي واپس وڃڻ جو فرمان جاري ڪيو. اسان مايوس ٿي واپس آيون سين، ماسي حجامڻ خوشيءَ کي اٽو هڻي مٽيءَ جا ڄميل تهه لاهي جرڪائي ڇڏيو. ماسي نصيبان به خوشيءَ جي خوراڪ شروع ڪري ڏني ته ونواهه ۾ ويهي ڪجهه ساهه پٽي. هنن جي ويڙهي جو به هڪ پنهنجواصول هو.

مرد پنهنجن عورتن کي قسم کڻائيندا هئا ته ڇوڪري بالغ ٿئي ته مردن کي ڏسين! ڇو ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ نياڻي گهر ۾ ويهارڻ حرام آهي! هڪ مهيني ۾ نياڻي بالغ ٿئي، ٻئي مهيني ۾ شادي ڪرائجي. سڄو ويڙهو پنج وقت نماز ۽ روزن رکڻ جو پابند هوندو هو. ڪوبه ڪوتاهي ڪونه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪا عورت ڇوڪريءَ جي بالغ  ٿيڻ جي خبر مردن کي نه ڏيندي هئي ته، نماز ۽ روزن جو فرض ادا نه ڪرڻ تي مردن کي خبر پئجي ويندي هئي.

هو مٽيون مائٽيون به خاندان ۾ ڪندا هئا. سڄي ويڙهي ۾ پنهنجي ذات پات وارا هوندا هئا. خوشي ۽ شڪور جي چاهت به ڏسڻ وٽان هئي. هنن کي سڄي ڪائنات ڄڻ ته مفت ملي وئي هئي. خوشي گهر جي ڪم کان فارغ ٿي شڪور لاءِ در ۾ نگاهون وجهي ويٺي هوندي هئي. ته وري شڪور  به سرن جي بٺي تان سرون ٺيڪدارن وٽ پهچائي تڪڙو تڪڙو گهر پهچندو هو. هو هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ ماندا هوندا هئا. هڪ ڏينهن خوشي ڪمري ۾ در جي اوٽ ۾ لڪي بيٺي ته شڪور خوشيءَ کي نه ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو.

 ”امان! خوشي ڪٿي آهي؟“

هن ماءُ کان بيچينيءَ مان پڇيو.

”ابا! هتي ئي بيٺي هئي اندر ڪمري ۾ هوندي!“ شڪور سڌو ڪمري ۾ ويو خوشي در جي اوٽ ۾ بيهي شڪور جي بيتابي ڏسي رهي هئي.

”خوشي! او خوشي ڪٿي آهين ؟“

شڪور خوشيءَ کي سڏڻ لڳو.

”اجهو اوهان جي خوشي دروازي جي پويان آهي.“ خوشيءَ  دروازي جي اوٽ مان ٻاهر ايندي چيو ”خوشي! ڪيترو چيو اٿمان ته گهر ۾ داخل ٿيا ته پهرين نظر توتي پوي، پوءِ اڄ هي لڪڻ جو مطلب، شڪور خوشيءَ سان مخاطب ٿيندي ڪاوڙ مان چيو.

 ”توکي پرکڻ لاءِ ته تون مون سان سچ ۾ به محبت ٿو ڪرين يا رڳو اجايو. ڍونگ ٿو ڪرين؟“

خوشي بي نيازيءَ  مان چيو.

  اوهه! ته تون مون کي آزمائين پئي؟“

”ها ڇو نه آزمايان. اوهان مرد به ته عورتن کي آزمائيندا آهيو نه. مون به توکي آزمايو.“

خوشيءَ پنهنجي چوٽيءَ جو ڦندڻ شڪور جي منهن تي هڻندي چيو.

”محبتن ۾ پرک جو نه، يقين جو سودو هوندو آهي، ڇيڳري! هن دل کي چيري ڏس، دل جي هر ڌڙڪن ۾ تون ٿي ڌڙڪين“.

شڪور خوشيءَ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي دل تي رکيو جيڪا زور سان ڌڙڪي رهي هئي.

”شڪور تنهنجي دل ته منهنجي محبت ۾ ٽپا ٿي ڏئي، بس هاڻي پڪ اٿم ته تون مون سان سچي محبت ٿو ڪرين، اڄ کان  پوءِ توکي ڪونه پرکيندس منهنجا راڻل معافي ملي!!“

هن  ٻئي هٿ ٻڌي چيو.

”معافي هڪ شرط تي ملندي؟“

”حڪم ڪيو سرڪار؟“

”وري منهنجي چاهت کي نه آزمائيندينءَ.“

نه منهنجا راڻل! مون توبهه ڪئي.“

خوشيءَ ڪنن کي پڪڙيندي چيو.

هنن جو چاهتون چڪور کان به وڌيڪ چريون هيون، ته پتنگن کان به وڌيڪ پختيون هيون. هنن جي چاهت ۾ صرف هڪ فرق هو جيڪو هو هنن جو ميلاپ. چڪور چنڊ کي ماڻڻ لاءِ آسمان ڏانهن اُڏري اچي پٽ پوندو آهي ته وري پتنگ شمع ٿي ڦيرا ڏئي جلي رک ٿيندا آهن. هن ظالم سماج ۾ پيار ڪرڻ ئي ته وڏو پاپ آهي.

شڪور ۽ خوشي به پنهنجي دنيا ۾ مست هئا. ويتر نئين مهمان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ سڄو گهر خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. رب پاڪ خوشيءَ کي ٻن نياڻين جي سوغات سان نوازيو. شڪور به رب جي ڏنل رحمتن تي راضي هو. هن ڌيئن جا نالا به پاڻ رکيا هڪ جو سسئي ۽ ٻي جو سهڻي!“

ڏاڏنگ، ناننگ، ڪڻم قبيلو، ويڙها لوڙها، سڀ پنهنجا. ڌاري قوم جي ماڻهوءَ کي هنن جي ويڙهي جي وٽ وٺي لنگهڻ جو به امر نه هو. مجال آهي جو ڪو ڀلئي ڀلائي گذريو ته پوءِ اصل خير نه هوندو هو. اسان جو ويڙهو به هنن جي ويڙهي کان پرڀرو هو. ٻنهي ويڙهن جي وچ ۾ وڏو ميدان هوندو هو. هو پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهندا هئا. هنن جو ويڙهو پاڪ ۽ پرهيزگارن جو ويڙهو سڏبو هو. خوشيءَ جي ناني سڄي ڳوٺ جي نياڻين کي قرآن پاڪ پڙهائيندي هئي. اسان ان وٽ پڙهنديون هيونسين. خوشيءَ جي ناني لسي ۽ مکڻ  به اسان جي گهران وٺي ويندي هئي. متان مڙس مهڻو ڏئيس ته ماءُ کي کير مکڻ لڪائي ٿي ڏي، ڌيءُ کان پئسن تي به کير  مکڻ نه وٺندي هئي، باقي ڌيءَ جو  پيٽ وٺي پنهنجي پوٽي شڪور سان خوشيءَ جي شادي ٿي ڪرائي، هنن جي ويڙهي جا به عجيب قاعدا قانون هيا.

خوشيءَ جي شادي به ان ماحول مطابق 14 سالن جي عمر ۾ ٿي. خوشي ستاواڙي تي آئي ته اسان به خوشيءَ مان ملڻ وياسين، خوشيءَ کي سائو جوڙو پاتل هو، هڪ هٿ ۾ چانديءَ جو ويڙهه، ٻئي هٿ ۾ سوني منڊي، ڳچيءَ ۾ ڪاريءَ ڏوريءَ ۾ سون جي پتلي پاتل هئي. هن گهوٽ سان گڏ ماني ٿي کاڌي. اسان کي ڏسي سندس گهوٽ ٻاهر هليو ويو ته خوشي اسان سرتين سان اچي ڀاڪر پائي ملي. خوشي بيحد حسين ۽ خوش پئي لڳي. اسان خوشيءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو سين ته هيءَ اُها سانوري سلوني خوشي آهي. اسان مان هڪ سرتي خوشيءَ کي چئي ڏنو.

”خوشي! تنهنجو گهوٽ ته تو جهڙو سهڻو ناهي تون ته ملوڪ ٿي لڳين.“

اڙي چري! منهنجي اکين سان ڏسين ته شڪور  جهڙو راڻو جڳ ۾ ئي ڪونهي. “

خوشي پنهنجي گهوٽ جي تعريف ڪئي.

سياڻا چوندا آهن ته وقت ڪڏهن به هڪ جهڙو نه هوندو آهي. وقت جا وهڪرا وڏن وڏن پهاڙن کي به پاڙئون پٽي ڇڏيندا آهين. هوءَ ايڪيهي کان پوءِ ساهرين گهر آئي ته، خوشيءَ جي خوشين کي ڄڻ ته نانگ سراپي ويو. هوءَ ڏينهون ڏينهن ڪمزو ٿيندي پئي وئي. ڪمزوريءَ سبب نه ته جاڙين ڌيئرن کي ٿڃ مان ڍءُ پيو ٿئي، نه ئي هوءَ گهر جو ڪم ڪار پئي ڪري سگهي، مٿان وري سس جا مهڻا.

”ڪهڙا جاڙا پٽ ڄڻي آئي آهين جو کٽ تان پير ڪو نه ٿي لاهين؟ به ٻه بلائون ئي ته آنديون اٿئي جيڪي ڪهڙو شڪور جون ٻانهن ٻيلي ٿينديون.

اهڙي قسم جا ڪيترائي ويڻ صبح کان رات تائين خوشي کي ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا. اسان جي سماج ۾ نياڻيون رب جي رحمت، زحمت سمجهيون وينديون آهن. خوشي اهو سڀ صبر سان سهندي هئي، جيڪڏهن صبر جو پيمانو لبريز ٿي پوندو هئس ته، سس کي ورندي ڏيندي هئي. پوءِ  گهر ۾ قيامت برپا ٿي ويندي هئي. شڪور به ماءُ جي پر کڻندو هو، وقت بدليو ته شڪور به ساڳيو نه رهيو ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙي پوڻ روز جو معمول هو.

خوشي ويچاري نه مئن ۾ هئي نه جيئرن ۾. سسئي ۽ سهڻي هن لاءِ ڄڻ ته زحمت بڻجي آيون. هوءَ پاڻ معصوم ٻارڙي ٻن جاڙين ڇوڪرين کي سنڀالي نه پئي سگهي نه سس پئي مدد ڪريس، نه پيڪي وڃڻ جي موڪل هيس نه ئي وري ماڻس کي هتي اچڻ جي اجازت هئي. اهو انوکو قانون خوشي جي سس جو هو، ڇو ته هوءَ گهر جي حڪمران هئي. ظالم اڪثر طاقتور هوندو آهي. هيڻو ۽ مظلوم ان ظلم جي باهه ۾ سڙندو آهي. خوشي جي سس جو ظلم به عروج تي هو. شڪور جا ڪن ڀرڻ لڳي. سياڻن جو چوڻ آهي وات جي زهر کان ڪنن جو زهر وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. شڪور جي ماءُ جي لفظن جو زهر ڦڙو ڦڙو ٿي شڪور جي رت ۾ رلجي جسم ۾ ڊوڙڻ لڳو، خوشيءَ جي دل ۽ دماغ ۾ طرح طرح جا خيال اُڀرڻ لڳا. هن جي محبت ڪافور جي خوشبوءِ جيان اُڏامي وئي، شڪور جي ذهن ۾ نوان نوان منصوبا جنم وٺڻ لڳا. آخر ماءُ ۽ پڳ مٽ يار جبار جي آخري صلاح تي خوشيءَ مان جان آجي ڪرڻي آهي، ڇو ته هاڻي خوشي گاڏيءَ جي ناڪاره پرزي مثل هئي. خوشيءَ کي انهن منصوبن جي ڪابه سڌ نه هئي، هوءَ ته ٻن نياڻين جي سار سنڀال ۾ ئي گم هئي. صبح جو خوشيءَ  شڪور کي نيرن ڪري ڏني ته هو گڏهه گاڏو ڪاهي، سرن جي بٺي تان سرون ڍوئڻ ويو. پاڻ ڌيئرن کي کٽ تي سمهاري سس کي ڀر ۾ ويهاري ٻارڙن جا ميرا ڪپڙا کڻي نلڪي تي ڌوئڻ وئي. هن نلڪي مان تگاري ڀري داٻڙي تي، چولڙا رکي صابڻ جا ٻه گهڪا به نه ڏنا هوندا. ويرم ئي نه گذري ته شڪور ڪهاڙي هوا  ۾ لوڏائيندو اچي نلڪي  تي ويٺل خوشيءَ کي للڪاري چيو،

”نه ويندينءَ ڪاري آهين.“

خوشي خوف وڃان ڏڪڻ لڳي.

”تنهنجي عاشق زاهد کي به ڳڀا ٿو ڪري اچان، پهريون توکي سيکت ڏيان.“

”شڪور! مون کي نه مار، مان بي ڏوهي آهيان زاهد منهنجو ڀاءُ آهي. مان توکي رئو پيرن تي ٿي رکان معصوم نياڻين جو قسم اٿئي.“

خوشيءَ منٿون ڪندي شڪور کي چيو.

”بس ڪر ڪميڻي اڄ نه ويندينءَ.“

شڪور ڪهاڙين جا وار ڪري خوشيءَ جو مٿو ٻه اڌ ڪيو ته خوشي وڃي پٽ تي ڪري. سڄو نلڪو رت ٿي ويو رت ريلا ڪري ناليءَ ۾ وهڻ لڳو، ڄڻ ته قربانيءَ جي ڪنهن ڍور کي سير آئي هجي!

شڪور خوشيءَ جو خون ڪري سڌو هوٽل تي آيو جتي زاهد چانهه پئي پيتي شڪور کي ايندو ڏسي سندس دوست جبار، زاهد کي اک جي اشاري سان ڀڄڻ جو چيو. ڇو جو هن اڳ ۾ ئي زاهد کي شڪور جي ارادن کان آگاه ڪيو هو. هو شڪور کي هٿ ۾ ڪهاڙي ڏسي خوف مان گهر ڏي ڊوڙيو. شڪور سڌو ٿاڻي تي اچي ڪهاڙيءَ سوڌو پيش پيو ۽ بيان رڪارڊ ڪرايو ته مون غيرت ۾ اچي زال جو خون ڪيو آهي، ڪارو وجهه وٺي ڀڄي ويو. خوشيءَ جي لاش کي پوليس کڻائي اسپتال آندو، ضروري ڪارروائي کان پوءِ چاچو دائود ڳوٺ کڻائي آيو.

هڪ معصوم نياڻيءَ جي اجري وجود کي ڪاريءَ جي ڪاري چادر پارائي وئي، سنڌ جا شهزور ڪمزور نياڻين کي ڪيستائين ڪارو ڪري ماريندا.

شڪور جبار جي هٿان زاهد وارن ڏانهن ڌمڪيون پئي موڪليون ته ڇٽڻ کان پوءِ تنهنجو خير ناهي. زاهد پيءُ ماءُ جو اڪيلو پٽ هو ان لاءِ راڄوڻي فيصلو ڪرڻ لاءِ شڪور جي ماءُ کي منٿ ڪيائون ۽ ترجي سردار فيصلو ڏنو ته زاهد، شڪور کي ڀيڻ جو سنڱ ۽ ڏهه لک ڏنڊ ڏيندو. زاهد وارن فيصلو قبول ڪيو. شڪور هڪ سال جيل ڪاٽي جيل مان ٻاهر آيو ته سندس دوست جبار آجيان ڪئي ۽ تاڙو ملائي چيو“.

”وڏو ڪو لاهه آهين هڪ تير سان ٻه شڪار.“

”اهي ڏس به ته تنهنجا ۽ امان جا هئا باقي خوشي ته بي قصور هئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org