سيڪشن:رسالا

ڪتاب: فيبروري 2020ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار

عورت آزادي مارچ جون تياريون

پڙهندڙ ساٿيو!

پڙهندڙ ساٿيو، ماهوار سرتيون فيبروري 2020ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ اوهان پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا. اوهان سڀني پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي سهڪار جو نتيجو آهي جو ”سرتيون“ ٽيهن سالن کان باقاعدي سان ڇپجندو رهي ٿو. اميد ته آئينده به اوهان جو سهڪار جاري و ساري رهندو. اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.

8- مارچ جنهن جي تاريخ تمام طويل آهي ته ان دور جي خواتين جي عظيم قربانين سبب، عورتن کي زندگيءَ جا بنيادي حق مليا ۽ ان سان گڏ 8- مارچ پوري دنيا ملهائڻ جو وچن ڪيو. عورتن جو عالمي ڏينهن سڄي دينا جا سڀ ملڪ گڏجي ملهائيندا آهن. هن ڏينهن تي عورتن جي لاءِ تمام شاندار علمي ادبي پروگرام سرڪاري توڙي خانگي سطح تي منعقد ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب عورتن ۾ هڪ نئون جوش ولولو پيدا ٿيندو آهي ۽ اهو ڏينهن پنهنجي پاڻ ۾ موجود سڀني صلاحيتن ۽ لياقتن کي ڪم آڻيندي، عورتون پنهنجي اختيار ۽ فرض ۾ توازن آڻيندي ڏينهون ڏينهن منزل طرف وڌندي نظر اچن ٿيون. جيئن اوهان اڄڪلهه اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح تي ڏسندا ته ڇوڪريون ڇوڪرن کان وڌيڪ هوشيار ۽ محنتي آهن ۽ نمايان پوزيشنون حاصل ڪري رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو عورت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجو نماياب ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جڏهن سماج جا پڙهيل ڳڙهيل فرد، مرد توڙي عورتون انهي ڏينهن تي گڏجي سماج ۾ بهتري آڻڻ ۽ خاص طور تي عورت جي پسماندگي دور ڪرڻ لاءِ پنهنجو وچن ڪندي. ان عورت به پنهنجي سٿ ۾ برابري جي بنياد تي شامل ڪري چون ٿا ته ان سان اها عام عورت جنهن کي زبان هوندي، ڳالهائڻ کي پابندي آهي، جنهن کي اکيون هوندي ڏسڻ تي پابندي آهي. ته جنهن جي ڪنن هوندي ٻڌڻ تي "بول کے لب آزاد نہیں تیرے۔"

هن سال به ملڪي سطح تي عورت تنظيمن، سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عام عورت توڙي مرد سون جي تعداد ۾، 8- مارچ تي سکر ۾ ”عورت آزادي مارچ“ ۾ شريڪ ٿي، دنيا جي عورتن جي آواز سان پنهنجو آواز ملائي، پنهنجي ڌرتي جي عورتن لاءِ رستي، گهر، ٻني، ڪارخاني توڙي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن خلاف هر قسم جي دٻاءَ ۽ تشدد جو خاتمو.

۽ گهر جي هنر کي صنعت جو درجو ڏيارڻ.

سرڪاري توڙي غير سرڪاري شعبي ۾ عورتن کي نوڪرين جي ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ.

ٻارن سان وڌندڙ جنسي ڏاڍاين ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ ٻارن جي تحفظ جي اداري جو قيام.

هن مارچ ملهائڻ ۾ سنڌ سرڪار پڻ ڀرپور سهڪار ڪيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هن عورت آزادي مارچ جا بهترين نتيجا نڪرندا ۽ عورتن کي سندن جائز حق پلئه پوندا.

گلبدن جاويد

محمود بريلوي

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

 

قديم ادب

 

اڪثر ڏٺو ويو آهي ته هر قوم جو ابتدائي ادب جنن، ديون ۽ پرين جي ڪهاڻين سان ڀريل آهي. ڪيوپڊ ۽ سائڪي جي ڪهاڻي قديم يوناني ڪهاڻين ۾ گهڻو مشهور آهي. اها ڪهاڻي انتهائي دلفريب آهي. ان ڪهاڻيءَ جو تت هي آهي ته سائڪي نالي هڪ شهزادي جي سڀني کان ننڍي ڌيءَ هئي. اها ايڏي ته سهڻي هئي جو حُسن جي ديوي وينس سندس حسن ڏسي، ساڙ ۾ سڙڻ لڳي. هن پنهنجي پٽ ڪيوپڊ کي چيو ته ڪنهن طرح هن کي ماري ڇڏ. هڪ ڏينهن ڪيوپڊ وجهه وٺي اٽڪل سان سائڪي جي ڪمري ۾ پهچي ويو. پر سندس سونهن ڏسي مٿس موهت ٿي پيو. جيڪو تير هو سائڪي کي هڻڻ وارو هو. سو سندس سيني ۾ چڀي ويو. هو شڪار ڪرڻ ويو هو، پر پاڻ شڪار ٿي ويو. ڪيوپڊ جي سائڪي سان محبت ٿي وئي. ٻئي پاڻ ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ ملندا هئا. پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندا هئا. ڪيوپڊ کيس چيو هو ته هوءَ ڪڏهن به سندس نالو پڇڻ جي ڪوشش نه ڪندي.

۽ ڪڏهن به روشنيءَ ۾ سندس منهن ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪندي، پر سائڪي صبر نه ڪري سگهي. هڪ رات هن شمع ٻاري، ڪيوپڊ جو ديدار ڪيو. گهٻراهٽ ۾ شمع جو هڪ ڦڙو ڪيوپڊ جي ڪلهي تي ڪري پيو. ڪيوپڊ جاڳي پيو ۽ هڪدم اتان غائب ٿي ويو. سائڪي ويچاري سندس جدائي ۾ ڏاڍي پريشان رهي. آخر ڪيوپڊ کيس ملي ويو.

ان قصي جو نقل ناروي جي اها قومي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ فريحا نالي هڪ ڪنوار هڪ ڏينهن پنهنجي مڙس اوڍر جو چوڻ نه ٿي مڃي. هندوستاني ويد ۾ به ”پردردا“ ۽ ”ارداسي“ وارو قصو اتان ئي ورتل آهي ۽ ”ويلز“ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ”زلو“ قوم ۾ به اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي ملي ٿي.

ڪيوپڊ ۽ سائڪي کان وڌيڪ مشهور ڪهاڻي ڊانيا ۽ انڊيمين جي آهي. جنهن جو نقل مختلف زبانن ۾ ملي ٿو. ڊائنا چنڊ جي ديوي، هڪ ڀيرو آسمانن تي پنهنجي کير جهڙي اڇن گهوڙن واري گاڏي تي ويهي سير ڪري رهي هئي ته اوچتو سندس نگاهه هڪ پهاڙ تي ويٺل انڊين نالي هڪ تمام خوبصورت نوجوان تي پوي ٿي، جيڪو ڌنار آهي ۽ اتي ستل آهي. ان ۾ ايڏي ڪشش هئي جو هن مجبور ٿي هيٺ لهي اچي ان خوبصورت نوجوان جا چپ چميا. پوءِ هوءَ هر رات آسمانن تان هيٺ لهي ان خوبصورت نوجوان جا چپ چمي واپس هلي ويندي هئي. بائرن پنهنجي هڪ نظم ۾ ان واقعي طرف اشارو ڪيو آهي. پنهنجي محبوب انڊيمين جي حسن ۽ جواني کي زنده جاويد ڪري ڊانيا ان کي انساني پهچ کان پري هڪ ڪوهستاني غار ۾ ابدي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. هوءَ هر رات ان جا چپ چمڻ لاءِ اتي ويندي رهندي هئي.

معلوم ٿئي ٿو، ته ان ڪهاڻي کان آسٽريليا جا قديم رهواسي به واقف آهن، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ به ان قسم جي هڪ ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي ٿي. لنڪا جا رهواسي (سنگهالي) ۽ ڪي آفريڪي قومون پڻ اهڙي ئي روايت بيان ڪن ٿيون. اهڙيون عقل ۾ نه اچڻ جهڙيون ڪهاڻيون، ادب جي پيدائش کان اڳ انسان جو واحد ذهني سرمايو هيون ۽ اهڙين ڪهاڻين هر زماني ۾ ۽ هر دور ۾ شاعرن کي متاثر ڪيو ۽ انهن لاءِ فڪري ذخيرو مهيا ڪيو. نه صرف ”هومر“ ۽ ”اوڍڊ“ وغيره اهي ڪهاڻيون نقل ڪن ٿا. پر جديد شاعر مثلاً براؤننگ، هائورن، هيرگ، لانگ فيلو، ميريڊٿ، وليم سورس، پوپ، سوئن برن، ٽيني سن خاص طور بائرن، شيلي، ڪيٽس ۽ وزيٽي به پنهنجن نظمن ۾ اهي بار بار دهرايون آهن. علم الاضام ۽ قصن ڪهاڻين جي ڪري وڏا وڏا نقاش، مصور ۽ مجسمه ساز مغربي يورپ ۾ پنهنجي ڪمال فن جا حيرت انگيز ۽ نادر نمونا پيش ڪري سگهيا ۽ صدين کان پوءِ انهن ڪهاڻين فائيل کان اڳ جي نقاشن جي فڪري سگهه ۽ تخيل جي اُڏام کي متاثر ڪيو. هيءَ اهم ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته ادب جي ابتدا اڪيلي ڪوشش سان نه، پر گڏيل سهڪار سان ٿي. آسماني تارن ۽ سيارن جون ابتدائي ڪهاڻيون، ابتدائي لوليون ۽ گيت جيڪي مائرن پنهنجن ٻارڙن کي گود ۾ وهاري مٺڙي آلاپ سان ڳائي ٻڌايا. اهي مختلف زمانن ۾ بدلبا سدلبا، ان زماني تائين پهتا. جڏهن انسان لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو. اهي لوليون، ڪهاڻيون، گيت ۽ نغما وڻن جي کلن تي کوٽي لکيا ويا، ”پيپرس“ تي لکيا ويا. جڏهن انسان پهريون ڀيرو لکڻ شروع ڪيو ته سوانح ۽ تاريخي روايتن تي هڪ ضخيم مواد ماڻهن جي سينن ۾ موجود هو. جيڪو پوءِ وقت بوقت لکجندو رهيو.

انساني زندگي ۾ شادي ۽ موت بابت به ڪي مخصوص ريتون ۽ رسمون وجود ۾ اينديون رهيون. ديوي، ديوتائن بابت به عقيدت جي اظهار جون رسمون ايجاد ٿيون. چيٽ جي موسم، فصل پوکڻ ۽ لابارو ڪرڻ وغيره واريون رسمون پڻ تمدن جي شروعات طور انسان لاءِ مخصوص گهڙيون هيون. انهن ريتن ۽ رسمن شروعاتي انساني تحرير کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان علاوه ٻار جو جنم ۽ ان کي لولي ڏيڻ، جنن ڀوتن ۽ ديون جا ڊيڄاريندڙ قصا، چوڻيون ۽ پهاڪا وغيره وڏي انگ ۾ سيني کان زبان تائين ۽ زبان کان قلم تي اچي، ابتدائي انساني ادب جو سبب بڻيا.

نظم، لکت کان تمام گهڻو پراڻو آهي. اينڊريولينگ جو چوڻ آهي ته، نظم جي موجوده صورت بيشڪ نسبتاً نئين آهي، پر گيت، نظم ۽ نغما، انسان سوين سال لکڻ پڙهڻ کانسواءِ ڏاڍي مزي سان ڳائيندو رهيو. زبانون پيدا ٿيون. بگڙيون، سُڌريون، پر ان لساني بدل سدل، انهن منظوم تخيلات ۽ روماني گيتن ۽ نغمن تي ڪو اثر نه ڪيو. جيڪي هرهنڌ پکڙجي ويا هئا. تن بابت پڪ سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪڏهن کان شروع ٿيا.

خوشي جي موقعي تي انسان جڏهن نچي ڪُڏي ڳيچ ڳائيندو هو، اهائي شاعري ۽ موسيقي جي ابتدا هئي ۽ تهذيب و تمدن حاصل ڪندي ئي، اهي ٽي شيون ڪجهه ترميم، اضافي ۽ ردو بدل کان پوءِ انسان لکڻ شروع ڪيون. واٽس ڊنٽن نظم جي تعريف هنن لفظن ۾ ڪئي آهي، ”نظم انساني فڪر جي اها لهر آهي، جيڪا جذبات جي وهڪري ۾ سهڻي زبان ۾ نظر اچي.“

يونان ۽ روم جي ”سونهري دور“ ۾ تمام ٿورا ماڻهو لکڻ پڙهڻ ڄاڻندا هئا، پر ڳائيندا گهڻا هئا. ان ”اونداهي صدين“ ۾ روم جي شاندار سلطنت جي زوال کان پوءِ ڪتاب پڙهڻ وارا تمام ٿورا وڃي رهيا هئا، پر پوءِ به گيت ۽ نغما ڳايا ٿي ويا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لکڻ پڙهڻ نه ڄاڻڻ جي باوجود انهن اڻ پڙهيل ماڻهن وٽ پنهنجو هڪ لٽريچر هوندو هو. جيڪو سندن سينن ۾ سانڍيل هوندو هو. اها ڳالهه ڪيڏي نه حيرت جهڙي آهي ته اتر ڏکڻ اولهه اوڀر هر هنڌ قومن پنهنجو لٽريچر نظم ۽ نثر هڪ ئي انداز سان حاصل ڪيو آهي. فقط اهوئي نه، پر ڪڏهن ڪڏهن مشرق بعيد جي هڪ ڪهاڻي، مغرب بعيد جي ڪنهن ڪهاڻي سان ايتري هڪ جهڙائي رکي ٿي، جو ائين لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڄڻ هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ ئي انسان ٺاهيون آهن.

سيما عباسي

 

 

 

 

تنوير عباسي جي شاعري جا فڪري پهلو

 

حالتون ڪيتريون به ڪڙيون رهن، پر جذبي جو جُنون، جڏهن شعور جي شمع ٻارڻ جو فيصلو ڪري وٺندو آهي ته اهلِ دانش جي نصيب ۾ رب اهڙيون ته باڪمال ۽ بي مثل صلاحيتون لکي ڇڏيندو آهي جيڪي تاريخ رقم ڪرڻ جو هنر ڄاڻي وٺنديون آهن.

اهڙي ئي عهد ساز شخصيت ”جوت جلندي رهي لاٽ ٻرندي رهي“ نظم جي خالق تنوير عباسي جي به آهي. جنهن سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان پوءِ نهايت معتبر ۽ مٿانهون مقام ماڻيو.

يقيناً ڪنهن به عهد جي تبديلي انقلابي ۽ ترقي پسند سوچ جي عڪاسي ڪري وڃڻ جي طاقت پڻ رکندي آهي. ۽ اهڙي سوچ جي وسعت ۽ فڪر ۾ هر دؤر جو تفڪر سمايل محسوس ٿيندو آهي. رجعت پسند رويا اِن سوچ جي فڪر کي آساني سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه ٿيندا آهن. پر جڏهن اهڙي سُرت کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، تڏهن تڏهن اهو فڪر پنهنجي نُدرت سان گڏوگڏ وڌيڪ نئين انداز ۾ نروار ٿي اُٿندو آهي. ڇو ته قانون قدرت آهي ته جنهن شيءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ان جي فڪري اُڏامَ، وسعت جا انيڪ افڪار، اظهار جي نئين انداز سان تخليقي پيرهن کي پارائڻ جو هنر ڳولي وٺندي آهي، ۽ اهڙي مؤثر اظهار جو هڪ منفرد انداز شاعري جي صورت ۾ تهذيبي ارتقا جي علامت پڻ سمجهيو ويندو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سقراط، وليم ورڊز ورٿ، شيڪسپيئر، علامه اقبال، حبيب جالب، فيض احمد فيض، ڪارل مارڪس ۽ منصور کان وٺي شيخ اياز تائين جن به پنهنجي سوچ ۾ نئون فڪر، ترقي پسند لاڙا ۽ نوان رجحان متعارف ڪرايا، انهن جي فڪر کي نه صرف غيرمعمولي پذيرائي ملي بلڪه انهن تاريخي حوالي سان پڻ عهد ساز ڪردار ادا ڪيو. ان تسلسل کي اڳتي وڌائڻ وارو هڪ ڪردار تنوير عباسي جو به آهي. جنهن ادب ۾ نوان زاويا، منفرد فڪر ۽ الڳ تخليقي اسلوب متعارف ڪرايو.

تنوير عباسي سنڌي ادب جي اهڙي ته مايه ناز شخصيت رهي آهي جنهن ماڻهن کي سياسي، سماجي ۽ نفسياتي حوالي سان نه صرف نئون شعور ڏنو بلڪه پنهنجي سوچ ۽ مثبت طرزِ عمل سان ماڻهن جي دلين ۾ گهر پڻ ڪيو.

خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀي ديري ۾ ڊپٽي ڪمشنر گل حسن عباسي جي گهر ۾ جنم وٺڻ واري تنوير عباسي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ۽ پوءِ ڊي.جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان انٽر ڪرڻ کان پوءِ پيءُ جي خواهش جي تڪميل ڪندي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو مان ”ايم.بي. بي.ايس“ جي ڊگري ورتي. تنوير عباسي ننڍپڻ کان ئي پنهنجي وهيءَ جي ٻارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ باشعور ۽ بااعتماد هوندو هو. ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ هو واپس پنهنجي ڳوٺ خيرپور آيو، جتي خانگي طور تي پنهنجي ڪلينڪ هلائڻ سان گڏوگڏ ادب جي  کيتر ۾ پڻ پنهنجي ترقي پسند فڪر جو پرچار ڪرڻ لڳو.

گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ تنوير عباسي هڪ قدآور شاعر هئڻ سان گڏوگڏ اعليٰ پايي جو نقاد پڻ رهيو آهي، هُن جي تخليق جا موضوع، فڪري لحاظ سان ترقي پسند تفڪر جو پرچار ڪندي نظر اچن ٿا.

هُن سنڌي ادب کي 22 ڪتابن جو گران قدر ادبي خزانو عطا ڪيو. جيڪي تحقيق، شاعري، مهاڳ، مضمون ۽ سفرنامن تي مشتمل هئا. تنوير پنهنجي ادبي حيثيت پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ کان اڳ ۾ ئي ادبي حلقن ۾ هڪ صفِ اول جي شاعر طور مڃرائي چڪو هو. هو بيشڪ هڪ ڪامياب ڊاڪٽر، بي مثال شاعر، باڪمال نقاد، لازوال محقق ۽ بهترين مترجم هو. هُن پنهنجي همعصرن ۾ نه صرف منفرد مقام ماڻيو بلڪه ڪيترن ئي اديبن کي ادب جي دنيا سان روشناس ڪرايو. هُن جنهن به موضوع کي اظهار جو آئينو بڻايو، اهو موضوع پڙهڻ واري جي مطالعاتي ۽ جمالياتي ذوق کي مطمئن ڪرڻ سان گڏوگڏ فڪر جا نوان انداز پڻ ارپي ويندو هو.

هڪ اداري جيتري قدر و منزلت رکڻ وارو تنوير عباسي پنهجي سڀاوَ ۾ پڻ سلڇڻو ۽ سٻاجهو هوندو هو. هو نه صرف سٺو تخليقڪار هو، پر هڪ خدا ترس انسان پڻ هو.

ڪيترن ئي اعليٰ ادارن جو ميمبر ۽ عهديدار رهڻ وارو تنوير عباسي پنهنجي تخليقي موضوعن جي چونڊ ۾ فڪري پهلوئن جو خيال نهايت باريڪ بيني سان رکڻ جو عادي هو. پوءِ ڀلي اهي موضوع مزاحمتي هجن، رومانوي هجن يا اصلاحي هجن، هُن جا ڳايل غزل اڄ به ريڊيو تان فرمائشي پروگرامن ۾ پرزور اصرار تي هلايا ويندا آهن. جنهن ۾ هُن جي ڪلام جو تخيل نهايت دل آويز محسوس ٿيندو آهي، هُن جو مشهور غزل آهي ته:

تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان

تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان

پاند خالي ڪري آيس ان لاءِ

توکان ڪجهه آئون گهرڻ ٿو چاهيان

تون پٿارين نه پٿارين دامن

مان ته لُڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان.

هُن ادب جي تقريباً سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هو پنهنجي لکيل ڪجهه هائڪن ۾ فڪر جو پرچار هن ريت به ڪري ٿو:

سادا ماڻهو سونَ

سنڌ جي ماڻهن مثل پر

آهي ڪوبه ڪونه

هڪ ٻي هائيڪي ۾ هو چوي ٿو:

ڪنهن جو چوريو چنگ

ڇِرڪي آواز کان

اُڏري ويو هو ڪَنگ.

روايتن جي تقليد کي ٽوڙڻ کان پوءِ فڪر جو نئون رجحان متعارف ڪرائي پنهنجي تخليقي تفڪر کي اونچائين تائين رسائڻ ڪو سولو ڪم نه هوندو آهي، پر اهرو تاريخ ساز ڪم عهد ساز شخصيتن جي هٿارون ٿيڻو هوندو آهي.

تنوير عباسي جي خواهش هئي ته تخليق ڪلاسيڪل ادب جي پاسداري ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد دور جي نئين فڪر جي اُڏام سان ڀرپور هئڻ گهرجي، ته جيئن سنڌي ادب معيار جا مرحلا ٻاهرين ادب جي مقرر ڪيل ماپن مطابق جديد انداز ۾ طي ڪري سگهي.

هو هڪ ڪميٽڊ ۽ اسٽيٽ فارورڊ شخص هو جيڪو سقراط جيان سچ کي سوريءَ تي به ڳالهائڻ کان نه ڪيٻائيندو هو. هُن کي مختلف ملڪن گهمڻ جو موقعو پڻ مليو، جنهن سان هُن جي مشاهداتي نظر اڃا وڌيڪ ڀَڙُ ٿي پئي. دورانِ سفر پڻ هُن ڪيترائي سفرناما لکيا. هُن مختلف ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جو نهايت باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو، جنهن جو احوال هُن فڪري ۽ اصلاحي پهلوئن سميت پنهنجي سفرنامن ۾ لکيو.

تنوير عباسي جو خيال هو ته هر سٺي شاعر لاءِ پنهنجي ڪلاسيڪي قدرن جو نه فقط اڀياس ڪرڻ ضروري آهي، پر انهيءَ اڀياس ۾ اونهي ٽٻي هڻي، ان تي مڪمل عبور حاصل ڪرڻ به لازمي آهي. ڇو ته انهيءَ اڀياس کانسواءِ هو پنهنجي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مٿاڇري سطح تي رهندو ۽ ان ۾ ڪو گهرو فڪري رچاءُ پيدا ڪري ڪونه سگهندو، هُن جو خيال هو ته پنهنجي شاعري کي جديد دور تائين آڻڻ لاءِ ڪلاسيڪي شاعري جي روايتن جو گهرائي سان مطالعو ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

هو پنهنجي هڪ نظم ۾ ماڻهن کي سوچڻ لاءِ هن طرح به مجبور ڪري ٿو ته:

اوهان سڀ پڙاڏا ٻڌو ٿا

مگر سڏ ٻڌو ئي نٿا

اوهان سڀ ڏسو ٿا رڳو عڪس

پر روشني ڏي ڏسو ئي نٿا

اوهان ڊوڙو ٿا روز پاڇن پٺيان

حقيقت ڏي ليڪن اچو ئي نٿا

هي خوابن جي دنيا هي خيالن جي دنيا

انهيءَ کان اڳي ڇو وڌو ئي نٿا؟

شاعري  جي موضوعن بابت هو اڪثر چوندو هو، ته اڄڪلهه جي دؤر جي شاعري پراڻي زماني جيان صرف تخيلاتي ۽ تصوراتي نه آهي، هاڻي شاعري ۾ Realism جو بنياد پئجي چڪو آهي ۽ اڄ جي دؤر جي شاعري وڌيڪ Realistic آهي باقي رومانوي اظهار ۾ ٿورو گهڻو تصوراتي دنيا ۾ وڃي سگهجي ٿو.

تمغهء امتياز ماڻيندڙ تنوير عباسي ٻيا به ڪيترائي اعليٰ ايوارڊ ماڻيا جن ۾ رائيٽر گلڊ ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ ۽ سچل ايوارڊ وغيره شامل هئا. تنوير عباسي ٻاهرين ادب جو پڻ تمام گهڻو مطالعو ڪيو هو، جنهن جي جهلڪ هُن جي فڪري موضوعن جي عڪاسي ڪندي هئي.

هُن جي نطمن ۾ مزاحمتي فڪر تمام گهڻو اُتساهيندڙ هوندو هو، جيئن هيءَ نظم ڏسو:

آءٌ نه هاڻي سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي

مون هر دؤر ۾ رت آ هاريو

مون هر دؤر ۾ ساهه ڏنو آ

مون ئي پٿر کاڌا آهن

۽ زنجير به پاتا آهن

صدين کان خاموش رهيس مان

ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو

ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو

ماڻهن سمجهيو سچ ڪانئر آ

هاڻي آءٌ نه سوريءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي.

هُن جي شاعريءَ ۾ هُن جي ڪردار، ماڻهن کي هڪ نئون حوصلو ۽ فڪر عطا ڪيو. هُن جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪمال لفظن جي بي ساختگي ۽ فطري انداز هو، هو پيڙا جي پيٽ منجهان جنم وٺندڙ شاعري کي روح پرور شاعري چوندو هو. جنهن جو اظهار هُن پاڻ به هِن طرح سان ڪيو آهي ته:

تڏهن شعر تنوير لکبو آ پاڻهين

جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ.

هُن جي شاعري جا فڪري موضوع انيڪ رهيا، جن ۾ انسان دوستي، مزاحمت، اصلاح، رومانيت، قوم پرستي ۽ وجوديت وغيره شامل آهن.

هو جديد ترقي پسند ادب جو اهڙو سونهون رهيو آهي، جنهن کي شيخ اياز کان پوءِ ماڻهن تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو. ملڪ جي مايه ناز نقاد مظهر جميل پنهنجي ڪتاب ”جديد سندهي ادب“ ۾ لکيو آهي ته، تنوير عباسي شيخ اياز کان پوءِ اهڙو شاعر رهيو آهي جنهن جي شاعري مان نئين نسل سڀ کان گهڻو متاثر ٿي آهي. بيشڪ هو هڪ قادرالڪلام شاعر آهي، جنهن ماڻهن کي نئون فڪر ڏنو آهي. هُن جي سوچ هر مايوس ڪندڙ وقت ۾ به اُميد جو امڪان رد نٿي ڪري، تڏهن ته هو چئي اُٿي ٿو ته:

ڇو ايڏو مايوس  ٿيو آن، ڇو تو دلڙي هاري آ

صبح به ايڏو روشن هوندو، رات به جيڏي ڪاري آ.

تنوير عباسي جي ڪتاب ”تريءَ هيٺان سج“ جي مهاڳ ۾ امداد حسينيءَ هن لاءِ لکيو آهي ته:

تنوير کي اسين عظمتن جو شاعر چئي سگهون ٿا، هُن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ چاهه جو اُٿاهه ساگر آهي.

سادگي ۾ گهري ڳالهه ڪرڻ واري تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ اصلاحي فڪر پڻ ڪمال جو آهي. هڪ هنڌ هو چوي ٿو:

ڪوئي نه ڄاڻي ڪنهن جا آهيون

سڀ هڪ ٻي جا پنهنجا آهيون

هي جڳُ ڇاهي ڇا جي ڳڻتي؟

پاڻ ته پيار ونڊيندا آهيون.

هو هڪ حقيقت پسند، انسان دوست ۽ اميد پرست انسان هو، هُن ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جو رجحان هميشه غالب رهيو، پر هُن جي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي وجودي فڪر جي عڪاسي پڻ ملي ٿي.

 

انيڪ شاعرن وانگر تنوير به شعرن جي آمد کي الهامي ۽ وجداني ڪيفيت قرار ڏئي ٿو، تڏهن ته هو چوي ٿو:

وري شعر تنوير نازل ٿين ٿا

ثمر سوچ جا نيٺ حاصل ٿين ٿا.

پنهنجي  ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ ۾ تنوير چوي ٿو ته:

او تنوير اسان ستلن جي ننڊ ڦٽائڻ آيا آهيون،

اسان ته شاعر آهيون سائين اسان ته ڳائڻ آيا آهيون،

تو ڪيئن ڀانيو هِن محفل ۾ پاڻ وڻائڻ آيا آهيون،

اسان ته تنهنجي ازلي سونهن تي پاڻ گنوائڻ آيا آهيون.

تنوير عباسي جي شخصيت ۽ فن تي ڪيترن ئي نالي وارن اديبن تحقيقي حوالي سان ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، الهداد ٻوهيو، اياز گل، ادل سومرو، مشتاق ڪلهوڙو وغيره شامل آهن.

قلم کي عَلَمُ سڏيندڙ تنوير پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

اسان جو قلم محترم آ

اسان جو قلم هڪُ عَلمُ آ

عَلمُ آهي جنهن هيٺ هيسيل دٻايل

ڌتاريل، ڌڪاريل اچي نيٺ مڙندا

انهن جي اميدن جا گل نيٺ ٽڙندا

اسان کي قلم جو قسمُ آ

اسان جو قلمُ محترمُ آ

اسان جو قلمُ هڪ عَلمُ آ.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي تنوير عباسي کي سنڌ جو ورڊس ورٿ چيو آهي. هُن جو چوڻ هو ته تنوير جي شاعري ۾ فطرت جي عڪاسي سان گڏوگڏ فڪر جي وسعت پڻ وافر مقدار ۾ واضح نظر اچي ٿي. هو هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

تنوير عباسي جي فڪري اُڏام موضوعاتي حوالي سان نهايت اُتساهيندڙ ۽ اصلاحي هئي. هو پنهنجي لفظن جي ذريعي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو.

هنن شعرن جي فڪري اُڏام کي ڏسو:

وري بزمِ سخنِ ۾ تون نئون معيار پيدا ڪر

نوان افڪار پيدا ڪر نوان اشعار پيدا ڪر

فدا هر فردِ ملت تو مٿان ٿيندو مگر شرط آ

فدائي قوم ٿي ۽ جذبهءِ ايثار پيدا ڪر.

تنوير عباسي کي هميشه ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود جو اونو رهندو هو. هو ماڻهن کي گهڻي کان گهڻو فيض پهچائڻ جي حوالي سان پڻ اهڙو معالج رهيو جنهن اڻ ڳڻين مريضن جو مفت علاج ڪيو. هُن اَنيڪ غريب ماڻهن جو علاج ڪري انهن جون دعائون کٽيون ڇو ته هو انسانيت جي فلاح و بهبود ۽ ڪم اچڻ واري جذبي کي زندگيءَ جو مقصد سڏيندو هو.

ان حوالي سان هُن اها وصيت پڻ ڪئي هئي ته جڏهن هو مري وڃي ته هُن جي مردا جسم کي ميڊيڪل جي شاگردن لاءِ وقف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪجهه مونجهارن جي ڪري عمل ٿي ڪو نه سگهيو. باقي هُن جي عطيو ڪيل اکين سان اڄ به هڪ نينگري دنيا جي خوبصورتي کي پسي هُن کي دعائون ڏيندي ٿي رهي.

مظهرجميل هڪ ٻي هنڌ تنوير عباسي لاءِ چوي ٿو ته، هو هڪ حقيقت پسند، انسان دوست ۽ اميد پرست انسان هو، هُن ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جو رجحان هميشه غالب رهيو، پر هُن جي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي وجودي فڪر جي عڪاسي پڻ ملي ٿي.

تنوير عباسي جي فڪري موضوعن ۾ ترغيبي انداز پڻ جديد اسلوب ۾ ملي ٿو. جيئن هن نظم ۾ آهي:

جوت جلڻ سان آهي

ڪير ته جلندو...... ڪير ته جلندو

ماڳ هلڻ سان آهي

ڪير ته هلندو..... ڪير ته هلندو

سوڀ وڙهڻ سان آهي

ڪير ته وڙهندو... ڪير ته وڙهندو؟

ابنِ حيات پنهور سندس مجموعي
”شعر“ تي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته، تنوير پنهنجي ديس واسين سان ٿيل زيادتين ۽ ڏاڍائين کي پوري ريت سمجهڻ کان پوءِ هڪ زوردار اپيل ڪري ٿو، ۽ هو ان اپيل ۾ صاف لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزادي کي ماڻڻ لاءِ اوهان کي ڇا ڪرڻو آهي. بيشڪ هُن جي ٻڌايل واٽ هر دور ۾ سنڌين لاءِ مشعلِ راهه رهندي ڇو ته هو سنڌ جي نوجوانن لاءِ آئيندي جو فڪر ڇڏي ويو آهي. جنهن تي هلي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي.

چاليهه سال ادب ۽ انسانيت کي ارپڻ وارو هي شخص 25 نومبر 1999ع ۾ اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.

هُن جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ تنوير عباسي ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، ۽ هُن جي نالي تي ادبي تنظيمن ۾ ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون آهن.

هي عهدساز شاعرهميشه دلين ۾ زنده رهندو. ان ڳالهه جو شايد هُن کي به ادراڪ هو ڇو ته هو چئي ويو آهي ته:

مستقبل جو ڪاتب آهيان

منهنجي هٿَ ۾ لوحِ قلم آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org