سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 2020ع

باب:

صفحو:2 

شگفته شاهه

 

 

 

اکيون پسي آئيون

حيدرآباد رتو رت

 

مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اهو حيدرآباد، جتي مون جنم ورتو، ننڍپڻ گذاريو، تعليم حاصل ڪئي، جيڪو سدائين پرامن رهيو هو، سو هڪ ڏينهن رتو رت به ٿيندو.

ملڪ ۾ آمر ضياءُ الحق جي حڪومت هئي. ان حڪومت ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو هو. اسڪول اردو ميڊيم ڪيا ويا ۽ تعليمي نصاب تبديل ڪيو ويو ۽ ٽي ويءَ تي عوامي راءِ کي روڪڻ لازمي ڪيو ويو. ان وچ ۾ سوويت يونين افغانستان تي حملو ڪيو ته پاڪستان افغانستان سان گڏ بيٺو. ان صورتحال کي طاهر ڪامران پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان مين جمهوريت اور گورننس“ ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:

”25 ڊسمبر 1997ع تي سوويت يونين جيڪو ان وقت سپر پاور هو، افغانستان تي قبضو ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءُ کي ڪيترن ئي وزيرن ان جنگ ۾ غير جانبدار رهڻ جي صلاح ڏني ڇو ته سندن خيال هو ته سوويت يونين جي فوجي طاقت پاڪستان جي مقابلي ۾ تمام گهڻي هئي پر جنرل ضياءُ نظرياتي طرح ڪميونزم جي ترقي ۽ خاص ڪري پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ۾ اچڻ جي سخت خلاف هو. افغانين کي مزاحمت لاءِ مدد ڏيڻ ان ڳالهه جو کليو ثبوت هو.

ڊسمبر 1984ع ۾ ريفرينڊم ڪرايو ويو جنهن ۾ اهو سوال پڇيو ويو ته، ڇا پاڪستان جو عوام ملڪ ۾ اسلامي شريعت جو نفاذ چاهي ٿو؟ جيڪڏهن جواب ”ها“ ۾ آهي ته هو جنرل ضياءُ الحق کي اڳين پنجن سالن لاءِ صدر چونڊين.

ان ريفرينڊم جي سرڪاري نتيجن مطابق 97.70 ماڻهن ضياءُ الحق جي حق ۾ ووٽ ڏنا. ان ريت ضياءُ الحق ايندڙ پنجن سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو. جيتوڻيڪ ريفرينڊم بابت تمام گهڻين بي قاعدگين بابت چوٻول هليو.

صدر بنجڻ بعد ضياءُ الحق فيبروري 1985ء ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

اها اليڪشن غير جماعتي بنيادن تي ڪرائي وئي. جنهن سبب مخالف ڌر جي گهڻن سياسي جماعتن انهن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو پوءِ به چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿيو ته کٽڻ وارن جو گهڻو تعداد ڪنهن نه ڪنهن سياسي جماعت سان لاڳاپيل هو جن چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو هو. ضياءَ الحق کي اسيمبلي جي ميمبرن مان ئي ڪنهن کي وزيراعظم نامزد ڪرڻو هو. ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو خيال هو ته محمد خان جوڻيجي جي نامزدگي انهيءَ سبب ٿي جو ضياءُالحق ڪنهن سادي سودي ماڻهوءَ کي وزيراعظم جو عهدو ڏيڻ ٿي گهريو. نئين حڪومت کي حڪومت جون واڳون ڏيڻ کان اڳ ۽ مارشل لا کڻڻ کان پهرين ضياءُالحق حڪومت کان انهن تمام قدمن جي توسيع ڪرائي ڇڏي جيڪي هن گذريل اٺن سالن ۾ کنيا هئا. انهن ۾  1977ع جو فوجي انقلاب به شامل هو. ان کانسواءِ هن ڪيتريون ئي ترميمون به منظور ڪرايون جن مان هڪ اٺين ترميم به هئي، جنهن ۾  قومي اسمبلي کي ختم ڪرڻ جو اختيار صدر کي ڏنو ويو. ان جي باوجود به ضياءُالحق کي ان طرح جا اختيار حاصل نه هئا جهڙا کيس مارشل لا جي دور ۾ حاصل هئا.

اپريل 1986ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي پنهنجي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان آئي.

1988ع جي شروع ٿيندي ئي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ۽ صدر ضياءُ الحق وچ ۾ اختلافن جون افواهون هلڻ لڳيون ۽ نيٺ 26مئي 1988ع تي صدر ضياءُ الحق قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ وزيراعظم کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. ان قدم جي ٻين سببن کانسواءِ محمد خان جوڻيجو جو سندس خواهشن جي ابتڙ جنيوا معاهدي تي صحي ڪرڻ کانسواءِ راولپنڊيءَ ۾ اوجڙي ڪيمپ جي سانحي سبب به سندن وچ ۾ اختلاف وڌيا هئا ۽ يارهن سالن کان پوءِ جنرل ضياءُ الحق هڪ دفعو وري قوم سان واعدو ڪيو ته ايندڙ 90 ڏينهن اندر اندر ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون. بينظير ڀٽو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بينظير جي وڌندڙ مقبوليت ۽ افغانستان مان روسي فوجن جي واپسي کان پوءِ بين الاقوامي امداد لاڳيتو گهٽ ٿي رهي هئي. جنهن سبب ضياء الحق هڪ بيحد مشڪل صورتحال ۾  ڦاسي چڪو هو.“

ڪتاب مان ورتل مٿين اقتباسن مان ان دور جي صورتحال واضح نظر اچي ٿي. افغانستان ۾ جنگ ۾ اڻ سڌو فريق بنجڻ سبب افغان مهاجرن جو وڏو تعداد پاڪستان ۾ آيو. سرڪاري ٽي. ويءَ تان هر روز ” افغان مجاهدن “ بابت خبرون نشر ٿينديون هيون ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ افغانن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ لانگ پلي”پناهه“جي نالي سان پي. ٽي. ويءَ تان پيش ڪيو ويو جنهن ۾  عظمى  گيلاني ۽ خالده رياست مکيه ڪردار ادا ڪيا ۽ اهو پلي ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ بار بار ڏيکاريو ويو.

افغان مهاجرن جي اچڻ سان  هڪ ته ”هيروئين“، جهڙو نشو پاڪستان ۾ پهتو ۽ ٻيو بي انداز هٿيار پهتا جن ۾  ”ڪلاشنڪوف“، عام هئي. هٿيار جي ان قسم جو اهو نالو اسان پهريون ڀيرو ٻڌو هو........۽............پوءِ 1986ع ۾ پهريون بم ڌماڪو ٿيو. جيستائين مون کي ياد پوي ٿو ته (شايد يادگيري جو سال درست نه به هجي) 1986ع جي وچ ڌاري ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ شديد خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو هو.

مون کي ياد آهي ته انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ماسي ڪراچيءَ ۾ رهيل هئي. اها گهر آئي ته انتهائي خوف مان ٻڌائي رهي هئي ته ڪيئن نه ان ڌماڪي ۾ ماڻهن جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وکريا هئا. اهو سڀ ٻڌي اسان کي خوف وٺي ويو هو ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي وطن ۾ بي امان ٿيڻ جو احساس جاڳيو هو.

ساڳئي سال حيدرآباد شهر جي گهٽين ۾ ڀتين تي ڪلاشنڪوف کڻي بيٺل ماڻهوءَ جي تصوير ۽ گڏ لکيل نعرو ”حقوق يا موت“، ”جيئي الطاف“ ۽ ”جيئي مهاجر“، جا نعرا عام جام ڏسڻ ۾ آيا. ٻئي سال جي آخر ڌاري ڪراچيءَ ۾ مهاجرن ۽ پٺاڻن وچ ۾ سهراب ڳوٺ وٽ جهيڙا ٿيا. انهن ڏينهن ۾ وڏي ڀيڻ سول اسپتال ۾ هائوس جاب ڪري رهي هئي، تنهن هڪ ڏينهن ڊيوٽيءَ تان واپسيءَ تي ٻڌايو ته اسپتال ۾ ڪجهه زخمي مهاجر ڇوڪرا جيڪي ڪراچيءَ مان آيل هئا. پر اڃان سندن مرهم پٽي به پوري نٿي هئي ته ڪجهه پٺاڻ سندن تلاش ۾ اسپتال پهتا هئا ته مهاجر ڇوڪرا کين ڏسي فرار ٿي ويا. ان دوران ”مهاجر قومي موومينٽ“ وجود ۾ اچي وئي. سڀ ڪجهه بدلجي رهيو هو. ڪجهه به ساڳيو نه رهيو هو. سال 1988ع اچي پهتو. ان سال جي شروع ۾ ئي راولپنڊيءَ ۾  اوجهڙي ڪيمپ جي هٿيارن جي ڊيپوءَ ۾ باهه لڳڻ سبب وڏو نقصان ٿيو. آءُ ان مهل هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾  ٽيچر جي حيثيت سان جاب ڪري رهي هيس. مون کي ياد آهي ته اسين ٽيچر ڇوڪريون خوف وچان اوجهڙي ڪيمپ جي سانحي بابت ڳالهائينديون هيوسين. تڏهن خبرن جو ذريعو اخبارون ۽ سرڪاري ٽي. وي چئنل پي. ٽي. وي  هو يا وري رات جو 8 وڳي بي. بي. سي. ريڊيو تان، ”سيربين“ پروگرام هوندو هو.

17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُالحق فضائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ته ڄڻ طويل ڪاري رات پڄاڻيءَ تي پهتي. هڪ پاسي آمر جا ساٿي لڙڪ لاڙي رهيا هئا ته ٻئي پاسي وري سندس مخالف مٺايون ورهائي رهيا هئا ۽ خوشيون ملهائي رهيا هئا. خاص ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻي سرهائي هئي ڇو ته ان اونداهي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪلور سنڌين سان ٿيا هئا ۽ ان وقت تائين ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن جو آزار وڌي ويو هو.

سال 1988ع جو سيپٽمبر جو مهينو اچي پهتو. انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڊائريءَ ۾ آئون ڪتابن ۽ رسالن مان پڙهيل اردو شعر لکندي هئس ۽ انهن تي تڪڙا اسڪيچ به  ٺاهيندي هيس. 30 سيپٽمبر جي اها پرسڪون شام آئون ڪڏهن به نٿي وساري سگهان جڏهن آئون گهر جي لان ۾ ويهي شعر لکي ۽ ڊائريءَ ۾ اسڪيچ ٺاهي رهي هيس. تڏهن مون کي اندازو به نه هو ته گرميءَ جي ان پرسڪون ۽ حسن سان ڀرپور شام کان پوءِ حيدرآباد ۾ هڪ خوني رات ايندي ۽ حيدرآباد کي رتو رت ڪري ڇڏيندي!

رات ٿي- گهر ۾ هر ڪو معمول جي ڪم ڪار ۾ مصروف هو ته اوچتو منهنجي ماسي پنهنجي پٽ ۽ ننهن سميت گهر آئي ۽ جيڪو ڪجهه هن ٻڌايو اهو ٻڌي سڀ پريشان ٿي ويا. هو ڪراچيءَ مان آيا هئا. سندن فليٽ ان وقت گاڏي کاتي  جي، طيب سينٽر ۾ هو. هو جيئن ئي حيدرآباد پهتا ۽ شهر ڏانهن روانه ٿيا ته فوجي ڇانوڻي  وٽ کين روڪيو ويو. اڳتي پوليس جون گاڏيون ۽ پوليس وارا موجود هئا جن کين اڳتي وڃڻ نه ڏنو ۽ واپس وڃڻ لاءِ چيو کين ڪو سبب نه ٻڌايو ويو . فضا ۾ فقط سائرن گونجي رهيا هئا. هو پريشان ٿي ويا. نيٺ اسان جي گهر آيا جيڪو شهر کان پري مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ هو جيڪو پرسڪون علائقو هو. ياد رهي ته اهو دور موبائيل فون جو نه هو جومنٽن ۾ پتو پئجي وڃي. گهرن ۾ فقط لينڊ لائين ٽيليفون هوندا هئا.اسان وٽ ته فون هو پر سندن فليٽ ۾  فون ڪونه هو ڪا خبرچار پوي به ته ڪيئن. سڀ پريشان هئاسين ته خدا خير ڪري آخر ڇا ٿيو هو؟ رات دير سان منهنجو ماسات وري شهر ڏانهن ويو، پر روڊ اڃان بلاڪ هئا انڪري موٽي آيو. هو رات اسان وٽ ترسي پيا ۽ صبح جو نيرن ڪري روانه ٿيا. ٻنپهرن ڌاري وڃي خبر پئي ته رات حيدرآباد شهر گولين جي ڌماڪن سان گونجي ويو ۽ ڏيڍ سئو کان مٿي ماڻهو ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.

سچ پچ ته اها خبر ٻڌي منهنجو ته ذهن ئي مائوف ٿي ويو. خوف مان سيسراٽ پوري وجود ۾ محسوس ٿيو. تڏهن اها خبر نه هئي ته ان ڏينهن ڪراچي به رتو رت ٿي هئي. اها خبر ٻي ڏينهن پئي.......يا شايد رات تائين. بس......... عجيب وحشتناڪ دور هو اهو. شهر دهشتگردن جي حوالي هئا ۽ ڳوٺ ڌاڙيلن حوالي.

صدر ضياءُ الحق 1988ع جون چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ ٿي چاهيون. پر17 آگسٽ تي جهاز جي حادثي ۾ سندس وفات کان پوءِ 12 آڪٽوبر 1988ع تي سپريم ڪورٽ جماعتي بنيادن تي الڪيشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ته سياسي گهماگهمي وڌي وئي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي اليڪشن ۾ تير جو نشان الاٽ ٿيو. خصوصي گيت بينظير ڀٽو لاءِ ٺاهيا ويا ۽ ڪيسٽ لانچ ٿي جتي ڪٿي اهي گيت ٻڌڻ ۾ آيا ٿي.

16 نومبر 1988ع تي قومي اسيمبلي جي 207 سيٽن لاءِ ووٽنگ ٿي جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي 93 جڏهن ته مسلم ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين تي ٻڌل، اسلامي جمهوري اتحاد (I J I)55 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. ان اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جيڪا ان مهل مهاجر قومي موومينٽ سڏبي هئي، هڪ سياسي پارٽي طور اڀري ۽ 13 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ان اليڪشن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم چونڊجي آئي جنهن جي عمر ان وقت 35 سال هئي. سنڌ اهڙي ريت ”ڀٽي جو قرض“ لاٿو.

محترمه بينظير ڀٽو جي وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ اميد هئي ته ملڪ ۾  عام طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح حالتون بهتر ٿينديون، پر 1989ع ۾ حيدرآباد جي ميئر آفتاب شيخ تي قاتلاڻو حملو ٿيو. جنهن کان پوءِ حيدرآباد شهر جون حالتون وري خراب ٿي ويون. آفتاب شيخ جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو. بس پوءِ ته هر ٻئي ٽئي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو حيدرآباد جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار ڇوڪرا ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائيندا ماڻهن کي ماريندا ۽ زخمي ڪندا وتندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اهڙا واقعا ٿيڻ ۽ ڪرفيو لڳڻ عام ڳالهه هئي، پر 1990ع ۾ حالتون بنهه ابتر ٿي ويون. سنڌي علائقا دهشتگردن جي ٽارگيٽ تي هئا. ڳولي ڳولي سنڌي سهڻا جوان ماريا پي ويا جن مان مرزا حيدر قلي ۽ ڊاڪٽر ايوب جت جا نالا نمايان آهن. مون کي ياد آهي ته حيدرآباد مان نڪرندڙ پهرين شام جي اخبار ”خادم وطن“ ۾ هر روز دهشتگردن جي هٿان مارجي ويل سنڌين جي نالن جون لسٽون ڏنيون وينديون هيون. تڏهن هنگامن ۾ زخمين لاءِ پنجاهه هزار ۽ مري ويلن لاءِ لک روپيا معاوضو ڏنو پئي ويو. تن ڏينهن ۾ اعجاز منگيءَ جو اخبار ۾ ڇپيل هي نظم مون کي اڄ به  ياد آهي:

هيلو ڪن هنگامن ۾،

 خون سان وهنتل شامن ۾

  زخمي رات جي چيخن پويان

 قيدي ڏينهن جي سيخن پويان

  لاش رڳو ماڻهن جا ناهن

 ٻيو به گهڻو ڪجهه مري ويو آهي

 مقتولن جون لسٽون ٺاهيو.

جڏهن مون اخبار ۾  يونيورسٽيءَ جي پروفيسر حزب الله جي قتل ٿيڻ جي خبر پڙهي ته ڏڪي ويس.... هو بابا جي دوست عبدالڪريم ميمڻ جو پٽ هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڀاءُ نويد جي مڱڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان سان گڏ سَن تائين هليو هو. سڄي رستي تي اسان جي ڳوٺان آيل شيدياڻيون بس اندر ڳيچ ڳائينديون هليون هيون ته بس سان گڏوگڏ گهر جي گاڏين سان گڏ حزب الله جي گاڏي به هلي رهي هئي جو مرد ڪارن ۾ هئا ۽ عورتون بس ۾ . تڏهن هو به بس ۾ ڳايل گيتن مان لطف اندوز ٿيندو پي هليو. اها خبر نه هئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس دردناڪ قتل جي خبر به اخبار ۾ پڙهنداسين. سندس قتل تي خيرالنساءِ جعفري هڪ دکدائڪ ڪالم لکيو جنهن جو نالو هو:

”پنجاهه هزارن جو حزب الله“

شهر جون حالتون تمام خراب ٿيڻ شروع ٿي ويون. دهشتگردن سنڌين جي قديم پاڙن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. ائين ٿي لڳو ته شهر حيدرآباد ۾ نه قانون هو نه ئي قانون جا رکوالا. سنڌي ماڻهو پنهنجون عزتون ۽ جانيون بچائڻ لاءِ قاسم آباد اچي پناهه وٺڻ لڳا. ان وقت قاسم بنگلوز فقط هڪڙي اسڪيم هئي جتي شهر جي ٻاهران هئڻ ڪري ماڻهو اچڻ لاءِ تيار نه هئا انڪري اها هائوسنگ اسڪيم اڃان ايڏي ڪامياب نه وئي هئي. ٻئي طرف نسيم نگر جا ڪيئي بنگلا اڃان خالي هئا ۽ گلستان سجاد ۾ به ايڏي آبادي ڪونه هئي. پر هاڻي شهر دهشتگرديءَ جي وَر چڙهيو ۽ سنڌين جي پاڙن تي حملا ٿيا ته اهي رات وچ ۾ پنهنجا ڪشاده گهر ڇڏي نسيم نگر ۽ ٻين اسڪيمن جي اڌورن ٺهيل گهرن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور هئا ۽ ڏسندي ڏسندي هڪ وسندي ”قاسم آباد“ جي نالي سان آباد ٿي وئي. انهن ئي ڏينهن ۾ آئون پوپٽي هيراننداڻي جي آتم ڪٿا ”منهنجي زندگيءَ جا سونا روپا ورق“ پڙهي رهي هيس. ان ۾ جڏهن ان باب تي پهتس جنهن ۾ هن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندن جي لڏپلاڻ بابت لکيو آهي ته ڪيئن نه سنڌي هندن کي هيرآباد جي عاليشان گهرن مان نڪري هندوستان وڃڻو پيو هو. هو رات وچ ۾ پنهنجون جانيون بچائي روانه ٿيا. مون کي هر روز اخبارن ۾ ”مقتولن جو لسٽون“ پڙهي ۽ سنڌين جو سندن قديم پاڙا ڇڏي ڀڄڻ جو ٻڌي ايئن محسوس ٿيندو هو ته تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي رهي هئي. روز هنگاما ٿيندا هئا ۽ شهر ۾ ڪرفيو نافذ ٿيندو هو. جيتوڻيڪ اسان جي رهائش وارو علائقو شهر کان پري هئڻ ڪري محفوظ هو، پر پوءِ به زندگي جو وهنوار مفلوج ٿي چڪو هو. ايستائين جو 28 مئي تي پڪي قلعي ۾ آپريشن ٿيو. شهر ۾  ڪرفيو هو. تعليمي ادارا بند هئا. سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان آيل ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن روانه ٿي ويا. قلعي جي آپريشن ۾ ڪيئي دهشتگرد ماريا ويا، ڪيئي گرفتار ٿيا ۽ وڏي پيماني تي هٿيار هٿ ڪيا ويا. پر اهو آپريشن مڪمل ڪاميابي ماڻي نه سگهيو جيڪو پوليس فورس کان ڪرايو ويو هو. پوءِ گرفتار ٿيلن جون عورتون جلوسن جي شڪل ۾ ڪرفيو ٽوڙي ٿاڻن تي جمع ٿي پنهنجا ڇوڪرا حوالات مان ڪڍائي وينديون هيون. هو ايتريون منظم ٿي اينديون هيون جو ٿاڻي جو عملو بي وس ٿي ويندو هو. مايون دهشتگردن کي آزاد ڪرائي وٺي وينديون هيون. پڪي قلعي واري آپريشن کان پوءِ لطيف آباد مان عورتن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو. منهنجي ماسيءَ جن جي فيملي ڪجهه وقت اڳ حسين آباد ۾  شفٽ ٿي وئي هئي. انهن فون ڪري اطلاع ڏنو ته هڪ وڏو جلوس حسين آباد ڏانهن وڌي پيو ۽ مايون نعرا پيون هڻن ته هو قاسم آباد وڃي سنڌين تي حملو ڪندا ان ڪري در دروازا بند ڪري ويهي رهو. ڇوڪرا اهو ٻڌي پريشان ٿيا ۽ پوءِ پاڙي جا سڀ ڇوڪرا جمع ٿي صلاح ڪرڻ لڳا ته ڇا ڪجي؟ پوءِ فيصلي مطابق پنهنجن پنهنجن گهرن مان هٿيار کڻي سوسائٽي جي گيٽ وٽ وڃي ويٺا ته حملو ٿيو ته مقابلو ڪبو. انهن ڏينهن ۾  ڪلاشنڪوف ايتري ته عام هئي جو پاڙي جي ڪجهه گهرن ۾  ڇوڪرن وٽ اهي رائفلون هيون. ڇوڪرا گيٽ تي ويٺا رهيا ۽ گهرن ۾ عورتن جو ساهه سڪو پيو هو. پوءِ خبر پئي ته حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ وارو جلوس اڌ تان ئي موٽي لطيف آباد ڏانهن هليو ويو آهي. پر ان ڏينهن کان پوءِ هر رات پاڙي جا ڇوڪرا واري واري سان سوسائٽي جي  داخلا واري رستي تي ويهي چوڪيداري ڪندا هئا. بعد ۾ حالتون بهتر ٿيون ته سوسائٽي جي سڀني داخلا وارن روڊن وٽ لوهي گيٽ هڻايا ويا ۽ چوڪيدار ويهاريا ويا. رات جو ٻارنهن ٿيندي ئي اهي لوهي گيٽ بند ٿي ويندا هئا.

مون کي 1990ع جي گرميءَ جون موڪلون ڪڏهن به نه وسرنديون جڏهن حيدرآباد شهر ۾ خوف ۽ دهشت جو راڄ هو ۽ ڪرفيو نافذ هوندو هو. ان ماحول منهنجي اندر کي جنهنجهوڙيو ۽ مون شاعريءَ وسيلي ان ماحول کي پيش ڪيو جيڪا اڪثر”عبرت مئگزين“ ۾ ڇپجندي هئي جو انهن ڏينهن ۾ آئون فري لانس جرنلسٽ جي حيثيت سان ”عبرت“ اخبار ۽ مئگزين سان وابسته هيس. اهي نظم ۽ شعر هتي لکان پئي ته جيئن ان دور جو ماحول واضح ٿئي.

* *

اي حيدرآباد

 

اي حيدرآباد !

اي منهنجا پيارا شهر !

تنهنجي فضائن ۾

 اسان پنهنجون اکيون کوليون

تنهنجي ٿڌڙين هوائن ۾ پلياسين

ڪيڏيون پياريون تنهنجون گهٽيون

جن ۾ اسان رانديون ڪيون

پنهنجن ساٿين سان گڏ هٿ، هٿ ۾ ڏئي

اسڪول ويندا هئاسين

انهن ئي گهٽين ۾ ڪڏهن

اسان جا معصوم ٽهڪڙا گونجندا هئا

تنهنجي انهن خوبصورت هوائن

 ۽ فضائن ۾

وڌي وڏا ٿياسين

ڪيڏو سڪون، پيار ۽ اطمينان هو

سنڌيءَ ۽ غير سنڌيءَ ۾ ڪو فرق نه هو

سڀ گڏ پڙهياسين، رانديون ڪيوسين

گاڏي کاتي کان هيرآباد تائين

سٽي گيٽ کان ڄام شوري جي

 ”المنظر“  تائين

ٿڌي سڙڪ کان لطيف آباد تائين

پڪي قلعي کان شاهي بازار تائين

ٿڌڙي ٿڌڙي هيرن وارو، منگهن وارو

هي پيارو شهر آباد هو

انهن ٿڌڙين هيرن ۾

شام جي سمي

ڪيڏيون نه رونقون هونديون هيون

کلئي آسمان هيٺ علمي

 ۽ ادبي محفلون هونديون هيون

بي فڪري ۽ آزادي هئي

پر اڄ..........

هر طرف خوف آ، هراس آ

رات جو هاڻي شهر سنسان آ

ماڻهو ماڻهوءَ کان خو فزده آ

لطيف آباد الڳ آ ته قاسم آباد الڳ

سنڌي الڳ آ ته غير سنڌي الڳ

ڪنهن جي نظر لڳي وئي آ توکي ؟

اي حيدرآباد !

اي منهنجا پيارا شهر !

*

ڪاش امن هجي ها....

پنهنجي ڪمري جي

پٺئين پاسي کلندڙ

دريءَ وٽ

بيٺل مان

ٻاهر جو منظر...

ٽاڪ منجهند

گلابي گلن سان ڀريل ول ڀرسان

رسيءَ تي سڪندڙ

رنگين ڪپڙا

خاموشي .......گهري سانت

پر رڳو

پکين جون مٺٿريون لاتيون

ننڍڙن سهڻن پکين

۽ جهرڪين جو

وڻن ۽ ولين ۾

چهچٽو .... چو ٻول

پريان ٻڌڻ ۾ ايندڙ

ڪوئل جي ڪُوڪ

روح جي پاتال کي ڇهندڙ

هي حسين منظر

ڪيڏو نه پيارو لڳي ها

جيڪڏهن.....

شهر ۾  ڪرفيو نه هجي ها

ذهنن ۾

خوف ۽ هراس نه هجي ها

دهشتگرديءَ جو راڄ نه هجي ها

زندگيءَ جي رواني

ٽريفڪ جيان

بند نه هجي ها

ڪاش! امن هجي ها !

ڪاش! امن هجي ها !

*

هيءَ ڪهڙي عيد ؟

هيءَ ڪهڙي عيد....!!؟؟

يا رب !

هيءَ ڪهڙي عيد .....!؟؟

حيدرآباد واسين لاءِ

اکين ۾ لڙڪ

دلين ۾ خوف

نه اهي ريشم گليءَ جون رونقون

نه لطيف آباد جون حسين شامون

”المنظر“ تي ڪانهي اها رونق

”مڊوي“ به آهي اداس

پيلو پيلو ڄڻ هر چهرو

اکين ۾ ڪانهي ڪابه آس

آهي ڪونه اڳو ڻي ديد

هيءَ ڪهڙي عيد ؟!!

يارب....!

هيءَ ڪهڙي عيد؟!!

حيدرآباد واسين لاءِ ؟

*

موٽي آءُ امن

موٽي آءُ امن !

وسڪارو ڪري ڌرتيءَ تي

اجار سڀ چمن !

قبول پوي شل اها وائي

ڌڻي واري ويلو اهڙو

گهر گهر ٿئي سرهائي !

*

هيءَ منهنجي ڌرتي

هر پاسي ٺاءَ ٺاءَ

ڪونهي داد ڌرتيءَ تي

جت ڪٿ آ انياءِ

*

 

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پهرا آهن

هيل منهنجي شهر ۾

اوپرا ڪيڏا چهرا آهن ؟!!!

*

 

رت ۾ ٿئي ٽهڪاءُ

منهنجي جيجل ڌرتيءَ تي

ايڏو ڏسي انياءُ

*

 

گلي گلي هلن گوليون

تون ٿو چئين:

”هل! امن کي ڳوليون !!؟“

*

وريو هي ڪهڙو واءُ

شهر ۾ بوءِ بارود جي

گولين جاٺڪاءَ

*

 

هر ڪنهن دل ۾ دهشت

هيل منهنجي شهر ۾

آئي ڪهڙي وحشت !!!؟

*

انهن ڏينهن بعد شهر حيدرآباد ۾ امن بحال نه ٿي سگهيو ٻي پاسي سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول ملڪ ۾ موجود هو. ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب صدر غلام اسحاق خان اٺين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل اختيارن کي استعمال ڪندي 6 آگسٽ 1990ع تي محترمه بينظير جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي. حڪومت ختم ٿيڻ جا سبب بيان ڪندي طاهر ڪامران، ”پاڪستان مين جمهوريت اور گورننس“ ٻين سببن کانسواءِ  هڪ سبب هي به لکي ٿو ته:

پڪو قلعو حيدرآباد جو مهاجر علائقو آهي جتي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي ذريعن مطابق ڪجهه دهشتگردن پناهه ورتي هئي. کين اتان ڪڍڻ لاءِ حڪومت عسڪري ڪارروائيءَ جو منصوبو جوڙيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽيهه ماڻهو مارجي ويا. اها ڪارروائي پوليس جي مدد سان ڪئي وئي.

ان بعد به حالتون ڪي گهڻيون بهتر نه رهيون. دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيندا رهيا. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو محرم جي جلوسن تي فائرنگ ڪئي وئي. حيدرآباد جي حيدر چوڪ جي ڀرپاسي، پڪي قلعي، فقير جي پڙ ۽ ٻين ڳتيل آبادين ۾ اوچتو ئي اوچتو موٽر سائيڪلن تي سوار ڇو ڪرا نڪري فائرنگ ڪندا هليا ويندا هئا. لطيف آباد ڏانهن ته سنڌين جو وڃڻ ئي محال ٿي ويو. اتان سنڌي پنهنجا بنگلا ۽ ڪاروبار ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا.

هڪ ڀيرو آئون امي ۽ وڏي ڀيڻ سان گڏجي ريشم گلي ويس ڀاءُ گاڏي کي هڪ سائيڊ تي ڪري بيهاري. اسين بازار جي هڪ ٻن دڪانن تي مس چڙهياسين ته اوچتو ئي اوچتو ڀڄ ڊوڙ  شروع ٿي وئي ۽ دڪانن جا شٽر بند ٿيڻ جا آواز گونجڻ لڳا. جنهن دڪان تي اسين بيٺا هئاسين ان جو دڪاندار ڊوڙي ٻاهر نڪتو ۽ پوءِ واپس ايندي چيائين ته سڀ دڪان مان نڪرن کيس دڪان بند ڪرڻو هو.

"کیا ہوا بھائی؟" اسان خوف مان پڇيو.

"سہیل مشھدی کے بھائی کو مار دیا ہیں۔

اسلئے نیچے بہت فائرنگ ہو رہی ہیں۔

اسين دڪان مان نڪري بيٺاسين پر ڏاڍا خو فزده هئاسين ڇو ته ڀاءُ چاڙهيءَ جي هيٺ گاڏيءَ ۾ ويٺل هو. عورتون، ٻار سڀ پريشان ٿي هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيا هئا. اسين به جيئن تيئن ڪري هيٺ پنهنجي ڪار وٽ پهتاسين جتي ڀاءُ ان افراتفريءَ سبب پريشان بيٺل هو.

”جلدي گاڏيءَ ۾ ويهو ته هلون. فائرنگ پئي ٿئي.“

اسين ڪار ۾ ويٺاسين. ڀاءُ ڪار جو رخ موليٰ علي جي قدمن ڏانهن رکيو ئي هو ته ڪنهن زور سان رڙ ڪري چيو:

”آگي مت جائين. فائرنگ هور هي هي.“

”پوءِ ڇا ڪريون؟“ڀاءُ پريشان ٿي پڇيو.

”ڪوهه نور واري چاڙهيءَ تي چڙهي هلون جيسين ڪا ٺاپر ٿئي.“ خبر ناهي ڪنهن صلاح ڏني هئي، پر ڀاءُ گاڏي جو رخ ان چاڙهيءَ ڏانهن ڪيو. ڪنهن دور ۾ اتي ريشم گهٽيءَ جي منهن وٽ ڪوهه نور سينيما هوندي هئي جنهن جي جاءِ تي هاڻي مارڪيٽ هئي، پر اسين اڄ تائين ان چاڙهيءَ کي ڪوهه نور سينيما جي چاڙهيءَ چوندا آهيون. گاڏي ان چاڙهيءَ جي مٿانهينءَ تي پهتي جتي وڏو ميدان آهي جنهن جي چوپاسي گهر هئا. اتان هڪ طرفان چوڙين جي ڪارخاني ڏانهن ويندڙ هڪ سوڙهي گهٽي به هوندي هئي. ڀاءُ ڪار کي ان گهٽيءَ ڀرسان اوندهه ۾ بيهاري لائيٽون بند ڪري ڇڏيون. ڀاءُ اسان جي ڪري سخت پريشان هو. اسين ان مهل اهڙي جاءِ تي بيٺل هئاسين جيڪو دهشتگردن جو ڳڙهه هو. ڄڻ جنگ جي دوران دشمن جي علائقي ۾ پهچي ويا هجون . اسين سڀ خو فزده هئاسين ته هتان ڪوبه ماڻهو گذرندو ۽ ڪار کي ڏسندو ۽ خبر پوندس ته ان ۾ سنڌي ويٺل آهن ته پوءِ ڇا ٿيندو....؟ سنڌي ماڻهو ان دور ۾ ٽارگيٽ ڪري ماريا پي ويا. پر اتي ڪا به اچ وڃ نه هئي. بالڪل خاموشي هئي. ڊيڄاريندڙ خاموشي ۽ چوپاسي موجود مهاجرن جي گهرن جي درين مان چلڪندڙ هلڪي روشني، پر هيٺ ميدان ۾ اونداهي هئي. اوچتو مون کي ياد آيو ته ويجهو ئي منهنجي اسڪول جي دور جي بيسٽ فريند مهاجر ڇوڪري شاهه تاج جو گهر هو. آءٌ ٻه ٽي ڀيرا سندس بيحد اسرار تي سندس گهر وئي هيس. ڇا هوءَ اڃان هتي رهي ٿي؟ هوءَ ميٽرڪ تائين مون سان گڏ پڙهي هئي. مون کي ميٽرڪ پاس ڪندي ڏھ سال ٿي ويا هئا. ڏهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو آهي. شايد سندس شادي ٿي وئي هجي. شايد هوءَ هتي رهندي هجي اڃان. شايد هجي به ته هاڻي هوءَ مهاجر هئي ۽ اسين سنڌي.......هوءَ هينئر دوست هوندي يا دشمن.....؟

منهنجي ذهن ۾ سوال گونجي رهيا هئا ۽ آئون حسرت مان ان ميدان کي ڏسي رهي هيس جتي ننڍپڻ ۾ اسين عيد جي ڏينهن گول ڦرڻ وارن جهولن ۾ اچي ويهندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ منهنجي ماسيءَ جو گهر اتي ويجهو هو. هتي سڀ هندن جون ڇڏيل وڏيون جايون آهن. عيد وارن ڏينهن ۾ هتي ننڍڙو ميلو لڳندو هو..... هينئر اتي اونداهه ۽ خاموشي هئي.......۽ صرف ۽ صرف خوف هو.

”بسم الله ڪري آءٌ گاڏي هلايان ٿو ۽ هيٺ هلون ٿا ... پوءِ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو. هتي وڌيڪ بيهڻ وڌيڪ خطرناڪ آهي.“ ڀاءُ چيو.

اميءَ دعائون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيون. ڀاءُ گاڏي ميدان مان ڪڍي آيو ۽ اسين چاڙهي کان هيٺ لهڻ لڳاسين. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. چاڙهيءَ تان ڀاءُ ڪار کي اسپيڊ سان لاٿو. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هئا اتي ڪوهه نور واري هيٺاهين تائين پهچي اڳيان حيدر چوڪ واري روڊ تي آياسين......... دل ۾ خوف هو ته الائي اڳتي ڪهڙي صورتحال هجي. اتان کان ڀاءُ گاڏيءَ کي تيز اسپيڊ سان ڪڍندو ويو. اهو روڊ به سنسان هو. ماڊل اسڪول کي ڪراس ڪيوسين ۽ پوءِ گل سينٽر کي ڪراس ڪيوسين ۽ پندرهن منٽن اندر گهر پهچي سک جو ساهه کنيوسين. ان ڏينهن کان پوءِ ڪافي وقت تائين ريشم گهٽي نه وياسين.

اڄ به 1990ع، 1991ع ۽ 1992ع جا اهي سال نٿا وسرن. 1989ع تائين حيدرآباد ۾ ادبي سرگرميون عروج تي هيون. 1988ع ۾ شيخ اياز پريس ڪلب جي تقريب ۾ آيو. مون اها تقريب اٽينڊ ڪئي ۽ پهريون ۽ آخري ڀيرو شيخ اياز کي شاعري پڙهندي ٻڌو تڏهن هوٽل انڊس ڀرسان هوٽل”فٽاز“ هوندي هئي. اتي به هڪ ٻن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. ناري سنگت پاران قمر شهباز ۽ ارشاد قمر سان ملهايل شام ۽ خيرالنساءِ جعفريءَ سان ملهايل شام اڄ به ياد آهي. پر 1990ع واري خونريزي کان پوءِ حيدرآباد رتو رت ٿي پيو هو ۽ وري حيدرآباد جون رونقون اڳي جيان موٽيون ۽ ادبي سرگرميون ٻيهر شروع ٿيون. سال 2000ع نئون ملينيم (هزاريو)نيون تبديليون کڻي آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org