روز جا توتڙا ٻڌي ٻڌي نيٺ راڄوڻي ۾ وڏيري جي ماءُ
پٽ جي چوٿين شادي جي سنڀٽ جو فيصلو ڪري ورتو.
حجامڻ ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ويو جيڪا ان دم ڳاڙهو
رومال ۽ ناس جي دٻلي ساڻ ڪري اچي حويلي تي پهتي ۽
ڀاڙي ڀتي جا پئسا وٺي اوڏانهن رواني ٿي جتي
ڇوڪريون سجهنديون هيس، وڏي گيهه گيهان کانپوءِ
پُکو نيٺ شاهدان جي نالي نڪتو، جنهن جي سڀ کان وڏي
ڳالهه اها هئي ته هوءِ بيحد غريب مائٽن جي مٿي جو
بار هئي ٻئي مٿان وڏيري جي کنڌي رهيا. هڪ وار وري
ڳاڙهو گهوٽ ٿيو- پٺ پڌري ٿئي تيتر هنجو مڙهه مقام
اڃا رولڙي ۾ هو.
چوويهه ڪيراٽ سون جهڙي سدا سهڻي لکيو لوڙڻ ڪاڻ
شرنائين جي گونجار ۽ دهلن دمامن سان حويليءَ جي
پڌر ۾ پير پاتو ته هُن پنهنجي زندگي ۾ نيئن سنئين
بهار جا جهوٽا محسوس ڪيا.
لنگهياڻين پنهنجون ويٺل نڙيون سرليون ڪيون ته انهن
گڏ ڪاري ڏاوڻ شورڪي نٿ سان گهوٽ ماءُ به ست سري
دهري وارو ڳاٽ مٿي ڪري تاڙين جو ڦهڪو لائيندي سر
ڪڍيو:
’تنهنجي ڄاڃين پيتو کير الا،
تو سان حامي حضرت پير الا‘
غاليچن تي راڄ سان گڏ مهمانن جيان رنگ برنگي بلبن
واري جهرمر ڪندڙ ڪنڊ ۾ ويهي ٽيئي پهاڄون ساڳي
’گريڊ‘ تي پهچڻ ڪري پاڻ ۾ کير ڀت ٿي هيانءَ هلڪو
ڪرڻ لڳيون.
”اسان کيج کٽيو باقي اها ٽيٽمڪڙي اچي سونا آنا
لاهيندي.“
”مٿو اگهاڙو ڪري ڌر تتيءَ جو ٻئي هٿ کڻي چاچي جي
ستن پيڙهين کي نه پٽيائين ته منهنجو نالو به ڪنهن
ڪتيءَ تي رکجو.“
”ائي مئي مڙهانگ کي ته ڏسو ڪيئن نه کانڀٽيون کنيو
بيٺي نچي.“
”اسان ڀيري به ائين پئي نچي.“
”هڻڻ ڏينس کانڀٽيون، پاڻهي خبر پوندس، جڏهن تريون
کوڙيندي.“
مس مس ڪري وڃي ساٺ سوڻ پورا ٿيا، هوڏانهن گهوٽ به
دوستن، عزيزن کان رسا ٽوڙائي سينگاريل ڪمري ۾ اچي
ڪنوار ڀيڙو ٿيو- جرڪندڙ گهونگهٽ هٽائي، کاڏي مٿي
ڪري چوڻ لڳو:
”مٺل، اهڙي سونهن منهنجي اڳ نه ڏٺل.............
مان ازل کان ئي تنهنجي قرب جو ڪٺل.“
ماکي لار جيان ڪنن ۾ رسڻ وارا مٺا ٻول نه چاهيندي
به الائي ڇو شاهدان کي سيڪرين جيان لڳا البت
برجستو آواز کيس وڻيو.
”مٺل اکيون کول............. مون ڏي نهار ته
سهي............“ هُن پنهنجا چپ چمٽي جيان
وڄائيندي چيو.
لحظي لاءِ هن اکيون کڻي ڏانهس نهاريو ته کيس ائين
لڳو ته هو موتئي جي ڪومل مکڙي مان ڦري هڪدم ٿوهر
بنجي پئي آهي...... رڻ جو ساٿي......... هن ڳيت
ڏني ته بيشمار ڪنڊا نڙي ۾ اٽڪي پيس، جن اڃا به کيس
خاطري ڏياري ته هاڻ اهي رڻ-پٽ جا رولڙا، سندس نصيب
آهن.
ڏک مان هن جون اکيون ساوڻ جي مند ۾ ندي وانگر اٿلي
پيون، مبارڪ علي گهٻرائجي کڻي کيس پنهنجي ڊبل فوم
جهڙي ڇاتي سان لاتو.
”رو نه مٺا، مان ڄاڻان ٿو مائٽن جي وڇوڙي توکي
بيحال ڪيو آ، دلجاءِ ڪر کين توسان جلدي ملائبو- هت
توکي ڪا.ئي تڪليف نه ٿيندي. مان سڄو سارو تنهنجو
آهيان، جيسين سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيسين رڳو تنهنجو
ٿي رهندس، تنهنجي سڪ ڪڏهن نه گهٽبي.“
وڏيرو جو چاڳ نئين ڪنوار تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ
ٿيندو ويو.
هتان هتان ڦريو، مٺا مٺا ڪريو بيٺو هيس. سسڻس به
گهور گهور ٿيڻ لڳي، ”منهنجي سوڀاري ٻچڙي صدقو
ٿيانءَ، گهور وڃانءِ! سوڀ نيٺ وري به منهنجي تو
مان ٿيندي. ماءُ- پٽ ٻئي تو ۾ اکيون وجهو اميدوار
ٿي ويٺا آهيون.“
ايئن چوندي سڻس جو اڀو هڏو ٺڪاءُ ٿي ويو شاهدان جي
لوندڙي ۾، هن کان دانهن نڪري وئي.
”چاچي، چاچي! ماري وڌءِ، منهنجي لوندڙي هڏي سان
ٽوڙي رکيئي.“
”گڏهه کي به ڪو گج پائبو.“ هوءَ مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي
ويئي. ”منهنجي ڀاڪر ۾ ٿي تنهنجي لوندڙ
ڀڄي.........ٻلي اهڙِ تون نازڪڙي ٿي پئي آهين.
ڀينگين جي گهر ۾ به اهڙا لاڏ هيئه! دعا ڪر منهنجي
شهزادي پٽ کي جنهن ٻئي مٿا کڻي اگهايئي نه ته يا
ڄمار پئي ڇاڻين ٻهارين ها.“
سسڻس ڪر ڪر ڪندي ٻي ڪوٺي ڏانهن وئي ته هن دري مان
ليئو پائي ٻانهي کي سڏيو جا ڊوڙندي آئي، سندس
ٽامڻي هاڻو منهن ڏسي پريشاني مان پڇڻ لڳي، ”مان
صدقو! ڇا ٿيئي ننڍي سانئڻ.“
”تو واري ٻانڀ وڏيريءَ قرب ڏيئي ماڳهين پورو ٿي
ڪيم“
”ائي گهوڙٽ، مٺيس! ٻانهي سٿر تي هٿ هڻي چيو،
”سائين وڏيرو ايندو ته ڇا چوندو.“
”اهو کل وري ڇا ڪندو، ڪانگن کي جي سونا کنڀ هجن ها
ته اُڏامندي پيا ڏسجن ها.“
”سانئڻ اهڙو پهاڪو ته اسان ڪونه ٻڌو، اسان ته ٻيو
ٻڌو هو.......“
”ائي ڇوري هل، دل نه ڪچي ڪر، سگهو وڃي چيڪو ڀتر
ڪوسو ڪري آ ته ٽاڪوڙ ڪيان.“
آڌي رات جو وڏيرو مبارڪ پنهنجي بيڊ روم ۾ بي آرامي
مان پاسا ورائڻ لڳو، جوڻس کي به جڏهن پاسن وارا
اڀا گوڏا ۽ نوڪدار ٺونٺيون لڳيون ته هن ننڊاکڙي
بيزاري مان چيو:
”ڇا ٿيو اٿئي وڏيرا، ڪُکيون ڪڍي وڌيون اٿئي.“
”ڪيڙو.....“ هن ايذاءُ مان مس ايترو چيو ته هن
’ائي گهوڙا‘ ڪري پلنگ تان هيٺ ٽپو ڏنو ۽ اڇي چادر
ڏي دهشت ڀريل نظرن سان نهارڻ لڳي.
”ڀئو نه ڪر ڪو هنڌ ۾ ته ڪونه ٿو هلي”
”تڏهن خواب ۾ ڏٺئي ڇا“
”مان اهڙو بد ذوق ناهيان جو خوابن ۾ ڪيڙا
ڏسان..... ڏاٺ واري ڪيڙي سور کان بيحال ڪري رکيو
آ....... هاءِ هاءِ......... الاڙي...........“ هو
چنگهڻ لڳو.
”ڏاٺن ۾ به ڪينئان پيا اٿئي! بس وڏيرا هاڻ تون
ڇُٽين.“
”ڇو مان ڇٽس، اها وائي ته نه ڪڍ، ڪا مهل ڪهڙي ڪا
ڪهڙي.“ هن کي ڪيسڪاٽ اچي ويو ته به ڦونڊجي چوڻ
لڳو، ”صبح سان ٿو وڃي ڏاٺ ڪڍرايان.“
”ڪيڏاههن ويندي جمبور وجهائڻ، اهي پاڻهي ڇڻي
پوندئي.“
”مان اهڙو ويل نه ڪونه ها.“
”انهي کان پوءِ ڪهڙو ڇٽو لڳندءِ.“
”مٿو نه هڻ، سمهي پئو ماٺ ڪري.“
ائين چوندي هو جيئن ’الا‘ ڪري اٿيو ته وڃي چيلهه
ڀر ڪريو. هن اڳتي وڌي سهارو ڏنس ته چڙ مان ٻانهن
کان اڇل ڏيندي چوڻ لڳو، تنهنجي اُذبڪين بڪڻ ڪري
پير کسڪي ويو، ڪو جڏو ته ناهيان جو اُٿاريم ٿي.“
”پير يا گوڏو ٿڙي پيئي؟“
”گوڏو ڇو ٿڙندو، اها ته وائي جي سور جي مصيبت آ،
نه ته مان ڪو ڪراڙو ٿوروئي آهيان جو هينئر ئي ٿي
منهنجا گوڏا ڦيرائين.“
ائين ڇئي پلنگ جي ٽيڪ تي اٿي کڙو ٿيو ته ڀر ۾ رکيل
چاندي جي گلاس هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو.
”ڪهڙا ڦڙڦوٽ ٻاريا اٿئي آڌي رات جو! ڇا کپئي“ مون
کي چئو ته مان آڻي ڏيانءِ“
”ڪٻٽ مان ڏاٺ جي دوا لڀنيئ ته کڻي اچ.
هن پلنگ تي ويهندي چيو.
ڪمري جون چارئي بتيون ٻاري به کيس ڪا دوا نه لڌي
ته آخر ۾ سسڻس جي ناس جي دٻلي مان چپٽي ناس جي ڀري
آڻي کاڌل ڏاٺ ۾ وڌائين.
”من تنهنجي سهڻن هٿن جي صدقي اهو سور ٺري پوي.“ هن
ليٽندي چيو: هيءُ به پاسي ۾ اچي پئجي رهيس.
جڏهن وڏيري جي وات مان رکي رکي عجيب قسم جا ڦوڪارا
نڪرڻ لڳا ته هن کي خاطري ٿي ته کيس ننڊ کڻي وئي،
پر هن جي پنهنجي ننڊ پر ڪري اُڏامي وئي.
سدا جيان، سولي جهڙيون سوچون اچي ڳلي پيس. ظاهري
ته گهڻئي رعب تاب رکيو ويٺي هئي پر اندر ۾ لڳل
لوري کيس پل لاءِ به سک جو ساهه نه کڻڻ ڏنو هو. هن
اها زندگي جهڙي به هئي مقدر جو لکيو ڄاڻي جيئن
تيئن ڪري گهارڻ جو فيصلو به ڪري ورتو. پر هڪ
آسري... هڪ سهاري.
جڏهن کوڙ ڏينهن لنگهي ويا ته پڪ ٿي هيس ته هي
اُها ٿوهر نه هئي جنهنجي لامن ۾ گل به نسرندا
آهن. هن جي ڀاڳ ۾ ته رڳو خوفناڪ نوڪدار ڪنڊا هئا.
تنهن رات هن سوچي سوچي پڪو پهه ڪيو ته هوءَ عملي
طرح به ٿوهر جو وڻ بنجي وڏيري جي سامهون ايندي.
سج اڀرڻ سان وڏيري کي ايئن کڻي ڏنائين جيئن سانَ
پاڏو کڻي سڱن تي.
هن اڃا سگريٽ جو پورو سوٽو ئي ڪونه ڀريو جو چوڻ
لڳس:
”وڏيرا مون کي به ته ڪجهه کپي رڳو رات ڏينهن اهي
نڀاڳ جا سوٽا پيو هڻين، تنهن مان ڇا ورندءِ......“
”مٺا هن ننڍي شهر ۾ رهندي به مون توکي راڻين کان
سکيو رکيو آهي، اڃا ڇا کپنئي؟“
”مون کي ڇڙو دل جو چين کپي، ورهين گذري ويا آهن
وڏيرا هاڻي مون کان سٺو نٿو ٿئي، مان چاهيان ٿي ته
ڪوئي هجي جو مون کي امڙ ڪري ڪوٺي.“
”الله ۾ اميد آ،“ هن سگريٽ وسائي ٿڌو شوڪارو ڀري
وراڻيو: ”ڪوشش ته هر جمعرات گهڻي ٿو ڪريان.“
”اهو جمعرات جو وري ڪهڙو شوشو ڇڏيو اٿئي؟“
”انهي شوشي جي پاڻهي توکي خبر پوندي آخر ٻانگي
ساوڻ کي به ته ڪنهن ڳالهه پٺيان ارڙهن ٻار ڄاوا
آهن.“ هن اک ٻيٽي ڪنڌ کي ڌوڻ ڏيئي ٿورو مرڪي
وراڻيو:
”اهي سکڻا دلاسا ٻين کي ڏنا هونديءِ“
مونکان رڳو اها خطا ٿي ته مان جمعرات جو سعيو ڪري
انهن ڏي نه ويندو هوس، هاڻ ٻانگي ڏسيو اٿم ته بسم
الله ڪري پنهنجن حقن ڏي وڃبو آهي.“
”ڀلي وڃين، مون ته نه جهليو ٿيمانءِ“
”هونهه، مان وري ڪو جهلجهڻ جو آهيان ڇا؟ پر مٺا
اُهي ويچاريون ته ويون لسٽ مان نڪري، هاڻ آهين
تون، سو ماٺ ڪيو ويٺي ڏس جمعرات مٺي مراد جا رنگ“
”ڏسان ته ڪهڙا ٿو اڪ ڪارا ڪرين“
”رک موليٰ تي.“ هو شڪار تي وڃڻ جي سنبت ڪاڻ سوير
ئي پلنگ تان اُٿي کڙو ٿيو.
”رات سور کان ڦٿڪين پئي وري شڪار تي ٿو وڃين.“
”اهي سور وري اسان جهڙن لوهه مروڙن کي ڪو جاليندا
ڇا.“
هو تيئن سيٽيو ۽ ڪارتوسن جو ڪئڍلو ڪلهي ۾ هڻي
بندوق جو پٽو کٻي ٻانهن تي لڙڪائي لوڏ سان هلندو
وڃي جيپ ۾ چڙهيو. جتي ٻه چار همراهه اڳ ئي سندس
اوسيئڙي ۾ ها.
سڄيون ساريون سورهن جمعراتون چاڪيءَ جي ڏاند جيان
هلي هلي وڏيرو ساڻو ٿي پيو پر نڪو کڙنڪو تيل.
شاهدان جي طعنن مهڻن کان سڀ شوق شڪار وسري ويس.
چارئي دسون کيس ڄڻ اونداهه ٿي آيون. ڪمدار اچو
چونس، ”سائين فصل ٻڏي ويو“ ته چوين، ”ابا پيو
ٻڏي.“
زمينن جو ڪم به کانئس نه پي سنڀاليو ٿيو، جيڪو
پوءِ سوٽن، ماساتن کي لاچار ٿي سنڀالڻو پيو هو.
ماءُ جي چوڻ تي لڳل ڇٽل ڦٽ کي ڄر هڻايائين، اڳيون
ته مقدر جو لکيو ڀانيو ماٺ ڪيو پيون هيون، پر هن
جل ڦٽاڪيءَ نه رڳو وڏيري جون وايون بتال ڪري
ڇڏيون، پر سندس ٽڀو ئي اونڌو ڪري ڇڏيون. ڏينهن رات
ٻارڻ ٻاريو پئي هئي-* پر هن جو کيس هڪ ئي جواب هو:
”مان ڇا ڪيان، مٺا، منهنجي وس جي ڳالهه ته ناهي،
مان ته ملان موراڻا سڀ جانچي بيٺو آهيان ته سڀ ڪو
مون کي جمعرات جو ڏس ٿو ڏي، نيٺ اهو به ڪو سڀاڳو
سوڻ هوندو.“
”جمعرات جي چڪرن ۾ ڇو اچي پيو آهين، ڇو نه ٿو ڪنهن
حڪيم ڏي وڃين.“
شاهدان جو رايو هن جي مرداڻي قوت تي ڄڻ ڪاري ضرب
ٿي لڳو.
”چري ٿي آهين ڇا. مان ڇو ڪرايان علاج- مان ته
سنئون آهيان، اوهين زائفائون وڃي پنهنجا علاج
ڪرايو.“
”ايڏو بانور تون به نه ڪر وڏيرا! چئنين ۾ ته عيب
ڪونه هوندو- ٿي ٿي کڻي به هڪ ٻن ۾ ٿيندو.“
”مون کي ڪهڙي خبر، مان ڪو ’دايو‘ ته ڪونه آهيان.“
”اولاد نه ٿيڻ معنيٰ ضروري ناهي ته ڪو عيب هجي،
اهو ته رب جو ڏنو آهي ڪنهن کي ڏي يا نه، اهڙا به
اشراف پيا آهن جي صبر سان وقت پيا گذارين. زال ۾
جي عيب هوندن به کڻي ته ٻي ڪري پرڻبا آهن، پر تو
ڏسي وائسي چئن چئن جي حياتي وڃائي ته به پاڻ ڏي
ڪونه ٿو سمجهين، آخر سڀئي عيب الله زالن لاءِ ئي
ته نه خلقيا آهن. حڪيم کان صلاح وٺڻ ۾ ڪهڙو مان
گهٽبئي.“
”گهڻيئي واعظه ڪيئه هاڻ بس ڪري ته ڦيري نه اچي
وڃنيئي.“
”ڦيري ايندي جو...............“
ايتري ۾ ٻانهي اندر اچي دسترخوان وڇائڻ لڳي ته
ٺاهوڪو جواب هن جي چپن تي ئي رهجي ووي.
مبارڪ علي حڪيم ڏي وڃڻ کان گهڻي گيسر ڪئي پر اڳيان
به هي به اگهاڙي ترار، اٿندي ويهندي اهڙا ته گهاو
وڌائينس جو لاچار فون تي ٽائيم وٺي کيس حڪيم ڏي
وڃڻو پيو.
سج لاڙي جڏهن اتان موٽيو ته سندس قدم اڙيا تڙيا پي
پيا.
” ڇا چيئه حڪيم؟“ هوءَ کيس ڏسندي ئي پڇڻ لڳي.
”حڪيم ته مون کي وڏي خفي ۾ وجهي ڇڏيو آ.“
هن صوفي تي ويهندي وراڻيو.
”ڇا جو خفو؟“ جيڪا ڳالهه آهي سا ڪر کڻي، اندر ۾ ڇو
گهٽيو ويٺو آهين؟“
”مٺا.............“ هٿ ۾ جهليل، حڪيم جي ڏنل دوائن
واري وڏي پُڙي ڏي گهوريندي هو وري ٽٻيءَ ۾ پئجي
ويو.
” ڇو ٻڏي وئين، اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ هوءَ جا اڳ
بيٺل هئي، پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ ڪاڻ سندس ويجهو
غاليچي تي ئي ويهي رهي.
”سچي ڪري سڻانيانءِ............. حڪيم چيم ته مون
منجهه حرڪت آ.......“
”مُئا مرض لڳا پوءِ ڇو ٿي پرڻئين مون سان مون
پسونئڙي جي حياتي کڻي وڃايئي.“
ايئن چوندي پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳي.
”مون کي ڪهڙي خبر ته مائٽ مون کي ٻٽيهه مرضئي
واڳون جي وات ۾ وجهندا.“ هن جي اکين مان ڳوڙها جهر
جهر ڪري وهڻ لڳا.
”مٺا رو ته نه.......... تون پوري ڳالهه ته
سڻ..........“
”هو.............و..............ون! ته اهو ڪو خلل
هو.“ هن کيس اڻ ٻڌو ڪندي چيو ”اهي ويچاريون ٽي
نماڻيون، جن صبر ڪري اڇيون سينڌون ڪيون تن سان اهو
ڪو ويل هو، جهان جا مهڻا سهيو به ڍڪ ڍڪيو پيون
هيئي- مون کان رکڻي ڪانه رکبي.“ هن کيس کُليئي پلو
جواب ڏنو.
”اولاد ڪاڻ تون پنهنجي مڙس کي گلا جو گهانگهو
ڏيندينءِ؟“
”مون نيٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو منهنجي حياتي وڃايئي؟
شرع شريعت ۾ به اهو پرڻو بي واجبي آهي.“
”تون آپريشن تائين صبر ته ڪر، نه مون کي بڇڙو ڪر
نه پاڻ....“
”پيريءَ ۾ آپريشنون ڪرائي پنهنجا ڇوڏا لهرائيندين
تنهن مان ڇا ورندءِ؟“
”پوءِ ڇا ڪيان” تنهنجي ڪري ته طبيب حڪيم پڇائيندو
وتان.“
”مان سڄي عمر ڇوڪري ته ڪانه هوندس، تون به سدائين
ته ڪونه هوندين- پيريءَ ۾ ته پنهنجو اولاد ڪم
ايندو.“
”مٺا دولت جا دروازا کليا پيا اٿئي، توکي اولاد جي
ڪهڙي پرواهه“
”مان ٻن ڏيان دولت کي، سڏ تي اها مون ڏي هلي ته نه
ايندي. اولاد بيماري سيماري ۾ ڊوڙندو ته ايندو.
اهي بنگلا ماڙيون چٽيندس ته ڪانه...........“
”صفا لانگڙا لاءِ نه ٿي، ڪجهه ته حيا ڌار.“
هوءَ ڪي گهڙيون سوچ ۾ پئجي وئي.............
هن ڄاتو ٿي ته ’ستي لڪڙن کان موٽي ته ڪتن هاب ٿئي‘
پوءِ به سوچي سوچي هن نيٺ ڇئي ڏنو: ”تو جي شرع
محمدي موجب چار شاديون ڪيون آهن ته مون کي به شرع
محمدي موجب ٽي ڀتر ڏي ته مان به وڃي ڪو ڪکين پنين
لڳا.“
وڏيرو مبارڪ، جو هيلتائين هيٺاهين وٺيو پي آيو
تنهن کيس زورائتي لت وهائي، دوائن وارو پڙو دري
کان ٻاهر اڇليندي هڪدم ڀڙڪو کاڌو: ”رن، جي اهڙوئي
اولاد ڪاڻ ماندي پئي ٿين ته سڄي حويلي پئي ٿئي وڃي
دانگي مل- باقي طلاق کان هڻندو مانءِ منهن وارو
پادر.“
از: وليم سارويان
مترجم: غلام رباني آگرو
ريڍار جي ڌيءَ
منهنجي ڏاڏي، شل ڌڻي وڏي ڄمار ڏيئس، انهي خيال جي
آهي ته سڀني ماڻهن کي پورهيو ڪرڻ کپي.اجهو هينئر
گهڙي کن اڳ مون کي ميز تي چوڻ لڳي: توکي ڪو چڱو
هنر سکڻ گهرجي. ڪاٺ مان يا مٽيءَ مان، ڌاتوءَ مان
يا ڪپڙي مان، ڪانه ڪا اهڙي شيءِ جوڙڻ سک جا عام
ماڻهن کي ڪتب اچي سگهي. تو جهڙي جوان لاءِ اها
ڳالهه شان واري ناهي ته ڪنهن به چڱي هنر جي ڄاڻ نه
رکين. آخر تون ڪهڙي شي جوڙي ٿو سگهين؟ ڪا سادي
سودي ميز، ڪا ڪرسي، ڪا ٿالهي، ٻيو ته ٺهيو، رڳو
هڪڙي ڪافي داني ٺاهي سگهين، ته به ڀلو! مان ٿي
چوان ته آخر توکي اچي ڇا ٿو؟
-
ايئن چئي ڏاڏي ڪاوڙ مان مون ڏي نهارڻ لڳي.
-
ويرم رکي چوڻ لڳي: مون کي خبر آهي ته تون ليکڪ
ٿيڻو آهين ۽ ٿي ويو آهين، هيڏا سارا سگريٽ جو
ساڙين ٿو! سڄو گهر دونهي سان ڀريو پيو آهي. پر
توکي گهرجي ته اهڙيون شيون ٺاهه جن کي ڏسي سگهجي ۽
ڇُهي سگهجي.
-
ايترو چئي، ڏاڏي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ لڳيم:
-
ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هڪڙو بادشاهه هوندو هو. کيس
هڪ پٽ هو جو هڪڙي ريڍار جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو.
هڪڙي ڏينهن شهزادو پنهنجي پيءُ وٽ ويو، ۽ چيائينس
ته بابا، منهنجي هڪڙي ريڍار جي ڌي سان دل ٻُجهي
ويئي آهي. ارادو اٿم ته ساڻس نڪاح ڪريان. پڻس چيس
ته پٽ، مان بادشاهه آهيان ۽ تون منهنجو پٽ آهين
جڏهن مون کي ڌڻي پاڻ وٽ گهرائيندو، تڏهن نيٺ تون
ئي ته بادشاهه ٿيندين؛ هاڻي ايئن ڪيئن ٿي سگهندو
ته تون ڪنهن ريڍار جي ڌيءَ سان شادي ڪرين! شهزادي
جواب ڏنو ته قبلا! مان ٻيو ڪي ڪين ٿو ڄاڻان، رڳو
اها ڄاڻ اٿم ته مان انهي ڇوڪري سان سچي محبت ڪريان
ٿو۽ کيس پنهنجي راڻي بنائيندس بادشاهه ڏٺو شهزادي
جي ڇوڪري سان سچي دل آهي، سو ڇوڪري ڏانهن هڪڙو
قاصد ذريعي نياپو مڪائين ته منهنجو پٽ توسان محبت
ڪري ٿو ۽ ارادو اٿس ته توکي پنهنجي راڻي بڻائي.
جڏهن قاصد اهو نياپو وڃي ڇوڪري کي سڻايو، تڏهن
ڇوڪري قاصد کان پڇيو ته شهزادو ڪهڙي ڪرت ڪندو آهي؟
قاصد اهو سوال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو، ۽ وراڻيائين
ته هو بادشاهه جو پٽ آهي، سو کيس ڪنهن ڪرت ڪرڻ جي
ڪهڙي ضرورت! تنهن تي ڇوڪريءَ چيس ته بادشاهه جي پٽ
کي پهريائين ڪو ڌنڌو ڌاڙي سکڻ کپي. قاصد وڃي اهو
پيغام بادشاهه کي اکر به اکر ٻڌايو. بادشاهه
شهزادي کي گهرائي چيو ته ته ريڍار جي ڌيءَ اجهو هي
جواب ڏنو آهي؛ ڪيئن اٿيئي اڃا ساڻس شادي ڪرڻ جي
مرضي؟ شهزادي چيو ته هائو، مان هاڻي کان ئي تڏا ۽
ٽوئا ٺاهڻ ٿو سکان. پوءِ شهزادو دل و جان سان ڪم
کي جنبي ويو، ۽ ٽن ڏينهن اندر عمدن پٽاپٽي ۽
رنگارنگي تڏن ٺاهڻ ۾ ڀڙ ٿي ويو. قاصد انهن تڏن مان
ٻه چار داڻا کڻي ويو ڇوڪري وٽ ۽ چيائين ته هي تڏ
بادشاهه جي پٽ جوڙيا آهن. ڇوڪري تڏا ڏسي ڏاڍي خوش
ٿي، ۽ قاصد سان گڏجي محلات ۾ پهتي، ۽ شهزادي سان
شادي ڪيائين.
-
هڪڙي ڏهاڙي شهزادو بغداد جي گهٽين ۾ پئي گهميو
ته کيس هڪڙو نانوائيءَ جو دڪان نظر آيو، جو ڏاڍو
صاف سٿرو هو ۽ نهايت عمدي نموني سينگاريل هو.
شهزادو امالڪ مٿي چڙهي ويو، ۽ وڃي هڪڙي ميز اڳيان
ويٺو مڄاڻ ته اهو دڪان ڪو چورن ۽ ڦورن جو اڏو هو!
تن ڇا ڪيو، جو شهزادي کي سوگهو ڪري، آڻي هڪڙي سڪل
کوهه جي تري ۾ قيد ڪيائون جتي ڪيترائي شهر جا امير
قيد هئا. اهي چور ڇا ڪندا هئا، جو مڙني قيدين ۾
جيڪو ٿلهو متارو ڏسندا هئا، تنهن کي ڪهي، مڙني ۾
جو سنهڙو سيپڪ هوندو هو، تنهنکي زوري کارائيندا
هئا! اهو ڄڻ هنن جي ڪاڻ هڪڙو تماشو هو! جيئن ته
شهزادو بت جو هلڪڙو هو، ان ڪري هو في الحال ته موت
کان بچيو رهيو، چورن کي اها ته خبر ئي ڪانه هئي ته
هو ڪو بادشاهه جو پٽ آهي، ڇو ته شهزادي کين ٻڌايو
هو ته مان تيلين مان عمدا تڏا ٺاهيندو آهيان؛
جيڪڏهن توهان مون کي تيليون آڻي ڏيندؤ، ته مان ان
منجهان توهان کي عمدا تڏا جوڙي ڏيندس. جن جي بها
مان توهان جهجهو ناڻو ڪمائيندو، چورن کيس تيليون
آڻي ڏنيون، جن مان شهزادي ٽن ڏينهن اندر ٽي
عاليشان تڏا ٺاهيا. چوٿين ڏينهن تي چورن کي چيائين
ته جي هي ٽي تڏا کڻي ايران جي بادشاهه کي ڏيندو ته
هو اوهان کي هڪ هڪ تڏي جو عيوض سئو اشرفيون ڏيندو.
چور تڏا کڻي بادشاهه وٽ پهتا، جنهن ڏسڻ سان سهي
ڪيو ته تڏا سندس پٽ جا جوڙيل هئا. هڪدم تڏا کڻائي
ويو محلات ۾، ۽ نُنهن کي چيائين ته هي تڏا پنهنجي
شهزادي جا جوڙيل ٿا ڀانئجن، پر شهزادو ته ڪيترن
ڏينهن کان گم آهي! ريڍار جي ڌيءَ تڏن کي چتائي ڏسڻ
لڳي ته کيس تڏن جي اوڄ ۾ ڪي اکر نظر آيا اهي اکر
پڙهي سڄو سماچار سهري کي سڻايائين، جنهن هڪدم جوڌن
جوانن جو هڪ جٿو موڪليو، جنهن وڃي کوهه تي حملو
ڪيو، ۽ سمورن چورن کي ماري قيدين کي آزاد ڪرايو، ۽
شهزادي کي پنهنجي حفاظت هيٺ آڻي بادشاهه وٽ
پهچايو. شهزادو پيءُ کي پيرين پئي، وڌائين ۽
چيائينس ته سچ پچ رڳو تنهنجي سياڻپ ڪري منهنجي جان
بچي آهي. بادشاهه به پنهنجي ننهن تي بيحد راضي
ٿيو.
ڏاڏي ڳالهه پوري ڪري چوڻ لڳي ته ڏٺئي ته ڪيئن هنر
ماڻهو لاءِ ضروري آهي!
مون وراڻيو: ڏاڏي، مون سڀ ڪجهه سمجهيو. منهنجو
واعدو آهي ته جيئن ئي چار ڏوڪڙ ڪمائيندس، ته سڀ
کان اول انهن مان هڪڙو مترڪو، هڪ ڪارائي ۽ ڪاٺ
ٽڪر خريد ڪري، پنهنجي لاءِ ڪا ڪرسي يا ڪتابن لاءِ
ڪٻٽ جوڙيندس.
(چونڊ آمريڪي مختصر افسانا تان ورتل)
شبانه سنڌي ڪهاڻي
ڳالهه
لاڪيٽ ۽ منڊي جي
”سيما جي ڀائرن جا طهر هئا، اڄ رات ميندي هئي ۽
ميندي سيما جي سهيلي عائشه ڪئي هئي. هونئن ته
ميندي سيما جي مامي ڪرڻ پئي چاهي، سڀني ڇوڪرين جو
چوڻ هو ته گهر ويجهو هئڻ سبب ميندي ۾ مزو ڪونه
ايندو. ڇوڪرين جي مرضي هئي ته ميندي ڪنهن اهڙي گهر
مان کنئي وڃي، جيڪو پري هجي ته جيئن مزو به اچي.
گهر جون وڏيون ته ان جي خلاف هيون پر جيئن ته،
خوشي جو موقعو هو، سو ڇوڪرين جي مرضي ۽ خوشيءَ کي
اهميت ڏني وئي. ائين ميندي سيما جي سهيلي جي گهر
رکي وئي. سڀني ڇوڪرين ساوا وڳا ٺهرايا هئا. پوري
خاندان جون ڇوڪريون گڏ ٿيون هيون، خوب ڳائي وڄائي
رهيون هيون ۽ گڏوگڏ هڪٻئي سان کل ڀوڳ به ڪري رهيون
هيو.
ميندي کڻڻ جو ٽائيم رات جا اٺ رکيو ويو هو. ستين
وڳين تقريبا سڀني ڇوڪرين ۽ وڏين ڪپڙائي پائي هار
سينگار ڪري ڇڏيا هئا، هينئر سڀئي اڱڻ ۾ وڇايل گلم
تي ويهي، سهرن مان لطف اندوز ٿي رهيون هيون.
دهل جي آواز سان گڏ ڇوڪرين جي تاڙين جو آواز به
زرو هو، ڇوڪرين ۾ رڳو سيما شامل ڪانه هئي. ڪم جي
ڪري تيار ٿيڻ ۾ دير ٿي ويئي هئي. ۽ هوءَ اڃا هاڻي
مس هٿ منهن ڌوئي ڊريسنگ روم ۾ ويئي هئي.
هن به ميندي رنگ جو وڳو ٺهرايو هو، جلدي جلدي تيار
ٿي هوءَ نڪتي ته سڀني ڇوڪرين گڏيل آواز ۾ ”واهه
واهه“ ڪري هن جي تعريف ڪئي ۽ هوءَ کلندي اچي سندن
وچ ۾ ويٺي ۽ سڀني سان تاڙين ۾ شامل ٿي.
چڱي دير کان پوءِ سيما کي محسوس ٿيو ته سندس ڀرسان
ويٺل ڇوڪريون هن ڏي عجيب نظرن سان ڏسي رهيون هيون،
انهن هڪٻئي جي ڪنن ۾ ڪا ڳالهه چئي مرڪيو پئي، سيما
کي پهرين ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، پر پوءِ جلد
ئي هو سمجهي وئي ته اُهي کيس چيڙائڻ لاءِ ڪا سازش
پيون ڪن. آخرڪار هوءَ گهوٽن جي ڀيڻ هئي ۽ هوءَ
سندس هر مذاق سهڻ لاءِ تيار هئي.
سيما جي سوٽ، جيڪا کيس ڏسي ۽ مرڪي رهي هئي، تنهن
مرڪندي سيما کي چيو: واهه سيما، اڄ ته تون پري لڳي
رهي آهين، سچ ڏاڍي وڻين پئي.
اهو ٻڌي سيما ٽهڪ ڏئي کلي پئي پوءِ مرڪندي چيائين:
ظاهر آ گهوٽن جي ڀيڻ آهيان، تڏهن اوهان سڀني کان
منفرد آهيان. سيما جي ائين چوڻ تي سندس پڦاٽ چيو:
تنهنجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، تون ته هر ڪم ۾ سڀني کان
اڳتي هوندي آهين، پڙهائي ۾، رڌ پچاءُ ۾، سلائي ڀرت
۾،هار سينگار ۾، هيمشه تون ئي ته کٽي ويندين آهين
۽ اسان کي اها به پڪ هئي ته جيون ساٿي چونڊڻ ۾ به
تون کٽي ويندين!؟ پاڻ لاءِ شهزادو چونڊي تو اسانکي
ته رڻ ۾ رولي ڇڏيو آهي. ايئن چئي هن ڀرسان ويٺل
ڇوڪري سان تاڙي ملائي ۽ لڳيون سڀ ڳڏجي ٽهڪ ڏيڻ.
تڏهن سيما مرڪندي چيو، چوين ته تولاءِ به ڪو راڻو
ڳولي وٺان! چڱو جو منهنجو ڌيان ان پاسي ڪيئي، فڪر
نه ڪر منهنجي راڻي، الله مالڪ آ ڪو راڻو نه ته
ڪاڻو ته ضرور ملي ويندو. پوءِ منظور آهي؟ سيما جي
ان مذاق تي سڀ ٽهڪ ڏيئي کلي پيون.
”ڇوڪريون، هاڻي اُٿو ڀلا، اڌ رات ڪرڻ جو ارادو اٿو
ڇا؟
اٿو هاڻ، هلڻ جي تياري ڪريو، هوڏي هو به ته انتظار
۾ هونديون ته ڪڏهن ٿيون اچن ميندي کڻي، هتي توهان
کي ته کل مذاق کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي. سيما
جي ڏاڏيءَ جي ايئن چوڻ تي سڀ آهستي آهستي اٿيون ۽
هلڻ جي تياري ڪرڻ لڳيون.
واهه، سيما لاڪيٽ ۽ مُنڊي ته واهه جي پاتي اٿئي.،
ڪنهن گفٽ ڏني اٿئي يا پاڻ ورتئي؟ فوزيه، جيڪا سيما
جي پاڙي جي ڇوڪري هئي، تنهن لاڪيٽ کي هٿ ۾ کڻي
ڏسندي چيو.
سيما مرڪندي چيو: آهي ته گفٽ، پر توکي ايترو ئي
وڻي ٿو پرهه کي ايترو ئي وڻي ٿو ته ڏيانءَ کڻي،
تنهن تي فوزيه چيو نه بابا، مان وٺان ۽ گفٽ ڏيندڙ
ناراض ٿي وڃيئي ته پوءِ سيما اڃا جواب ڏيڻ لاءِ
وات ئي مس کوليو ته ڀرسان بيٺل سيما جي ماروٽ
مرڪندي چيو: سيما کي وري ڪهڙي پرواهه آ ان جي
ڪاوڙجڻ جي، سيما کي ڳالهه سمجهه ۾ ته ڪانه آئي پر
پوءِ به هوءَ ٻنهي سان گڏ مرڪي پئي.
دهل واري مائي دهل وڄائڻ شروع ڪيو ته سهرن چوڻ
واريون مايون به شروع ٿي ويون.
۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري سڀ ٻاهر نڪرڻ لڳيون.
سيما ڏاڍي خوش نظر اچي رهي هئي، ڳالهه ڳالهه تي
ٽهڪ ڏئي کلي ٿي پئي، سڀني ڇوڪرين کان سٺي به سيما
ئي لڳي رهي هئي.
ڳائيندي وڄائيندي اچي عائشه جي گهر پهتيون، سڀني
سان ملي هيٺ وڇايل قالين تي ويهي ڳائڻ شروع ڪري
ڏنائون. سيما به انهن ۾ شامل ٿي وئي. تاڙيون
وڄائيندي جي ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن اوچتو نهاريائين
ٿي ته ان کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڏسي، هو ڏاڍو خوش
پئي ٿي. اهو سوچي ته شايد مان سڀني کان وڌيڪ
خوبصورت لڳي رهي آهيان. پر اها هن جي ڀُل هئي، اصل
ڳالهه ته لاڪيٽ ۽ منڊي جي هئي. ڪجهه دير کانپوءِ
ڇوڪريون ميندي نچائڻ جي لاءِ اٿيون، سيما به انهن
سان گڏ هئي ، هنن خوب ميندي نچائي ۽ پوءِ مٺائي
ورهائي وئي، مٺائي ورهائڻ کانپوءِ وري واپس موٽڻ
جي تياري ٿيڻ لڳي. واپسي تي سيما جي دوست عائشه به
ساڻن گڏ هئي. ڳائيندي وڄائيندي هڪٻئي سان کل ڀوڳ
ڪندي اچي گهر پهتيون. گهر پهچي ميندي هڪ پاسي رکي
سڀني ڇوڪرين ”سيما چانهه، سيما چانهه،“ جا آواز
لڳائي ڏنا. آخر سيما کي رڌڻي ڏي وڃڻو ئي پيو.
سيما وئي ته سندس دوست عائشه به هن جي پويان هلي
آئي.
”ڏاڍي پڪي ٿي وئي آهين سيما، هونئن ته ڪابه ڳالهه
مون کان ڪانه لڪائيندي آهين پر اها ڳالهه ته تو
مون کان به لڪائي رکي، ڇو؟“
عائشه سيما جي ڀرسان اچي بيٺي
ڪهڙي ڳالهه لڪائي اٿم تو کان، سيما نه سمجھندي
پڇيو.
”هاڻي پڪائي ڇڏ خبر اٿم ته تون نٽائڻ جي استاد
آهين، پر مان به تنهنجي ناني لڳان.
”تون الائي ڇا پئي چوين، سچي به مون کي ڪجهه سمجهه
۾ نٿو اچي، سيما چلهي تي کير جو وڏو هنڊو رکندي
چيو:
مان هن لاڪيٽ ۽ منڊي جي ٿي ڳالهه ڪيان، عائشه نيٺ
اصل ڳالهه چئي ڏني.
ها خوبصورت آهن نه، سيما خوش ٿيندي چيو.
”ان کان وڌيڪ خوبصورت ته ڏيڻ وارو پاڻ آهي، عائشه
جي ائين چوڻ تي سيما کان ڇرڪ نڪري ويو، ڇا
مطلب............؟“
هن عائشه جي منهن ۾ نهاريو.
مطلب اهو ته اهو مسٽر فهد تنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن کان
داخل ٿيو آهي، تو مون کي به ڪونه ٻڌايو. عائشه جي
ايئن چوڻ تي سيما کان ذري گهٽ کنڊ واري برني ٿي
هٿن مان ڪري.
”ڇا پئي چوين......!؟ سيما پريشان ٿي وئي.
مان ڇا، سڀ ايئن پيون چون ۽ پوءِ تو هي لاڪيٽ ۽
منڊي جو
“F”
سان پاتا آهن، ان سان ته فهد جو ئي نالو اچي ٿو.
اهو ٻڌي سيما جا ته حوصلائي خطا ٿي ويا هن کي سڀني
ڇوڪرين جو ڏانهنس تڪڻ ۽ هڪٻئي جي ڪن ۾ ڪجهه چئي
مرڪڻ سڀ يا اچي ويو، هن ته سمجهيو پئي ته ساڻس
مذاق ڪئي پئي وڃي. |