عورت جي آجپي جي صدي
ڏاهن هميشه ائين چيو آهي ته جيڪڏهن هر انسان
پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، ته جيڪر انسان ذات جو
اهو حصو جيڪو صدين کان پيڙبو رهي ٿو، تنهنجي آجپي
جي واهه نڪري ايندي. شال هن صدي ۾ ائين ٿئي.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان گذريل صدي کي وڏو
شرف حاصل رهيو آهي. ويهينءَ صدي جهڙيون مادي
سهولتون انسان کي ٻي ڪنهن صدي ۾ ميسر نه رهيون.
انسان جي سک ۽ آرام لاءِ سائنسدانن وڏيون ايجادون
ڪيون. ماڻهن لاءِ نه موسم جو مسئلو رهيو نه مفاصلي
جو فڪر! مڪاريون، چالاڪيون، چالبازيون، چاپلوسيون،
بي حيائون، بي شرمايون، ۽ بدڪرداريون ايتريون وڌي
ويون، جو جيڪر جانور کي به شرم اچي. ”جيڪو ڏاڍو سو
گابو“ عام اصول ٿي پيو. ڏاڍا وڌيڪ زور آوار ٿيندا
ويا ۽ هيڻا وڌيڪ هيسبا ويا. هر ڪنهن پنهنجي طاقت
کي منفي انداز ۾ استعمال ڪيو. ماڻهن جو چين سڪون ۽
زندگي تباهه ٿي وئي. هن صدي ۾ انساني زندگي ۽
انساني قدرن کي وڏو ڇهيو رسيو. ماڻهو جو قتل ته هڪ
عام ۽ معمولي ڳالهه بڻجي پيو. ڪنهن چواڻي ته گولي
جي ٺڪاءُ ٻڌڻ کانسواءِ رات جو ننڊ مزو نٿي ڏئي.
هن صدي ۾ دولت کي وڏي اهميت رهي، بس دولت حاصل
ڪرڻي آهي، پوءِ ڀل ڇو نه ڪنهن جو خون به ڪرڻو پوي.
دولت ئي زندگي جو مقصد ۽ معيار ٿي. ڇا ٿيندو آهي
فرض، حق شناسي ڇا آهي، ڇو ڪجي فرض جي پوئواري. هر
ڪنهن کي فقط
Personal Benefits (ذاتي فائدا) گهرجن. لٽ جي مال کي
Modern Language
۾
Right سمجهيو ويو. در حقيقت لُٽ جو مال حاصل ڪرڻ لاءِ لٽيرن جي
ويڙهه ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي لتاڙ ٿي.
ڪي نيڪ انسان اهو منظر ڏسي اڳيان آيا ته جيئن
مظلوم انسانن کي آجپو ڏياري، سندن اهنج دور ڪن. پر
انهن نيڪ بندن مان ڪن کي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا
پيا، ته ڪي وري پس منظر ۾ هليا ويا ۽ دنيا تي وري
به لٽيرن جوئي راڄ رهيو.
اڄ عام ماڻهو کي سجاڳ ڏسي نئين صدي مان اميد ڪجي
ٿي ته انسان آجپو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
سماج جي نئين سري سان جوڙجڪ ٿيندي، جنهن ۾ عدل
هوندو، انصاف هوندو، برابري هوندي. پوءِ يقينن
سنڌي عورت به ان آجپي جي اوٽ وٺي جي پوندي.
محتسب مستي نه ڪر، اڄ مان ڀي پي موٽيو آهيان
هن مئل دنيا اندر مس مس ته جي موٽيو آهيان.
(مخدوم طالب المولي)
پوءِ نه کيس ’ڪاري‘ ٿي قتل ٿيڻ جو ڊپ هوندو، نه
کيس بي حرمت ٿيڻ جو خطرو هوندو ۽ نه جاهل ۽ اڻ
پڙهه هجڻ جو مهڻو ملندو. عورت جي حيثيت بحال ٿيڻ
جي عيوض هيءُ ڌرتيءَ جنت جو نمونو ٿي پوندي. (گ.
ج)
تنوير جوڻيجو سروي
ويهين صدي جون ڪجهه نامور خواتين
مدر ٽريسا: عالمي شهرت رکندڙ ڪوڙهين، بکين ۽ ڏکين
جي امڙ، جنهن انساني جي خدمت ڪئي، هندستان توڙي
هندستان کان ٻاهر ڪوڙهه ورتل ماڻهن کانسواءِ ٻين
ڏتڙيل انسانن جي خدمت ڪئي ۽ جنهن تي کيس نوبل
انعام مليو.
ٽوني موريسن: آمريڪا جي سياهه فام خاتون جنهن کي
ادب جو نوبل انعام مليو، پنجهٺ سالا ٽوني موريسن
جو جنم اوهيو ۾ ٿيو، آفريڪي ادب ۾ پروفيسرآهي.
پنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ هڪ طرف ته عورت جي عظمت
کي اجاگر ڪيو آهي، ٻئي پاسي ڪارن جي حقن جي ڳالهه
ڪئي آهي.
وسلواز مبورسڪا: پولينڊ جي شاعره جنهن کي سندس
شاعري تي ادب جو نوبل انعام مليو، ستهترسالن جي
عمر ۾ هن خاتون قلمي دنيا ۾ ڪالم نگاري ذريعي پير
پاتو ۽ سندس چوڻ آهي ته انسانن سان هر ڪو پيار ڪري
ٿو پر مزو ته آهي جو ماڻهن سان پيار ڪجي.
ڊيگو براٽا مينچو: ظلم جي دنيا ۾ انساني حقن جي
علمبردار جنهن کي امن جو نوبل انعام مليو، سندس
تعلق گوئٽي مالا جي ريڊ انڊين قبيلن سان آهي.
آنگ سانگ سوڪائي: مشهور ۽ عالمي سطح تي شهرت
ماڻيندڙ خاتون جنهن کي برما ۾ فوجي آمريت خلاف
جاکوڙ ۽ جدوجهد تي امن جو نوبل انعام مليو.
گورڊي مير: ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ ستهتر
ساله ڏکڻ آفريڪا جي خاتون جنهن ڪارن جي حقن لاءِ
لکيو ۽38 سالا ڪيريئر ۾ هڪ هزار ناول ۽ ٻه سو
ڪهاڻيون لکيون.
مسز اندرا گانڌي: هندستان جي بهادر وزيرا عظم،
نهرو جي نياڻِي جنهن وڏو عرصو هندستان تي مستحڪم
حڪومت ڪئي.
مسز سونيا گانڌي: عالمي شهرت يافته سونيا گانڌي،
اندرا گانڌي جي ننهن، راجيو جي گهر واري هندستان ۾
حذب اختلاف جي سگهاري ليڊر آهي.
مسز بندرانائڪي: سري لنڪا جي خاتون وزيراعظم جنهن
1960 ۾ اهو عهدو ماڻيو ۽ دنيا جي پهرين خاتون
وزيراعظم بڻي ۽ سندس دور ۾ ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سياسي
تبديليون آيون.
چندريڪا رانا ٽنگا: مسز بندرا نائڪي جي ڌي آهي،
مارڪس جي حامي هن خاتون سڀ کان پهرين پنهنجون
زمينون ماڻهن ۾ ورهايون ۽ سندس اهو قدم سياسي
ڪيريئر ۾ اهم موڙ ثابت ٿيو، ملڪ ۾ پهرين صدر ۽
پوءِ وزيراعظم بڻي، سري لنڪا ۾ امن جي طلبگار عورت
بم جي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجن ڪمن ۾
مصروف آهي.
مسز ڪوري اڪينو: فلپائين جي سياست ۾ اهم نالو صدر
مارڪوس جي دور ۾ سندس گهر واري کي قتل ڪيو ويو ۽
نتيجي ۾ عوامي همدرديون ماڻي فلپائين جي صدر بڻي.
مسز اميلڊ مارڪوس: مسز اميلڊا مارڪو س جي
گھر واري مڙس سان جلا وطنيءَ جي زندگي گذارڻ
کانپوءِ مڙس جي وفات کان پوءِ واپس فلپائين ۾
وڏي سياسي قوت ٿي اڀري آهي.
مسز مارگيٽ ٿيجر: برطانيا جي سياسي ميدان جي ”
آئرن ليڊي“ جنهن برطانيه ۾ وزيراعظم جي حيثيت ۾
يارنهن سال گذاريا ۽ سياسي زندگي ۾ ڪاميابي ماڻي.
مسز بينظير ڀٽو: محترمه بي نظير ڀٽو، ذوالفقار علي
ڀٽي جي نياڻي، جنهن دنيا ۾ ننڍي ۾ ننڍي عمر واري
وزيراعظم جو اعزاز ماڻيو ٻه ڀيرا پاڪستان جي
وزيراعظم رهي، سياسي بحرانن جو جوان مرديءَ سان
مقابلو ڪندي پيئي اچي.
بيگم خالده ضيا: بنگلاديش جي پهرين خاتون وزيراعظم
۽ ايشيا جي پنجين وزيراعظم جو رتبو ماڻيو،
بنگلاديش جي سابق صدر ضياءُ الرحمان جي بيواهه
آهي.
بيگم حسينه واحد: شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ
بنگلاديش جي ٻي خاتون وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي
سياسي ميدان ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.
تانسو چلر: ترڪيءَ جي پهرين خاتون وزيراعظم جو
اعزاز ماڻيندڙ هن خاتون جي عمر هن وقت چوونجاهه
سال آهي. معاشيات ۾ پروفيسر رهي چڪي آهي.
مسز ڪم ڪيمپبل: ڪيناڊا جي خاتون وزيراعظم رهي چڪي
آهي.
ليڊي ڊيانا: هن صدي جي پڇاڙي وارن ڏهاڪن ۾ عالمي
شهرت رکندڙ ليڊي ڊيانا جنهن برطانوي شاهي خاندان
سان مٽي جوڙي پر سندس دل غريب ۽ ڏتڙيل لاءِ ڌڙڪندي
رهي.
حنا اشروي: فلسطيني عوام جي ترجمان حنا اشروي
ميڊرڊ جي امن ڪانفرنس ۾ 1991 نومبر ۾ عوامي ۽
دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻي، وومين آف دي ايئر جو
لقب ماڻيو.
يو، بي: چيني خاتون 1962 ۾ بيجنگ پيٽروليم
انسٽيٽِيوٽ مان گريجوئيشن ڪئي.1988 ۾ سياست ۾ قدم
رکيو ۽ چين جي وزير تجارت اقتصادي تعاون بڻي.
اوگابا، سناڊاڪو: ستر سالا خاتون جيڪا پهرين
ايشيائي خاتون هئي. جيڪا اقوام متحده ۾ هاءِ ڪمشنر
براءِ رفيوجيز جي عهدي تائين رسي.
ليٽيسا، رموز شاهاني: فلپائني سينيٽ ۾ اهو پوزيشن
رکندڙ اقوام متحده ۾ نو سال سماجي ترقي، انساني
حقن ۽ عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪيو.
گلوريا ميڪا پيڪل آرديو: معاشيات ۾ ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري ماڻِيندڙ فلپائين جي سينيٽ ۾ تجارت، ڪامرس ۽
عوامي خدمتن وارين جي چيئرپرسن پڻ رهي آهي،
فلپائيني سياست ۾ اهم مقام رکي ٿي.
سيلي آسيان: ستر ساله هن خاتون جو تعلق هانگ ڪانگ
سان آهي، ڪاروباري دنيا ۾ وڏو نالو هڪ وڏي بزنس
ايمپائير جي مالڪ آهي، سندس چيني اخبار” سنگ تاءُ
“ کي بين الاقوامي اهميت حاصل آهي.
سٽي هروي يانتي رڪماڻه: انڊونيشيا سان تعلق رکندڙ
هي خاتون صدر سوهارتو جي ڌيءُ آهي، ۽ 1993 ۾
حڪمران پارٽي جي وائيس چيئر پرسن ۽ سياسي سگهه
رکندڙ ۽ سندس شمار انڊونيشيا جي اهم واپارين ۾ ٿئي
ٿو.
ڊوئي ٽيڪاڪو: جپاني سياست ۾ نمايان مقام ماڻيندڙ
پارليامينٽ جي پهرين وزيراعطم ٿيڻ کان پوءِ طاقتور
ايوان نمائندگان جي اسپيڪر پڻ رهي آهي.
رقيه عزيز: رقيه عزيز ملائيشيا جي سياسي زندگي ۾
نمايان مقام رکندڙ، وزير صنعت ۽ تجارت رهي چڪي
آهي.
خديجه احمد: ملائيشيا جي واپاري خاتون آهي، اسٽاڪ
بروڪنگ ڪمپني جي مالڪ آهي.
چنگ ين: تائيوان جي مدرٽريسا آهي، سندس نگرانيءَ ۾
ڪم ڪندڙ ادارو ٻارنهن ملڪن ۾ طبي، تعليمي ۽ امدادي
سرگرميون هلائي رهيو آهي ۽ زندگي خدمت خلق لاءِ
وقف ڪري ڇڏي آهي.
چانٽ پيائولي: ٿائي ليند جي هيءَ خاتون ٿائي هوٽلز
جي مالڪ هڪ مشهور واپاري خاتون آهي.
ملڪ ايلزبيٿ: برطانوي ملڪه کي هن صديءَ جي امير
ترين عورت سمجهيو وڃي ٿو، يارنهن ارب ويهه ڪروڙ
ڊالرز جي مالڪ تصور ڪيو وڃي ٿو.
ايلس والٽن: وال مارٽ اسٽورز جي مالڪ آهي ۽ هن
اسٽور جون آمريڪا جي ستٽيهه رياستن ۾ ارڙهن سون
کان وڌڪ شاخون آهن.
ايسٽي لاڊر: نيويارڪ جي ڊپارٽمينل اسٽورز ۾ هن
خاتون جون مصنوعات وڪامجن ٿيون ۽ سڀ کان وڏو نفعو
حاصل ڪندڙ خاتون جو لقب حاصل آهي.
جيڪولين هارنر: دنيا جي وڏي ۾ وڏي چاڪليٽ بنائڻ
واري ڪمپنيءَ ۾ حصيدار آهي ۽ فرم جي انتظامي بورڊ
۾ شامل آهي.
بيگم رعنا لياقت علي خان: پاڪستان جي تحريڪ
آزاديءَ ۾ حصو وٺندڙ خاتون، پاڪستان جي سفير به ٿي
رهي ته گورنر سنڌ به، آل پاڪستان وومين ايسوسئيشن
جو پايو وجهندڙ خاتون آهي.
بيگم شائسته اڪرم الله: پاڪستان جي جدوجهد
آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ پاڪستان جي سفير به
ٿي ڪم ڪيائين.
ڊاڪٽر ساران صديقي: شڪارپور سان تعلق رکندڙ ساران
سنڌ جي پهرين خاتون ڊاڪٽر، جنهن ٻاهرين ملڪن مان
به ڊاڪٽريءَ جون ڊگريون ورتيون ۽ پنهنجو وقت غريب
۽ ڏتڙيل ماڻهن جي خدمت ۾ گذاريو.
آپا شمس عباسي: سيوهڻ جي علمي ادبي گهراڻي سان
تعلق رکندڙ خاتون جنهن ان دور ۾ تعليم ورتي جڏهن
ڇوڪرين جي گهرن کان نڪرڻ عيب تصور ڪيو ويندو هو.
صديءَ جو وڏو حصو عورتن جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾
گذاريائين.
دادي ليلا هرچنداڻي: علم ادب جي دنيا جو وڏو نالو
خاص طرح تعليم جي حوالي سان صديءَ جو وڏو حصو
عورتن کي تعليم ڏيڻ ۾ صرف ڪيائين.
پروفيسر امينه خميساڻي: پروفيسر امينه خميساڻي پاٽ
جي چنه خاندان جي نياڻي لاهور ۾ تعليم ورتائين.
سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪيو ۽
گهڻو وقت تعليم ڏيڻ ۾ صرف ڪيائين.
مسز سنجيده مغل: دادو ضلعي جي ننڍي ڳوٺ ٻورڙيءَ ۾
جنم ورتو. اتان سنڌي فائنل پاس ڪئي. سنڌ
يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ ۾ ايم ايس سي ڪرڻ بعد
يو.ڪي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. ڪوئيت يونيورسٽي ۾ ڪيترا
سال پڙهيائين ۽ عالمي ليول جا ڪيترائي تحقيقي
مقالا لکيائين ۽ ڪانفرنسز اٽيند ڪيائين.
زينت عبدالله چنه: سنڌي ادب جي پهرين ڪهاڻيڪاره،
جنهن ادب سان گڏ سياست ۾ به بهرو ورتو.
ثميره زرين/ ماهتاب محبوب: ادبي دنيا جا وڏا
چمڪندڙ نالا جن هنڌ ۽ سنڌ ۾ بي انتها شهرت ماڻي.
اسٽيفي گراف ۽ مونيڪا سيلز: ٽينس جي دنيا ۾ تهلڪو
مچائيندڙ عالمي شهرت يافته عورتن جي صديءَ جي
پڇاڙيءَ ۾ بي انتها مشهور ٿيون.
عابده حسين: پاڪستاني سياست ۾ مرد سان براه راست
مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر
به رهندي آئي آهي. ان کان سواءِ آمريڪا ۾ سفير،
پاڪستان ۾ وزير ٿي رهي آهي.
مليحه لوڌي: پاڪستان ۾ جرنلزم جي حوالي سان وڏو
نالو. هڪ مشهور انگريزي اخبار جي ايڊيٽر رهي ته
آمريڪا ۾ سفير به رهي.
عاصمه جهانگير: پاڪستان جي مشهور قانونداد وومين
ايڪشن فورم جي باني هيومن رائٽس ڪميشن جي شريڪ
چيئرپرسن پڻ آهي.
لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي، ملڪه ترنم نوجهان:
موسيقيءَ جي دنيا جا اهم نالا جن جو راڄ تقريبن
مني صديءَ تي محيط آهي عالمي شهرت يافته جن جو ڪو
ثاني ڪونهي.
21 صدي ۽ سنڌي عورت
پراڻي صدي وڃڻ ۽ نئين صدي اچڻ سان ماڻهن کي اها
خوشي ٿي سگهي ٿي ته کين ٻه صديون ڏسڻ جو شرف حاصل
ٿيو آهي. ٻيو ته يڪا سارا چار انگ تبديل ٿيڻ واري
تبديلي به سهڻي ٿي لڳي. باقي اسان جي قوم جون
قسمتون ملڪي، سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون ساڳيون
ئي رهڻيون آهن. اڃا به بدتر ٿينديون! باقي صدي
ايڪيهين هجي يا ٻاويهين، دنيا جي عورت ته ترقيءَ
جا سمورا ليڪا لتاڙي ويندي. پر سنڌ جي عورت (سواءِ
ڪن مٺ جيترين جي) ساڳي سورهين صديءَ واري قسمت جي
هنج ۾ هنجهون هاريندي رهندي. جتي ٻار ڄڻڻ، پادر
کائڻ، لوڙڻ ۽ ڪاري ٿي قتلام ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪابه
ترقي کيس پلئه ناهي پوڻي. تنهنڪري اهو نه سمجهڻ
گهرجي ته نئين صديءَ جو پراڻو سج لهڻ شرط اسان جي
عورت تي سونا ڇَٽَ جُهلي پوندا. ياد رکڻ گهرجي ته
اسان کي سمورين نام نهاد جدتن سميت اڃان به الائي
ڪيترين صدين ۽ نسلن تائين سورهين صديءَ ۾ ئي رهي
ٿاڦوڙا هڻڻا آهن.
سحر امداد
ويساهه
اڄ جو ڏينهن سندم آ جيڏي!
اڄ جي ڏينهن لفطن ۾ تون رُڪُ ڀري ڇڏي،
۽ نرم ملائم هٿڙن ۾ تون، لوهي مُڪَ ڀري ڇڏ،
ڪومل شيتل هرديه ۾ تون، اڻ ميو اُتساهه ڀري ڇڏ،
اکڙين ۾ ويساهه ڀري ڇڏ.
اڄ جو ڏينهن سندم آ جيڏي!
لالئون لال لطيف چيو آ
تولئه صديون سال اڳي
جبل جاڙون ڀل ته ڪري
توکي مور نه جهڪڻو آهي
رات انڌيري، واٽ به ويري
توکي مور نه رُڪڻو آهي
مرون کائن ماس سندءِ پر
وچان مور نه ورڻو آهي
ڏورانهين کان ڏرڻو ناهي
اڄ جو ڏينهن سندم آ جيڏي!
اڄ جي ڏينهن لفظن ۾ تون رُڪُ ڀري ڇڏ
۽ نرم ملائم هٿڙن ۾ تون، لوهي مُڪَ ڀري ڇڏي
ڪومل شيتل هرديه ۾ تون، اڻ ميو اُتساهه ڀري ڇڏ
اکڙين ۾ ويساهه ڀري ڇڏ!
*
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمين
(8 مارچ جي حوالي سان)
اٺين مارچ جي ڏينهن او جيڏي
ٻن اکڙين مان لُڙڪ اُگهي ڇڏ
مَرڪي مَرڪي مُرڪي مُرڪي
هٿ ۾ هڪڙو بينر کڻ تون
۽ پوءِ هڪڙو نعرو هڻ تون:
”اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمين!
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمين“
ڌرتيءَ تي تون پير کُپائي
۽ پوءِ اوچي سر ۾ ڳائي:
”اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمين!“
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمن!
سورٺ، سهڻي، نوري مومل، ٻاگهل ۽ مارُل
پنهنجي لوئيءَ جو جهنڊو، اُڀ تائين جهولائي جادُل
جهنڊو اُڀ تائين جُهولائي
ڌرتي ۽ آڪاش ٻُرائي
۽ پوءِ اوچي سُر ۾ ڳائي:
”اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمين!
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ ويمين!“
*
زبيده ميتلو
20 هين صديءَ جو سياسي جانور
سنڌ سماج ”سياسي جانور“ جهجها ۽ تڪڙا پيدا ڪيا. جن
جهالت ۽ ڪارين ريتن کي هٿي ڏني، سياسي جانورن جي
يلغار سماج ۾ انڌ ڌنڌ ڪاهي پيئي، جن سماجي ظابطن
۽ قدرن کي لتاڙي گهر گهر ۾، جڙتو ناخدا سياسي
اڳواڻ ٺاهيا. هر ڪنهن پنهنجي حيواني طاقتن سان
ادارن کي چٿيو ۽ ڇيهو رسايو،پنهنجي پنهنجي ” انا“
کي تسڪين بخشڻ لاءِ (ماڻهن جي ڪنن ۾) زوري مرلي
وڄائي. سندس بي ربط رينگٽ ماڻهن جي مت منجهائي
کين، چو واٽن تي اڪيلو بيهاري غائب ٿيو پئي ويو،
ان لاوارثي ۽ ويچارگي جي ورچڙهيل ماڻهو انفرادي ۽
اجتمائي درندگي جو شڪار ٿيندا رهيا، ماڻهو جانورن
کان به وڌيڪ ڪسندا رهيا. سانن جي ويڙهه منجهه ٻوڙن
وانگر لتاڙبا رهيا، لڳاتار ان رنگ ۽ ڍنگ ماڻهن جي
ٻانهن مان ٻلهه ڪڍي رکيو ۽ اهي وسوِڙيل ۽ منجهيل
گهرن ۾ بند ٿي ويهي رهيا، ائين ڪندي، 21 صديءَ
منهن ڪڍيو. هنن نوان قول قرار ڪيا، نوان منشور
جوڙيا ،چوواٽن تي وڃي، مٽِي سان وچن ڪيا. ڪوڙا ڪنڌ
نمايا.
ڪهڙا ماڻهو
ڌرتي پير ڌرين ٿا
ساڳيا ٻوڙا، ساڳيا سان
مٽي پرکيا
ماتا ڄاتا
ساءِ سڃاتا!
21هين صدي ، 20هين صدي جو پاڻ مرادو تضاد اڀري. هو
20هين صدي جي ڪوڙن عاشقن، جڙتو، ۽ بي بنياد ترقي
جي اڳواڻن جي ڪوڙڪي مان پاڻ ڪڍڻ جي ڀرپور جدوجهد
۾ مصروف نظر آيا، هنن جي ٻڌايل واٽ کان وانجهيل-
نئين روشني راهه جا متلاشي.
21هين صدي ورجايو! سماج جي باظابطه شروعات منهنجي
ئي هٿ وس ٿيڻ ممڪن آهي .
مان شفاف وهندڙ پاڻِي آهيان، مان روشني جي وهندڙ
پائيدار ڌارا آهيان، هي دور منهنجي ئي ترجيحات جو
دور آهي. مان ئي سماج جي واڳ سنڀالي سماج جي ساک
بحال ڪندس!
فخر النساء ٽالپر
21هين صدي جون تقاضائون
(1 ) هڪڙو نظام ۽ رستو متعين ڪري ترقي جي منزل
ڏانهن سفر شروع ڪرڻ.
( 2)
civic senseحاصل
ڪري قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ.
(3) پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ تي زور ڏيڻ،ته
جيئن مجموعي هڪ ذميدار ۽ صحتمند قوم جي تعمير ٿئي.
(4) سڀئي جهگڙا ختم ڪري هڪnational out look
اختيار ڪرڻ ۽ هڪ ئي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون
ڪرڻ .
چوڻ لاءَ ته صرف هڪ ڏينهن کان ٻي ڏينهن جي تبديلي،
پر قومن جي زندگي جو هڪ تاريخي پل21هين صدي جي
آغاز انسان کي پنهنجي عروج تي ۽ زوال جو هڪ
تنقيدي جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
جڏهن ته دنيا جي ڪن حصن ۾ انهي پل کي روشنين ۽
خوشين سان ملهايو ويو، ته ڪن حصن ۾ وري گهڙي جا
ڪانٽا صرف پنهجو ساڳيو سفر طئي ڪندا رهيا، ۽ ماڻهن
لاءِ صرف وقت گذرندو رهيو.
اسان پاڪستانين به انهي لمحي جو گهڻو انتظار ۽
پرچار ڪيو،۽ مٿي ڏنل ٻنهي طريقن سان صدي جي آجيان
ڪئي، پر ڇا ايئن ڪرڻ سان اسان پنهنجي قومي
ذميداري کان آجا ٿي ويا سين؟
جواب آهي ته ”نه“. ڇو ته تاريخي لمحا ملهائڻ جو حق
۽ مطمع نظر اهو هوندو آهي، ته ڪا قوم ترقي جي راهه
تي پنهنجي سفر ۾ ڪيترو اڳتي پهتي آهي.جڏهن اهو
رستو ۽ منزل صحيح آهي ۽ سفر بنا ڪنهن رڪاوٽ جي تيز
رفتاري سان جاري آهي. ته اهو موقعو باعث مسرت
ٿيندو، نه فقط احساس نذامت هوندو.
ڇا، اسان انهي مان ڪنهن به شيءِ کي محسوس ڪيو آهي؛
اسان خوش ۽ مطئمن آهيون يا نادم ۽ فڪر مند! |