سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1/ 2000ع

مضمون --

صفحو :9

هڪ ڏينهن مس فاڪس آرڪسٽرا تي هڪ حادثاتي گيت الاپي هي هئي ۽ آصف ان شاعر کي، جمنهن اهڙو گيت لکيودل ئي دل ۾ ........  چپ چپ ٻڌي رهيو هو ته اوچتو هن کي سرنهن جو گل ياد آيو..... ڇو ته دروازي کان سندس ڀيڻ جو لالچي مڙس داخل ٿيو، پوءِ آصف کي ڏسي  شڪي ٿيو، ليڪن جڏهن مس فاڪس  مشڪندي کيس سڏڻ لڳي ته آصف صوفي تان اٿي پيو،مس فاڪس ، آصف جا بدليل خيال ڏسي ٽهڪي پيئي  يعني .... اهو روز هتي ايندو آهي.

اهو ڏسي ۽ ٻڌي هن ڇا ڪيو جو چيني ريسٽورنٽ جي هڪ چوڪ تي شام پنهنجو ڪارو ڀنل رئو پکيڙيون پئي هئي،  هو بس اسٽاپ جي ٿنڀي سان ٽيڪ ڏيو سگريٽ دکايون، هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسي مشڪي رهيو هو........ هڪ ٿلهي متاري پنجابي عورت کي بندري قد ۽ سنهڙي بت سان گڏ مڙس ڏسي وڏو ٽهڪ ڏنائين .......... عورت پنهنجي مڙس  کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ .......... چيو ڪو چريو معلوم ٿئي ٿو.

نه نه ......... مان چريونه آهيان، چريو ته گانڌي  آهي........ نه جناح چريو آهي....... نه فقيراپي چريو آهي، جيڪو مزدوري ڪري ٿو، هو هو هو.

پنجابي عورت چوڪ تي بيٺل سپاهي کي ڏسڻ لڳي ۽ سامهون مس فاڪس سائيڪل تي ايندي ڏيک ڏنو ۽ آصف کيس ڊارلنگ حسينه تنهنجو ڪڏهن کان ........ چوندو، ڏانهس وڌويو،هؤ به هن کي ڏسي سائيڪل کا ن لهي پئي، پوءِ ڄاڻي ڇا ٿيو........ چيني ريسٽوينٽ جو سڄو چوڪ غضب ناڪ رڙين سان ....... رهيو هو............ ماري وڌائين ها ماري وڌائين، خون، ڊوڙيو پڪڙيو، ماريو.....

جڏهن رڙيون ماٺيون ٿيون ته آسمان جي پهرين تاري ڏٺو ته مس فاڪس رت ۾ ڀري پيئي آهي،آصف کي ٻن سپاهين قابو ڪري ورتو هو، ۽ هو پنهنجون رتائون چاقون بلند  ڪيون چئي رهيون هو.

” ڏسو! سڄو چوسيل رت وهي رهيو آهي، هاڻ منهنجي ڀيڻ جي ڳٽڙن تي سرنهن جا گل ڪڏهن به نه ٽڙندا ........ اهل وطن ....... مون مس فاڪس کي ماري وڌو آهي.ها اهل وطن ها اهل وطن.“

پوليس انسپيڪٽر آصف کي ........ ۽ ماڻهن جي........

” واهه...... وڏو بهادر آهي .......... عورت کي ماري وڌائين.“

” ڪو چريو معلوم ٿئي ٿو.“

مگر هنجي هڪ ئي ٻولي هئي ته:

” ماري وڌو آ هي، پنهنجي جواني کي ماري وڌو آهي، سڄو رت ...... مس فاڪس کي ماري وڌو آهي.“

”ها اهل وطن......“

علي محمد درد سولنگي                                                   ڪهاڻي

 

بيوقوف

 

ساحره اڄ جيئن ئي آفيس ۾ داخل ٿي ته ڏاڍي خوش خوش لڳي رهي هئي، نارنگي رنگ جو وڳو هن کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بنائي رهيو هو، هن جو چهرو گلاب جي گل وانگيان ٽڙِي رهيو هو، هو اڳي کان وڌيڪ سمارٽ لڳي رهي هئي، هو فاتحانه انداز ۾ وکون کڻندي مون ڏانهن اچي رهي هئي، ساحرهه منهنجي ننڍپڻ جي سهيلي ۽ رازدار دوست آهي، اسين پنهنجي ڪا به ڳالهه هڪ ٻئي کان نه لڪائينديون آهيون.

”ڪيئن آهين سلطانه،“ ساحره ڪرسي تي ويهندي چيو.

” مون کي ڇڏ، تون ٻڌاءِ! اڄ ڏاڍي خوش پيئي نظر اچين.“

”محترمه! صرف نظر نه پيئي اچان پرآهيان به.“

” اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي.“

” محترمه! مابدولت جي شادي پيئي ٿيئي.“

” ڪنهن سان مون بيچيني مان پڇيو.“

اوهه ڪهڙي بيوقوف جونالو ورتو اٿئي،....... منهنجو موڊ خراب ڪري ڇڏيئي،.........

”منهنجي  شادي سهيل سان نه پر سارنگ سان پيئ ٿيئي“

” پر هو سهيل.“

”ڇڏ بابا..... هاڻي ته جيڪو ڪجهه آهي، سارنگ آهي.“

”پر تون ته سهيل سان محبت ڪندي هئينءَ ۽ ان سان شادي جا معاملا به طي ڪيا هيئي.“

سهيل نه منهنجو ائيڊيل هيو...... نه ئي مون کي هن سان محبت هئي.

”ڏس سلطانه ! اسان کي ڪنهن نه ڪنهن سان ته شادي ڪرڻِي هوندي آهي. ان ڪري جڏهن سهيل اڻ سڌي طرح مون سان محبت

جو اظهار ڪيو ته منهنجي ذهن ۾ آيو   ته مائٽ ڪنهن سان ته شادي ڪرائيندا، آخر ڪهڙي ڪهڙي رشتي کان انڪار ڪنديس ٻيو ته جنهن سان شادي ٿئي اهو الائي ڪهڙي ٽائيپ جو هجي، ۽ اڄ ڪلهه سٺا رشتا ملڻ به مسئلو آهي، تنهن ڪري سوچيم، سهيل ڏٺل وائٺل به آهي، وڏي ڳالهه ته مون سان محبت به ڪري ٿو، ان ڪري منهنجو خيال به رکندو ۽ منهنجي هر خواهش جو احترام ڪرڻ سان گڏ گهڻي روڪ ٽوڪ به نه ڪندو.“

” پوءِ..........“ 
” پوءِ ڇا....... مون سهيل جو پيار سوئيڪار  ڪيو پر مٿئين دل سان، هن کي ويٽنگ لسٽ تي رکيو هو ۽ مون کي بهترين رشتي جو انتظار رهيو، ڇو ته منهنجا ڪي خواب هئا جيڪي سهيل پورا نه ٿي ڪري سگهيو.“

”پر ساحره.......“

” پر پرڪجهه نه ....... ان ڏينهن سارنگ جو رشتو آيو ته ........ سڀ گهر وارا ڏاڍا خوش ٿيا، ڇو ته سارنگ تمام سٺي عهدي تي فائز هجڻ سان گڏ خوش شڪل به آهي.“

”پر هو سهيل....“

”سهيل ڪجهه نه ڪندو.“

”تو ڪيئن سمجهيو... ته هو ڪجهه نه ڪندو.“

”ان جو به هڪ سبب آهي.“

”ڪهڙو سبب.“

اهو ته ان ڏينهن سهيل جي سالگرهه هئي مون کيس وش ڪرڻ لاءِ ساڻس ملڻ جو ٽائيم رکيو، پر هن رشتي جي ڪري مون پنهنجو خيال بدلائي ڇڏيو، هو منهنجو انتظار ڪندو رهيو پر آءٌ نه ويس... پوءِ هو ناراض ٿي ويو ۽ ٻڌو آهي. ”بيمار به ٿي پيو آهي.“

”پوءِ... تون هن کي پڇڻ وئينءَ.“

”اڙي چريي... وڃڻو هجي ها ته ان ڏينهن نه وڃان ها.“

”پوءِ ....“

”پوءِ وري ڇا... هڪ ڏينهن مون کي هڪ لفافو مليو، جنهن ۾ هن ڏانهن لکيل منهنجن سمورن خطن سان گڏ، هن جو لکيل هڪ خط به هيو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته ” ساحره مون کي پنهنجي خوشي کان وڌيڪ تنهنجي خوشي عزيز  آهي. تنهنجيون امانتون باسلامت واپس ڪري رهيو آهيان ته جيئن تون جيڪو به فيصلو ڪرين بغير ڪنهن خوف ۽ کٽڪي جي ڪرين، مان زندگي جي ڪنهن به موڙ تي تو کي ڪا ميار ڏيندس، نه ئي وري تنهنجي خوشين ۾ رڪاوٽ بڻجندس.“

” هن کي ڪيئن خبر پئي.“

”هن کي شبنم ٻڌايو هو.“

” پوءِ تو ڇا ڪيو ........“

” مون.... مون خدا جو شڪر ادا ڪيو،  ته بغير ڪنهن هٿ پير هڻڻ جي سارا ثبوت مون کي ملي ويا.......... نه نه.“

”نه نه هو تو کي بليڪ ميل ڪري ۽ خطن آڌار تو کي بدنام به ڪري سگهيو ٿي ۽ تنهنجي رشتي ۾ رڪاوٽون به وجهي ٿي سگهيو.“

” ها پر، هو ايئن نه ٿي ڪري سگهيو.“

”ڇو؟“

” ڇو ته هن کي مون سان محبت آهي ۽ سهيل جي چوڻ مطابق ته محبت ڪرڻ وارا  پنهنجي محبوب کي بدنام نه ڪندا آهن .“

” مطلب ته صفا بيوقوف آهي بيوقوف ڇا، بيوقوفن جو سردار چئه،“

ساهره ٽهڪ ڏيندي چيو:

” چئبو ته شادي جو ن تياريون زورن تي آهن.“

” ها پر.. هڪ خوف اٿم.“

” ڪهڙو.........“

 اهو اهو ته ...... سارنگ جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڏاڍيون تيز آهن اهي ڪا به گڙ ٻڙ ڪري سگهن ٿيون.“

” هو ائين ڪيئن ٿيون ڪري سگهن ،  هو ته پاڻ رشتي لاءِ ........“

” هو سارنگ جي مجبورڪرڻ تي آيون هيون، ان ڏينهن جڏهن هي مون کي ڏسڻ آيون هيون ،  ۽ مان هنن لاءِ چانهن ٺاهي رهي هئس ته سارنگ جي ڀيڻ به اچي ڪچن ۾ بيٺي، هن ٻڌايو ته :

سارنگ مون کي ڪٿي ڏٺو هيو۽ مان کيس پسند اچي ويئي هئس، جڏهن ته سارنگ جي ماءُ سارنگ جي شادي پنهنجي ڀائٽي سان ڪرڻ جي خواهشمند آهي.“

” ساحره ..... خدانخواسته اهو رشتو نه ٿي سگهيو ته ........ “

” پوءِ سهيل ته ويٺو آهي .“ ساحره مرڪندي چيو :  انڪري ئي مون اڃا ان جي خط جو جواب نه ڏنو آهي.“

” مون ڳالهه نه سمجهي .“

” سرڪار اگر رشتو طئه ٿي ويو ته ٺيڪ نه ته سهيل  کي لکنديس، ته تون ناراض پيو ٿين نه . مون تنهنجي ڪري رشتو ٺڪرائي ڇڏيو آهي، مان ڪالهه به تنهنجي هيس، اڄ به تنهنجي آهيان۽ سڀاڻي به تنهنجي رهنديس.“

” يعني .......... اڃا به ويٽنگ لسٽ تي آهي.“

” بلڪل.....“

” بيوقوف .......... “ ۽ اسان ٻنهي کان ٽهڪ نڪري وڃـن ٿا.


 

محمد سومار شيخ

 

ڳچي جا زيور

 

ڳچي ۾ جيڪي زيور پاتا وڃن ٿا، انهن مان هيٺيان زيور مکيه آهن: هار، چندن هار، ڪٺمال، تائيٿ، سريون، هسي، هانوڙي، وارلو، هانسلي، ويلو، ماڪوڙي ، دل پاڪ، مانڌريا، ڪنٺي ، تعويذ، دُهري، راڻي هار، گلوبند، لاڪيٽ، نيڪلس.

انهن زيورن مان چندن هار، هسي، هانوڙي، گلوبند، تائيٿ، تعويذ،۽ دهري ٺهڻ جڙڻ جو ذڪر هن باب ۾ڪيو ويوآهي . باقي رهيل زيورن جو مختصر ذڪر هتي ڪجي ٿو.

ڪنٺي: 

هي ڳچي جو زيو،هندو ذاتيون جهڙوڪ ڪولهي ۽ مينگهواڙ پهريندا آهن.

مانڌريا:

هي زيور عورتن سان گڏ اڳي مرد به پائيندا هئا،هاڻي مردن مانڌريا پائڻ ڇڏي ڏنا آهن اُهي چاندي مان ٺاهيا ويندا آهن.البت زالون پائينديون اچن.

هار:

هي ڳچي جو عام زيور آهي. ڪٽيل پترو، زنجير ڪڙيون۽ پتلو، هن هار جا مکيه حصا آهن. هن هار جهڙو ٻيون قسم پڻ هار جو آهي، جن کي رائي  هار چئبو آهي.

هسلي:

هسلي جا ٻه قسم آهن: پوري هسلي ، پيني  هسلي يا نهري هسلي

هسلي چاندي مان ٺاهي ويندي آهي. سونڊا ۽ لاڙ جي ٻين ڪيترن  قبرستانن ۾ زالن جي قبر مٿان پٿر تي جيڪي زيور تراشيه ويا آهن . انهن ۾ ٻين زيورن سان گڏ هسلي پڻ شامل آهي، هن کي هس به ڪوٺين.

دل پاڪ:

هي خواجن جي ڳچي جو زيور آهي،زنجير ايتري هوندي آهي، دل پاڪ تي الله۽ رسول جا نالا پڻ اڪريل هوندا آهن. هندو انهن تي پنهنجي مڃتا جا بت اڪرائيندا آهن،۽ ٻيا وري الله ۽ ان جي رسول جا نالا پڻ انهي تي اڪرائي پهريندا آهن.

نيڪلس:

سسادو نيڪلس ۽ داڻيوارو نيڪلس اهي ٻه قسم نيڪلس جا آهن، سنڌي اڳي انهي جي جاءِ تي دل پاڪ پائيندا هئا. هاڻ ان جي جگهه هن زيور والاري آهي، پر ڪي ڪي  قدامت پرست اڃا به  دل پاڪ ٿا پائيندا اچن ۽ ائين سنڌي ثقافت پونين پساهن ۾ آهي.

لاڪيٽ:

هن جا هيٺيان قسم آهن:

ڍولڻ وارو لاڪيٽ، گول پاڪيٽ لاڪيٽ، کارڪن وارو لاڪيٽ.

راڻي هار:

راڻي هار بي انداز قسم آهن:  اهي قسم يا نمونا گهاڙِيٽي جي لحاظ کان هيٺيان آهن:

موتين وارو هار، تلڪين وارو هار، پٽين وارو هار، ڪٽائي وارو هار، مينا وارو هار.

 انهي کان سواءِ ٻيا به هن هار جا گهڻا نمونا آهن، جاجهه سبب انهن کي درگذر ڪجي ٿو.هن هار جا مکيه هيٺيان حصا خاص مشهور آهن.

زنجيري تلڪيون پٽيون، ڪڙا، سرو چونڪا، گهريون

اهي حصا گهاڙيٽي جا مکيه ڌار ڀاڱا آهن، جيڪي گڏي ، اهو  هار ٺاهيو  ويندو آهي.

ڪٺمال( ڪنٺ+ مالا):

هن زيور جا مکيه ٽي حصا سونارا ٺاهي ترتيب ڏيئي ڪٺمال ٺاهيندا آهن: ڍولڻ  داڻا ، سريون.

سڄي ڪٺمال ۾ چار سريون ٿينديون  هر سري ۾ 15 داڻا هوندا آهن، ڪٺمال جي ڍولڻن جا قسم يا نمونا به ڌار ڌار ٿيندا آهن،جن ۾ جڙدار ڍولڻ ، چٽ وارو ڍولڻ ۽ لسو ڍولڻ خاص آهن. ڍولڻ اندران پورو هوندوآهي،سندس هڪ ڍڪڻ پڪو ڪيل هوندو آهي،ڍڪڻ کي ڪي ”ٽوپي“ به سڏيندا آهن. پوچ  وارو پوئي ڪٺمال کي مڪمل ڪندو آهي.

ڏند ڪوٺڙيون سريون ڪنڌ ۾ وجهبيون آهن، جڏهن به ڏند کوٽڻيون هوندو آهي، تڏهن انهي سان ڏند کوٽيندا آهن.

وارلو:

وارلي جا گهاڙيٽي جي لحاظ کان ٻه قسم آهن، تار وارو وٽ وارو.

هانسلي(هس) :

هي زيور چاندي مان ٺاهيو ويندو آهي. ڪولهي يا مينگهواڙ پائينداآهن . ” ڪڇ“ سان تعلق رکندڙ قومون پڻ هي زيور پائينديون آهن.جن ۾ سوڍا ۽ منڌرا اچي وڃن ٿا.

ويلو:

ويلا ٻن قسمن جا ٿيندا  آهن: لسو ويلو، ماڪوڙي وارو ويلو.

هي زيور ڪڇ سان تعلق رکندڙ قومون پائينديون آهن.

هونئن عورتون پونئاڻين جا ٺاهي ڳچي ۾ وجهنديون آهن. گلن جا هار ڪاغذن جا هار عارضي هارن ۾ شمار ٿيندا آهن.ڪي بلوچ ذاتيون” مهلهو“ هار به ٺاهينديون آهن، جنهن ۾ خوشبودار داڻا پوئي ڪنوار جي ڳچي کي خوشبو سان ٻهڪائينديون آهن.موهن جي دڙي مان، پٿرن جا ٺهيل هار پڻ مليا آهن،انهن جي بناوت ۽ نمونو اڄ به ٻهراڙي  جا ڪي ماڻهو ڪم آڻيندا پيا اچن، هيرن ۽ موتين جو هار پڻ مشهور ڳچي جي زيورن ۾ هار مکيه زيور آهي.


 (1)پوري هسلي- اندر خالي ازڀري.

(2)  پيني هسلي- اندر ڀريل، مضبوط، ڏاڍي

} سُرو-سيل مال ٺهيل پتي

(2) گهريون – گول حصي وارو ڀاڱو

(3) ڍولڻ –ڪٺمال جو آخرين حصو جيڪو 5جي انگ سان مشابهت رکي ٿو.

(4) پوچ-پوئڻ جو هنر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com