جمشيد احمد جوکيو
اخلاق ۽ سياسي تربيت
سويت يونين جي عروج ۽ زوال دوران ھڪ اصطلاح
استعمال ٿيندي ھئي کاٻي ڌر ۽ ساڄي
ڌر.
ٻنهي ڌرين جي سياسي ماڻهن ۾ پڙھائي جو رجحان تمام
بھترين ۽ سياسي اخلاقيات سکڻ جا درس ڏبا ھئا.
ان کان گھڻون اڳ مختلف علائقن ۾ سياست اخلاق جي
دائري ۾ رهي ڪري ڪئي ويندي ھئي.
ان دوران به پنج کان ڏهه فيصد الزام
جيڪي مڪمل طور تي غيراخلاقي ھوندا ھئا انھن جي
ٻولي ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ اخلاق جي دائري ۾ ئي
ھوندا ھئا پوءِ آھستي آھستي ماڻھن مان برداشت جي
قوت موڪلائڻ لڳي ۽ گارين جو استعمال وڌيو.
اخلاقيات جو درس ڏيندڙ سياسي اڳواڻن
تي
به اڄ
کلئي عام ٽي وي تي اخبارن ۾ تقريرن ۾ گاريون ڏيڻ
جو دور تيز ٿيڻ تي پريشان ٿيڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي سخت
ضرورت آهي.
ڇو ته اسان جا وڏا اسان
ٻارن کي ڏسي
مخالفت ڪندڙن کي گاريون ڪونه ڏيندا ھئا.
متان ٻارڙن تي ان جا ناڪاري اثر پون.
پر اڄ
گاريون سرعام
آھن، ھاڻي پيرا کڻون اھو ڪلچر جيڪو پنج کان ڏھ
فيصد ھو اڄ اھو نوي کان پنجانوي فيصد يا نوانوي
فيصد تي ڪيئن
پھتو، ڪير ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهي.
سياست
مان
اخلاق مڪمل طور تي
ختم ٿي
چڪو
آهي.
ھاڻي سياسي اڳواڻن کان وٺي سندن پوئلڳ
ماڻهن تائين ھر ھڪ گاريون ڏيڻ ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ خودڪفيل ٿي چڪو
آهي،
مٿان رھيل ڪسر فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين چھچٽن
پوري ڪري ڇڏي آهي، اخلاق جو جنازو دفنائجي چڪو آهي.
حيرت ان وقت ٿئي ٿي جڏهن بازاري لفظ ايوانن ۾ مڪمل
آزادي سان استعمال ڪيا وڃن ٿا. گاريون ڊاٽ
ڪام تي به ايتريون گاريون موجود ناهن جيڪي اڄڪلھه
سوشل ميڊيا ۽ سياسي شعور رکندڙ پيا ڏين، ڪنهن کان
پڇ ته توهان
واري پارٽي جي
فلاڻي
انصاف جو
تقاضائون
پوريون نه ڪيون ته موٽ ۾ گاريون، ڪابه پوسٽ ڪنهن
جي حق ۾
رکو تڏهن گاريون،
ڪنھن جي
مخالفت ڪريو تڏهن به گاريون، حد ته تڏهن
آهي
جڏهن پيار ۾ به گاريون
ڏنيون ٿيون وڃن
۽ دليل وري اھو
ته اسان جو پاڻ ۾ پيار
آهي.
حجتن جي قيد کان آزاد
آهي، مطلب ته
پيار ۾ گاريون، موٽر سائيڪل تان
ڪر تڏھن به گاريون، ڪنهن کي موٽر سائيڪل تان ڪيراءِ
تڏهن به گاريون، بجلي وڃي تڏهن به گاريون، گارين
جو ڪلچر ايترو عام ٿي ويل آھي جو سياست کان وٺي
عام زندگي سڀ ڪجھه
گارين جي حوالي ٿي ويو آهي.
ھاڻي اھو ڏسڻ ضروري آهي ته ائين آهي ڇو، منهنجي
ذاتي خيال ۾ گاريون ڏيڻ اصل ۾ بيزاري ۽ نفرتن جي
اظهار جو آسان طريقو آهي،
ڇو ته اسان پاڻ کان
ڏاڍي کي ڪجهه ڪري نٿا سگهون پوءِ گاريون ڏئي دل جي
باھ ڪڍي ڇڏيندا آهيون.
ان سان ٿيو اھو جو اسان جي
ثقافت،
ٻولي،
ماحول ۾ ٻولين ۾ تمام گهڻا اھڙا لفظ استعمال
ٿيڻ لڳا آهن،
جيڪي ناپيد ٿي ويا آهن ڇو جو انهن جو
استعمال گهٽ ۽
گارين جو
استعمال
وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، حد ته تڏهن ٿيندي
آهي جڏهن ڪير اھو چوي
فلاڻو
تمام ھوشيار ۽ قابل انسان آهي ان جڳهه تي ائين ته
فلاڻو
ڪم ۾ ڪتو آھي ۽ وڏو
---
آهي.
ظلم آهي
سماج
سان جيڪو اسان ڪريون پيا، سياسي طور تي گاريون ڏيڻ
وارو عمل متعارف ڪرائڻ کان پوء ھاڻي ڪنهن جي به
عزت محفوظ ناهي رھي، ڏک ٿو ٿئي.
ھن تحرير جو مقصد صرف ايترو
آهي
ته اچو ته سوچيون ته اسان ڪيڏانهن پيا وڃون.
سماج
اسان کي اھا ئي موٽ ڏيندو جيڪو اسان ھن سان
ڪنداسين، سياسي تربيت وڌائڻي پوندي.
يونيورسٽيءَ ۾
سياست ۾ گارين جي استعمال تي اخلاقي پابندي
لڳائڻ
کان وٺي پنهنجي تقريرن ۾ مخالفن کي گاريون ڏيڻ کان
پري رھڻ ۽ خاص ڪري جيڪو اسان ڪري سگھون ٿا اھو
ائين ته سوشل ميڊيا تي ٻولي جو خيال ڪريون.
ڀلي اختلاف رکجي،
پر اخلاق جي دائري ۾ رھجي، دليل ڏجن يا خاموش رھجي.
سڀني
تي فرض ٿو ٿئي ته اسان پنهنجي سڀاڻي جو خيال رکون
۽ اچو ته وچن ڪريون ته گارين کان پاڪ ۽ صاف
سماج
جوڙيون.
روشن داس
ايان فليمنگ هڪ ڪامياب جاسوسي ناول نگار
ايان فليمنگ کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڪامياب جاسوسي ناول نگار
تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ ھي ھڪ ليکڪ، رپورٽر ۽ ناول
نگار به هو، هو هڪ ئي وقت تي ڪيتريون ئي ٻوليون
ڳالھائيندڙ شخص به ھو.
ايان لي ڪنسٽر فليمنگ 28 مئي 1908ع تي برطانيا ۾ پيدا ٿيو. ھن
جو پيءُ ويلنٽائين فليمنگ برٽش آرمي جو سپاهي ھو، جيڪو پھرين عالمي جنگ
جي دوران مارجي ويو ھو. ان وقت ھي صرف 9 سالن جو
مس ھو، سندس ماءُ ايولين روز فليمنگ ھن کي آرمي
اسڪول ۾ فوجي سکيا لاءِ موڪليو.
پر ھو فوج جي سخت قانون کان بيزار ٿي فوج ڇڏي واپس
گهر ھليو آيو ۽ 1933ع ۾ ھن ھڪ نيوز ايجنسي لاءِ
رپوٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيائين ۽ رپورٽنگ کان
سواءِ شيئرز جي دلالي جو به ڪم ڪيائين. ان کان
پوءِ 1939ع تي ھي رائل نيوي جي جاسوسي واري شعبي ۾ ڀرتي ٿي ويو،
جتي کيس لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ھن
”جيمز
بانڊ“
جو جاسوسي ڪردار تخليق ڪري ڇڏيو. 1952ع تي
”جيمز بانڊ“
جي ڪردار سان 2 مختصر ڪھاڻين جا مجموعا لکيا ۽
پوءِ
”جيمز بانڊ“
سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ھن 1953ع تي باقائدگي سان
ناول لکڻ شروع ڪيا. جيمز بانڊ جي جاسوسي ڪردار تي
ڪل 12 ناول لکي عالمي شھرت
ماڻي، جن ۾
”ڪسينو رايل“ 1953ع،
”لو
اينڊ ليٽ ڊاءِ“
1954ع،
”مونواڪر“ 1955ع،
”ڊائمنڊ
آر فار ايور“
1956ع،
”فرام رشيا وٿ لو“ 1957ع،
”ڊاڪٽر
نو“ 1958ع،
”گولڊ فنگر“
1959ع،
”فار
يوئر آءِ اونلي“
1960ع،
”ٿنڊر
بال“
1961ع،
”دي
اسپاءِ ھو لوڊ مي“
1962ع،
”آن ھر ميجسٽري سيڪريٽ سروس“ 1963ع ۽
”ٿرلنگ سينٽر“
1963ع شامل آهن.
ايان فليمنگ کي 11 آگسٽ تي دل جو دورو پيو ۽ 12
آگسٽ 1964ع تي 56 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ايان فليمنگ جي وفات کان
پوءِ 8 ٻين ليکڪن
”جيمز
بانڊ“
ناول لکڻ شروع ڪيا.
ايان فليمنگ جي تخليق ڪيل ڪردار
”جيمز بانڊ“ کي ٽي وي سيريز، وڊيو گيمز، ڪھاڻين، ڪتابن ۽ فلمن ۾ ادا ڪيو
ويو آهي، فليمنگ جي لکيل ڪردار تي پھرين فلم 1962ع
۾ آئي، جنهن ۾
”بانڊ“ جو ڪردار اداڪار سيئن ڪانري ادا ڪيو ھو. 1962ع کان ھيل
تائين جيمز بانڊ تي ڪيتريون ئي اھم فلمون ٺھي
چڪيون آهن ۽ جيمز بانڊ جي ڪردار تي ٺھيل فلمن کي
دنيا جي سڀ کان ڊگهي ترين فلمي سيريز جو اعزاز به
حاصل آهي. ايان فليمنگ کي به شايد اھا خبر ڪانه
هئي ته سندس تخليق ڪيل جاسوسي ڪردار
”جيمز بانڊ“ ايتري ڪاميابي ماڻيندو.
حسن مجتبى
آمريڪي لويا جرگا ۽ برني
سينڊرس
دنيا جي سڀ کان پراڻي جمهوريت آمريڪا ۾ صدارتي
چونڊن وارو جيڪو
”مڪتب“
يا اليڪٽورل ڪاليج آهي سو بلڪل افغان لويه جرڳي جي
طرز جو آهي، جنهن جو هڪڙو مثال اهو آهي،
جو گذريل صدارتي چونڊن ۾ هيلري ڪلنٽن پاپولر عوامي
ووٽ ته ويهه لک وڌيڪ کڻي آئي هئي،
پر اليڪٽورل ڪاليج ۾ اڻ سڌي چونڊ ۾ صدر، ڊونلڊ
ٽرمپ بڻجي ويو. پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، مون
کي الائجي ڇو آمريڪا ۾ پروڪي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ
ٽرمپ جهڙي ڪپتائي ڪاروباريءَ جو صدر چونڊجي اچڻ
ايئن لڳو جيئن هتي اسان واري اتر آمريڪا ۾ سنڌين
جي بڙا کانه تنظيم جي صدارت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڌنڌوڙي
چونڊجي ايندا آهن يا اهي چونڊجي ايندا آهن جن کي
ڌنڌوڙڻ
چاهين. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ هڪڙو ته پئسو ۽ ٻيو سندن
ڌنڌن تي بيٺلن جا ووٽ پڻ ٿين. پوءِ
هي ڌنڌوڙي ڇا به ٿي وڃن.
پر کين ڪي دل جليا چون،
”ڀوتار
خير!“
انهي افغان لويه جرڳي طرز جمهوريت جو تازو سٺو
مثال آمريڪي تاريخي رياست آئيووا ڪاڪس ۾ ڊيموڪريٽڪ
پارٽي جي نيشنل ڪاميٽي صدارتي اميدوار جي چونڊ ۾
آمريڪي پورهيتن، غريب
توڻي
ڪمائيندڙ يا ورڪنگ فيمليز ۽ هيٺئين مڊل ڪلاس ۾
مقبول سوشلسٽ (هتان وارا سوشلسٽ پاڻ وارن ڊاڪٽر
مبشر حسن يا لال خان ٽائيپ سوشلسٽن کان گهڻو مختلف
ٿين) جهوني جوڳي برني سينڊرس جو تي اچڻ آهي.
جيتوڻيڪ برطانوري اخبار
”گارجين“
ڪالهه لکيو (هتي صحيح خبر آمريڪي ميڊيا ۾ اين پي
آر يا نيشنل پبلڪ ريڊيو ۽ ڊيموڪريسي نائو تي هوندي
آهي باقي ته وڏيون وڏيون اخبارون ۽ ميڊيا هائوسز
پڻ ٻه پارٽي سسٽم ڊيموڪريٽس ۽ ريپبليڪنس ۾ ورهايل
هوندا آهن) ته
ڊيموڪريٽس
برني سينڊرس جي
پهرين ٻئي نمبر تي اچڻ جو قصور اين ڊي سي
يا نيشنل ڊيموڪريٽڪ ڪميٽي کان وڌيڪ سندن ڪارگردگي
تي هڻن ها ته بهتر هو. هتي آئيووا ڪاڪس صدارتي
اميدوار کي چونڊڻ ۾ مهاڙي وارو، پر تاريخي ڪردار پئي ادا ڪيو آهي.
هتي اسان وٽ به ٻه سنڌي پريا مڙس آهن جن کي
آمريڪي، ٻنهي پارٽين جا پاور ڪوريڊور ۽ صدر يا
صدارتي اميدوار ذاتي طور سڃاڻين. هڪڙو ڊاڪٽر ڀَٽي
آهي، جيڪو ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي فنڊ ڏيندڙ آهي ۽ ٻيو
ڪو محمود ڏاهري آهي جيڪو وري ريپبليڪن پارٽي جو
مالي يا ٻي طرح سان مددگار آهي. هنن همراهن جي هتي
وڏي لئي
آهي. هڪڙو ڀيرو مون ڪن دوستن سان نيرن تي نيويارڪ
۾ هڪڙي خاتون سينيٽر سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن اسان
کان ايندي ئي پڇيو هو ته،
”ڊاڪٽر
ڀَٽيءَ جا ڪهڙا حال آهن؟“ اسان
وٽ ڊاڪٽر ڀٽي بابت ڪي گهڻا سٺا خيال نه هئا، پر خير. ڪي چون ٿا ته هي جيڪو
سنڌين
واري ايسوسيئيشن آف بڙا کانه ۾ جهيڙو آهي ان جي
پٺيان به هڪڙي ڌر تي ڊاڪٽر ڀَٽيءَ جو هٿ آهي. گينگ
به
گهٽ
ناهي. هونئن به ريپبليڪن پارٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي
۾ گهڻو ڪري ايترو ئي فرق هوندو آهي،
جيترو پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ۾ هوندو آهي.
اهو فرق تڏهن سنهي ليڪ ٿي ويندو آهي جڏهن ٽرمپ
جهڙن جي مواخذي جا معاملا آمريڪي ڪيپيٽل هل (سينيٽ
۽ ڪانگريس) تي ايندا آهن. تازو هڪ رسالي
”بچ ميڊيا“
سينيٽرن جو ڪارٽون
”سمورا
بزدل“
لفظ سان ڏيندي لکيو
”ڀل
ٽرمپ کي سينيٽ آجو پاجو ڪري به، پر ڳڻيو ته هو ڏوهاري ئي ويندو نه.“
تڏهن پهريون ڀيرو اعتبار ڪرڻو پوي ٿو ته آمريڪا ۾
به هڪڙي اسٽيبلشمينٽ
ٿئي ٿي. سو ڪي اسٽيبلشمنٽ
مخالف
سڏائيندڙ چون ٿا ته برني سينڊرس جهڙن کي آمريڪي
صدارت لاءِ ڊيموڪريٽڪ اميدوار طور نه آڻڻ ۾ پڻ خود
ڊيموڪريٽڪ پارٽي اندر اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي.
اڄڪلهه ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اندر غيرسرمائيدار نواز
ماڻهن جو خيال ۽ سڄو زور ڊيموڪريٽڪ پارٽي اندر
انهي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ هٽي ٽوڙڻ تي آهي. اهي
ماڻهو برني سينڊرس ۽
نيويارڪ
کان خاتون ڪانگريس ميمبر اليگزينڊريا اوڪاسيو جهڙن
کي هر چونڊيل آفيس پوءِ اها سٽي ڪائونسل (جيڪا
سمجهو کڻي ٽائون ڪميٽي ٿئي) يا وري وائيٽ هائوس جي
اميدواري لاءِ اڳيان آڻڻ گهرن ٿا.
هتي عمر جو ته ڪو متڀيد ڪونهي، بس اوهين ڪنهن به
چونڊيل عهدي لاءِ ارڙنهن يا ارڙنهن سالن کان مٿي
هجو. پر هي ستر سالن کان ٽپي ويل برني سينڊرس نوجوانن سميت آمريڪين
جي خاص طور نوجوانن ۽ تارڪين وطن يا ٻاهران اچي
آباد ٿيندڙن جي وسيع حلقن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. هن
ڀيري هن جي آمريڪي پراڻين ٽريڊ يونينن مان هڪڙي
آمريڪي پوسٽل ورڪرن جي يونين جي ٽي لک ميمبرن پڻ
سندس حمايت يا اينڊورسمنٽ ڪئي۔ مون
کي لڳو هو فيض احمد فيض واري جڳ مشهور نظم
”انتساب“
۾ انهن سمورن آمريڪي لتاڙيل ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي اميد
آهي. ياد آ نه فيض جو
نظم،
”پوسٽ
مينون ڪي نام، تانگي والون ڪي نام، ڪلرڪون ڪي
افسرده سي جانون ڪي نام!“
ڪالهه رات مون گهر ايندي ڪم تان موٽندي هڪ لاطيني عورت جي ڪوٽ جي ڪالر تي پڻ
هڪڙي لفظ وارو بيج ڏٺو، اهو هڪڙو لفظ هو
”برني.“
هڪ ڪرشماتي لفظ. برني نه ٿيو هي آمريڪا جو ڀٽو
ٿيو. انهن لاءِ جن چيو،
”هم جو تاريڪ راهون ۾ ماري گئي.“ اها ته اوهان کي خبر هوندي ته فيض احمد
فيض پنهنجو اهو ٻيو لافاني لاثاني نظم آمريڪا ۾
اڻويهه سو پنجاهه وارن سالن ۾ روزنبرگ جوڙي کي آيل
موت جي سزا تي لکيو هو. روزنبرگ جوڙي کي اها سزا
روس لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ ڏني وئي هئي. پر شايد
اوهان کي اها خبر ورلي هجي ته انهي ڦاسي کاڌل جوڙي
جو پٽ هڪ برک وڪيل بڻيو، جنهن پوءِ سالن تائين
تحقيق ڪري سال ٻه هزار ۾ اهو ثابت ڪيو ته سندس
والدين بي ڏوهه موت جي سزا جا
”ڏوهاري“
ٺاهيا ويا هئا. فيض ۽ اياز ننڍي کنڊ جا وڏا شاعر هئا. اڄ جيڪا ڀارت ۾ مسلمانن، ڪشميرين، ٻين اقليتن خلاف ڀنڊي
ٻري پئي آهي، تنهن ۾ ڏسو نه فيض ڪيئن نه گهٽي
گهٽي، شهر شهر، چوڪ چوڪ ڳايو پيو وڃي، ڪيترين ئي
ٻولين ۾. اياز به هندستان ۾ اڄوڪن ڏينهن تي ٺهڪندڙ
ڪيتري نه سٺي شاعري ڪئي آهي.
او باغي او راڄ دروهي
ڀارت ۾ بلوي جا باني۔
۽ هن جا تانتيا ٽوپي، نانا صاحب فرنويس، ۽
جهانسيءَ
جي راڻيءَ تي
لکيل نظم. اڄ
جڏهن
گانڌي جي قاتل نٿورام گاڊسي کي مودي واري هندستان
۾ ڳايو پيو وڃي ته اياز ڇونه ترجمو ٿئي ۽ ڳايو
وڃي، جنهن چيو هو
”راج
گهاٽ تي چنڊ اڃان به چمڪي ٿو.“
راج گهاٽ جتي گانڌين جون سماڌيون آهن. نيويارڪ جي
يونين اسڪوائر ۾ گانڌيءَ جي لڳل مجسمي کان ڪو گهڻو
پري اهو واشنگٽن
اسڪوائر
پارڪ ڪونه هو جتي مون پهريون ڀيرو برني سينڊرس کي
هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ٻڌو هو. هو منهنجي زال
جو به پسنديده اميدوار آهي ڇاڪاڻ ته هو هڪ ڪاليج
ويندڙ جي ماءُ آهي. برني سينڊرس آمريڪا ۾ تعليم
مفت ڪرڻ چاهي ٿو، هو طبي سهولتون پڻ يونيورسل ڪرڻ
چاهي ٿو. هو شاگردن تان تعليمي قرض ختم ڪرڻ گهري
ٿو. جڏهن ته ٽرمپ مواخذي مان بري ٿيڻ کان
پوءِ پهريون ڪم اهو ڪرڻ چاهي ٿو ته هو انهن سمورن
ڪروڙن ماڻهن جون طبي سهولتون هڪڙي ڌڪ ۾ کسڻ گهري
ٿو جن وٽ صحت جي انشورنس ناهي. هو ته پبلڪ اسڪول
کي ملندڙ فنڊ ختم ڪري پرائيويٽ اسڪولن کي ڏيڻ گهري
ٿو. هو اميرن کي ٽئڪس ۾ ڇوٽ ڏئي غريبن ۽ ڪمائيندڙ
فيملين تي هڻڻ گهري ٿو. پر منهنجي دوست ۽ ويجهي
ماضي تائين نيويارڪ ۾ اردو جي هڪ اڳوڻي آزاد
هفتيوار
”پاڪستان
پوسٽ“
جي ايڊيٽر آفاق خيالي جو چوڻ هو ته هو هن سال
ايندڙ چونڊن ۾ به ٻيهر ٽرمپ کي ايندي ڏسي رهيو آهي.
هو چوي ٿو ته،
دنيا ڀر ۾ لهر اهڙي آيل آهي.
جان ڪيننگ/محمد احمد منصور عباسي
سماجي معاهدو
جي. جي. روسو
زان زاڪ روسو جو اهو اعلان ڪيترو نه دليراڻو آهي
ته: ”انسان آزاد ڄائو آهي. پر هو هر جاءِ تي
زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي!“ هن جڏهن پهريون دفعو اهو چيو
هو ته انهي سان ارڙهين صديءَ واري خود اطمينانيءَ
کي لوڏو اچي ويو ۽ اهو تڏهن کان وٺي نوجوانن ۽
پُراميد ماڻهن لاءِ همٿ ۽ اتساهه جو سبب رهيو آهي.
اها ڳالهه ايتري اهميت نٿي رکي ته هر نسل جا نقاد
انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهن ته اعلان جو
پهريون حصو سچ تي ٻڌل نه آهي ڇاڪاڻ ته انسان دنيا
۾ اچڻ سان توارث جو وڏو بار کنيو اچن ٿا ۽
جيستائين اعلان جي ٻئين حصي جو تعلق آهي دنيا ۾ اڄ
ڪيتريون ئي اهڙيون جايون آهن جتي گهڻو وقت ٿيو آهي
ته زنجير سياسي مشينري جو حصو نه رهيا آهن.
بهرحال، انهي اعلان جا لفظ ڪنن لاءِ وڻندڙ رهيا
آهن ۽ اسان جو سياسي فلسفو انهي کانسواءِ ٻُسو لڳي
ها.
اهو بيان روسو جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ڪتاب
The Social Contract
جي پهرئين صفحي تي نظر ايندو. انهي ڪتاب جو پهريون
ڇاپو فرانسسي ٻولي ۾ 1762ع ۾ آيو هو. روسو جي عمر
تڏهن 50 ورهيه هئي ۽ هو تڏهن ادبي ڪمن ڪارين جي
عروج تي هو. لانوويلا هيلوئيز نالي سندس ناول هڪ
ورهيه اڳ ڇپيو هو ۽ ايملي
Le Contract Social
کان ڪجهه مهينا پوءِ ڇپيو. پر عام پڙهندڙ کيس جنهن
ڪتاب جي سبب سڀ کان وڌيڪ سڃاڻي ٿو اهو
Confessions
آهي ۽ اهو سندس وفات کان ٽي ورهيه پوءِ 1781ع ۾
ڇپيو. حالانڪ اهو 1765ع ۾ مڪمل ٿي ويو هو، انهن
ڪتابياتي تفصيلن کي ڪجهه شخصي بيان سان مڪمل ڪري
سگهجي ٿو. هو 1712ع ۾ جنيوا ۾ ڄائو. تڏهن اهو سئس
(Swiss)
شهر هڪ آزاد رياست هو ۽ فرانسسي انقلاب تائين ائين
ئي رهيو. اها ڳالهه خاص طور اهميت واري آهي ڇاڪاڻ
ته سندس سموري سياسي سوچ تي انهيءَ جو رنگ چڙهيل
رهيو. سندس پيءُ هڪ گهڙي ساز هو. سندس مزاج جذباتي
هو ۽ عادتون فضول خرچي واريون هئس. زان زاڪ کي
تمام اوائلي عمر ۾ ئي مائٽن جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو.
کيس تيرهن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ قانوني دستاويز
تصديق ڪندڙ وڪيل وٽ شاگرد ڪري بيهاريو ويو، پر هن
جلد ئي کيس واپس موڪلي ڇڏيو جو کيس بلڪل نااهل ٿي
سمجهيائين. پوءِ کيس هڪ اُڪر جو ڪم ڪندڙ وٽ شاگرد
طور بيهاريو ويو. هو ٽن ورهين تائين دڙڪا داٻ
سهندو ۽ اڌ بک اڌ ڍؤ تي رهيو. پوءِ 1728ع جي هڪ
شام جڏهن سندس عمر 16 ورهيه هئي هو پنهنجن ڪجهه
نوجوان دوستن سان دير تائين گهر کان ٻاهر رهيو ۽
پوءِ پنهنجي جابر استاد جي ڪاوڙ کي منهن ڏيڻ بجاءِ
ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيائين. اهڙي طرح سندس اهو
رولاڪين وارو سفر شروع ٿيو جنهن جا احوال هن بنا
ڪنهن هٻڪ جي مزا وٺندي پنهنجي ڪتاب
Confessions
۾ بيان ڪيا آهن.
سندس اتفاقي واقف ڪارن ۾ هڪ نوجوان عورت به شامل
هئي. هو جڏهن پهريون دفعو هن عورت سان مليو ته
سندس عمر 28 سال هئي. انهيءَ جو نالو مادام ڊي
وارينز هو. اها ڪجهه مشڪوڪ ڪردار جي مالڪ هئي ۽
اها ڳالهه به طي نٿي سگهي آهي ته کيس سارڊينيا جي
بادشاهه وٽان جيڪا پينشن ملندي هئي اها باضابطه
سياسي ايجنٽ طور سرانجام ڏنل خدمتن عيوض هئي يا هڪ
جاسوس طور ڪيل ڪمن جو معاوضو هئي. پر هوءَ ڏاڍي
سهڻي، هوشيار ۽ پُرجوش طبيعت واري هئي ۽ هن زان
زاڪ تي مهذب ڪندڙ اثر وڌو. هن ليڪ آف انيسي تي
سندس ديهي محل ۾ ڪنهن قسم جي نوڪري ورتي ۽ ڪيترا
سال خادم ۽ عاشق واري ٻٽي حيثيت تي خوش گذاريندو
رهيو تان جو هن 1741ع ۾ پيرس ۾ اديب طور پنهنجو
مقدر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. هن کي اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو
لڳو جو هن کي جيتوڻيڪ جلدئي انسائيڪلوپيڊيا لکندڙن
جي سوسائٽي ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو. پر سندس
طبيعت ۾ ذاتي بغض رکڻ جي عادت سبب هن جا ڪيترائي
دشمن ٿي پيا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس
مايوسي جو هڪ سبب تنهن وقت سندس پاران اها دريافت
هئي ته تهذيب هڪ جڙتو شيءِ ۽ زوال جو سبب آهي ۽
حقيقي معنيٰ ۾ خوش اهو جهنگلي وحشي ماڻهو آهي جيڪو
سادي غربت ۽ اوائلي بي علميءَ واري حالت ۾ رهي ٿو.
جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي سوشل ڪانٽريڪٽ 1762ع ۾
ڇپيو. پر فرانسسي حڪومت جي ڪاٽ ڪوٽ کان بچڻ لاءِ
اهو پيرس بجاءِ ايمسٽرڊم مان ڇپيو هو. اهو لکڻ
وقت سندس ذهن ۾ جيڪي خيال هئا اهي هن هڪ تعارفي
نوٽ ۾ لکيا آهن: ”آءٌ اها ڳولا ڪرڻ چاهيان ٿو ته
ماڻهو جهڙا آهن ۽ قانون جهڙا ٺاهي سگهجن ٿا ڇا
انهيءَ صورت ۾ شهري معاملن لاءِ ڪو انصاف ڀريو ۽
پڪو پختو انتظامي قاعدو جوڙي سگهجي ٿو. اهڙي ڳولا
۾ منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي ته حق ۽ سچ ڪهڙي
شيءِ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ فائدو ڇا ۾ آهي. انهن ٻنهي
ڳالهين کي پاڻ ۾ ٺهڪائي بيهاريان جيئن انصاف ۽
افاديت ٻئي گڏجي هلي سگهن. مون کان سوال ڪيو ويندو
ته ڇا آءٌ ڪو شهزادو يا قانونساز آهيان جو سياست
تي لکي رهيو آهيان؟ آءٌ انهي جو اهو جواب ٿو ڏيان
ته آءٌ انهن ٻنهي مان ڪو به نه آهيان ۽ اهو ئي سبب
آهي جو آءٌ انهي بابت لکي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته
آءٌ جيڪڏهن واقعي شهزادو يا قانونساز هجان ها ته
آءٌ اهو چوڻ ۾ پنهنجو وقت نه وڃايان ها ته ڇا ڪرڻ
گهرجي: آءٌ ته ڪم ڪري ڇڏيان ها يا ماٺ ڪري ويهي
رهان ها“.
هو اڳتي لکي ٿو: هڪ آزاد رياست ۽ هڪ اهڙي اداري جو
ميمبر ٿي پيدا ٿيندي جيڪو پنهنجي اندر ۾ خودمختيار
آهي، آءٌ اهو محسوس ڪريان ٿو ته عوامي معاملن ۾
منهنجي آواز جو اثر ڀلي ڪيترو به ڪمزور ڇو نه هجي،
انهن بابت ووٽ ڏيڻ جو اختيار مون تي اهو فرض ٿو
عائد ڪري ته آءٌ انهن بابت پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو
ڪريان ۽ آءٌ جڏهن به حڪومتن تي غور و فڪر ڪندو
آهيان ته منهنجي پنهنجي ملڪ جي آئين کي پسند ڪرڻ
جا نوان نوان سبب ڳولي آءٌ خوشي محسوس ڪندو
آهيان“.
روسو اهو لکڻ وقت جنيوا جي رياست جو شهري هو جنهن
۾ حڪومت شهرين جي هڪ ننڍڙي ٽولي جي هٿن ۾ هوندي
هئي. هو اهو سوچي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ته جنيوا قديم
يونان ۾ اسپارٽا جي طرز تي هڪ شهري رياست
(City State)
هو ۽ انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو اها اميد رکندو هو
ته سندس پنهنجي ملڪ ۾ سندس ديس واسي انهي خوش نما
لفظ کي پسند ڪندا. پر اتي هن کان غلطي ٿي وئي هئي
ڇاڪاڻ ته جنيوا جا حڪمران پروٽيسٽنٽ سوچ ۽ عمل جي
سخت ترين شڪل جا وڏا حامي هئا ۽ اهي ڪهڙي به حالت
۾ زان زاڪ کي ”وڻندڙ اولاد“ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار
نه هئا.
انهيءَ تمهيد کان پوءِ اسين هن مشهور دعويٰ ڏانهن
اچون ٿا ته ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي.....“ انهي
ٽڪري ۾ اڳتي هلي لکيل آهي: ”ڪيترا ماڻهو اهو سمجهن
ٿا ته هو ٻين جا آقا آهن حقيقت ۾ ته اهي ٻين کان
وڏا غلام آهن. اها سوچ ڪيئن پيدا ٿي آهي؟ مون کي
خبر نه آهي. ڇا انهيءَ کي حق بجانب قرار ڏيڻ لاءِ
ڪو دليل موجود آهي؟ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ انهي
سوال جو جواب ڏئي سگهان ٿو. انهيء ڳالهه کي جيڪڏهن
ڪجهه وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪجي ته انهي جو مطلب اهو
ٿيندو ته روسو اها ڳالهه سمجهائڻ گهري ٿو ته هو
اها ڳالهه نٿو دريافت ڪرڻ گهري ته ماڻهو جن حڪومتن
جي ماتحت هوندا آهن اهي انهن جي اطاعت ڇو ڪندا
آهن. هو اها ڳالهه سمجهڻ چاهي ٿو ته ماڻهن کي انهن
حڪومتن جي اطاعت ڇو ڪرڻ گهرجي.
انهيءَ سوال جو سڀ کان اوائلي سماج يعني ڪٽنب
(Family)
۾ پيدا ٿيڻ ڏکيو هو. ڪٽنب سماج جو واحد فطري نمونو
هو. انهي ۾ ٻار ايستائين پيءُ سان لاڳاپيل رهندا
هئا جيستائين انهن کي سندس تحفظ جي ضرورت هوندي
هئي. جيئن ئي اها ضرورت ختم ٿي ويندي هئي اهي
پنهنجا جدا ڪٽنب ٺاهي وٺندا هئا. سياسي سماجن جي
انهيءَ پهرئين ماڊل ۾ پيءُ حاڪم ۽ ٻار سندس عوام
هوندا هئا ۽ جيئن ته اهي سڀ آزاد ۽ برابر ڄمندا
هئا تنهنڪري اهي پنهنجي آزادي تيستائين ٻين کي
ڏيندا هئا جيستائين اها ڳالهه انهن لاءِ مناسب
هوندي هئي. پر ڪٽنب ۽ رياست ۾ هڪ وڏو فرق آهي.
ڪٽنب ۾ پيءُ ٻارن جي سارسنڀال لهندو آهي ته انهي
جي موٽ ۾ کيس ٻارن وٽان پيار ملندو آهي. پر رياست
۾ حاڪم کان اها اميد نٿي ڪري سگهجي ته هو پنهنجي
عوام سان ائين پيار ڪندو جيئن ڪو پيءُ ڪندو آهي.
حقيقت ۾ سندس عمل پٺيان اصل محرڪ حڪم هلائڻ مان
ملندڙ خوشي هوندو آهي.
ڪنهن رياست جو حڪمران
پنهنجي عوام کان انهي ڪري اطاعت جي اميد ڪندو آهي
جو هن وٽ طاقت ۽ اختيار هوندو آهي. پر روسو جيڪو
ڪجهه چوي ٿو انهي جو مطلب اهو آهي ته طاقت حق ۽ سچ
جو معيار نه آهي
(Might Does Not Make Right).
”اختيار جنهن وٽ به هجي انهي جي تابعداري ڪريو“.
ڪنهن به لحاظ کان ڏسجي ته هيءُ ته اهو ئي ڪم آهي
جيڪو اسان سڀ ڪندا آهيون. پر تڌهن جڏهن اختيار
وارن وٽ اسان کان ائين ڪرائڻ جا ذريعا به هوندا
آهن. اها حقيقت ايتري پڌري پٽ پئي آهي جو انهن کي
بيان ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي. پر انهي ۾ حق ۽ سچ
جو ڪو بيان آهي. ”هڪ ٻيلي ۾ هڪ ڌاڙيل اوچتو منهنجي
سامهون اچي مون کي حيران ڪري ڇڏي ٿو ۽ مون کي
مجبور ٿو ڪري ته آءٌ پنهنجو پرس سندس حوالي ڪري
ڇڏيان. جيڪڏهن مون وٽ اهو هن کي نه ڏيڻ جي ڪا واٽ
هجي ها ته ڇا آءٌ کيس اهو ڏيان ها؟ جيڪڏهن طاقت جو
مطلب حق ۽ سچ آهي ته پوءِ جواب ٿيندو هائو ڇاڪاڻ
ته هن جي هٿ ۾ جيڪو پستول آهي اهو طاقت آهي“. پر
ڳالهه وري ورجائجي ته طاقت حق سچ نه آهي. اسان کي
انهن ئي اختيارن جي تابعداري ڪرڻي آهي جيڪي حق تي
ٻڌل هجن.
هاڻي روسو اهو فرض ٿو ڪري ته اسين سماج جي هڪ اهڙي
حالت تي بحث ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ”اهي رڪاوٽون
جيڪي فطري حالت ۾ انهن جي بقا جي راهه ۾ حائل
آهن“. اهي ايتريون وڏيون آهن جو ڪو فرد اڪيلي سر
انهن کي منهن نٿو ڏئي سگهي. هاڻي جيئن ته ماڻهو ڪي
نيون طاقتون
(Forces)
تخليق نٿا ڪري سگهن، پر اڳ ۾ ئي وجود رکندڙ طاقتن
کي ملائي ۽ انهن کي نئون رخ ڏئي سگهن ٿا تنهنڪري
انهن کي گڏجي هڪ رخ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. پر هتي اسان
کي هڪ گنڀير مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ”مسئلو
هي آهي ته جڏهن پاڻ ۾ گڏجڻ جو ڪو اهڙو طريقو ڳولي
لهبو جيڪو هر لاڳاپيل فرد
(Associate)
جي جان ۽ مال جي انهي سماج جي سموري طاقت سان
حفاظت ۽ بچاءُ ڪندو ۽ جڏهن انهي جي ذريعي هر ماڻهو
ٻين سان گڏبو ته ممڪن آهي ته هو فقط پنهنجي ئي
تابعداري ڪري ۽ بلڪل ائين ئي آزاد رهي جيئن ٻين
سان گڏجڻ کان اڳ هو.
اهو بنيادي مسئلو آهي ۽ انهي جو
حل سماجي معاهدي
(Social Contract)
جي ذريعي ڏنو ويو آهي.
انهيءَ معاهدي جون شقون اهڙي طرح طي ڪيون ويون آهن
جو انهن ۾ بلڪل معمولي ڦيرڦار سان به اهي غير موثر
۽ بيڪار ٿي وينديون. انهن شقن کي درست پس منظر ۾
سمجهڻ کان پوءِ انهن کي انهي هڪ شق ۾ سمائي سگهجي
ٿو ته هر لاڳاپيل فرد پنهنجا سمورا حق سموري سماج
جي حوالي ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هر ماڻهو پاڻ کي
غير مشروط طور سماج جي حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن
حالتون سڀني جي لاءِ برابر هونديون ته ڪنهن کي به
انهن حالتن کي ٻين لاءِ ڏکيو بنائڻ ۾ ڪو فائدو نه
هوندو. وڌيڪ اها ڳالهه ته جڏهن سڀڪو پنهنجن حقن
کان غير مشروط طور دستبردار ٿيندو ته ڳانڍاپو هر
لحاظ کان مڪمل ٿيندو ۽ ڪو به لاڳاپيل فرد ڪنهن به
شيءِ جي طلب نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فردن وٽ ڪي
حق رهيل هوندا ۽ جيئن ته اهڙو ڪو مشترڪ برتر فرد
به نه هوندو جيڪو انهن جو فيصلو ڪري تنهنڪري هر ڪو
جڏهن ڪنهن ڳالهه تي پنهنجو جج پاڻ هوندو ته هو
جلدئي سڀني ڳالهين ۾ پنهنجو جج پاڻ ٿيڻ جي دعويٰ
ڪندو؛ فطرت جي حالت تڏهن به جاري هوندي ۽ فردن جو
ڳانڍاپو لازماً زور ۽ ڏاڍ وارو يا بيڪار ٿي ويندو.
مختصر طور چئجي ته هر ماڻهو پنهنجو پاڻ سڀني جي
حوالي ڪندي ڄڻ ته پاڻ کي ڪنهن جي به حوالي نٿو
ڪري؛ ۽ جيئن ته اهڙو ڪو به ڳانڍاپيل فرد نه هوندو
آهي جنهن تي هن کي اهڙا ساڳيائي حق حاصل نه هوندا
آهن جهڙا هو پنهنجي ذات جي مٿان ٻين کي نٿو حوالي
ڪري ته هو هر اها شيءِ جيڪا هٿان وڃائي ٿو انهي جي
برابر ٻيون شيون حاصل ڪري ٿو، ۽ هن وٽ جيڪو ڪجهه
آهي انهن جي بقا لاءِ طاقت به حاصل ڪري ٿو. اهڙي
طرح جڏهن سماجي معاهدي مان ڀراءَ ۽ واڌارا ڪڍي
ڇڏجن ته ان جو بنيادي ڍانچو هي بيهندو؛ ”اسان مان
هر هڪ پنهنجي ذات ۽ پنهنجي سموري طاقت کي گڏيل طور
عوام جي مرضي
(General Will)
ماتحت رکي ٿو ۽ موٽ ۾ اسان کي پنهنجي اداراجاتي
حيثيت ۾ ڪُل
(Whole)
جو هڪ ننڍڙو حصو ملي ٿو“.
اهڙي طرح معاهدي ۾ شامل ماڻهن جي انفرادي شخصيتن
جي جاءِ تي هڪ اخلاقي ۽ اجتماعي ادارو آندو وڃي ٿو
جيڪو ايترن ئي ميمبرن تي ٻڌل هوندو آهي جيترا
اسيمبليءَ ۾ ووٽر هوندا آهن ۽ انهي کي ڳانڍاپي جي
انهي عمل ذريعي پنهنجي ٻڌي ۽ اتحاد، پنهنجي مشترڪ
ذات يا سڃاڻپ ۽ پنهنجو ارادو
(Will)
ملندو آهي. سڀني انفرادي ميمبرن جي ميلاپ مان ٺهيل
انهيءَ اداري انهي عوامي شخصيت
(Public Person)
کي اڳ ۾ شهر
(City)
سڏيو ويندو هو ۽ انهي کي رياست
(Republic)
چيو وڃي ٿو: اهو جڏهن غير سرگرم هوندو آهي ته
State
سڏيو ويندو آهي ۽ جڏهن سرگرم هوندو آهي ته حاڪم
اعليٰ
(Sovereign)
سڏيو ويندو آهي ۽ ان جي جڏهن پاڻ جهڙن ٻين سان ڀيٽ
ڪئي ويندي آهي ته ان کي
Power
سڏيو ويندو آهي. جيستائين انهيءَ ۾ ڳانڍاپو رکندڙن
جو تعلق آهي ته انهن کي گڏيل طور عوام
(People)
چيو ويندو آهي. حاڪم اعليٰ جي طاقت ۾ شريڪ طور
انهن کي شهري
(Citizen)
چيو ويندو آهي ۽ رياست جي قانونن جي ماتحت طور
انهن کي محڪوم
(Subjects)
چيو ويندو آهي.
سماجي معاهدي جو نظريو خود روسو جي لفظن ۾ اجهو
ائين ڏنل آهي. هن اهو نظريو پاڻ ايجاد نه ڪيو هو.
اهو نظريو ته سماج جو بنياد هڪ اهڙي معاهدي تي آهي
جنهن تي عوام ۽ انهن جي حاڪم يا حڪومت متفق ٿيا
آهن ته انهيءَ جون پاڙون وچئين دور جي سياسي
فلسفين تائين پهچن ٿيون. ۽ سورهين کان ارڙهين
صديءَ جي وڏين آئيني جدوجهدن ۾ به انهيءَ جو اڪثر
ذڪر ٿيندو رهندو هو. انهيءَ جو تمام واضح اظهار
1688ع
جي ڪانوينشن پارليامينٽ طرفان ڪيل اعلان ۾ به ڏسي
سگهجي ٿو جنهن ۾ جيمس ٻئين تي الزام مڙهيو ويو هو
ته هن بادشاهه ۽ عوام جي وچ ۾ ٿيل اصلي معاهدو ڀڃي
ڇڏيو هو. پر اها ڳالهه انگلينڊ ۾ ٿي هئي ۽ جيئن ته
انگريز بادشاهه کي 1649ع ۾ ڦاهي ڏني وئي هئي
تنهنڪري يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اها متفق راءِ هئي ته
سياسي معاملن ۾ انگريزي سوچ ۽ عمل ايترا نج ۽
ايترا سخت آهن جو انهن جي پيروي نٿي ڪري سگهجي. پر
روسو جيڪڏهن فرانسسي نه هو ته هڪ سٺو يورپي ته
بهرحال هو ۽ کيس جيڪو ڪجهه چوڻو هو اهو هر انهيءَ
علائقي ۾ ٻڌو ويو جتي فرانسسي زبان سمجهي وئي ٿي.
هن جي نظريي سڀني ترقي يافته ملڪن ۽ خاص طور فرانس
۾ سياسي نظرين جي واڌويجهه ۾ تمام گهڻو اثر وڌو.
حقيقت ۾ کيس 1789ع واري فرانسسي انقلاب جو فڪري
ابو ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڪتاب کي انهي انتها پسند
جمهوري پارٽي پنهنجي بائيبل طور اختيار ڪيو هو
جنهن جو ليڊر رابس پيئر هو.
پر جيئن ٻين عظيم سياسي مفڪرن سان ٿيندو رهيو آهي.
ماڻهو هن جي ڪتابن جي صفحن ۾ به اهي ئي ڳالهيون
ڳوليندا رهيا جيڪي انهن کي گهربل هيون. انهن جيڪي
ڳالهيون اتي ڏسڻ جي دعويٰ ڪئي ٿي حقيقت ۾ انهن جو
وڏو حصو اتي موجود نه هو. روسو مڪمل جمهوريت نواز
نه هو. ۽ سندس اهو نظريو ته جنرل ول
(General Will)
رياست جي سمورن ميمبرن جي خواهش کان ڪا جدا شيءِ
آهي. اهو ايترو ته بگڙجي ويو آهي جو انهي مان لوئي
نيپولين (نيپولين ٽئين) کان وٺي هٽلر تائين جهڙن
ڊڪٽيٽرن کي شهه ملندي رهي آهي. هو عام راءِ جي جاچ
جوچ ۽ ان تي بندش جو قائل هو. هن عورتن کي برابر
حق ڏيڻ بابت ڪجهه سوچيو ئي نه هو. هو جيتوڻيڪ
مذهبي رواداريءَ ۾ پڪي ايمان جي دعويٰ ڪندو هو ته
به اها ڳالهه به ظاهر ظهور چئي هئائين ته جيڪي
ماڻهو رياست پاران مذهب جي وصف قرار ڏنل نظرين کي
کلي عام تسليم ڪرڻ کان پوءِ انهن کان دستبردار
ٿيندا ته رياست انهن کي موت جي سزا ڏيڻ ۾ حق بجانب
هوندي. سندس تعليم تي اهي ڪارا چٽا آهن.
هو سندس سموري زندگي عام طور غريب ئي رهيو. گهڻو
ڪري سندس نندا ٿيندي رهي ۽ ماڻهو هن کان شديد نفرت
ڪندا رهيا. ۽ جيڪي ماڻهو کيس کارائيندا هئا انهن
جي هٿن ۾ چڪ هڻڻ تي به سندس ضمير کي ڪا چهنڊڙي نه
لڳندي هئي. پر اندروني طور هو هڪ نج روح ۽ انقلاب
جو اهڙو پروانو هو جنهن کي ڏاڍ کان نفرت هوندي هئي
۽ پاڻ جهڙن ماڻهن تي ڪهل ايندي هئس. |