سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 2020ع

باب:

صفحو:3 

نسيم بُخاري

 

عالمي وبا بڻجي ويل ڪرونا وائرس حال ۽ مستقبل لاءِ چئلينج

 

ڪرونا وائرس جيڪا تباهي مچائي آهي تنهن صرف چين ۾ ئي تاءُ نه پکيڙيو آهي، پر پوري دنيا ۾ ان تاءَ جي تقويت وڌي آهي. حرام شين جي کائڻ سان پکڙيل اها وبا جيتري تيز رفتاريءَ سان ڦهلجي رهي آهي اوترو ان مان ڇوٽڪاري جي حوالي سان ڪي ترت اپاءَ وٺجي نه سگهيا آهن چيو پيو وڃي ته انهيءَ سلسلي جو جيڪڏهن ساڳيو ئي تسلسل رهيو ته دنيا مان هڪ سال اندر 6 ڪروڙ ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويندا! ان بيماريءَ مان احتياطي تدبيرن جي حوالي سان چيو ٿو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا ماڻهو هٿ منهن ڌوئي، ڪوشش ڪئي وڃي ته صابڻ استعمال ڪجي.

مسلمانن کي هڪ ته حرام قرار ڏنل شين کائڻ کان روڪيو ويو آهي ٻيو ته انهن تي پنج وقت نماز لاڳو ڪئي وئي آهي اهي ٻئي شيون قدرتي طور تي مسلمانن کي ڪرونا وائرس کان بچڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. چين ۾ ڪرونا وائرس کان پوءِ مختلف ملڪن جا ماڻهو جيئن جيئن پنهنجي وطن وريا آهن، تيئن تيئن انهن مان ڪنهن نه ڪنهن جو وجود پنهنجو پاڻ سان ڪرونا وائرس کي ساڻ کنيون آيو آهي، انڪري ان هڪ وجود وارو وائرس وري ٻين تائين يا ته پکڙيو آهي يا پکڙجڻ جا اهڃاڻ وڌي رهيا آهن. آمريڪا، هانگ ڪانگ، ويٽنام، ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ اها وبا پکڙجي وئي آهي. پاڪستان ۾ به ان جو خطرو وڌي ويو آهي ڇو ته سوين پاڪستاني چين کان موٽيا آهن انهن مان ان وائرس جي پکڙجڻ جا واضح امڪان آهن. ائين به ٿيو آهي ته ايئرپورٽ تي مسافرن جي چيڪنگ کان پوءِ به گهر ۾ چين کان موٽي آيل ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جون علامتون ڏٺيون ويون آهن. ان ڏس ۾ خيرپور جي زوهيب راهوجو جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو جنهن جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هن ٻڌايو آهي ته پهرين هو ٺيڪ هو. پر پوءِ الائي ڇو هن ۾ ڪرونا وائرس جون علامتون نڪري نروار ٿيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پاڪستان سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته چين ۾  موجود پاڪستانين کي ڏيهه نه آندو ويندو ڇو ته انهن جي اچڻ سان هتي وڌيڪ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. ٻي ڳالهه اها ته چائنا جي هڪڙي شهر ۾ ڪرونا وائرس موجود آهي باقي ٻيا شهر ان کان محفوظ آهن انڪري اهو نه سمجهيو وڃي ته سڄي چين ۾ ڪرونا وائرس جا ڪڙڪا آهن.

چين ۾ هڪ نئين ڄاول ٻار کي به ڪرونا وائرس پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ڇو جو سندس ماءُ اڳ ئي ڪرونا وائرس جي شڪار هئي.

هڪڙو تاثر اهو به آهي ته چين ۾ مسلمانن سان جيڪي جٺيون حڪومتي سطح ٿينديون آيون آهن ۽ اهو جيترو اسلام دشمنيءَ ۾ سڀ حدون پار ڪندي اڳ کان اڳرو ڏٺو ويو آهي، قدرت ان کان ان روئي جو پلاند پاڙيو آهي. ائين آهي يا نه! ان بابت ڪابه حتمي راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي، پر ايترو ضرور آهي ته جيئن ڪمال کي زوال چوندا آهن، تيئن ئي چين سان به ٿيو آهي.

 چين دنيا جي اڀرندڙ ۽ سپر پاور طرف ويندڙ ملڪ جي تعارف سان سڃاتو پئي ويو. پر هاڻ ڪرونا وائرس چين سان جيڪا ڪار ڪئي آهي ان سندس معيشيت جا لاھ ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. ماڻهو چائنا کي دوزخ سمجهي ان کان ڀڄي رهيا آهن. سڄي دنيا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهڙو ته ٽاٻڙڪو چين جي ڪرونا وائرس وڄايو آهي، جو ماڻهو ان کان وئون ٿا وڃن. جڏهن کان چين ۾ ڪرونا وائرس سبب مري ويل ماڻهن کي پورڻ بدران ساڙڻ واري هدايت سامهون آئي آهي ۽ ڪرونا وائرس جي متاثر فوتين سان عذرخواهيءَ کان به روڪيو ويو آهي. تڏهن کان ننڊ ۾ به دنيا جا ماڻهو ڪرونا وائرس سبب ڇرڪ ڀري رهيا آهن.

چين وڏي معيشيت آهي. محنت ان جو گڻ آهي. هن انتهائي ٿورڙي عرصي ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ وڏيون اسپتالون جوڙي ورتيون آهن، پر ان جي هوندي به جنهن تيز رفتاريءَ سان ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجي رهي آهي. اوتري تيزيءَ سان چين توڙي پوري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جي سد باب جو بندوبست نه ٿي سگهيو آهي.

چين ۾ ڪرونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر شهر ووهان جي رهائشي ويهن وانگ جو چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس پکڙجڻ کان پوءِ زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي. وائرس سبب منهنجو چاچو فوت ٿي چڪو آهي. بابا جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. والده ۽ ماسي ۾ به ڪرونا وائرس جون علامتون پيدا ٿي ويون آهن. روزانو اهي اسپتال وڃن ٿيون، پر بيڊ جو انتظام نٿو ٿئي. اسپتال ۾  داخل نٿو ڪيو وڃي. اسپتال ۾ وائرس جي تشخيص ڪندڙ ڪٽس جي به کوٽ آهي. بي بي سيءَ سان ڳالهائيندي رينجن وانگ وڌيڪ چيو آهي ته، ووهان شهر ۾ ڪيترائي آئيسوليشن وارڊ آهن جتي مريضن کي رکيو ويو آهي. منهنجو چاچو به آئيسوليشن ۾ فوت ٿي ويو هو. آئيسوليشن وارڊ ۾ وڃڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو گهر ۾ ئي مري وڃي. ووهان شهر کي 23 جنوريءَ کان سيل ڪيو ويو آهي. حڪومت شهر بند ڪرڻ کان اڳواٽ اطلاع ڪري ها ته ڀڄي جان ڇڏايون ها. صورتحال اهڙي آهي جو نه جي ٿا سگهون نه ئي موت مهربان ٿئي ٿو.

جاپان ۾ ڪرونا وائرس سبب متاثر ماڻهن لاءِ سامونڊي جهاز تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو فوج جي استعمال هيٺ رهيو آهي. ان جو نالو حاڪو آهي جنهن کي اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ اهو جاپان جي گاديءَ واري شهر ويجهو يو ڪو سوڪا بيس تي لنگر انداز آهي، جنهن ۾ 3 سو ماڻهو آرام سان رهي سگهن ٿا. جنهن ۾ وڌ کان وڌ 5 سو ماڻهن جي گنجائش آهي.

ڪرونا وائرس سبب هوائي جهاز ٺاهيندڙ يورپي ڪمپني ايئرس به چين ۾ پنهنجو پراڊڪشن پلانٽ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا چين جي اتر اوڀر شهر تيانجن ۾ ڪم ڪري رهي هئي. ٻئي پاسي ايئرس جي مخالف آمريڪي جهاز ٺاهيندڙ اداري بوئنگ به شهنگائيءَ ويجهو پنهنجو پلانٽ بند ڪري ڇڏيو آهي فرانس جي ايرو اسپيس ڪمپني سافران به چين ۾ پنهنجو پلانٽ بند ڪري ڇڏيو آهي.

چين مان آهستي آهستي ڪمپنيون ادارا ۽  ماڻهو پنهنجا ٽپڙ گول ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو پنهنجي تسلسل سان برقرار رهيو ته سوچيو صورتحال ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندي؟

چين جي ماڻهن جي ڪرونا وائرس سبب قسمت خراب ليکي ٿي وڃي ۽ جيڪي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو چين ۾ روزگار سانگي رهيا پيا هئا، سي به رلي ويا آهن. رڙيون ڪري رهيا آهن ته کين چين مان ڪڍيو وڃي. خبر نه آهي ته چين جي رهواسين يا چين ۾ رهندڙ دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻهن جو مستقبل ڇا ٿيندو. پر اها پڪ آهي ته چين جي ڪرونا وائرس جيڪا تباهي مچائي آهي. تنهن دنيا کي نه رڳو ڄاڻايل خوف سبب ڳڻتي ڏئي ڇڏي آهي. پر اهو به من ۾ ڊپ ويهاري ڇڏيو آهي ته دنيا ۾ ڪڏهن به ڪائي به وبا پکڙجي سگهي ٿي بلڪل ائين جيئن هاڻ خلق ڏچي ۾ آهي. سوال اهو آهي ته پوءِ اهڙن ڏچن سان منهن ڪيئن ڏجي ۽ انهن مان پنهنجو پاند ڪيئن ڇڏائجي؟ اهو سوال اڄ جو سڀ کان وڏو سوال ٿي اڀري آيو آهي، جنهن جو هر هڪ ماڻهوءَ کي تسليءَ جوڳو جواب گهرجي ٿو، سو اهم ڳالهه اها آهي ته ان سطح جي انسان جي اندر جي اطمينان لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان انتهائي سنجيده سوچ ويچار جي سخت ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ ئي انسان جي ڀلائي آهي  ۽ اهو ئي ڇوٽڪاري وارو دڳ آهي. ڇوٽڪارو ملي ٿو يا نه، سا ته ڪا خبر نه آهي. پر اهو پتو ضرور آهي ته پاڻ ان حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا ۽ شايد ان پاڻ پتوڙڻ وارو جذبو ئي چيني صدر شي جن پنگ کي مسجد ۾ وٺي آيو آهي، جتي هن ڪرونا وائرس مان نجات لاءِ قرآن پاڪ مان مدد حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. قرآن پاڪ 14 سو سال اڳ نازل ٿيو آهي جنهن ۾ وبائي بيمارين جو ذڪر ته آهي، پر سڌي سنئين ڪرونا بابت اڳڪٿي نه ٿيل آهي. قومن جي تباهي ۽ برباديءَ جو ذڪر ٿيل آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته گذريل دور جا سماج ۽ قومون ڇو ۽ ڇا جي ڪري برباد ٿيون آهن. حديثن ۾ به موذي مرضن جون اڳڪٿيون ٿيل آهن.

چيني صدر جي مسجد آمد واريون خبرون ۽ تصويرون سندس پريشانيءَ جي زبردست عڪاسي ڪري رهيون آهن. لڳي ائين رهيو آهي ته اها جستجو نيٺ وڃي هڻي هنڌ ڪندي. سوال اهو آهي ته ان سڄي پس منظر ۾ اسان لاءِ جيڪو پيغام آهي پاڻ ان مان ڪيترو ٿا سبق پرايون ؟

اهي سبب ڇو نه ٿا جاچيون جن جي ڪري وبائي مرض وڄ وانگر ڪڙڪن ٿا ۽ قهر ثابت ٿين ٿا. پوءِ زندگي ڀر رڳو افسوس ئي رهجي وڃي ٿو. پر افسوس جي اظهار سان ٿي ويل نقصانن جو ازالو ڪٿي ٿي سگهندو آهي!

حقيقت اها آهي ته هن وقت ڪرونا وائرس ڀلي ته چين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هجي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهڙو يا ان کان مختلف ڪو ٻيو موذي مرض ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا نٿو ٿي سگهي؟ انڪري ڪرونا وائرس جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي هر هڪ ملڪ ۽ هر ڪنهن فورم کي ائين متحرڪ ڪردار سان نڪري نروار ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيئن چين جو سک ۽ چين ڦٽل آهي. ڇو ته ان ۾ ئي دنيا جي ڀلائي آهي هونئن به چوندا آهن ته ٻئي جي مصيبت ڏسي ان جو درد جيڪڏهن گهٽائي نه سگهجي ته ان مان عبرت ضرور حاصل ڪجي!

         ممتاز نواب چنا

 

پرين لهندو سار

 

 

پرين لهندو سار،

اجايو سوچ نه بيڪار.

پرين لهندو سار

 

 

ڳڻتي ۾ نه پاڻ کي ڳار

مار نفس خواهش مار

پرين لهندو سار

 

 

مايوسي گناهه ڪر ويچار

نه ڪر گذريءَ جي پچار

پرين لهندو سار

 

هاڻي همت حوصلو ڌار

ڪندو سڻائي پروردگار

پرين لهندو سار

 

هڪ ساڻ رک سچو پيار

ڇڏ دوست سڀ غدار

پرين لهندو سار

پرين لهندو سار

 آدرش

لفظن سان اڻيل پورٽريٽ

 

پال ٿئرو انگريز ليکڪ آهي، هن سٺا ناول لکيا، پر سندس سفرنامن پڙهندڙن جو منُ موهي وڌو. ڏاڍا سهڻا سفرناما اٿس. انگريزيءَ جو الطاف شيخ آهي. هن جي انگريز ليکڪ ۽ نوبل انعام حاصل ڪندڙ، سر جو خطاب ملندڙ وي. ايس. نائپال سان مٿو مٿي تي ياري هئي. عورت ذات ته مرد کي جنت مان ئي تڙي ڪڍرايو هو، ڀائر ڀتيون هونديون آهن، زالون اچڻ سان ڀتين کي ڀڃي ڇڏينديون آهن. نائپال جي انگريزياڻي زال، جنهن کي هنَ ڏنڀ ڏنا، بيماريءَ جي کٽ تي، گذاري وئي. هن دلبر لاهوري ڪُڙيِ ۽ صحافڻ نادره سان شادي ڪئي ته نائپال جهڙي شوُم ۽ رُکي ماڻهوءَ کي آڱرين تي نچائڻ لڳي. نائپال کي پال ٿئرو لاءِ اهڙو ورغلايائين جو شڪل ئي ڪونه پئي وڻيس، ڌارَ ٿي ويا. پال ٿئرو پنهنجي سنگتيءَ تي ٺاهوڪو ڪتاب لکيو، هن سچائيءَ سان هن جي هر چڱائي، لڱائي، خوبي ۽ خاميءَ تي (Sir Vidia’s Shadow) لکيو آهي.

اَسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪتاب ڪونه لکيو ويو آهي. اردو ۾ ڪجهه ملن ٿا. پر انهن ۾ شخصيت کي بت بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. بانو قدسيه جو مرد اَبريشم پورو ڪتاب قدرت الله شهاب تي لکيل آهي. عمدو مثال آهي. اهڙي طرح اشفاق احمد جو بابا صاحبا ۽ ممتاز مفتيءَ جو ايلي اور الک نگري جا ڪجهه فصل شهاب جي شخصيت تي اکيون ٻوٽي عقيدت ۾ لکيل آهن. سنڌيءَ ۾ شخصي حوالي سان عقيدت مان ٽي ڪتاب سٺا سليقي سان عبدالواحد آريسر جو جي ايم سيد تي ڇا ته شخص هو، استاد بخاريءَ تي آديسي استاد ۽ نواز خان زنئور جو عبدالواحد آريسر تي عبدالواحد آريسر لکيا ويا آهن.

خاڪا وڻندڙ صنف آهي. اردو ۾ جام لکيا ويا آهن. سوين ڪتاب آهن. بي باڪيءَ سان لکيل سعادت حسن منٽو جا گنجي ...“ ۽ لائوڊ اسپيڪر کانسواءِ احمد بشير جو جو ملي ٿي راستي مين آهن، سنڌيءَ ۾ عاليشان خاڪا عبدالقادر جوڻيجو، غلام رباني آگرو، ماهتاب محبوب ۽ عزيز گوپانگ لکيا آهن. ماهتاب محبوب جو ڪتاب جيءَ جهروڪا سٺو ۽ سليقي سان لکيل آهي.

پاڻ لاءِ منهنجو گهر منهنجي جنت آهي، ان کانپوءِ وڏي خوشي سٺا ڪتاب، دلبر دوستن سان ڪچهري ۽ سگريٽ جا ڪش آهن. نئين سال ايندي ٻه سٺا ڪتاب سڪ مان ليکڪن موڪليا. ٽپاليءَ در ٻه ڀيرا کڙڪائي ڏنا. ٺٺ ٿي ويا. خوشيءَ مان دوستن لاءِ مهدي حسن جو گانو جهونگارڻ لڳم، نوازش، ڪرم، شڪريا، مهرباني.

مينديءَ جي شهر ميهڙ جي ڀڪ ۾ لڏوءَ جهڙو مٺو ڳوٺ فريدآباد آهي. ڳوٺ جو جوهر اُستاد مولانا عبدالقيوم المعروف جوهر بروهي آهي. ستر سال کن اڳ هو گهوٽڪي پاسي کان لڏي آيو. اتان جو ٿي ويو. علم ادب جي شمع ٻاري، پروانا گڏ ڪيائين. گائنچو ڪٽنب جي غريب ڇوڪر علي دوست جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيائين. استاد بخاريءَ به هٿ ۾ چيچ ڏنس ته نياز نوڙت مان عاجز بڻجي ويو. شاعر بڻجي علي دوست عاجز ٿي ويو. هن پهريون اُستادي پيشو اختيار ڪيو، اتان انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آڊيٽر ٿيو، اڄ ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر هئڻ ڪري پاڻ کان پيار محبت جي انڪم وٺي ٽيڪس نه ڀرائيندو آهي. علي دوست عاجز جا شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿيل آهن، نثر ۾ خاڪن جو ڪتاب لکي، ڀٽائي صاحب جي بيت جي سٽ کي عنوان بڻايو اٿائين “مٿي ڪلهن ڪينرا“.

شاعر نثر لکندو آهي ته سهڻو لکندو آهي، ڪي هرو ڀرو اينٽي بايوٽڪ بڻجي ٻئي نظم ۽ نثر لکندا آهن. ٻوڙ هاريندا آهن. علي دوست عاجز هي خاڪا سٺا لکيا آهن. ليکڪن ۾ علي بابا، اسحاق سميجو، شبير هاليپوٽو، جوهر بروهي، آسي زميني جا خاڪا تز ۽ منڊيءَ ۾ ٻڙي وانگر آهن. نصير مرزا واري خاڪي ۾ نصير ميان جا حوالا ٻين جا ورتل هئڻ ڪري، جان ناهي. پارس حميد جي خاڪي ۾ خالي منڊي آهي. آڱر ۾ بنا ڳاڙهي ٻڙي گهوٽ نه پائيندو آهي. علي دوست عاجز ابي ۽ امان وارا خاڪا مس سان نه، لڙڪن سان لکيا آهن. خاڪن جو هي ڪتاب دل جي تارن کي ايئن ڇهي ٿو جيئن ڳائڻي ٽينا چارلس جون نازڪ نرمل آڱريون گٽار جي تارن کي ڇهنديون هيون ته وساميل ميڻ بتيون ٻري پونديون هيون.

تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي لڳل جيئرن جو دڙو آهي. ان کي ٻلهڙيجي چوندا آهن. جيئن پنجاب جي هر گهر مان هڪ جوان فوجي ڀائي هوندو آهي، تيئن هن ڳوٺ جي گهر ۾ پيرزادن جي گهر مان شاعر ضرور نڪرندو آهي. ڪجهه مايون اديون به شاعرائون آهن. اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ هي ڳوٺ لِٽل ماسڪو سڏبو هو. نماز به ڪجهه وڏڙن کي ايندي هئي، باقي سڀ لينن جي حضور ۾ هوندا هئا. جيئن کرڻ جي عمر ۽ وقت نه هوندو آهي، تيئن سڌرڻ ۾ به دير نه لڳندي آهي. انڪل گورباچوف جي سوويت يونين کي ٽڪرا ڪرڻ کان پوءِ لٽل ماسڪو گهڻي ڀاڱي رائي ونڊ بڻجي ويو آهي. نئين سال جي سوکڙي ٻلهڙيجيءَ جي صوفي ٻير اقرار پيرزادو پنهنجي خاڪن جو ڪتاب سامي سهاڳي موڪليو. هن کان اڳ سندس خاڪن جو ڪتاب جن سي لنئون لاڳي ڇپيل آهي. جيڪو پڻ سٺو هو. هي ڪتاب لاجواب آهي. هن ڪتاب ۾ اقرار ميان ڏاڍا سٺا سهڻي نموني، سچائيءَ سان اقرار ڪري قرار ڏئي ڇڏيو. قلم ۾ رواني ۽ ٻوليءَ جي اُڻت سڳداسي چانورن جي سڳنڌ جهڙي اٿس. ڪتاب ۾ ليکڪن انور پيرزادو ۽ مير محمد پيرزادو کانسواءِ پنهنجي ڳوٺائي ڪلاسيڪل گويي اُستاد وريل داس جا خاڪا زبردست لکيل آهن. ڪتاب ۾ پيرن، ميرن، چورن، ڌنارن، ڳائڻن، سگهڙن، نرالين ماين جون ڳالهيون اهڙي نموني بيان ڪيون اَٿائين، ڄڻ پڙهندڙ مچ ڪچهريءَ ۾ ويٺي مزو وٺي رهيو آهي.

مهينو سوا اڳ هن ۽ سنگتين ٻلهڙيجيءَ ۾ ادبي ڪانفرنس ڪرائي. سجاد مهر سان وڃڻ ٿيو، سڄي سنگت محبت ۽ قرب ڏنو. اقرار ميان گنجي مٿي ۽ مڇن سان کلڻو ماڻهو آهي. پروگرام جي خفن ۾ هيڏي هوڏي انتظام سنڀالڻ ۾ پورو هو، مون پويان ويهي سنگت کي کلندي چيو: اقرار کي ڏسي ايئن ٿو لڳي ڄڻ مهدي حسن جو طبلو وڄائيندڙ هجي“.

* * *

چاندني بلوچ

 

شاعري

 

بارش جو موسم ميگهه ملهار،

ڌرتي ساوڪ سبز سنگهار

 

بجلي ڄڻ ته گرجي ٿي

بارش رم جهم برسي ٿي

 

گلشن گلشن مهڪي ٿو

مور نچڻ لاءِ کنڀ کڻي ٿو

 

چرند پرند جي مٺڙي ٻولي

جيجل ماءُ جي مٺڙي لولي

 

ساوڪ سان هر درد ڇُٽن ٿا

خوشيءَ وچان سانگي کلن ٿا.

 

صنوبر سومرو

 

شاعري

 

تنهنجي ياد به ڪمال ڪندي آ،

ڇا ڇا نه دل کان سوال ڪندي آ.

 

هڪُ پل به جيڪا دور نه رهي،

توکان وڌ تنهنجي ياد منهنجو خيال ڪندي آ

 

هر شيءِ پنهنجي اصل سان آ منسوب،

پوءِ ڇو اها ڳالهه پشيمان ڪندي آ.

 

منهنجي قد کان منهنجي آ اَنا وڏي،

مون کي منٿون بار بار ڪندي آ.

 

دل کي ملي حيات هو درد سهي،

ان درد سان پيار صنوبر بيشمار ڪندي آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org