بدنصيب ابوجهل
ابوجھل، نااهل،رسول مقبول جن جو وڏو جاني دشمن هو.
هڪ ڏينهن مٺ بند ڪري، حضورﷺجن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو۽
چوڻ لڳو ته ” ته آئون آهيان پيغمبر خدا“ راز
آسماني کان واقف هجڻ جون ڳالهيون ڪندو آهين، ۽ وڏا
دم هڻندو آهين. جيڪڏهن تون دعويٰ ۾ سچو آهين، ته
ٻڌاءِ ته منهنجي هٿ جي مٺ ۾ ڇا آهي. پاڻ کيس
چيائون ته” آءُ تو کي ٻڌايان ته مٺ ۾ ڇا اٿئي، يا
جو جيڪي تنهنجي مٺ ۾ آهي، اهو ٻڌائي ته اسين ڪير
آهيون؟ ابوجهل چيو ته اها ڳالهه ته وڏي عجب جي
آهي. پاڻ چيائون ته ”مان ٻڌايان ٿو ته هٿ ۾ ڇهه
پاهڻيون اٿئي، هاڻي ڪن لائي ٻڌ ته اهي ڇا ٿيون
چون. ابوجهل ٻڌو ته سندس مٺ وارين پاهڻين مان هر
هڪ:
لااِلٰہ گفت والا الله گفت“
گوهر احمد رسول الله سفت.
پاهڻين کي ”ڪلمه لا اِلٰہ الا الله ﷴ الرسول الله“
جي تنوار لڳي پئي هئي.مگر هن مردود ازلي کي هيڏي
وڏي معجز کان به پوءِ حذر ڪونه ٿيو، سندس نادان دل
تي ڪو اثر ڪونه ٿيو.سچ آهي ته” نادان لئي نصيحت،
گنبذ تي هدڙي“
پاهڻيون هٿ مان اڇلائي ڊڪندو ڊڪندو هليو ويو
ابوجهل متعلق مولانا ٿو چوي:
خاڪ بر فرقش که بد ڪور و لعين
چشم او ابليس احمد خاڪ بين.
جو ازل کان سياه ۽ بدباطن ٿئي ٿو، اهو رحمت
اللعالمين جهڙي همدرد ۽ نوح انساني جي باب رحمت
کان فيض حاصل نٿو ڪري.
نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا وٽ تي،
پٽين سندا پار، پاڻهي ٿين پڌرا.
]
اروميءَ جون رهاڻيون تان کنيل [
سارا اورني جيوئيٽ (1449ع-1909ع)
هڪ ڀيري هڪ افسانه نويس دوست، ”ولارٿر“کي صلاح ڏني
هئي ته زندگيءَ ۾ “جيڪي چيزون ڏسجن، انهن کي نهايت
سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان لکڻ گهرجي.“ جيڪا
صلاح پاڻ ولا ڪارٿر کي ڏنائين. ان ان انهيءَ حقيقت
جي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي مس جيوئيٽ پنهنجي ”نيوانگلنڊ“
جي ماڻهن متعلق ڇا لکيو آهي. جيتوڻيڪ هاڻي تمام
ٿورا ماڻهو سندس لکي چيزون پڙهن ٿا،
ان هوندي به هن
جي افسانن ڪيترن ئي نون لکندڙن کي ڪافي
متاثر پئي ڪيو آهي.
هوءَ. ”مين“ رياست ”بروڪ“ شهر ۾ هڪ
چڱي سڌريل ڪٽنب ۾ پيدا ٿي. سندس پهريون ڪتاب“ ڊيپ
هيون“ (عميق آسمان) 1887ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب
۾، آتم ڪهاڻيءَ جي طرز ۾ نيو انگلينڊ جي رهواسين
جو نهايت بغور مطالبو ڪيو اٿس. ان کان پوءِ
به سندس ڪيترائي ناول ۽ افسانا شايع ٿيندا
رهيا، ۽ انهن سڀني ۾هوءَ پنهنجي ڪردارن کان-جن کي
پاڻ ايترو قريب رهي هئي- ڪڏهن به دور ۽ غافل نه
رهي آهي.
سراج
ڪونج
جون جو مهينو هو، شام جا اڃا اٺ به ڪين وڳا هئا،
ٻيلي ۾ پاڇولا گھرا ٿيندا پئي ويا، البت وڻن جي
ٿڙن جي اوٽ منجهان ٻڏندڙ سج جي جهيڻي روشني لياڪا
پائي رهي هئي هڪ ننڍي نينگر، پنهنجي ڳئون کي
هڪليندي گھر ڏانهن پئي ويئي. ڳئون هميشه جيان
پنهنجي سست ۽ ڪڪ ڪندڙ رفتار سان پنڪيون
پئي کائيندي هلي، پر ان هوندي به اها ڳئون ئي
ننڍڙي نينگر جي بهترين رفيق هئي. روشني جھڪي ٿيندي
پئي وئي، پر هي ٻئي ساٿي ان گھاٽي ۽ گنجان ٻيلي ۾
ائين هلندا رهيا، هنن جا قدم ٻيلي جي ور وڪڙن ۽
پيچرن جا چڱيءِ پر هيراڪ ۽ آشنا هئا: هنن جون
اکيون ڪجھ ڏسي سگھيون ٿي يا نه، انهي جي هنن کي ڪا
پرواهه ڪانه هئي.
اونهاري جي مند ۾ شايد ئي ڪا اهڙي رات هوندي هئي،
جڏهن اها ٻڍڙي ڳئون چراگاه جي لوڙهي اندر بيٺل ڏسڻ
۾ اچي. ائين ٿي ڀاسيو ته ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشي
جي ڳالهه اها هئي ته ٻيلي ۾ ڪنهن ’هڪل بيري‘ وڻ جي
ٻوڙن ۾ وڃي لڪي بيهي رهي. سندس ڳچي ۾ هڪ وڏو چڙو
ٻڌل به هو، پر شايد اها پروڙ پئجي وئي ته جيڪڏهن
هو هڪ ئي هنڌ چپ چاپ بنا ڪنهن چرپر جي بيهي رهندي،
ته چڙو ڪين وڄندو.ان ڪري نينگر، ”سلويه، کي ٻڍڙي
ڳئون کي ڳولڻ ۾ ڏاڍو حيران پريشان ٿيڻو پوندو،
گھڻيئي آواز ڏيندي هئي
_”آهو.........هو........آهو“، پر ڪٿان به ڳئون جي
”بان بان“ جو آواز ڪين ايندو هو، تان جو هن جو
ٻاراڻو صبر جواب ڏيئي ويهندو هو. جيڪڏهن اها ڳئون
مالڪن کي ايترو گھڻو ۽ سٺو کير نه ڏيندي هجي ها،
ته شايد هنجو ڳئون سان سلوڪ ڪجھ ٻيوئي هجي ها. ڀلا
ننڍڙي سلويه به هوندي هئي سڄو ڏينهن واندي، نه ڪم
نه هاج، سو ڍڳي جي سموري اون کيس ئي ڪرڻي پوندي
هئي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن موسم خوشگوار هوندي هئي، تڏهن
ڍڳي جون اهي ڇيڳرايون به دل کي پيون وڻنديون هيون،
۽ ائين ڀائنبو هو ته ڄڻ ڳئون ننڍڙي سلويه سان
لڪلڪوٽي راند ٿي ڪئي. ننڍڙي سلويه کي به راند روند
لاءِ جيڏي ساهيڙي هئي ڪانه، سو هو به انهي وندر ۾
خوشي خوشي مشغول ٿي ويندي هئي.
هي ڳولا ۽ تلاس به ڪجھ ايتري طويل ٿي چڪي هئي، جو
خود ڍڳي خلاف معمول رنڀ ڪري پنهنجي موجودگي جو
اعلان جو ڪيو.سلويه جڏهن پنهنجي ٻڍڙي ڳئون_مائيءِ
”مولي“ کي ٻوڙن ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن کان کل نڪري
وئي؛ ۽ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان کيس هڪليندي گهر
ڏانهن هلڻ لڳي. ٻڍي ڳئون کي به شايد وڌيڪ رلڻ گھمڻ
جو ارادو ڪين هو، ان ڪري بنا ڪنهن چون چرا جي اڳتي
وڌڻ لڳي؛ جڏهن ٻئي چراگاهه کان ٻاهر نڪتيون تڏهن
ڍڳي سڌو گھر وارو رستو ورتو، ۽ ڪجھ تيز رفتاري سان
وک وڌائيندي اڳتي هلندي رهي.
کير ڏهڻ جو وقت به اچي ڀريو هو، ۽ هو به کير ڏيڻ
لاءِ تيار هئي، ان ڪري رستي تي گاهه پکو ڏسي چڪ اڌ
هڻڻ لاءِ لوڻو به ڪونه ٿي ڦيرايائين. ڪافي دير ٿي
چڪي هئي ۽ سلويه کي اچي ويچار ورايو ته سندس ٻڍڙي
ناني الائي کيس ڇا چوندي: ساڍي پنجين بجي گهران
نڪتي هئي، ۽ مٿان اچي رات پئي هيس؛ پر اها خبر به
سڀن کي هئي ته انهي ڳئون کي چارڻ ۽ ڳولي اچڻ به
جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانه هئي، جا جهٽ ۾ ٿي پوي. ”مسز
ٽلي“، سلويه جي ناني، پاڻ به انهن ”ٻن سڱن واري
بلا“ جي ڳولا ۾ تهه اونهارن جا ڏينهن جا ڏينهن
رلندي سهڪندي گذري چڪي هئي؛ سو هاڻي ڪنهن کي به
دير مدار لاءِ ميار ڪين ڏيندي هئي. هاڻ ته شڪرانا
جو کيس سلويه جهڙي سلڇڻي نينگر ملي ويئي هئي، جا
کيس اوير سوير چڱي خاصي مدد پئي ڪندي هئي. ڪڏهن
ڪڏهن هن نيڪ بخت ٻڍڙيءَ کي اهو شڪ جاڳندو هو ته
سلويه بعضي ڦرندي هوندي؛ بعضي پنهنجي مرضي سان
هيڏي هوڏي گهمندي ڦرندي هوندي ۽ هو ايئن دنيا ۾
شايد ئي ڪو اهڙو ٻار هوندو، جيڪو سلويه وانگر گهر
کان ٻاهر ايترو گهمڻ ڦرڻ لاءِ ماندو هجي. ماڻهو
چوندا هئا ته سلويه جهڙي نينگر لاءِ، جنهن پنهنجي
ڄمار جا اٺ ئي سال هڪ گنجان صنعتي شهر ۾ گذاريا
هئا، هيءَ تبديلي ڏاڍي چڱي ثابت ٿيندي، پر سلويه
پنهنجي لاءِ ايئن سمجهندي هئي ته ٻنين تي اچڻ کان
اڳ هوءَ ڄڻ ته زنده ئي ڪانه هئي!
جڏهن ٻڍڙي مسز ٽلي، پنهنجي ڌيءَ جي ٻارن ڀرئي گهر
منجهان خلاف اميد سلويه کي پاڻ سان نيئڻ لاءِ
چونڊيو هو ۽ پنهنجي ٻنين ڏانهن اسهي هئي، تڏهن دل
ئي دل ۾ مرڪندي چيو هئائين ته ”ويچاري ماڻهن کان
ٿي ڊڄي.“
ماڻهو ٿا چون ته ماڻهن کان ٿي ڊڄي! پر مون کي سا
پڪ آهي ته هيڪر مون سان هلي، ته هن نينگر کي
پنهنجي پراڻي گهر کان وڇڙڻ جو گهڻو ڏک ڪين ٿيندو.“
۽ جڏهن هو ڳوٺڙي واري سنسسان گهر وٽ پهتا ۽ قلف
لاهڻ لڳا، تڏهن هڪ ٻلي زور سان ”غر غر“ڪندي هنن جي
پيرن سان پنهنجو جسم مهٽڻ لڳي ويچاري اڪيلائي جي
مايل ٻلڙي گهر جون جهرڪيون کائي کائي متاري ٿي پئي
هئي. سلويه دل ئي دل ۾ ويچار ڪيو ته هن گهر ۾
زندگي گذارڻ ۾ ڪيڏو نه لطف ايندو هوءُ پنهنجي شهري
گهر واپس ورڻ جي ڪڏهن ڀلجي به خواهش ڪانه ڪندي.
(کيس سندس نانيءَ منع ڪري ڇڏي هئي ته ان طرف ڪڏهن
به وڃڻ جو خيال نه ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به ان طرف
ويئي ته نرم نرم ڪارڙيءَ گپ ۾ ڦاسي هيٺ هلي ويندي،
۽ وري سندس نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو.)
ٻئي ساٿي ٻيلي جي پاڇولي سان ڍڪيل پيچري تي هلي
رهيا هئا. ڳئون آهستي آهستي پر وڏي وڏي وک کڻي رهي
هئي ۽ نينگر سندس پويان تيز تيز قدم کڻندي پئي
آئي. نهر جي ڪناري تي پهچي ڳئون پاڻي پيئڻ لاءِ ڳچ
وقت بيهي رهي. سلويه کي به سندس انتظار ۾ ماٺ ڪري
بيهڻو پيو. پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا پير نهر جي تانگهي
پاڻي ۾ وجهي، پير ٺارڻ لڳي. ۽ شام جو جهيڻي روشني
۾ اڏامندڙ ڀنڀوريون هن جي بدن سان ڏاڍي نرمائيءَ
سان اچي ٽڪرڻ لڳيون. جڏهن ڳئون اڳتي وڌي ته هوءَ
به نهر جي تانگهي پاڻي ۾ هلڻ ڪري جيڪو ڇپ ڇپ جو
آواز پيدا ٿي رهيو هو، ان کي ٻڌي هن جي معصوم دل
خوشي کان اڇلون ڏيڻ لڳي. هن جي مٿان وڻن جي ٽارين
تي عجيب هنگامو متل هو: وڻن جو ٽاريون پکين ۽
ننڍڙن جانورن سان سٿيون پيون هيون، ۽ اهي سڀ چڱي
طرح جاڳي رهيا هئا. هو پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ ئي مست
مگن هئا، ۽ پنهنجي ننڊاگڙين ٻولين ۾ پنهنجي ساٿين
کي ”شب خير“ چئي رهيا هئا. سلويه به هلندي هلندي
ڳهرجڻ لڳي. پر هاڻي گهر به ايترو دور نه هو.، ۽
هوا به ڏاڍي خوشگوار لڳي رهي هئي. اڳي ٻيلي ۾ ڪڏهن
به ايتري اوير ڪانه ٿي هيس. هو اهو محسوس ڪري رهي
هئي ته ڄڻ ته هوءَ به انهن ڀوري رنگ جي پاڇولن ۽
حرڪت ڪندڙ پنن جو هڪ جزو آهي. سلويه سوچي رهي هئي
ته هن کي ٻني تي آئي سال کن مس ٿيو هو، پر اهو
عرصو ڪيترو نه طويل ٿي محسوس ٿيو. هوءَ حيرت مان
اهو ويچارڻ لڳي ته الائجي هن جي گنجان ۽ پرشور شهر
۾ هر چيز ساڳئي نموني پئي هلي. جيئن هو ڇڏي آئي
هئي؛ يا نه. اچانڪ هن کي سرخ چهري وارو ڇوڪر ياد
آيو، جيڪو هن جو تعاقب ڪري هن کي ڊيڄاريندو رهندو
هو. اهو خيال ايندي ئي سلويه وڻن جي پاڇولن کان
بچڻ لاءِ تڪڙي تڪڙي رستي تي وڌڻ لڳي. |