سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1/ 2000ع

مضمون --

صفحو :3

هن تقريب جي آخر ۾ هن پروگرام جي چيف آرگنائيزر پروفيسر الهه وسايو راڄڙ، وائيس چانسيلر ۽ سڀني آيل مهمان جو ٿورو ادا ڪيو. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان ۽ اخبارن جو به ٿورو ادا ڪيو ۽ جنهن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر جناب ﷴ حسين شيخ جو به ٿورو ادا ڪيو، جنهن تمام گھڻي سهڪار سان نوازيو.

هن تقريب کي سنوارڻ لاءِ ڪيترن ئي شاگردن ۽ استادن ۽ ٻين معزز مهمانن هن تقريب م شرڪت ڪئي.

جن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن:

ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجو، پروفيسر قاضي آصف، پروفيسر ڊاڪٽر رفيعه شيخ، پروفيسر خالده جمالي، پروفيسر عابده طاهراڻِي، پروفيسر پروين شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، رضيه ٻگھيو، پروفيسر نور افروز خواجه، پروفيسر هدايت پريم، پروفيسر راجه الياس، پروفيسر نعيم ناريجو، پروفيسر گلشن سهتو، شميم ٻانڀڻ، پروفيسر نصرت شيخ، پروفيسر مرحب قاسمي، پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ، پروفيسر خديجه انصاري، پروفيسر مهر النساءِ، پروفيسر فهيمده غفار، پروفيسر عزت خواجه، پروفيسر انعام شيخ، پروفيسر سوڀو جمالي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغني شيخ، پروفيسر فريده پنهور، پروفيسر زيب شاهه، پروفيسر عذرا ڪنڌر، پروفيسر قدسيه دريشاڻي، پروفيسر پروين عثماني، ڊين فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽيڊيز ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو ڊين فيڪلٽي آف آرٽس پروفيسر قاضي خادم، امداد حسيني، پي آءِ ڊي جي ڊئريڪٽر، ثمينه وقار، ايس پي او جو ريجنل ڊئريڪٽر جناب گل محمد مستوئي، ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر الاهي بخش ٻانڀڻ، انجنير انوار لوڌي، نيئن زندگي جو ايڊيٽر محمد علي بچاڻي، اديبن ۽ صحافين مان عبدالقادر جوڻيجو، طارق عالم ابڙو، رضيه طارق، ڊاڪٽر شمس صديقي، مسز زاهده شمس صديقي، حسن درس، جاويد مرزا، سردار شاهه، منظور ميراڻي، بخشڻ مهراڻوي، امام علي، ناز سهتو، دودو چانڊيو، رياض سهيل سانگي، نرگس ابڙو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر جناب محمد حسين شيخ، ولي رام ولڀ، گل محمد مغل،  حسن علي عطار، پريسا ڀٽو، عائشه مدد، زبيده گرلس ڪاليج جي سينئر استاد پروفيسر گلزار ايس روبينه چانڊيو، شازيه آخوند، شهنيلا انصاري، سنڌ يونيورسٽي جو پي آر او محترم مجيد پنهور، محترم نياز شيخ، حماد ڪاڪيپوٽو، الطاف ابڙو، منيره جوڻيجو، ۽ ٻين ڪيترن ئي مهمان شرڪت ڪئي.

فوٽو گرافي لاءِ ذلفي، راشد ۽ دريا خان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ وڊيو لاءِ مهرباني حسن علي عطار ڪئي.

هيءَ پروقار تقريب ٻي بجي ڌاران پڄاڻي تي پهتي.

ثريا سوز ڏيپلائي

سانوڻ جي رت آئي

سانوڻ جي رت آئي آهي، رم جهم جان جلائي آهي!

 

هر هڪ شيءِ تي آيو نکار، هر ڪنهن ساريو چين قرار،

پر مون کي ٿي تنهنجي سار، جوت جواني ڏينهڙا چار!

بودن باهه لڳائي آهي؛ سانوڻ جي رت آئي آهي.

 

سانوڻ پسندي ساريون سرتيون، پنهنجن پيارن سان پر پرتيون،

موٽ! ڇڏيم سڀ سهڻا مستيون، توسان ڪهڙا هوڏ ۽ هستيون!

دلڙي درد جلائي آهي، سانوڻ جي رت آئي آهي!

 

تنهنجي ڳالهيون ڪيئن وساريان؟ قرب ڪچهريون ويٺي ساريان؛

تنهنجي ڪارڻ جيءُ جياريان، دل ڇا هي؟ هيءَ جندڙي واريان!

تو ڪيئن ياد ڀلائي آهي، سانوڻ جي رت آئي آهي!

 

تون جي اچين نه، ته جاڳن ڀاڳ؛ توسان آهن راڻل راڳ؛

تون ئي نه سهندين منهنجا چاڳ؛ تنهنجي وس ئي منهنجي واڳ،

پل پل تنهنجي وائي آهي؛ سانوڻ جي رت آئي آهي!

 

دور رهين تون ڌن ڪمائين؛ مون کان وڌ ٿو نوڪري ڀائين،

دلڙي دوري منجهه جلائين! اڃا لکين ٿو ”خوش ته آهين“

نيڻن ننڊ اُڏائي آهي! سانوڻ جي رُت آئي آهي.

 

سرتيون هاڻي ڏين ٿيون طعنو، هاڻ تون ساجن ڇڏ بهانو!

نوڪري منجهه آهه سارو زمانو، قول ڪيو هو تو مردانو!

تنهنجي من ميرائي آهي؛ سانوڻ جي رت آئي آهي!

*

سلميٰ پنهور

غزل

موٽي آيون مست بهارون،

دل ۾ ساجن سُرهيون سارون،

 

پنهنجي سان ئي ٿيندا ليکا،

ڌارين ڏي ٿيون ڪهڙيون ميارون.

 

نيٺ جيت به ٿيندي پنهنجي،

کاڌيون آهن ڏاڍيون هارون.

 

راڳيءَ جو بي من گهايل آ،

سُڏڪن ٿيون تنبوري تارون.

 

ديوارين جيان ٿي ويو آ هو،

پهچي موٽيون منهنجون پُڪارون.

 

ويساهه بنان رشتو ڪهڙو،

هيرڻ پن جا ڦارون ڦارون.

 

ساموئي

 

اڳي سومرن جي ڏينهن ۾ محمد طور جو شهر تختگاهه هو، جو سلطان علاؤالدين جي لشڪر ناس ڪري ڇڏيو. سمن جي ڄامن وري ڪلان ڪوٽ وٽ تختگاهه بنايو، جنهن جو نالو تغلق آباد رکيائون.

 ساموئي به انهيءَ کي ٿا چون. اهو شهر ٺٽي کان ڏيڍ ڪوهه پنڌ تي اُتر الهندي ڏانهن آهي، اهو هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي، اُتي ڪي قبرون ۽ مسجدون آهن. چون ٿا ته اُتي ڪنئاريون ڇوڪريون زمين ۾ گم ٿي ويون هيون، جي سومريون هيون. اُهي دنيا ترڪ ڪري حق بخشي اُتي واريءَ جي دڙن ۾ خدا جي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهنديون هيون. جو انهيءَ وقت ملڪ ۾ ظلم ۽ زبردستي هلندڙ هئي. انهي وقت ڌاري سيد يعقوب مشهري، جو هڪڙو وڏو بزرگ هو، سو اتان لنگهيو انهي جو ٻڌي اُهي ستئي ستيون وٽس آيون ۽ ظالمن کان امان گهريائون. اُتي جي وڏيرن مان ڪي انهن ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ لاءِ خواهشمند ٿيا، پر هنن اُها ڳالهه قبول نٿي ڪئي. هڪڙي ڏينهن دستور موجب صبح جو اُهي درياهه جي ڪناري تي وهنجڻ آيون هيون. اتي اهي ساڻن زور زبردستي ڪرڻ آيا. ڇوڪريون شيخ جهنڊي پاڻي جي ٻيڙيءَ تي چڙهي هن ڀر لنگهي اٿي ڀڳيون، پوءِ هو مهاڻو به درياهه لنگهي پٺيان پين ۽ نيٺ اچي پهتن، هنن کي ٻي پناهه جي جاءِ ڪانه رهي.

خدا کان پناهه گهريائون، اوچتو زمين ڦاٽي پيئي، اُتي ستئي اندر گهڙي ويون. انهيءَ هنڌ ماڻهن زيارتگاهه بڻائي.

(مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهوءَ تان کنيل)
 


احمد خان آصف مصراڻي

ايماندار پٽ ۽ ماءُ باهه ۾

حضرت عيسي جي عرش تي رونق افروز ٿيڻ کان پوءِ مشرڪ بادشاه پهنجي پوجا شروع ڪرائي پنهنجي بادشاهي اندر هي منادي ڦيرائي ته سڀڪو مون کي سجدو ڪري ساڳئي وقت ميدان ۾ وڏو باهه جو آڙاه ٻارائي ڇڏيائين حڪم ڪيو هئائين ته جيڪو مون کي سجدو نه ڪري سو انهي مچ ۾ ٻارڻ ٿي ٻري........... اهڙي وقت استقلال کان ڪم وٺڻ وڏي بهادري جو ڪم هو. ڪيترا ماڻهو، باهه جي خوف کان سجدو ڪندا ويا. جڏهن هڪ دلير خدا پرست عورت جو آيو. تڏهن هن چيو ته، آئون خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سجدو نه ڪنديس. ساهه بيشڪ پيارو آهي، مگر ساهه کان وڌيڪ مون کي ايمان پيارو  آهي. بادشاهه کي انهي تان ڏاڍي مٺيان لڳي. حڪم ڏنائين ته عورت کان سندس ننڍو پٽ کسي باهه ۾ اڇلايو وڃي........

جڏهن معصوم نينگر کي باهه ۾ وڌو ويو، تڏهن به مائي جي ايمان و استقلال ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو. نينگر به آڙاه مان آواز ڪيو ته اي مٺڙي مادر، ايمان سلامت رک، تون ايندين ته باهه کي گل و گلزار ڏسندين. ڪافرن جي لاءِ جلائڻ واري آهي، مگر مومنن لاءِ حصرت ابراهيم وانگر برداً وسلاماً  آهي هن ۾ ٿڌاڻ آهي، گرمي نه  آهي. هن باغ خليل ۾ ڪوثرو سلسبيل جاري آهي، بي خوف هلي آ.ٻين مومنن کي به پاڻ سان وٺيون اچ، هن ۾ خاصان خدا لاءِ مزا ئي مزا آهن.

اندر آ اي مادر اين جامن خوشم

گرچه در صورت ميان آتشم

اندر آ اسرار ابراهيم بين

کو در آتش يافت در و ياسمين

اندر آئو ديگران را هم بخوان

ڪاندر آتش شاه بنها دست خوان

اندر آئيدا مسلمانان همہ

غير عذب دين عذاب است آن همہ

هي عجائبات ايزدي ڏسي به هن يهودي ملعون بادشاهه کي ايمان نه آيو. بدستور پنهنجي ضد تي قائم رهي. جن وزيرن ۽ مشيرن کيس توبه تائب ٿيڻ لاءِ چيو، انهن کي به قيد ڪرايائين.

اهو ٻڌي عورت به باهه ۾ ڪاهي پئي،نينگر ۽ ان جي ماءُ کي سلامت ڏسي ٻيا ايماندار به مچ ۾ ڪاهي پيا.بادشاهه، هي ڏسي ڏاڍو شرمندو ٿيو.هو تپي باهه ٿي،باهه کي چوڻ لڳو،ته تنهجي ساڙڻ واري خاصيت ڪيڏانهن وئي. تون اسان کي ته جلائي ٿي ڇڏين مگر منڪرن کي ته ذرو نٿي چئين. باهه چوڻ لڳي ته .تون اندر اچي منهنجي گرمي ۽ تيزي ڏس. مان ڇا ڪريان. مان جنهن جي حڪم جي بندي آهيان، تنهن جي حڪم کان منهن ڪيئن موڙيان. ڏٺو ڪين اٿئي ته ”جاٽ“ قوم جون ڪتيون ڪيئن نه جھنگل ۾ ڏاڙهنديون آهن. مگر جڏهن مالڪ ساڻ هوندو اٿن ته انهي جي مهمان جي پيرن کي چميون ڏينديون آهن. ڇا مان انهن ڪتين کان به پري آهيان، جو پنهنجي مالڪ جي عزيز بندن کي جلايان........ مان تنهنجي نظر ۾ بي جان آهيان مگر اها تنهنجي چوڪ آهي. مان پنهنجي موليٰ جي حڪم جي محڪوم بندي آهيان: هوا، پاڻي،باهه ۽ خاڪ سڀ الله جي حڪم جا بندا آهن، باهه ان جي حڪم موجب ابراهيم تي گلزار ٿي، هوا قوم عاد کي هلاڪ ڪري ڇڏيو. مگر حضرت هود جي پيروي ڪندڙن کي حفاظت ۾ رکيو. پاڻي فرعون ۽ فرعونين کي نابود ڪيو، حضرت موسيٰ ۽ سندس لشڪر کي محفوظ رکيو. خاڪ قارون جي خزاني کي ڳهي ويئي، مگر حضرت ڪليم الله جي مددگارن کي پنهنجي سيني تي صحيح و سلامت رکيائين.

هن عجائبات ايزدي ڏسي به هن يهودي ملعون بادشاهه کي ايمان نه آيو. بدستور پنهنجي ضد تي قائم رهي. جن وزيرن ۽ مشيرن کيس توبه تائب ٿيڻ لاءِ چيو، انهن کي قيد ڪرايائين.فوراً غيب مان آواز آيو، ته اي يهودي ڪتا ، هوش دار، منهنجي قهر جو بحر موجزن ٿئي ٿو....بس ايتري ۾ اها باهه پکڙجڻ لڳي چاليهن گزن تائين سندس  حلقه ٿي ويو، بادشاه ۽  سندس ساٿين کي جهنم رسيد ڪري ڇڏيائين.

جو شخض اهل حق سان دشمني ڪري ٿو، سو پاڻ ئي خراب ٿي مري ٿو.

اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،

پَلَوَ ۾ پاڻي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com