واري خيال مطابق هو واپس نه موٽي ڇو جو هو، جيڪو
سفر ڪري هئي اهو هاڻ هن وٽان ختم ٿي ٻِي ڪنهن ڏي
منتقل ٿِيڻو هو، ان نقطي جي حوالي سان ايئن کڻي
چئجي ته پرين شاڪر جنگ ۾ وڙهندڙ اهو سپاهي هو
جنهن کي ان جو مالڪ پنهجي مرضي سان مورچي مان
هٽاِئي ٻئي کي مقرر ڪري ڇڏي ٿو، اسڪرين تان هٽڻ
وارو اهو انداز جنهن کي اسين ماده پرست دنيا جا
انسان موت جو نانءُ ڏيون ٿا، مگر حقيقت م هوميدان
جنگ ۾ ايترا ته پنهنجا اثرات ڇڏي پوءِ هتان هٽي
ويئي آهي جو اسين سندس ئي ان شعر کي اچاريون ٿا.
مر ڀي جائون تو ڪهان لوگ ڀلائي دين گين،
لفظ مري مري هوني ڪي گواهي دين گين.
26 – ڊسمبر 1994 جي ٿڌي صبح هڪ اهڙي صبح هئي،جيڪا
هڪ سپاهي کي جنگ وڙهندي اتان هٽائڻ جو حڪم کڻي
آسمان تان لٿي ۽ ڏينهن جي واپسي بعد هو هڪ اهڙي
دؤر کي جنمي ويئي، جنهن ۾ هنجي ويجهن ادبي دوستن ۽
پڙهندڙن کانسواءِ سندس پٽ مراد لاءِ ڳوڙهن ۽ سڏڪن
جو هڪ طويل سفر ساڻ کڻي رهيو آهي، اهي ڳوڙها اهي
سڏڪا هوائن ۾ گونجي گونجي هاڻ ماٺار ٿي ويا آهن.
درد جو اهو اظهار هڪ اهڙي مادي جسم لاءِ هو جيڪو
فاني آهي،مگر منهنجي اندر ۾ جڏهن فائيل ڪيل اخبارن
مان اها خبر پڙهڻ بعد جيڪو درد جو احساس اٿي ٿو.
اهو يقين پروين جي انهي حادثي جي ڪري ته جيڪڏهن هو
اڃا زندهه هجي ها ته شايد اردو ادب ۽ شاعري کي ڪا
اهڙي نئين تخليق ڏئي ها، جنهن جي پسمنطر ۾ اردو
جي انوکي شاعر افضال احمد سيد چيو هو.
عبادت خاني پر مين ني نگاهه ڊالي
اور خدا شاعر بن گيا.
دها! جيڪڏهن پروين ان حادثي جي نظر نه ٿي ها ته
شايد هو اهڙي ڪا تخليق ڪري وجهي ها ! مگر منهنجي
اندر ۾ اهو اعتماد زندهه آهي،ته پروين جو اهو سفر
هاڻِ ٻئي ڏانهن منتقل ٿيڻ کان پوءِ به ڪٿي نه
رڪيوآهي، شايد ڪٿي ان جي رفتار
گهٽ به هجي.مگر اڃا تخليق جو اهو سفر جاري آهي.
پروين شاڪر 1977ع کان پنهجي سفر جو باقائدگي سان
آغاز ڪندي اردو شاعري جي هنج ۾ ” خوشبو“ ( سندس
شاعرجو مجموعو) وڌو، ائين اهو سلسلو صد برگ
(1980ع) خود ڪلامي (1985ع) انکار (1990ع) ماهه
تمام(ڪليات 1994ع) تي ختم ٿيو.
تخليق جو درد هر زبان هر قوم م هڪ جهڙو ئي ٿئي ٿو،
ڇو جو درد جو ڪو به مذهب ڪا به قوميت نه هوندي
آهي.ان لاءِ ته پروين شاڪر خوشبو ۾ لکيو آهي ، ”
دل جا سڀ زخم نه ڏيون ته لفظن ۾ سچائي پيدا ٿي
نه ٿي سگهي.“
افضال احمد سيد لکيو آهي:
انگلي چاقو سي ڪٽ گئي
اور خون شاعري بن گيا.
جيئن نور الهدي شاهه پنهجي شاعري جي ڪتاب”
قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ “ جي ابتدا هنن لفظن سان
ڪئي آهي:
ٻه ليڪا ڪڍي
صليب ٺاهي
پنهنجو پاڻ
ٽنگي ڇڏيان
جي
ڏک سڀئي
لکي نه سگهان –
هت مون پروين جي شاعري کي بحث هيٺ نه آندو آهي، پر
ايترو لکندس ته پروين جي گهڻي تڻي شاعري هڪڙي
دائري ۾ گهمندڙ محسوس ٿئي ٿي.هن وٽ وجود جي
اڪيلائي جواحساس آهي ، جنهن کي بار بار دهرائيندي
رهي آهي.نامياري آمريڪي ”نن“ اينس چيو هو .” عورت
جي تخليق مرد جي تخليق کان مختلف هوندي آهي!ان جي
هر تخليق هڪ ”ٻار“ جي تخليق وانگر هوندي آهي.“
ان ڪري اسين پروين جي شاعري بابت گهڻو نه لکنداسين
۽نه ئي چونداسين ، پروين درد جي شاعره آهي پروين
خوشبو جي شاعره آهي پروين جو پورهيو پيار جو
پورهيو آهي، هن هڪ آس سان پنهجي دنيا جو تصور قائم
ڪرڻ جي ڪو ششش ڪئي آهي پوءَ ڀلي اهو سڀ ڪجهه ٻِين
کي وڻِي يانه،مگر هن وٽ اهو سڀ ڪجهه اهميت جوڳو
ضرور هو.
سارا شگفته چيوهو ته ” ڪنهن به شاعر جو پنهنجي
شاعري سان رشتو خون جي رشتي کان وڌيڪ هوندو آهي
.“اهڙو ئي رشتو جو پنهنجي تخليق سان رهيو هوندو.
اختر بلوچ
سنڌياڻِي ماسڪو ۾ قسط 2
بوٿ اندر ويٺل ڇوڪري جي عمر 20 سال کن مس هوندي،
ايتري ننڍي عمر جي ڇوڪري کي اهڙي ذميواري واريءَ ۽
اهم ڊيوٽي تي مقرر ٿيل ڏسي، اندازو ٿيم ته هتي جي
تعليم ۽ تربيت ئي اهڙي آهي،جو هن عمرجا نوجوان
اهڙي ذميواري کڻي سگهن ٿا. اسان وٽ ايتري عمر جا
ڇوڪرا وات ڳاڙها معصوم ٻچڙا ليکيا ويندا آهن،جن کي
ڳاڙهو رومال ڪنڌ ۾، وات ۾ پان، هٿ ۾ ريڊيو ، وارن
۾ ٻڪ تيل جو ۽اکين ۾ سرمي جي ڪاني پيل هوندي آهي.
مائون سڄو ڏينهن سدورن پٽن تان اور گهور پيون
ٿينديون آهن، ۽ شهرن ۾ وري هن عمر جا ڇوڪرا
يونيورسٽي جي سرحد ۾ مس پير وجهندا آهن استادن کي
موچڙا هڻي امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ جي تربيت وٺڻ شروع
ڪندا آهن. اميگريشن وارو ڇوڪرو پڪ ڪر ڻ لاءِ، ڪاعذ
ڏسيو وري منهنجي منهن ۾ نهاري ، وريو ڪاغذ ڏسي،
گهٽ ۾ گهٽ اٺ دفعا منهن ۾ نهاري پڪ ڪيائين مائي
ساڳي آهي، جنهن جو ڦوٽو ويزا تي لڳل آهي.پوءِ ڪجهه
لکيائين ۽ پوءِ پاسپورٽ واپس ڪيائين ۽ روسي ۾ ڪجهه
چيائين، اشاري مان سمجهيم ته جان ڇٽِي. هال ۾ اسان
جو سامان جهاز تان آيو هو ۽ گول ڦرندڙ پٽن تي
لاوارثن وانگر چڪر ڪاٽي رهيو هو. مون کي رليءَ
ڏاڍو بيزار ڪيو هو. کڻي کڻي ٿڪجي پئي هيس، سو
ٽرالي گهلي، سامان ان تي رکي، سانت ۾ آيس ۽ نظر
ڦيرايم ته ڏٺم ٻيون وفد جون مايون فارم ڀرڻ ۾
مصروف هيون. ٻه روسي مايون جن مان هڪڙي نوجوان
ڇوڪري هئي ۽ ٻي اڌ وهي جي هئي، سي به بيٺيون هيون
۽ هڪ خوبصورت پاڪستاني مائي به هنن سان ڳالهائڻ ۾
مصروف هئي. پوءِ خبر پئي ته هو ٻئي اسان جون گائيڊ
هيون ۽ پاڪستاني ليڊي، پاڪستاني سفير جي بيگم هئي
۽ وفد جي آجيان ڪرڻ آئي هئي. مون به فارم وٺي
ڀريو. ان ۾ سچي پچي لکڻو هو ته اسان گهڻا ڊالر يا
پائونڊ آندا آهن، جي سچي نه ڪئيسين ۽ واپس وڃڻ مهل
نه ڄاڻايل پئسا بچائي کڻي وياسن ته پوءِ مسئلو
ٿيندو آهي. خير اتان واندا ٿي ايئرپورٽ کان باهر
نڪتاسين، ٻاهر نسرين اظهر جو پٽ جيڪو ماسڪو ۾
پڙهندو آهي. بيٺو هو. نسرين ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌس
اکين ۾ پاڻي تري آيس. سال کان پوءِ ملي هيس. پر
ڇوڪري کي لهر نڪو لوڏو. تمام گهڻي بردباري ۽ همت
سان ماءُ سان مليو. عمر ارڙهن سال کن هيس، پر سندس
رويي ۽ ملڻ جي انداز مان هڪ بردبار ۽ وڏو ماڻهو ٿي
لڳو. ماءُ کي چوڻ لڳو ”مان سڄي روسي زبان سکي ويو
آهيان.“
ٻاهر برسات پي پئي، ڳاڙهي رنگ جون وڏيون خوبصورت
بسون، اسان کي کڻڻ لاءِ تيار بيٺيون هيون. اتي
انڊيا مان آيل وفد جون ڪجهه مايون به موجود هيون،
جيڪي ان مهل ٻي پرواز ذريعي ماسڪو پهتيون هيون.
انهن سان ملياسين هڪڙي ڪلڪتي جي هئي. جيڪا ڪميونسٽ
پارٽي پاران پارليامينٽ جي ميمبر هئي، ٻيون به
مختلف عورتن جي تنظيمن جون ميمبرياڻيون هيون. اسان
جو سامان بس جي هيٺيان ٺهيل خانن ۾ رکيائون، ٻئي
گائيڊون به اسان سان بس ۾ چڙهيون. خبر پئي ته اسان
جي رهڻ جو بندوبست
Salut
سالاٽ نالي هوٽل ۾ ٿيل آهي. جيڪا ايئرپورٽ کان ستر
ڪلوميٽر پري آهي. پر پوءِ به اکيون ڦاڙي نهاريم پي
ان وقت صبح جا ست ٿيا هئا. آچر جو ڏينهن هو
تنهنڪري ماسڪو ۾ موڪل هئي، رستا سنسان هئا.
ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي ئي رستي جي ٻنهي پاسي
گهاٽا ڊگها وڻ هئا ڄڻ ته ٻيلا هجن، چوڌاري ايتري
ته وڻندڙ ساوڪ هئي جو اک کپي ويئي. ماسڪو جوشهر ۽
ايتري ساوڪ منهنجي خيال ۾ هو ته ماسڪو وڏين وڏين
عمارتن سان ڳتيل گاڏين ۽ موٽرن جي رش سان ڀريل
هوندو. پر هي ته سرسبز وادين جو شهر هو. رستي تي
ڪنهن ڪنهن مهل ڪا ڪار يا بس لنگهي ٿي. گهرن آڏو ڪن
ماڻهن ورزش پي ڪئي، ڪي ڊوڙيا پي، ته ڪن ڪتن کي
جهليو چهل قدمي پئي ڪئي. گهرن جي چوڌاري به رڳو
ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ٿوري دير لاءِ ته مون کي يقين
ئي ڪونه آيو ته ماسڪو پنهنجي اکين سان پئي ڏسان، ۽
انهن ماڻهن کي پئي ڏسان جن جي ويڙهه، بهادري، ڊگهي
جدوجهد ۽ ڪاميابي جا داستان سدائين پڙهندا ۽ ٻڌندا
پيا اچون. اسان جي وفد مان ڪن جو ٻيو، ڪن جو ٽيون
سفر هو ۽ ڪي مون وانگر پهريون ڀيرو آيون هيون. بس
سست رفتاري سان هلي پي، نه ته رستا خالي هئا، پر
شايد رفتار جي حد مقرر هئي، جنهن مطابق بس هلي
پئي.
رستا ڪشادا کير جهڙا صاف شفاف هئا، هڪڙا هيٺان ۽
ٻيا مٿان، ورن وڪڙن تي ڏاڍا سهڻا ٿي لڳا. مٿي جو
سور برداشت کان ٻاهر ٿي ويو، سو کڻي اکيون پوريم.
پهريائين ٽوئرسٽ
Toursitهوٽل
آئي. جتي انڊيا جي وفد جون مايون لٿيون. انهن جي
رهڻ جو اتي بندوبست ٿيل هو.
ان کان ٿورو پري اسان واري هوٽل ”سليوٽ“ هئي. ٻئي
هوٽلون تمام خوبصورت ۽ گهڻ منزلون هيون ۽ اسان
هوٽل چوويهه منزلن تي مشتمل هئي هوٽل جي گيٽ تي
ڪارن فل سوٽن ۾ روسي باادب ٿيو بيٺا هئا اندر تمام
وڏو لائونچ هو: مختلف ملڪن مان وفد آيا پي، سو رش
لڳي پئيي هئي، هڪ طرف سامان ڍٺا پياهئا.اسان جو
سامان به لاهي، هڪ پاسي گڏ ڪيائون.اسان وارين
گائيڊن اسان کي فارم ڀرڻ لاءِ ڏنو. جنهن ۾ نالو
ٻولي ۽ جنهن موضوع تي ڪميشن ۾ ڳالهائڻو هو. ان
بابت لکڻو هو، فارم ڀري اتي پيل صوفن تي ويهي
رهيوسين. مون کي مٿي جي سور صفا چريو ڪري ڇڏيو هو
رڳو چيم ته ڪا جاءِ ملي ته ڪري پوان. ٿوري دير
کان پوءِ اسان کي ڳچي ۾ وجهڻ لاءِ ڪارڊ جنهن تي
انگريزي ۾ پنهنجو نالو ۽ ملڪ جو نالو لکيل هو، ٻيو
بلو رنگ جا ٿيلها، ڪاپيون، پين ۽ ڳچي ۾ ٻڌڻ لاءِ
رومال ۽ ماني جا ڪوپن ڏنائون ۽ پوءِ مٿي ڊائننگ
هال ۾ چاءِ وعيره پيئڻ لاءِ وٺي ويون. آئون مٿي
جي سور جي ڪري چاءِ به پي ڪانه سگهيس. صفا بيهوشي
واري ڪيفيت هئي. گائيڊ مون کي اسپتال وٺي هلڻ لاءِ
چيو پر مون انڪار ڪيو ۽ چيو مان ته ڪمرو ڏيو ته
مان سمهان، پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندس. مون کي اهو سور
1980ع ۾ جڏهن سکر جيل ۾ هيس تڏهن کان پوڻ شروع ٿيو
هو ۽ اتي صحيح علاج نه ملڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين
پوندو اچي. مون کي خبر ڪانهي ته آپا خديجه گوهر
ڪيئن روم ورتو ۽ ڪيئن مون کي اتي پهچايائين.
منهنجي اک کلي ته شام ٿي وئي هئي. آپا خديجه به
جاڳي پئي، مٿي ۾ اڃا سور هو، پر طبيعت ڪجهه بهتر
هئي. بک به لڳي پئي. هٿ منهن ڌوئي آيس. آپا ٻڌايو
ته طبيعت خراب هئڻ ڪري آئون توسان رهيس، مون سندس
مهرباني مڃي ۽ خوش ٿيس ته آپا خديجه باذوق ۽ اديب
ماڻهو آهي، سٺو وقت گذرندو، آءُ ساڻس اڳ ڪراچي ۾
ملي هيس ۽ سندس ٻنهي ڌيئن فريال گوهر ۽ مديحه گوهر
سان به چڱي واقفيت آهي. ڪمري جو جائزو ورتم ٻه
ننڍا پلنگ هئا بسترا نرم ۽ آرامده هئا. هڪڙي وڏي
ٽيبل هئي جنهن تي ٽي چار بوتلون رکيل هيون، جيڪي
سوڍا صوفن ۽ موسمين جي رس جون هيون جيئن اسان وٽ
ڪوڪ يا فانٽا هونديون آهن هڪڙو ريڊيو ۽ ٽي وي به
رکيل هو پٽ تي قالين وڇايل هو. ڪمرو هيٽيڊ (گرم
ٿيل) هو سو موسم جي خبر ڪانه ٿي پئي، ته ٻاهر سيءَ
آهي يا نه، اسين ماني کائڻ لاءِ هيٺ ڊائننگ هال
وياسين. اسان جو ڪمرو ڇهين فلور تي هو، جديد قسم
جون وڏيون لفٽون لڳل هيون. ان مهل رات جا اٺ ٿيا
هئا. پر اڃا ڏينهن لڳو پيو هو. ڊائننگ هال تمام
وڏو ۽ ڪشادو هو. هر ملڪ جي وفد لاءِ ٽيبلون مخصوص
ٿيل هيون. اسين به پنهنجن ٽيبلن تي وڃي ويٺيونسين.
اسان جو وفد ماني کائي ويو هو، رڳو نسيم ملڪ ۽
طلعت يعقوب ويٺيون هيون اسان جي پاسي واريون
ٽيبلون ويٽنامي وفد جون هوين، ننڍي قد ۽ مخصوص
مهانڊي وارين ”ڪامريڊ هوچي منهه“ ۽ ”ڦان ٿي ڪوئين“
جي ملڪ جي ماين کي ڏسي، ڏاڍي خوشي ٿي. سڄو هال
ڀريل هو. چوطرف مختلف رنگن چهرن لباسن واريون
مايون موجود هيون، جيڪا به پاسي کان مٽي ٿي، هلو
هلو ڪندي ۽ پنهنجي ملڪ جو ۽ پنهنجو نالو ڀڳل ٽٽل
انگريزي ۾ ٻڌائيندي ٿي ويئي. جن کي انگريزي نٿي
آئي تن وري ڳچي ۾ لٽڪيل ڪارڊ ٿي ڏيکاريو. جنهن
مان ملڪ جي خبر ٿي پئي. ماني کارائڻ واريون روسي
ڇوڪريون اسڪرٽن ۾ جهڙيون پريون پي هليون ڪن روسي
ڇوڪرن به سروس پئي ڪئي. انهن جي عمر ارڙهن يا
اوڻيهه سال هوندي. اسان جي ٽيبل تي ڇوڪري سروس پئي
ڪئي. هنن سڀني تمام ڦڙتي ۽ ضابطي سان سڀني کي ماني
کارائي. نه ڪو رڙ نه ڪو دانهن، نه وٺ وٺان. سڀڪو
ڪم آرام ۽ سڪون سان پي ٿيو. انگريزي ڪنهن کي ڪونه
ٿي آئي. رڳو روسي ٻولي ڄاڻن اسان کي ويهڻ شرط
پهريائين سلاد آڻي ڏنائون پوءِ آسڪريم ، مکڻ ۽ ٻن
قسم جون ڊبل روٽيون اڇي ۽ ناسي رنگ جون کڻي آيا.
پوءِ ننڍڙي پيالي ۾ الائجي ملائي جهڙي شيءِ
آندائون، پر هئي ڏاڍي لذيذ اسين هريل ٻوڙ ماني تي
جيسين ٻه ٽي مانيون ڳاڙهن مرچن واري تيل ۾ ٻڏل ٻوڙ
سان نه کائون ته پيٽ نه ڀرجي. هاڻ ٻارن وانگر ذرو
ذرو کاڌو کڄيو پيو اچي ۽ کائجي پيو، نيٺ ٿوري دير
کان پوءِ ڪڪڙ جي گوشت جو اُٻاريل وڏو ٽڪر ۽ ٿورا
اٻاريل چانور، ايترا جو اسد (ٻن سالن جو ننڍڙو پٽ)
جو به پيٽ نه ڀرجي کڻي آيا. مون کي هڪڙو ڇري ڪانٽي
سان کانئڻ ڪونه اچي، گوشت ڇڄي ئي نه مايون کاشن
گهرن جون تجربيڪار تن مزي سان ٽڪر وڍي پئي کاڌو،
آئون به منهن جي پڪي ٿي ڪوشش ۾ لڳي پيئس هيس.
چوندا آهن ته ”ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي.“ سو هڻي
وڃي هند ڪيم، ناسي رنگ جي ڊبل روٽي ڏاڍي لذيذ هئي
مکڻ هڻي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ڏنائين. مٿان وري ڪافي
کڻي آيا، پر کير ڪون آندائون. ملڪ ملڪ ڪريون ته
سمجهن ڪونه، اشارن سان سمجهايونسين، مس وڃي مغز ۾
ڳالهه ويٺن رڙ ڪري چيائون ”ملڪو“ اسان چين ها، ها،
ها کير کڻي آيا پر ٿڌو. آئون مٺي چانه ڪونه پيان
پر ڪافي ڏاڍي تيز هئي سو کنڊ جو ٽڪرو وڌومانس اتي
کنڊ کٽمٺين وانگر ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ رکيل هئي. ماني
کائي هيٺ لانوچ ۾ اچي ويٺيونسين رات جا پوڻا ڏهه
ٿيا هئا، پر اڃا ٻاهر روشني هئي. ڄڻ سج لٿي جو
ٽائيم هجي. ٻاهر برسات پي پئي ۽ ٿورو سيءُ به هو.
هال ۾ سوين مايون آيون ۽ ويون پي. وفد جي اچڻ جو
سلسلو اڃا به جاري هو. سامان جا انبار لڳا پيا
هئا. هرهڪ وفد کي انهن جي ٻولي مطابق روسي گائيڊ
مليل هيون. جيڪي ننڍي عمر جون خوبصورت ڇوڪريون
هيون، اتي نائيجريا جي وفد جون مايون مليون، جيڪي
مسلمان هيون، هڪڙي چيو ته اسين مديني ۾ پاڪستاني
مايون ڏسنديون آهيون. پريان ناروي جون مايون
بيٺيون هيون، انهن سان عليڪ سليڪ ڪئ سين. انهن مان
هڪ هندستاني ڇوڪري هئي. جيڪا اڄ ڪلهه ناروي ۾ رهيل
هئي. هيترين سارين ماين ۽ رش ۾ ٿئي ڇا پيو، اڃا
اهو سمجهه ۾ نٿي آيو. ٻه روسي ڇوڪريون بيٺل هيون،
حال احوال ڪيوسين، هڪڙي جو نالو تانيا ۽ ٻي جو
آنيا هو، فارن لينگئيج جو ڪورس ڪري رهيون هيون، هن
وقت ڪيوبا جي وفد جون گائيڊ هيون، پڇيوسين ته
توهان کي پنهنجي ملڪ ۽ هتي جو نظام ڪيئن ٿو لڳي،
چوڻ لڳيون ”اسين بيحد خوش آهيون، اسان کي سٺو
کاڌو، سٺي تعليم، ۽ سٺو ماحول ميسر آهي، ٻيو ڇا
کپي.“ ان مهل سرويچ انقلابي بابي سينڊس جي ملڪ
آئرلينڊ جو وفد هوٽل ۾ داخل ٿيو. انهن ۾ هڪڙي مائي
اسي ورهين جي هوندي پر ڦڙت اهڙي جو ڇا چئجي، پتلون
پيل هئس، دل ۾ چيو ته اسان جي رسمن مطابق هن کي
گهر جي ڪنڊ ۾ ويهي، آخرت ۽ ڇوٽڪاري لاءِ دعا ڪرڻ
کپي. پر هيترو سفر ڪري هي ڪانگريس ڏسڻ آئي آهي.
يورپ ۽ آمريڪا جي وفدن جي ماين کي گهڻو ڪري
پتلونون ٽي شرٽس (اڌ ٻانهن واريون گنجيون) اسڪرٽس
پيل هيون، انڊيا ۽ نيپال جي ماين کي ساڙهيون هيون،
باقي آفريڪا جي ماين کي پيرن تائين گهري رنگ جون
ميڪسيون، مٿي تي پٽڪن وانگر گنديون ويڙهيل هيون.
چوطرف صحتمند، خوبصورت، ۽ پروقار چهرا نظر پئي
آيا. مون کي مٿي جي سور ماري وڌي هو نه ته ماڻهو
جيئري جنت ۾ هو.
انگلينڊ مان سو ماين جو وفد آيو هو،جنهن ۾ مختلف
تنظيمن جون مايون هيون، رات جو 11 بجي سج لهڻ
شروع ٿيو ۽ 12 بجي وڃي رات ٿي. هتي گرمين ۾ رات
ننڍي ٿيندي آهي ۽ سياري ۾ وري ڏينهن ننڍا.
ٻئي ڏينهن صبح جو سويري اک کلي وئي، دري جو پردو
هٽايم، ٻاهر عجيب نظارو هو. هڪ طرف هڪ جهڙين فليٽن
جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قطارون هيون ته ٻئي طرف
وري ساوڪ ساوڪ،ڊگها گهاٽا وڻ ، ڄڻڪو ٻيلو هجي.
ماسڪو ٻهراڙي ۽ شهر جي خوبصورت امتزاج لڳي رهيو
هو، ته ڀانئي ماڻهو ماڊرن شهر ۾ ويٺو آهي،نه ڀانئي
ته حسين قدرتي وادين ۾ پيو هلي، هيٺ رستي تان
ڪارون ۽ بسون جيڪي گهڻو ڪري پيلي رنگ جون هيون،
هڪ ٻئي پويان لنگهي رهيون هيون، هوتل اڳيان
رنگبرنگي جنهڊن جون قطارون لڳل هيون، جن مان هر هڪ
تي ڏاٽو ۽ مترڪوٺهيل هو. ان جي ڀرسان هڪ وڏي بورڊ
تي وڏن چمڪندڙ اکرن ۾ لکيل هو:
Woman of the world united-for peace and social
progress
(دنيا جون عورتون امن ۽ سماجي خوشحالي لاءِ متحده
آهن.)
رستي تي ٻارن ۽ ماين جي اچ وڃ هئي. مون کي صبح جو
اُٿڻ شرط چانهن پيئڻ جي عادت هئي،نه ته پيا جهوٽا
ايندا.آپا خديجه به چيو ته چانهن کانسواءِ ڪم ڪونه
هلندو. سو خبرچار لاءِ ٻاهر ڪائونٽر تي آيس جتي
ڪالهه صبح جو ڊيوٽي ڪندڙ روسياڻي ڪمبل ويڙهيو ليٽي
پيئي هئي، مون کي ڏسي هڪدم اٿي ويٺِي. مون گهڻو ئي
ٽي ،ٽي (چانهه) چيو پر سمجهي ئي ڪانه. پوءِ اتي
رکيل ڪٽلي ڏانهن اشارو ڪيو مانس ته هڪ دم چيائين
”چاءَ“ تڏهن معلوم ٿيو ته روسي ۾ چانهن کي چاءَ ٿا
چون.سو هائوڪار ڪيائين. مون اشاري سان پڇيس ته تون
يڪي هتي ويٺي آهين، تنهنجي ڊيوتي ڪيستائين آهي.
ڳالهه سمجهيائين الاهي نه پر آڱرين سان ٽن جواشارو
ڪيائين.عمر 72 سال کن هئس . انهي محبت ۽ اورچائي
جي ذريعي ئي هنن سوويت يونين کي دينا جي وڏي ۾ وڏي
طاقت بنائي ڇڏيو آهي.
اسان جي فلور تي، اهڙي ماٺ هئي جهڙو راڪاس گهمي
ويو هجي. ڇو ته اهڙو سسٽم هو جو ڪمري اندر ڪيترو
به گوڙ هجي، ٻاهر آواز ٻڌڻ ۾ ڪونٿي آيو. ٿوري دير
کانپوءِ ساڳي مائي سليماني چانهن کڻي آئي،چانهن ۾
کير وجهڻ جو رواج ڪونهي. ڪاري چانهن ڌسي ٺپ ئي ٺري
ويا، لاچار پيئڻِي پيئي. چانهن هلڪي ۽ خوشبدار
هئي. ساڍي ستين بجي تيار ٿي ناشتو ڪرڻ هال ۾
آياسين، اسان وارو سڄو وفد موجو د هو. ناشتي ۾
پهرين گلاس ۾ صوف جو رس ڏنائون ۽ پوءِ ساڳيون
اڇيون، ناسي ڊبل روٽيون، مکڻ پنير، ۽ هاف فراءِ
بيڊن سوڌيون کڄي آيون.
اڄ اسان کي ماسڪو گهمائن جي لاءِ وٺي پي ويا.
سڀاڻي 23 تاريخ کان ڪانگريس شروع ٿيڻي هئي، سو
اڄوڪو ڏينهن شهر گهمڻ لاءِ هو. پوري9 بجي بس ۾
وڃي چڙهياسين اسان جون گائيڊ به اسان سان گڏ هيون.
هڪ ڀورين اکين واري خوبصورت قداور ڇوڪري تانيا ۽
ٻي اڌڙوٽ عمر جي ايلينا، هوٽلن ۾ ترجمان طور ڪم
ڪندي آهي.انگريزي تمام سٺي ٿي ڳالهايائين. ڪو به
مسئلو ٻڌايونس ته چوندي
my dear donot worry
(توهين ڪو به فڪر نه ڪريو) ايلينا اليڪٽرانس
انجنئير هئي سندس پٽ ٻارن ٻچن وارو هو مڙس بيمار
رهندو هوس، ان جي نظرداري سان گڏ هتي ڊيوٽي به
ڪندي هئي . ٽين گائيڊ مرينا، ڏاڍي سٻاجهي ۽ سادي
سڀاءُ جي سهڻي ڇوڪري هئي، پاڪستان جي زراعت تي
تحقيق پي ڪيائين،مائٽن جي اڪيلي ڌي هئي، پڻس
سفارتڪار هو ان سان گڏ ڪجهه سال اڳ انڊيا مان ٿي
آئي هئي.هوشيار به تمام گهڻي هئي ، سڄي وفد جي
مسئلن کي منهن ڏيندي هئي.انهن ٽنهي کانسواءِ ،
سوويت وومين ڪميٽي جون ميمبرياڻيون پڻ وفد سان
رابطي ۾ هيون.اسان جو لاڳاپو فلورا سان هو، جيڪا
ٽوئرسٽ هوٽل ۾ ترسيل هئي،اسان مرينا کي ڪو مسئلو
ٻڌائيندا هئاسين ته چوندي هئي .” ترسو آءُ فلورا
عبدالرحمان سان صلاح ڪري پوءِ ٻڌائيندس“پوءِخبر
پئي ته فلورا جو مڙس روسي مسلمان هو، جنهنجي نالي
رحمان کي هن رخمان ٿي چيو.
مون سان هڪڙو مسئلو ٿي پيو.پاڻ سان اياز جي”ياشيڪا
“ ڪيميرا کڻي آئي هيس، جيڪا هڪ ته گهڻي ڳري هئي،
ٻيو مون کي استعمال ڪرڻ ڪانه پي آئي سو، مون
سمجهيو خراب ٿي ويئي آهي .هاڻِ اهڙي موقعي جا ڦوٽو
نه ڪڍجن، ڏاڍي جٺ ٿي تانيا کي چيم ڪيميرا ٺهرائي
ڏيو، پر تيسين هتي خبر پيئي ته هتي ” ڊالر شاپ“ تي
ڪيميرائون به رکيل آهن.سو آءُ ۽ آپا خديجه اتي
ويونسين. جتان مون هڪ روسي ڪيميرا ” زينٽ“ ورتي.
پر اها به هلائڻ ڪان آيم.دڪاندارگهڻو سمجهايو پر
ڳالهه مغز ۾ ڪانه ويٺي. پوءِ جيئن ٿي آيو تيئن ٿي
ڦوٽا ڪڍيم، جيڪي سڀ پوءِ خراب ٿيا. پر تيسين اياز
واري ڪيميرا پاڻ مرادو ٺيڪ ٿي ويئي .جنهن سان
ماسڪوگهمندي جام ڦوٽا ڪڍيم.بس ۾ هڪڙي گائيڊ شهر جي
باري ۾ مائيڪ تي ڄاڻ ڏيندي رهي.ويڪرن رستن تي نه
موٽر سائيڪل هئي، نه سائيڪل، نه لوڊ، نه ٻِيو
ڪجهه رڳوڪارون ۽ بسون ماڻهو به رستن تي گهٽ
هئا.پوءِ خبر پيئي هتي ماڻهو گهڻو ڪري زير زمين
ريل جنهن کي ”ميٽرو“چوندا آهن.ان ۾سفر ڪن ٿا
.رستي هلندي هۡڪڙي بيحد ٿلهي روسياڻِي هڪ پارڪ ۾
ڇٻر پي وڍي.50يا60 سالن جي هوندي. رستي جي پاسي
تان کاڌي پيتي جا تمام سهڻا اسٽال ۽ دوڪان ٺهيل
هئا، جتان وڏن توڙي بارن شيون پي ورتيون.موسم ڏاڍي
سٺي هئي، هلڪيون ڦڙيون پي پيون،پري کان ماسڪو
جوآسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگون پئي نظر آيون،سڀ
کان پهريائين ڪنڊر گارڊن اسڪول کي ٻاهران
ڏٺوسين، گائيڊ ٻڌايوته ٻارن کي ٽن سالن جي عمر ۾
اسڪول ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، ۽ اڳتي سمور ي
تعليم، ڪتاب ۽ گهمڻ جا بندوبست مفت آهن.پوءِ هڪ
سينيما تي پهتاسين ، ماسڪو شهر ۾سؤ کان وڌيڪ
سئنيما گهر آهن. رستي تي ماسڪو سرڪس ۽ ٻارڙن جو
ٿيٽر ڏيکاريائون پوءِ ماسڪو يونيورسٽي گهمڻ ويا
سين اتي ڏهن منٽن لا ءِ لاٿائون يونيورسٽي کليل
هئي پر ٻاهر ٻن ٽن ڇوڪرين کان سواءِ ڪوبه ڏسڻ ۾
نه آيو. اسان وٽ يونيورسٽي ۾ وڃو ته ڪلاس ۾
ڪوايڪڙ ، ٻيڪڙ شاگرد نطر ايندو، باقي سڀ ٻاهر ،
ايئن پيا ٽلڪندا ڄڻ باغ جو سير ڪندا هجن.
هلندڙ
ڊاڪٽر ڪشني آنند
حصو
پهريون
گرڀ وارين عورتن لاءِ هدايتون
سهج ويم
(1) جيئن ته گرڀ سڀ ڪنهن زال لاءِ هڪ سڀاويڪ ڳالهه
آهي نه ۡ اها بيماري نه آهي، تنهنڪري گرڀ واري وقت
۾ تندرستي جي هميشه وارن ڪمن ڪارن ۾ جيترو ٿي سگهي
اوترو ڦيرڦار نه ڪجي. يعني ته پنهنجي هلت چلت
ڦيرائڻ نه گهرجي ۽ نڪو بيمارن وانگر رهڻ گهرجي؛ پر
رواجي طرح هلڻ گهرجي جو ڪابه لکا نه پوي.
(2) خيال سٺا رکجن. سمهڻ واري ڪوٺي جي بتين تي
سٺيون تصويرون هڻڻ گهرجن، ڪاوڙ نه ڪجي ۽ پاڻ کي
خوش رکجي.
(3) ورزش هڪ بلڪل ضروي ڳالهه آهي ۽ پنڌ ڪرڻ سڀ کان
سٺي ورزش آهي. پر پاڻ کي ٿڪائجي اصل نه. گرڀ جي
پوئين اڌ وقت ۾ وڏيون وڏيون مسافريون نه ڪرڻ
گهرجن. سبڻ واري مشين نه هلائجي، وڏين وڏين ڏاڪڻين
تي نه چڙهجي ۽ نڪي ڳورو بار کڻجي. خاص ڪري ٽئين
مهيني ۽ ستين مهيني ۽ (ماهواري جي ڏينهن ۾ آرام
ڪرڻ جي بلڪل گهڻي ضرورت آهي.)
(4) روز وهنجڻ ضروري آهي، وهنجڻ انسان لاءِ صفائي
خوراڪ آهي.
(5) سوڙها ۽ تنگ ڪپڙا پائڻ نه گهرجن.
(6) گهر جا ڀاتي اهڙا سمجهه وارا هئڻ گهرجن، جو
گرڀ وارين زالن کي خراب يا دکدائڪ ۽ اوچتيون
خبرون نه ٻڌائين پر ساڻن چڱيون ۽ وندر جهڙيون ڳالهيون ڪن.
(7) کاڌو هلڪو ۽ طاقت بخشيندڙ ۽ پورن وقتن تي کائڻ
گهرجي. خاص ڪري کير، مکڻ، ميوو ۽ سايون ڀاڄيون چڱي
انداز ۾ کائڻ گهرجن. گوشت جيترو ٿي سگهي اوترو گهٽ
کائجي ۽ خاص ڪري پوين ٻن مهينن ۾ پاڻي به گهڻي
انداز ۾ پيئڻ گهرجي. خاص ڪري صبح جو نيراني ۽ رات
جو سمهڻ وقت هڪ گلاس پيئڻ گهرجي. ميوو، کير،
ڀاڄيون ۽ ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري قبضي ڪانه ٿيندي.
(8) تازي هوا به جهجهي کائڻ گهرجي. جي رات جو سيءُ
پوي، ته گرم ڪپڙو جيترو وڻي اوترو وجهجي. بسترو
هيٺان توڙي مٿان ساڳيو گرم رکجي، پر دريون دروازا
ضرور کليل رکجن. سمهڻ وقت منهن اصل نه ڍڪجي.
(9) ڇاتيءَ جي سنڀال: وهنجڻ وقت ڇاتي کي چڱي طرح
صابڻ سان صاف ڪجي. ٿڻن جي ڏنڊي نپلسNipples
کي آهستي آهستي ٻاهر ڇڪي اسپرٽ
spirit
يا برنڊي
Brandy
ان مهٽڻ گهرجي، جيئن سخت ٿين ته ٻار کي ڌارائڻ ۾
سهولت ٿيندي. رات جو روز وئزلين
vaseline
مکي ڇڏجي.
(10) ڏند: جيڪڏهن ڏند خراب ٿين ٿا ڪليون پون، ته
يڪدم ڏندن جي ڊاڪٽر يا ٻئي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائجي.
ڪهڙي وقت ڊاڪٽر جي صلاح هڪدم ضروري آهي:
جڏهن رت گرڀ نلي مان پوي.
جڏهن مٿي جو سور يا ڦيري ٿئي.
جڏهن پيشاب گهٽ ٿي وڃي.
جڏهن پيرن تي سوڄ ٿئي.
جڏهن اُلٽي ۽ اوڪارا بند نه ٿين.
گرڀ واري زال جي اهڙي سنڀال ڪجي، جيئن گرڀ جي وقت
زال تندرست هجي ۽ ويم سولو ڪري ۽ ٻار به تندرست ۽
مضبوط ڄمي. انهي ڪري ڊاڪٽر وٽ وقت به وقت وڃي انهي
کان پاڻ تپاسارائجي ۽ صلاح وٺجي، انهي کي انگريزي
۾
Ante Natal Treatment
چئجي ٿو ڪيترن زالن کي
Ante natal Treatmentجي
فائدن جي خبر ڪانهي، جو انهن جي گهرن جون وڏيون
زالون انهن کي ٻڌائينديون آهن، ته انهن ڪڏهن ڪونه
ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ۽ هو سمجهنديون آهن ته گرڀ جي
پڇاڙي جا ڏينهن گهر ۾ گذاربا آهن.
گهڻيون زالون ويم ۾ مري وينديون آهن ۽ ٻار به ويم
وقت مري ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو علاج اڳ ڪونه
ٿيو هوندو آهي. ۽ پوءِ ڳالهه وڌي وڃي ٿي علاج ڏکيو
ٿيو پويAntenatal Treatment
ڪري گرڀ واري زال، گرڀ وقت تندرست رکي ٿي سگهجي.
(3) گرڀ وقت جي ڪابه بيماري يا خراب حالت ٿئي، ته
يڪدم جاچارائجي ۽ علاج ڪجي، جيئن گرڀ واي زال کي
نقصان نه ٿئي.
(4) ٻار به انهي ڪري مضبوط ڄمي سگهي ٿو.
(5) اهڙو بندوبست ڪجي جو ويم به سولو ٿئي ۽ تڪليف
به نه ٿئي.
گرڀ واري زال جون هيٺيون ڳالهيون جاچڻ گهرجن:
(1)
پيشاب جاچائڻ گهرجي، جي چرٻي هجي يا کنڊ ته
ترت علاج ڪجي.
(2)
رت جو دورو جاچرائجي، جي گهٽ يا وڌ هجي ته
اهڙي طرح ان جو علاج ڪجي.
(3)
پيٽ جي ماپ وٺجي جيئن خبر پوي ته ٻار وڌي ٿو.
(4)
گرڀ واري زال جو تور وٺجي جي گهٽجي يا وڌ ٿئي
ته انهن جو علاج ڪجي. گرڀ واري زال جي تور رواجي
طرح هڪ سير مهيني ۾ وڌڻ گهرجي.
(5)
چيلهه جي هڏين جي ماپ وٺائڻ گهرجي جئين خبر
پوي ته ويم سولو ٿيندو يا نه، جي چيلهه جي هڏين جي
ماپ تمام تنگ هجي ۽ ويم ناممڪن هجي ته هڪدم وڏي
اسپتال ۾ وڃجي.
(6)
ٻار ڏسجي ته پوري جاءِ تي آهي يا نه ۽ جي غلط جاءِ
تي هجي، ته اهڙيءَ طرح ان جو علاج ڪجي.
(7)
ٿرماميٽر سان تپ ضرور جاچڻ گهرجي، ڪن کي سنهو تپ
گرڀ وقت بيهي رهندو آهي. جنهن مان سلهه جهڙي خراب
بيماري ٿيڻ جو امڪان آهي.
(8)
رت به جاچائڻ گهرجي جو ڪيترين گرڀ وارين زالن
جو رت سڪي ويندو آهي، جنهن ڪري منهن تي ٿوٿر پيرن
تي سوڄ ٿي پوندي آهي. ڪن ڪن زالن کي رت خراب ٿي
پوڻ ڪري ٻار ڪچا ٿي پوندا آهن، تنهنڪري انهي جو
اهڙو علاج ڪجي.
(9)
ٻيو ته ڇاتي، ڦڦڙ، جيرو ۽ هيانچو اهي سڀ جاچڻ
گهرجن جي انهن ۾ ڪابه خرابي هجي ته ان جو ترت علاج
ڪجي.
(10)
ڏند ۽ نظر به گرڀ وارين زالن جا جاچڻ گھرجن.گرڀ
وارين زالن جون اهي ڳالهيون جاچي هيٺ ڏنل هدايتون
ڏيڻ گھرجن.
Pregnancy Aneamia(1)
يعني گرڀ جي وقت رت سڪي وڃي:
(2)
Contracted Pelvis
يعني چيله جون هڏيون سوڙهيون:
(3) ٻار غلط جاءِ تي نه هجي:
(4)
Eclampria
يعني دوري جي بيماري:
اهي سڀ بيماريون ويم کان اڳ علاج ڪرائڻ سان
روڪي سگھجن ٿيون. ويم ۾ سٺيء آزمودگار ۽ هوشيار
ڊاڪٽرياڻِيءَ نه ڪرڻ جي ڪري ۽ ويم جي پوري سنڀال
نه ڪرڻ ڪري گھڻا موت ٿين ٿا.
ٻار به جي تندرست ۽مضبوط ڄمي ٿو ته ماءُ جي
ٻار پٺيان بيک نڪري ٿي وڃي.
جن ڪن کي مئل ۽ ڪچا ٻار ٿيندا هجن ته اهي به ويم
کان اڳ سبب ڳولي ڪڍڻ ۽ ان جي علاج ڪرڻ سان روڪي
سگھجن ٿا.
جنهن جو بار تمام مضبوط هجي يا سندن چيلهه جون
هڏيون سوڙهيون هجن ۽ خاص ڪري پهريا ت هجي . ته
نائون مهينو گرڀ جو جڏهين شروع ٿئي، تڏهيين
هفتي ايرنڊيءَ جي تيل جو جلاب وٺي. پنڌ خوب
ڪري،ڏاڪڻ هي مٿي لهي چڙهي ۽ پڇاڙي جو هفتو
Quinine
جون گوريون ٻه روز
grams
5 جون وٺي ته ويم به جلد ٿيندس ۽ سولو ٿيندس.
گرڀ جون بيماريون
(1)
اُڊير: اهي جي گهڻو هلاک نه ڪن ته ڇڏي ڏجن.
رڳو ليمون ڪچو لوڻ ۾ مرچ وجهي چوسجي ۽ ميٽ جي
بدران
Gulcose Drops
چوسجن. پر اهي اُڊير جي گهڻو هلاک ڪن، جي گهڻو ڪري
Nerotic Type
(ڪمزور نسن) وارين زالن کي گهڻو هلاک ڪندا آهن ته
اهي ڊاڪٽر کان صلاح وٺن.
(2)
قبضيت: نيراني پاڻي جو گلاس پيئجي، رات جو کير
پئجي، سايون ڀاڄيون جهجهي انداز ۾ کائجن. ائين ڪرڻ
سان قبضيءَ کي دور ڪري سگهجي ٿو. پر جي ائين ڪرڻ
سان به قبضي نه لهي ته
Fruit Salt
،
Milk of Magnesia
وٺجي. ايرنڊيءَ جو تيل
(Castoroil)ڊاڪٽر
جي صلاح کان سواءِ نه وٺجي.
(3)
جي موڪا ٿين ته هر روز پيٽ اچڻ جو اپاءُ ڪجي،
انهي لاءِ
Liquid Paraffin رات جو روز وٺڻ گهرجي. موڪن جي سور هجي ته پوءِ موڪن جي لاءِ
گهڻن ئي قسمن جا ملم آهن اهي مکجن.
(4)
Vagina
مان رت اچڻ: جي گرڀ نلي مان رت اچي ته يڪدم ڊاڪٽر
سان صلاح ڪجي. پيراندي مٿي ڪجي ۽ يڪدم آرام ڪجي.
نه ته رت اچڻ ڪر ٻار ۽ زال ضعيف ٿي پوندا يا ڪچو
ٻار
Abortion
ٿي پوندو.
جي رت جي پوئين گرڀ وقت ۾ پوي ته اها تمام خراب
نشاني آهي جو اور پنهنجي جاءِ تان ڦري ويندي آهي
انهي ڪري ايترو رت پوندو آهيplagenta
Previa انهي رت پوڻ ڪري ڪيتريون زالون مري به وينديون آهن.
(5)
سوڄ: جيڪڏهن سوڄ هٿن، منهن ۽ پيرن تي ٿي پوي
ته يڪدم پيشاب ڊاڪٽر کان جاچرائجي جو اها سوڄ گهڻو
ڪري پيشاب ۾ چرٻي هئڻ ڪري ٿيندي آهي. سوڄ، رت بدن
۾ سڪي وڃڻ ڪري به ٿيندي آهي يا پڇاڙي جي ڏينهن ۾
ٻار جي هيٺ زور هئڻ ڪري پيرن تي سوڄ ٿيندي آهي.
تنهنڪري جهڙي قسم جو سبب هجي اهڙي قسم جو علاج
ڪجي.
(6)
بدهاضمو: گرڀ وارين زالن کي بدهاضمي واري
بيماري گهڻو هلاک ڪندي آهي. کاڌو گهڻو نه کائجي،
گهڻا چوندا آهن ته ٻن جيون جو کائجي. اهو بلڪل غلط
آهي پورو يا پاڻ ٿورو کائجي. رات جو دير سان ڳورو
طعام نه کائجي. ماني کائي پوءِ پاڻي پيئجي پر کاڌي
جي وچ ۾ نه پيئيجي. گهڻو مصالحيدار کاڌو نه کائجي
۽ قبضي ٿيڻ نه ڏجي.
(7)
خارش: گهڻو ڪري خارش هيٺين ڀاڱن تي ٿيندي آهي.
اها اڇي پاڻي گهڻي پوڻ ڪري ٿيندي آهي ۽ رات جو اها
گهڻو ڪري هلاک ڪندي آهي تنهنڪري روزانو رات جو
Potassium Permagnet
جي لوشن سان صفا ڪري وئزلين مکي ڇڏجي. جي ائين ڪرڻ
سان خارش نه لهي ته ڊاڪٽر سان صلاح ڪجي.
(8)
نرن ۾ سور: گرڀ وارين زالن کي نرن ۾ سور ٿيندو
آهي جو پيشاب جي تڪليف کان ٿيندو آهي يا قبضي کان
ٿيندو آهي. تنهنڪري ڊاڪٽرن جي صلاح جي ضرورت آهي،
پيٽ کي پٽي ٻڌڻ سان ڪن کي سور ۾ فرحت ٿيندي آهي.
(9)
رت سڪي وڃڻ: گهڻيئي زالون گرڀ جي وقت بدن ۾ رت
سڪي وڃڻ جي ڪري
Anaemia
۾ مري وينديون آهن. ٿوري
Anaemia
ته گهڻن کي ٿيندي آهي جا کاڌي ۽ هوا جي ڪري ٺيڪ ٿي
ويندي آهي. پر ڪي تمام سايون لڳنديون آهن ڄڻ ته
بدن ۾ رت ڦڙو به ڪونه اٿن ۽ جيرو به وڌيل هوندو
اٿن. انهن کي گهڙي گهڙي بيهوشي ۽ اکين اڳيان ڌنڌ
ٿيندو آهي. انهن کي جيرو پچائي يا جيري جي سوپ
ٺاهي پيئڻ گهرجي يا جيري جون سيون ۽ دوائون وٺن
گهرجن.
(10)
چيلهه جون هڏيون سوڙهيون
Contreated Pelvis
چيلهه جون هڏيون سوڙهيون هئڻ ڪري ويم ڏکيو ٿي
پوندو آهي. تنهنڪري نرسن کي ڏسڻ گهرجي ته اهي
ماپون پوريون آهن يا نه. جي نه ته زالن کي يڪدم
ڪنهن ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خاص ڪري
پهريات ۾ جاچڻ گهرجي. ماپن ۾ ڦيرو ڪڏهن به اچي
سگهي ٿو، ڀلي کڻي ٻه ٽي ويم ڪيا هجنس جو ڪڏهن
بيماري
Osto Malacia
جي ڪري هڏيون ڦري وينديون آهن. اها بيماري گهڻو
ڪري پڙدي وارين ماين کي تازي هوا نه ملڻ ڪري، پوري
اس نه کائڻ ڪري، ورزش نه ڪرڻ ڪري، ۽ پورو کاڌو نه
کائڻ ڪري ٿئي ٿي.
(11)
دوري جي بيماري: ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ئي اوچتو گرڀ
وارين زالن کي ڏڪڻي اچي ٿيندي آهي ۽ مٿو اچي ڦرندو
اٿس ۽ بيهوش ٿي ويندي آهي، ۽ پيشاب ۽ پيٽ بند ٿي
ويندو اٿس انهي کي
Eclmpsia
چئجي ٿو.
دوري جي بيماري جون نشانيون: (1) پيشاب ۾ چرٻي
(2
)رت جو دور وڌيل. رواجي رت جو دورو ٿيندو آهي (021) پر هن بيماري ۾ 160 يا هن کان وڌيڪ ٿي ويندو آهي. (3)
پيرن ۽ منهن تي سوڄ (4) مٿي ۾ سخت سور جيستائين
ڪا مدد اچي تيسائين اهو خيال رکجي ته مٿان ڄڀ ڏندن
جي وچ ۾ نه ڪپجي پوي. انهي لاءِ ڏڪڻي اچي ته يڪدم
هن جي وات ۾ چمچو وجهجي. ڳچي جو ڪپڙو ڍرو ڪجي.
کاڌو سڀ بند ڪجيس، ڪنڌ پاسيرو ڪجيس. پوءِ ڊاڪٽر کي
يڪدم چتاءُ ڪجي ته اچي علاج ڪريس.
(12)
گرڀ واري زال جو پيٽ رواجي پيٽ کان وڌيڪ نڪتل
ڏسڻ ۾ اچي ته يڪدم ڊاڪٽر يا نرس کان پڪ ڪرائجي ته
ايتري پيٽ نڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي. جنهن جون چيلهه
جون هڏيون سوڙهيون ٿينديون آهن تن جو پيٽ نه
نڪرندو آهي يا ته ڪن کي ٻار پيٽ ۾ هوندا آهن. پيٽ
۾ پاڻي گهڻو هوندو آهي يا ڪن جو اڳ ۾ پيٽ نڪتل
هوندو آهي جيئن اڳ ۾ ئي پيٽ نڪتل هجي ۽ گهڻن ويمن
جي ڪري ٿيو هجي، جنهنکي انگريزي ۾
Pendulous Belly
ڪري چئجي ٿو ته پيٽ تي پٽي ٻڌڻ سان چڱو آرام
ايندس.
(13)
دست ۽ سوري: گرڀ وارين زالن کي دست يا سوري
به گهڻو ڪري بدهاضمي يا بدن ۾ رت سڪي وڃڻ جي ڪري
ٿيندي آهي اهڙي حالت ۾ کاڌو يڪدم بند ڪجي ۽ آرام
گهڻو ڪجي ۽ ڊاڪٽرکان صلاح ڪجي نه ته ڪچو نرم ويم
ٿي پوندو.
سلهه: گرڀ وارين زالن کي اها بيماري جلد پڪڙي
ويندي جو هو پنهنجي پوري سنڀال نه ڪنديون. گرڀ وقت
کنگهه يا تپ ٿورو ٿئي ته ڊاڪٽر کان صلاح وٺڻ
گهرجي. جي سلهه ٿي پوي ته هن کي خوب اُس ۽ تازي
هوا کائڻ گهرجي. سڄو ڏينهن سمهي پوڻ گهرجي. جيسين
تپ پيو اچي تيسين کيس کير خوب پياريو. ميوو ۽ هلڪو
کاڌو کارايو. کانگهارو اهڙي طرح ڪڍي ساڙي ڇڏين
جيئن انهي مان وري ٻيو ڪري نه اٽڪي وڃي.
اهي سڀ بيماريون ويم کان اڳ ڊاڪٽر کان صلاح ڪرڻ
ڪري روڪجي سگهجن ٿيون.
گرڀ وارين زالن جو وقت جڏهن ڀرجي اچي تڏهين ڪهڙيون
ڪهڙيون تياريون ڪجن.
(1)
جيڪڏهن توهان ڊاڪٽرياڻي گهرائڻ جي وسعت نه هجي
ته جيترو ٿي سگهي ته سڀ کان هوشيار سکيل ۽
آزمودگار نرس ڪريو. انهي کان بهتر ائين ٿيندو ته
”ويم گهر“ ۾ وڃي ويم ڪرايو، جتي ڊاڪٽرياڻيون نرسون
۽ دايون هردم حاضر آهن. جنهن کان ويم ڪرائڻ جو
خيال ڪريو. انهي وٽ ويم جو نالو داخل ڪرائي ڇڏي نه
ته ڪنهن وقت دوکو کائڻو پوندو. نالي داخل ڪرائڻ
وقت پيسي جو خيال نه ڪريو. سستائين سببان متان اڻ
سکيل يا اڻ آزمودگار ڊاڪٽرياڻي يا نرس کڻي ڪريو.
ڇو ته وري بيماري سببان ڊاڪٽرن دوائن تي وڌيڪ خرچ
ڪرڻا پوندا آهن. ۽ وري حياتي جو به جوکو ٿيندو
آهي. ”سستو پر ڇٽي وجهندڙ“ اها ڪفايت ئي گهوري جا
بيماري ڀوڳائي.
(2)
ڪپهه جا هڪ يا ٻه ويڙها يا پيڪيٽ گهرائي
رکجن. اڇا پراڻا ڪپڙا جهجهي انداز ۾ پاسيرا ڪري
رکجن. وڏا چار ٽوال رکجن جي پيٽ کي پٽي ٻڌڻ لاءِ
يا ٻار کي وهنجارڻ مهل ڪتب ايندا.
پيٽ جي پٽي لاءِ 6 پنون سيفٽي پنون وٺي رکجن. ماني ۽ ٻار جي
ڪپڙن جو وڳو تيار ڪري رکجي. ٻار جي هيٺيان ۽ مٿان
وجھڻ جي لاءِ ٻه چادرون ڪڍي رکجن.
ٻه اڇيون چادرون ۽ صفا اڇو بسترو به تيار ڪري
رکجي.
ٽي صفا سٺيون پاڻيون وٺي رکجن جي ٻار کي وهنجارڻ
لاءِ ڊاڪٽرياڻي جي هٿن ڌوئڻ لاءِ ۽ گند ڪچري وجهڻ
لاءِ ڪتب اينديون.
ڪجهه دوائون به تيار ڪري رکجن جيئن ته
(Dettol Lotion)
ڊيٽال لوشن
(Glycerine)
گليسرين آئونس هڪ
(Boriec Acid)
بورڪ ائسڊ ٻه آئونس.
ٻار کي پهرين ٻن ٽن ڏينهن جي کاڌي کائڻ لاءِ
گلوڪوس جو هڪ پاڪيٽ يا دٻو وٺي رکڻ گهرجي.
ڪوٺي.صفا ڪوٺي جنهن ۾ ويم ڪجي اها اڳيئي فنائيل
سان صفا ڪرائي ڇڏجي.
ڊاڪٽرياڻي کي جنهن وقت ويم لاءِ ماڻهو موڪلجي تنهن
وقت پاڻي کي ڦٿڪي لڳائي صاف ٿانو ۾ وجهي گرم ڪرڻ
لاءِ رکي ڇڏڻ گهرجي.
ڪاربولڪ صابڻ ڊاڪٽرياڻي جي هٿن صفا ڪرڻ جي لاءِ
موجود رکڻ گھرجي. ٻارن جي وهنجڻ لاءِ بيبي سوپ
گھرائي رکجي.
ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ به رواجي صابڻ ججھي انداز ۾ گھرائي
رکجي. ڪموٽ ۽
bedpan
فنائيل سان صفا ڪرائي رکجي.
گرڀ 9 مهينا نو ڏينهن ٿيندو آهي ۽ اهو مدو جنهن
ڏينهن پڇاڙي جا
mense
ماهواري اچن انهي تاريخ کان ڳڻڻ گھرجي. جيڪي سمجھو
زالون آهن انهن کي اها پڇاڙي جي ماهواري تاريخ لکي
ڇڏڻ گھرجي. جي زال پاڻ ڊاڪٽرياڻي کي اها تاريخ
پوري ٻڌائيندي ته داڪٽرياڻي به ويم جي تاريخ پوري
ٻڌائي سگھندي.
اتفاق سان ڪو هزارن ۾ هڪ ڪيس اهڙو ٿيندو آهي جنهن
کي نو مهينا نو ڏينهن کان وڌيڪ وقت لڳندو آهي.
ٻار پوڻ:
ڪيتريون زالون ائين سمجھنديون آهن ته ٻار پوڻ ڪا
وڏي ڳالهه ڪانهي. پر اها سندن وڏي ڀل آهي. انهي ۾
پاڻ آرام ۽ سنڀال جي وڌيڪ ضرورت آهي. ٻار پوڻ وقت
پوري سنڀال آرام نه ڪرڻ گهڻيئي خرابيون ٿي سگهن
ٿيون: ڪن کي انهي کان زهر چڙهي ويندو آهي. نرن تي
سوڄ ٿي پوندي آهي.، ڪي اڳتي ويم ڪرڻ کان خارج ٿي
پونديون آهن. جيئن ويم کانپوءِ گرڀ جي جاءِ ۾
ڦيرڦار ٿئي ٿي، تيئن ٻار پوڻ کان پوءِ به ٿئي ٿي.
تيسين سنڀال اهڙي ڪرڻ گهرجي جهڙي ويم جي ”سئو ويم
هڪ ڪهائي“ اصل ائين سمجهڻ گهرجي.
ويم: رواجي ويم چوويهه ڪلاڪ وٺندو آهي پر پهريات ۾
شايد گهڻو وقت وٺي. سور شروع ٿين ته يڪدم
ڊاڪٽرياڻي يا نرس کي گهرائجي جا يڪدم ڏسي ٻڌائيندي
ته ڪا حرڪت نه ڪانهي ۽ ويم اڃا ڪيترو وقت وٺندو.
ڪوشش ڪري نرس کي تنگ وقت تي گهرائڻ نه گهرجي جي
نرس اڳ ۾ ايندي، ته ويم جي لاءِ سڀ تياريون ڪري
ڇڏيندي. ويم جي وقت زال کي جنهن کٽ تي سمهارجي سا
ڇڪيل ۽ مٿڀرو هجي. بسترو صفا اڇو ۽ صاف هجي. بستري
تي چمڙو ميئو وجهي ڇڏڻ گهرجي. جيئن بسترو خراب نه
ٿئي. ويم کان پوءِ چمڙو ڪڍي صفا ڪري پوءِ وڇائي
مٿان اڇي چادر وجهي ڇڏڻ گهرجي. ويم جي ڪوٺي پاسيري
روشن دار ۽ کليل هجي، ويم جي ڳالهه تڪڙ ۾ نه ڪجي
ويم آهستي آهستي ٿئي ته پاڻ سٺو. سورن وقت زال کي
تيسين آرام ڪرڻ گهرجي جيسين نرس کيس موڪل ڏئي هت
ڀلي هيڏانهن هوڏانهن ڦر، سور به تيسين هيٺ نه کائڻ
گهرجن جيسين نرس صلاح نه ڏئي. سورن وقت ڪپڙا سٺا
پائڻ گهرجن. جيڪڏهن زال کي پيٽ يا پيشاب نه آيو
هجي ته نرس کي ضرور ٻڌائي ڇاڪاڻ ته هوشيار نرس اهو
اهنج ضرور لاهي سگهندي. پيٽ ۽ پيشاب انهي وقت اچڻ
تمام ضروري آهي. طاقت لاءِ کير ۽ چانهه پيئڻ
گهرجي. برنڊي ٻيو شراب انهي وقت نه پيئڻ گهرجي
ڇاڪاڻ ته انهي ڪري زال کي گهڻو رت پوندو. ڪن زالن
کي ڪوڙا سور به ٿيندا آهن جي پٺ جي پچڪاري ڪرڻ سان
۽ ڪجهه دوا
(Chloral Bromide Mixture)
وٺڻ سان لهي ويندا آهن.
ناڙو:- جڏهن ٻار ڄمي تڏهن ناڙي جي ٽڪ جيسين نه
بيهي تيسين ناڙو وڍڻ نه گهرجي. جيسين ناڙي جي ٽڪ
ٽڪ پيئي هلندي تيسين ٻار کي اور مان کاڌو پيو
ملندو. تنهنڪري ناڙو هڪدم نه کپڻ گهرجي. پر انهي
ٽڪ ٽڪ جي خبر صرف نرسن کي ئي پئجي سگهي ٿي. ڪڏهن
ڪڏهن ويم واري زال جا مٽ مائٽ به نرس کي (هلاک)
ڪندا آهن ۽ کيس سندن حڪم مڃڻ لاءِ پيا زور ڀريندا
آهن، پر ائين ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
هوشيار نرس کي هميشه پنهنجي ڪم جي پوري خبر هوندي
آهي.
اور: ويم کانپوءِ جيڪا اور ايندي آهي سا يڪدم ڪڍڻ
نه گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ ويهه منٽ کن ڇڏي ڏجي. جي تڪڙ
۾ ڪڍبي ته ڪجهه نه ڪجهه اور جو ٽڪر رهجي ويندو.
نرس کي گهرجي ته پيٽ کي ويهي مسلي ۽ ويهه منٽن
کانپوءِ اور کي مٿان ڌڪي پر اندر هٿ وجهي نه ڇڪي،
جي اور نڪرڻ ۾ ڪا هلاکي ٿئي ته هڪدم ڊاڪٽرياڻي جي
مدد وٺجي. جي ڊاڪٽرياڻي يڪدم نه ملي سگهي ته نرس
کي هٿ سان ڪڍڻ گهرجي. پر پهرين هٿ چڱي طرح ڪاربولڪ
صابڻ سان ڌوئي لوشن ۾ ٻوڙڻ گهرجن. اور کي ٻاهر ڪڍڻ
لاءِ ناڙي کي ڪڏهن به ڇڪڻ نه گهرجي.
رت ڇڏڻ: ويم کان پوءِ رت بيحد گهڻو نه اچڻ گهرجي.
ڇو ته زالون ويم کانپوءِ ضعيف ٿي پونديون ۽ نرس جي
لاءِ به اها خواري آهي،ڪيتريون ئي زالون سمجهنديون
آهن ته گهڻو رت ڇڏڻ فائدي وارو آهي پر اها سندس ڀل
آهي. نرس جي پنهنجو ڪم چڱو ڪيو هوندو ته ويم کان
پوءِ رت به پوري انداز ۾ پوندو.
هيٺين بدن جي صفائي ڊيٽول لوشن سان ڪرڻ گهرجي.
(Vagnial Douch)
پچڪاري رڳو تڏهن ڪرڻ گهرجي جڏهن ويم ۾ ڪا تڪليف
ٿئي. جيتري پچڪاري گهٽ ڪجي اوترو چڱو.
ڏهن ڏينهن تائين جسم جي صفائي ڪوسي پاڻي ۾ ڊيٽول
لوشن وجهي گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا ڪرڻ گهرجي.
Diapers
پيڊ جلد جلد هٽڻ گهرجي.
کٽ تي چادر بي داغ ۽ صاف ۽ ڪوشش ڪري اڇي وجهڻ
گهرجي ۽ جلد جلد بدلائجي ته چڱو.
پارس پنهور
موسمي بخار
مليريا، يا موسمي بخار، هونئن ته سڄي دنيا ۾ ٿئي
ٿو. پر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ هر سال هن بخار جي
وگهي هزارين جانيون تباهه ٿيو وڃن. سرڪاري انگن
اکرن مان جڏهن هن بخار ۾ ٿيل موتن جو شمار پڙهبو ۽
ڏسبو آهي ته تعجب وٺي ويندو آهي. نه صرف ايترو پر
ڪيترا ته ويچارا انسان هن ئي بخار ۾ مبتلا ٿيڻ
بعد، وڏن وڏن موذي مرضن ۾ به ڦاسي پوندا، جن جو
پوءِ ڪو علاج به کين ميسر ٿي نه سگهندو آهي. هي
بخار هميشه سرءُ جي مند ۽ برسات پوڻ بعد شروع
ٿيندو آهي جيئن ته برسات جي پوڻ تي فضا۾ گهم ۽
پوسل پيدا ٿي پوندي آهي. انڪري رستن، گهٽين ۽ گهرن
جي ڪنڊن ڪڙڇن ۾، گندگي ۾ اضافو ٿي ٿو وڃي. اهي ئي
گندگي مان اٿيل زهريلا بخار پاڻي ۽ هوا ۾ ملي ڪري
انسان جي تندرستي کي خراب ڪري ٿا وجهن. تنهن
کانسواءِ هن موسم ۾ جيئن ته آب و هوا گهميل هوندي
آهي تنهنڪري کاڌي جي هضم نه ٿيڻ سبب به هن بخار
کي وڌڻ جو اسباب ميسر ٿئي ٿو. انهن سڀني ڳالهين
کان پوءِ هڪ وڏو سبب هن بخار جو آهي، مڇرن جو چڪ!
انهن خرابين ۽ گندگي تي پيدا ٿيل مڇر اهو سمورو
زهر پنهنجي جسم ۾ کنيو، جنهن وقت ماڻهو جي جسم تي
اچيو ٿا ويهن، ته اهو زهر ان ماڻهوءَ جي جسم ۾
داخل ڪري اڏامي ٿا وڃن. انهن جي چڪن کان ۽ جسم جي
مٿي بيان ڪيل خرابين مان هن بخار جي ابتدا ٿئي ٿي.
موسمي بخارجا قسم:
هي بخار ٻن قسمن جو ٿئي ٿو، هڪ واري جو ۽ ٻيو
مسلسل هلندڙ، ڇو ته هي بخار ڪنهن ڪنهن وقت ته واري
سان ايندو آهي، جيئن هڪ ڏينهن وچان وجهي، ۽ وري
ٻئي ڏينهن تي، يا ته هفتن جا هفتا هلندو رهندو
آهي. هن موسم ۾ جيڪو بخار واري سان ايندو آهي ان
جا به قسم ٿين. (1) جيئن ته روزانو بخار ته رهي پر
چوويهن ڪلاڪن جي دوران ۾ ڪنهن وقت بلڪل لهي وڃي، ۽
ڪنهن وقت تمام تيز ٿي وڃي. (2) ٽئين ٽئين ڏينهن
ايندو آهي، جنهنکي سنڌي ۾ ٽيهڙ تپ به ڪري چوندا
آهن. (3) چوٿين چوٿين ڏينهن تيز بخار.
علامتون:
هن جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ، ماڻهوءَ جي طبيعت سست ٿي
ويندي آهي، هٿن پيرن جو ست بلڪل کستو ٿي رهجي
ويندو آهي، بدن ۾ آهستي آهستي ڏڪڻي پيدا ٿيندي
آهي، ۽ سيءُ محسوس ٿيندو آهي، سيءُ هن بخار ۾ پٺن
کان شروع ٿي، رفته رفته سڄي جسم ۾ محسوس ٿيڻ لڳندو
آهي. سيءُ کان بدن ايترو ته زور سان ڏڪڻ لڳندو
آهي، جو مريض جا ڏند کڙڪڻ لڳندا آهن. سرديءَ کان
بچڻ لاءِ جيڪڏهن اهڙي بيماري کي سوڙون ۽ بلاڪيٽ
وغيره مٿان ڪيا ويندا آهن، ته به هن جو سيءُ هلڪو
نه ٿيندو آهي. ڪيترين حالتن ۾ سردي جي شدت کان
مريض جي هٿن ۽ پيرن جا ننهن نيرا ٿي ويندا آهن.
ايتري سردي جي هوندي به، اهڙي مريض کي ان وقت به
بخار هوندو آهي. ٿوري دير بعد، مريض جو بدن بخار
کان تپي ويندو آهي. ۽ هو پنهنجي مٿان ڪوبه اوڇڻ
برداشت نه ڪري سگهندو آهي، ۽ هو پنهنجي مٿان پيل
سمورا گرم ڪمبل لاهي کڻي ڦٽا ڪندو آهي. مٿي ۾ سخت
سور ٿي پوندو اٿس. ۽ اُڃ حد کان وڌيڪ لڳندي اٿس.
بار بار پاڻي پيئڻ سان به سندس اڃ نه لهندي آهي.
دل جو ڦرڻ ۽ الٽيون ڪرڻ، به هن بخار سان واسطو رکن
ٿيون. |