ليلان ” هار“ تي ور مٽيو هو ۽ اهو ور ڪونرو کٽيو
هو اهو لوڪ داستان هار جي ڪري مشهور ٿيو ۽ سنڌي
نيم تاريخي داستانن مان اهم داستان آهي.
چندن هار:
هيءُ ڳچي جو زيور آهي، چاندي مان ٺاهيو ويندوآهي،
سماٽ
۽هندوذاتيون پائينديون آهن هن ۾ جڙاءُ جو ڪم به
ٿئي. اڳي رائي مال(1) ٺاهيو ويندو هو، هاڻي ته
گلٽ( 2)مان به ٺاهيو وڃي ٿو.
]
سنڌ جازيور تان ورتل[
امداد حسيني
غزل
تو کان سواءِ جيون
ڇا هي الاءِ جيون
هو موت آزمائي
تون آزماءِ جيون
ڇو تون ائين ڌڪارين
ڳل ساڻ لاءِ جيون
گل ڪونه آهه ليڪن
ٿو مسڪراءِ جيون
ارپڻ ڪري ڇڏيوسين
ڪنهن لاءِ هاءِ جيون
ڪُرڪڻ ڪنجهڻ ڇڏي ڏي
مرڪي ملهاءِ جيون
هن ماٺ جي نگر ۾
” امداد“ ڳاءِ جيون
رڳومانيءَ جي بک لڳندي نه آهي
رڳو پاڻيءَ جي اڃ لڳندي نه آهي
ملڻ جي پڻ لڳي ٿي بکُ
ڏسڻ جي پڻ لڳي ٿي اُڃ
اها ٻي ڳالهه آهي
ته ماني سان ته ڍو ٿي ٿو وڃي سائين
ته پاڻي سان اجهامي ٿي وڃِي اُڃ
مگر تو سان ملي ڍاپي نه ٿي ڍاپان
ڏسڻ سان اُڃ اجهامي ڪانه ٿي، ڀڙڪي پوي ٿي!
احمد خان مدهوش
حوا جي ڌي
وئي ويهين صدي جي،گاڏي گذري آ،
مريم جي مٿي تي، سورن جي ڀري آ.
ايڪهين صدي کان، وئي رڙ نڪري آ،
الله، اڃا ڀي!بيداد گري آ؟
ڪجه مرڪ لڪائي، ڪجه لڙڪ لڪائي،
هو ڪالهه مئي هئي، ويئي اڄ به مري آ.
ساجن به سڙي ويو، سجني به سڙِي ويئي،
هاڻي به اُها ئي، پئي باهه ٻري آ.
صدين کي ڳڻيندي، ٿيو آهه سفر طئي،
خوشين ڏي حوا جي، ڌي ڪانه وري آ.
اُنو، اُلڪو، دهڪو، دڙڪو، دل مان،
ڪاري ۽ قتل جو، سگهيو نه ٽري آ.
درياهه تري ويئي، صحرا اُڪري وئي،
ڇا ڇا نه ڪري ويچاري گذري وئي،
ظلمات کي ماري ٿي نينهن نڀائي،
ڪيئن پيار جي دنيا، چئو ٿا ته چري آ،
جنهن پيار پچاريو، جنهن آس کي سانڍيو،
اُن لا ءِ لکي پئي دوزخ جي دري آ،
غيرت جو وٺ نانءُ چيو هيئن قاتل
”گولي جي اڃا ڀي رفتار ڍري آ.“
ويو هت وقت وهي پر ماڻهن جي اُهائي
ساڳي اُکري ۽ ساڳي مُهري آ،
اتفاق ڪري ڪوئي، يا نه ڪري ڪو،
مدهوش مگر ڪئي، هيءَ ڳالهه کري آ.
چندر ڪيسواڻي
(زاويا)
گيان ڌيان
گم شده ڏاهپ جو
آرٽ آهي.
انومان ۽ انديشان
آدمي اندر اڳ
ايڊجسٽ ٿيل
پرولي جو
حصو آهن.
خوشي ۽ غم
اسان جي
گذر سفر جا وسيلا
۽ خطائون اسان تي چڙهيل
کل وانگر آهن
مقدر رڳو،
نالي ماتر ماڻهو جو آهي.
نه، ته
زندگي جا مڙئي
زاويا
اسان جي مختيار نامي
کانسواءِ
مقرر ٿيا آهن.
]نسٽ[
ڪائنات
اسان جي پيچيدگي جو
حوالو آهي
۽ زندگي
ڌاڳن جو
ويڙهيل سٽ
جو هر هر اکيلڻ تي
منجهيو پوي.
]موت[
دنيا
زندگي ۽ موت جي توازن
جي ترتيب آهي
۽ ماڻهو
ان ترتيب جو
اختصار
يادگيري
زندگي جي عهدنامي
جو اثاثو آهي
موت
انهي عهدنامي ۾
اسان جي غيرحاضري،
جيڪا بقايا جيان
درج ٿئي ٿي.
]محبت[
محبت فل ٽائيم جاب آهي
دل جي آبادي
اباڻي آسري لفاظي
جي گهرجائو ناهي
علامت پاڻ اکين ۾
اُڪري اچي ٿي.
ماڻهو،
ذهن جي چئي تي
رڳو زورآوري ڪري ٿو
دلبري ته دست نگر ماڻهن جو
ڏانءُ آهي.
شاعري
فهميده شرف بلوچ
نظم
جي ممڪن هجي ها وساري ڇڏڻ،
پرين! مان ڏکن کي وساري ڇڏيان هان.
اداسيون اندر ۾ لهي ڇولون ها؟
ڇو ويران رستن تي رلندي وتان ها؟
ڇو اندر ئي اندر پچرندي وتان ها؟
جي ممڪن هجي لڙڪ هاري پوءِ مرڪڻ،
ته ڇو درد جون هيئن لکان ها سٽون،
پوءِ پنهنجي حياتي ڇو جلندي رهي ها،
ڪيان ڇو نه ها پوءِ لمحن جو ڳالهيون،
ڀلائي ڇڏيان ڇو نه ها تلخ گهڙيون،
تنهنجي دل مان پريتم مان نڪري وڃان ها.
ڇو برسي پوي ها پوءِ نيڻن مان سانوڻ،
ڇو غمگين منهنجو نگاهون هجن ها،
۽ ڇا لاءِ ڪٽڻ ڪشالا پون ها،
ڇو، هي اوپريون پوءِ راهون لڳن ها،
سڀئي سڏ پنهنجا ڇو آهون لڳن ها،
نه برسات وانگر وسي مان پوان ها،
جي ممڪن هجي وچ تان موٽي اچڻ،
پرين! مان ڏکن کي وساري ڇڏيان ها.
حبيب ساند
ڪيڏي ٽهڪن جي اداڪاري ڪيم،
پوءِ به ڳوها مان روڪي سگهيم.
سڏ گهري سانت ۾ ٻڏندا ويا
ڪيترو توکي پڪاريندو رهيم.
نانءُ گوري، تنهنجو جن ڀي آ پڙهيو،
تنهن مٿان پنهنجا ئي پياس چپ رکيم.
اڄ به تنهنجي هٿ ۾ توار آ،
اڄ به نيا ڪن ۾ ڦاٽل اٿم.
بدنصيبي ڌوڙ جيئن وسندي رهي،
ڪيترو ڀي گهر کي سينگاري رکيم.
سارو ڪاغذ بارشن ۾ ويو پسي،
جنهن به لمحي خط ڪو توڏانهن لکيم.
پاڻ کي لڙڪڻ ۾ ئي ٻوڙي ڇڏيم،
پوءِ به توکي ڪونه پرچائي سگهيم.
تون بيٺينءَ منٽ ڀي ۽ مان يڪو،
او- نه وڃ گوري- نه وڃ، چوندو رهيم.
زيب شاهه
حاصل لاحاصل جي مقام تي.....!
دل جي موسم ۾
روح رهاڻ رچائي هو
اوچتو موٽيو
ڄڻ ڪا موسم بدلجي وئي
هو مرڪيو
ڄڻ ڪا بهار آئي
هن پاڻ کي
پنهنجو پاڻ ۾
مون کي ڳولهي ورتائين
پوءِ ارپي ڇڏيائين
اهو لمس جيڪو مون
هميشه گلن جي
پتين کي ڇهندي
حاصل ڪيو هو
پوءِ مون
هن کي رات ۾
چنڊ جي چانڊاڻ ۾
پنهنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو
۽
حاصل لاحاصل جي مقام تي
جڏهن هو پهچي ويو
ته منهنجا لفظ
۽ منهنجا سڏڪا
بي معنيٰ ۽
انهي آبشار جي
تيز وهڪري وانگر
هيٺ اونهائي ۾
ڪرندا رهيا
جتي جي اونهائي
کي هو ڪڏهن به
پنهنجي سوچ جي
ڌارا ۾
آڻِي نه سگهيو هو.
مخمور بخاري
غزل
منهنجن نيڻن تي شام لهي ٿي،
سارن رستن تي شام لهي ٿي.
وشواس به آپگهات آ ڪيو،
تنهنجن واعدن تي شام لهي ٿي .
ماضي جا عڪس به ڌنڌلا ٿا لڳن،
گذريل ساعتن تي شام لهي ٿي.
توبن سکي! رستا به خاموش هن،
خاموش رستن تي شام لهي ٿي.
ٽيڙو
هي شام حجابي آ،
تون آئين جو جانان،
سا رات شرابي آ.
هي شام ڀنل آهي،
يادون يادون ساڻ،
هو ڇو رٺل آهي.
مون خواب ڏٺا آهن
تون دور آهين ان لئه،
هي نيڻ وٺا آهن.
پروين شاڪر
غلام مصطفيٰ سولنگي
هڪ اصلاح
ڳالهائڻ مهل
جيڪڏهن
ڪجهه دير لاءِ بامعنيٰ خاموشي ڇانئجي وڃِي ته
پوءِ باقي ڳالهه ٻولهه
صفا بي معنٰي ٿي ويندي آهي
تنهنڪري
اي وات مان گلاب ڪڍندڙ ساٿي،
تو کي خاموِشي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هڪ اڪيلو سيارو
منهنجي پيشاني کي ڏسي
منهنجي ماءُ منهنجو نالو
هڪ تاري جي نالي تي رکيو هو
ٽم ٽم ڪندڙ تارو
پر
منهنجي ڪيميسٽري ۾
اهڙو ڪو به طلسم ناهي
جيڪومنهنجي قسمت کي چمڪائي ڇڏي،
۽ منهنجي جهوليءَ ۾
گلن جي ورکا ڪري
۽
منهنجي سينڌ ۾ هن جي ئي
نالي جو سندور سجائي
مان پنهنجي سج کان
هزارين نوري سال پري آهيان
ڪائنات جي گهرائي ۾
هڪ اڪيلو سيارو آهيان
وسيم سومرو
غزل
رئي جا رنگ اڏرن ٿا هوا ۾،
سوين سارنگ اڏرن ٿا هوا ۾.
فرشتو وائري آڪاس کي ٿو،
ستارا سنگ اڏرن ٿا هوا ۾
هوا ۾ ٿي سندس ساڙهي اڏامي،
ڪي هن جا انگ اڏرن ٿا هوا ۾.
گهٽي مان هاڻ هيءَ گذري ويئي آ،
سندس ڪي ڍنگ اڏرن ٿا هوا ۾.
ندي جو ڄڻ ته پاڻِي اُڃ آهي،
مٿس ڪي ڪنگ اڏرن ٿا هوا ۾
ڏسي ٿي بارشن جا خواب ڌرتي،
وڻن سان جهنگ اُڏرن ٿا هوا ۾.
محبت کي کڻي ڦاهي اچِي ويئي،
چپن جا چنگ اُڏرن ٿا هوا ۾.
غزل
رڳو مون کي جلدي ورڻ جي ڪٿي هئي،
هوا جي پيرن ۾ گهوڙا ٻڌل هئا.
حسابن جا ڪي ڏينهن گهاري هلي ويئي،
سکي جي پلئه ۾ ڪي کوڙا ٻڌل ها –
پي شڪيل ۾ بدليا، ايئن ڄڻ لڳو پئي،
ڪنڀر سان مٽيءَ جا پنوڙا ٻڌل ها-
محبت جا رنگين رومال ها پر،
نه ڄاتم ته تن ۾ وڇوڙا ٻڌل ها-
نذر جسڪاڻي
غزل
ڏينهن رات اوهان جون سنڀارون رڳو،
ڳلن تي ڳوڙهن جون قطارون رڳو.
اسان جي حصي ۾ آيون رڳيون خزائون ،
اوهان جي حصي ۾ آيون بهارون رڳو.
پري رهي به دل کان دور ٿيندا ناهيو
اٿندي ويهندي اوهان جون پچارون رڳو.
ڪڏهن ته پنهنجي خطا جو ڪريو اعتراف،
اسان کي ڇو ٿا مهڻا ميارون رڳو.
ڪٿي آهيو پرين اوهان کي ڏسڻ لاءِ هر هر،
لڪي ليئا پائين ٿيون اداس نهارون رڳو.
غزل
اجنبي جيئن مک موڙين ڇو ٿي،
ذرو ترس کاءُ دل ٽوڙِين ڇو ٿي.
هر هر ڳلن تي ڪن ٿا ڪتڪايون ،
ائين وار هوا ۾ ڇوڙين ڇو ٿي .
ساگر جهڙو گهرو اُڀ جيڏو اوچو آ،
پيار اسان جي کي تورين ڇو ٿي.
ڇڏي ڏي نه ڇيڙ دل جي ڌاڳن کي ،
سبيل ٽانڪا ٻيهر اڊوڙين ڇو ٿي.
حقيقت ۾ اچي ڏس ته ڇاهي نذر،
خوابن پٺِيان ايڏو ڊوڙين ڇو ٿي.
*
قلب سومرو
ماضي ۽ يادون
(نثري نظم)
جڏهن ماضي جي
مهر ڀري مُند جو
مينهن
دل جي ڌرتيءَ تي
پوڻ لڳو
تڏهن تنهنجي
خوبصورت
يادن جا گونچ
ڦٽِي پيا
۽ انهن جي
هلڪي خوشبوءِ
روح کي ريجهائڻ لڳي
تڏهن وري اوچتو ئي اوچتو
ماضي جي ئي
بي مهر موسم جو
وڏ ڦڙو
من جي زمين تي
وسڻ لڳو
ڳڙو بڻجي ڪرڻ لڳو
تڏهن توکان
ٽٽي جدا ٿيڻ جي
ڪٺن گهڙين جون
ڪٺور ۽ سزا بخش
ساورڻيون
فوجي لانگ بوٽن جيان.
ذوالفقار ” زخمي“ شاهاڻي
غزل
هوءِ ڏس ڇوڪر سوچي ويٺي!
تو لاءِ هر هر سوچي ويٺي.
عورت ٿي ٻهراڙي جي ڄٽ!
مرد کان بهتر سوچي ويٺي .
رات اُٿي ۽ يادن جو هي!
کولي دفتر سوچي ويٺي.
هوءَ جا ناري ماري وئي هئي !
ڪاري؟ ٻيهر سوچي ويٺي.
هن کي ڪو احساس نه شايد!
ٿي ويو پٿر سوچي ويٺِي.
” زخمي“ ڇو ٿو پاڻ سڏائي !
ڇا لاءِ آخر سوچي ويٺي.
غزل
ڪيڏو اچي ويو آ بحران زندگي ۾،
ڏاڍو ٿيو آ پنهنجو،نقصان زندگي ۾.
مان به مڃان ٿو مون وٽ، بچيو ڪجهه ڀي ناهي،
رکيو آ بس سلامت، ايمان زندگي ۾.
هڪ وار جي کلو ٿا، سو وار ويٺا روئون،
ڏاڍي ڏکي ملي ٿي، مسڪان زندگي ۾.
هئي آرزو هي دل جي، مون کي به ڪوئي چاهي
محبوب پر نه ملندو، آسان زندگي ۾
جنهنجي ڪئي مون پوڄا، جنهن کي ڪيوسين سجدو،
سوئي ڪري ويو آ.ويران زندگي ۾.
اي ڪاش! روڪجي ها، لڙڪن کي يار” زخمي“ ،
درد جو ڪوئي ٿئي ها، درمان زندگي ۾.
غلام حيدر” گائل“ لغاري
وائي
پيڙائن جون ڇوليون،
دليون ٻوڙن ٿيون، ڪاٿي آن جانيئڙا.
تو بن سڀئي ساعتون،
گوليون آڇن ٿيون، ڪاٿي آن جانيئڙا،
ساگر سورن جو سجهي،
ڳالهيون ناهن ٻيون ، ڪاٿي آن جانيئڙا.
دل ۾ موجون پيار جون،
ڇوليون کائن پيون، ڪاٿي آن جانيئڙا،
آسون چڻ اونداهه ۾،
رستو ڳولن پيون، ڪاٿي آن جانيئڙا.
”گهائل“ منجهي ساهه ٿو،
اکڙيون برسن پيون، ڪاٿي آن جانيئڙا.
گيت
دردلڪائي،
مرڪ سجائي، گهاري وڃبي زندگي،
پنهنجو ساٿي ڪير به نه ٿيئڙو،
تڙپي ڦٿڪي هيڪل جيئڙو،
لڙڪ وهائي، گهاري وڃبي زندگي
تنهنجيون ڳالهيون وسريون ناهن،
وسرڻ ڀي ڪي سٿريون ناهن،
ديپ جلائي، گهاري وڃبي زندگي،
ڪڏهن ته تنهنجو درشن ٿيندو،
جيون جڳ مڳ روشن ٿيندو،
آس لڳائي، گهاري وڃبي زندگي،
”گهايل“ جي ڪن گهاون جهڙا،
تنهنجي خوابن يادن جهڙا،
گيت ٻڌائي، گهاري وڃبي زندگي.
مخمور بخاري
۽ هو واپس نه موٽي ....
( نامياري شاعره پروين شاڪر جي ياد ۾)
پراڻن اخبارن جي فائيل کي آئون اٿلائي رهيو آهيان،
منهجي نظر ان ٻن ڪالمي خبر تي جڏهن پوي ٿي ته آئون
ڏک جي احساس پنهجي اندر ۾ لهندي محسوس ڪريان ٿو.
26 ڊسمبر 1994ع جي انهي خبر جو تت آهي، ته ”اردو
جي نامياري شاعره پروين شاڪر روڊ حادثي ۾ فوت ٿي
ويئي.“
اها صبح هڪ عجيب صبح هوندي، ان صبح جو جڏهن پروين
ننڊ مان اٿي هوندي، تڏهن هن پنهجين اکين جي رستي
تي موت جي آشنائي نالي ڪا به سٽ لکيل محسوس نه ڪئي
هوندي، ۽ نه ئي هنجي خيالن جي سلسلي ۾ پري پري
تائين اهو به نه هوندو ته سياري جي هي ٿڌي صبح هن
جي زندگي کي اڄ ٿڌو ڪندي. کيس هڪ اهڙي ديس ڏانهن
وٺِي ويندي جتان جي سمورا رستا واري جي گهر سمان
هوندا آهن.
مگش ڊبرال چيو هو:
مون هن شهر کي ڏٺو
۽ مرڪي ڏنو
اتي ڪوئي ڪيئن ٿو رهي سگهي؟
اهو ئي مان اتي ڏسڻ ويو هيس.
۽ واپس نه موٽيس.
پروين به هن ديس کي (موت کان پوءِ وار ي جي دنيا
کي ) اوچتو اوچتو ڏسڻ جي سڌ ڪري هڪ روڊ حادثِي جي
بهاني موت جي سواري تي چڙهي، اتي پهتي ته بلڪل
مٿئين نظم ۽ ” واپس نه موٽيس،:“ |