ڪنول سميجو
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
نثار ۽ نجمه زندگيءَ جا ساٿي هئا ۽ پنهنجي زندگي
ڏاڍي خوشيءَ سان گذاري رهيا هئا. نجمه سُلڇڻي ۽
سگهڙ زال هئي ۽ گهر جو هر ڪم تمام سهڻي نموني ڪندي
هئي. سندس پيڪا به پنهنجي نياڻيءَ جي اخلاق تي ناز
ڪندا هئا. نثار جون ڀينرون ۽ ڀائر کيس چوندا هئا
ته ”تون خوشنصيب آهين جو ههڙي سيبتي زال ملي
اٿئي.“ نجمه ساهرن جي عزت پنهنجي مائٽن وانگر ڪندي
هئي ۽ هو به کيس ڌيءَ وانگر ڀانئيندا هئا. سندن
خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون. جڏهن نجمه کي چوڏهينءَ جي
چنڊ جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اويس رکيائون. گهر
جا سڀ ڀاتي ننڍڙي اويس کي ڏسي پيا ٺرندا هئا ۽
ٻلهار پيا ويندا هئا. نثار جو ته اويس ۾ ڄڻ ساهه
هوندو هو. جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو ته پڻس کيس
پنهنجي هٿن سان نيرن ڪرائي تيار ڪري اسڪول ڇڏي
ايندو هو. ائين ئي خوشين جون گهڙيون ڄڻ پرديسين
پکين جيان پَرَ ڪري اُڏاڻيون جو هڪ ڏينهن اوچتو
نثار جي طبيعت خراب ٿي پئي. سندس چهرو لٿل ۽ دل
وساڻيل ڏسي سڀئي گهر ڀاتي پريشان ٿي ويا ۽ کيس
اسپتال هلڻ لاءِ چيائون. پر هن ڊاڪٽر کان تپاس
ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن نثار جيئن ئي آفيس مان آيو ته بيهوش ٿي
ڪري پيو. سڀ گهر ڀاتي گڏ ٿي ويا ۽ جلديءَ ۾
ايمبولينس گهرائي کيس اسپتال کڻائي ويا. ڊاڪٽرن کي
في الحال ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. هوش ۾ اچڻ تي
کيس گهر موڪلي ڇڏيائون ۽ چيائون ته چڪاس رپورٽون
شام اچي کڻي وڃجو. جيئن رپورٽون اچن ڪا خير جي خبر
پوي تيسين سڀني جو ساهه مٺ ۾ هو. سڀني دعائون پئي
گهريون. شام جو نثار جو ڀاءُ امتياز لئبارٽريءَ
تان چڪاس -رپورٽون کڻي لاڳاپيل ڊاڪٽر وٽ ويو.
ڊاڪٽر رپورٽون ڏسي پريشان ٿي ويو. ڊاڪٽر ڪجهه چوڻ
پئي چاهيو پر چئي نه پئي سگهيو. امتياز چيو،
”ڊاڪٽر صاحب! خيريت ته آهي نه؟
امتياز.....۽ ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو.
آخر رپورٽن ۾ آهي ڇا؟ توهان جي خاموشي منهنجي ڳڻتي
وڌائي رهي آهي.“
ڊاڪٽر چيو: ”نثار کي ڪئنسر ٿي ويو آهي.“
اهو ٻڌي امتياز کان بي اختيار رڙ نڪري وئي ۽ ڊاڪٽر
کي چيائين ته ڊاڪٽر صاحب ائين .... ٿي نه ٿو
سگهي!“
ڊاڪٽر کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ امتياز چيو:”ڊاڪٽر
صاحب نثار کي ان مرض مان ڇوٽڪارو ڏياريو. اسان
سڀڪجهه داءَ تي لڳائي ڇڏينداسين، فقط نثار کي ڪجهه
نه ٿئي! جي هتي علاج ممڪن ناهي ته اسين ٻاهر وڃڻ
لاءِ به تيار آهيون.“
”امتياز، اسان جي وس ۾ جيترو به هوندو اسين نَنهن
چوٽيءَ جو زور لڳائينداسين، باقي ٻاهرين ملڪ وڃڻ
سان ڪو فرق نه پوندو! مان توهان کي دوکي ۾ رکي
پرديس رُلائڻ نه ٿو چاهيان. توهان کي حقيقت جو
مقابلو ڪرڻو پوندو. هاڻي نثار ڪجهه ڏينهن جو مهمان
آهي. ٿي سگهي ٿو ته علاج مان ڪو فائدو مليس. وڏي
دل ڪريو، قدرت تي ڀروسو رکو!“
ڊاڪٽر جون ڳالهيون ٻڌي امتياز درد جو پهاڙ سِر تي
رکي ٻاهر نڪتو ۽ سوچيندو رهيو ته اها خبر مان گهر
۾ ڪيئن ٻڌايان! امان ۽ بابا ته بلڪل به سهي نه
سگهندا ۽ ڀاڄائيءَ جو ڇا حال ٿيندو!؟ يا الله هي
ڪهڙي آزمائش آهي. آخر مان ڇا ڪريان. سڄي واٽ اندر
۾ روئندو ۽ سوچيندو نيٺ اچي گهر پهتو. نجمه يڪدم
ڊوڙي آئي ۽ امتياز کي چيائين ”ادا خير ته آهي نه!
ڊاڪٽر ڇا چيو؟“
امتياز جو منهن لٿل ڏسي سڀ پريشان ٿي ويا. امتياز
۾ بلڪل به همت نه هئي جو کڻي ڪجهه ٻڌائي، اکين مان
ڳوڙها وهڻ لڳس ۽ رپورٽون کڻي ڀاڄائس کي هٿ ۾
ڏنائين. نجمه يڪدم رپورٽون کولي پڙهيون. خبر پيس
ته نثار کي ڪئنسر آهي. دانهن نڪري ويس ۽ ڪاغذ هٿن
مان ڪري پيس ۽ سڀني گهر ڀاتين کي اصل حقيقت جي خبر
پئجي وئي، ڄڻ ته سڀني جون دليون ٽُٽي پيون هجن،
ڪنهن ۾ به همت نه هئي جو ٻئي کي حوصلو يا آٿت ڏئي.
هڪٻئي سان ڀاڪر پائي خوب رنا ۽ پوءِ اهو طيءِ ٿيو
ته نثار کي سندس بيماريءَ بابت ڪجهه به ناهي
ٻڌائڻو ۽ پوءِ نثار جي سامهون سڀ نارمل ٿي ويندا
هئا.
نثار سندن اُداس چهرا ڏسي سمجهي ويو ته هنن کي
منهنجي بيماريءَ جي خبر پئجي چڪي آهي پر مائٽن جي
اڳيان پاڻ کي بي خبر محسوس ڪرايائين. سندس علاج
ڊاڪٽر ڪري رهيا هئا. ڊاڪٽرن چيو ته نثار وٽ هاڻي
بلڪل ٿورو وقت آهي، توهين کيس ٻڌائي ڇڏيو ته هن کي
ڪئنسر آهي. هنن گهڻي ڪوشش ڪئي ته کيس ٻڌائن، پر
ٻڌائي نه سگهيا. جڏهن نثار سمجهي ويو ته هي مون کي
ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهين ته کين چيائين ”توهان اهو ٿا
چوڻ چاهيو ته مون کي ڪئنسر آهي.“ سڀ حيرت ۾ پئجي
ويا ته آخر نثار کي خبر ڪيئن پئي! هن چيو ته ”جڏهن
شروع ۾ منهنجي طبيعت خراب ٿي هئي ته مون چڪاس
ڪرائي هئي ان وقت مون کي خبر پئجي وئي هئي ته مون
کي ڪئنسر آهي. پر مون توهان کان لڪائڻ پئي چاهيو
ته جيئن توهين پريشان نه ٿيو. نثار جا اهي لفظ ٻڌي
سڀ زاروزار روئڻ لڳا ۽ سندس بهادريءَ تي حيران هئا
ته هن هيڏو درد پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو. نثار به
ساڻن گڏ روئڻ لڳو. ۽ پوءِ کين چيائين ته ”مان
پنهنجي زال ۽ پٽ، الله ۽ توهان جي سهاري ڇڏيو پيو
وڃان.... اويس اڃا معصوم آهي. مون کي خبر آهي ته
اويس مون کان وڌيڪ توهان کي پيارو آهي، پر پيءُ جي
ناتي وري به توهان کي پارت ٿو ڪريان. ۽ مون نجمه
کي ڪڏهن جهِڻڪيو به نه آهي. پر ڇا ڪجي، بيوس اُٺن
بار ڇڏيا آهن.“
نجمه، تنهنجي باقي زندگيءَ جو فيصلو توتي ٿو
ڇڏيان، ٿي سگهئي ته مون کي وساري ڇڏجانءِ!
نثار جي ڳالهين تي سڀني جا هانوَ پئي ڦاٽا. نجمه
هنجون هارڻ لڳي ۽ جذباتي ٿيندي کيس چيائين ته
”اهڙيون ڳالهيون نه ڪر توکي ڪجهه به نه ٿيندو.
هيءَ بيماري توکي مون کان کسي نه ٿي سگهي! تنهنجي
منهنجي پيار جي حفاظت قدرت ڪندي. قدرت کي ضرور رحم
ايندو.“
بيمار رهڻ جي ڪري ننڊ ته کانئس رُسي وئي هئي ۽ کيس
اهو اندازو هو ته باقي حياتيءَ ڏهاڙا چار! سو سڀني
گهر ڀاتين سان ويٺو ورونهن ڪندو هو...
۽ هڪ ڏينهن سندس طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽
سڄو ڏينهن بيهوش هو ۽ ٻئي ڏينهن هي فاني جهان ڇڏي،
سڀني کي دلين ۾ درد ڏيئي هليو ويو.
چوندا آهن ته جوانيءَ جو موت وڻن مان به واڪا ڪڍي
ڇڏيندو آهي. نثار جا ماءُ، پيءُ، ڀينرون، ڀائر ۽
سندس روح جي راڻي نجمه، هر ڪنهن وٽ درد جو الڳ الڳ
داستان هو. بس هاڻي ته سڀني جي جيئڻ جي آس نثار جي
ڇڏيل نشاني ننڍڙو اويس هو. هاڻي نثار جي حصي جو
پيار اُن کي ڏيئي، زندگي گذارڻ جو جواز پيدا ڪيو
هُئائون ۽ نجمه جي زندگيءَ ۾ نثار جون هزارين
يادون هيون. هُن پنهنجي زندگي انهن يادن جي سهاري
ائين گذاري ڄڻ حقيقت ۾، هُو ساڻس گڏ هجي.
پاڻياري سر، ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.
رپورٽ:نجمه پنهور
ليڊيز ڪلب حيدرآباد ۾ ميلاد شريف جي محفل
ليڊيز ڪلب حيدرآباد ۾ 12 ربيع الاول جي ڀلاري رات
محفل ميلاد شريف منعقد ڪئي وئي.
اسٽيج تمام سهڻو سينگاريو ويو هو. محترمه آپا مريم
نوحاڻي، آپا خورشيد ميمڻ، آپا زينت صديقي، انيلا
ميمڻ، مس آمنه بلوچ، مس روبينه حبيب، مس زاهده
بنگش، مهرالنساءَ، قمرالنساءَ ۽ زهره اسٽيج تي
ويٺل هيون. آپا مريم نوحاڻي پروگرام جي شروعات
درود تاج پڙهڻ سان ڪئي.
زينت صديقيءَ بحضور سرور ڪونين حضرت محمد مصطفيٰ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي حضور ۾ نعت پيش
ڪئي:
يا رسول رب جا زيارت پنهنجي ڪرايو
هي ڏور وڌي جڏهن، ڪنهن جي ٽُٽَڻ جي ناهي.
حب اسان کي آهي، پڃرو پنهنجو پَسايو،
آدم جي پوش ۾ آيو پاڻ کي لڪائي.
تنهنجي در جي آهيان سائل، توتي گهور ٿئي هيءَ
گهايل
تنهنجي نينهن جي نمايل، ٻانهيءَ بيٺي ٻاڏايو.
**
لک توتي درود لک توتي سلام،
لک توتي درود لک توتي سلام،
منهنجا محمد مير لک توتي سلام،
منهنجا مديني جا مير لک توتي سلام.
**
مهرالنساءَ ۽ قمرالنساءَ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جَن جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
آرزو هي يهي، جستجو هي يهي هي،
تيري جوگن بنون تيري در پي جهڪون،
حال تجهه سي ڪهون يا شاهي مدينه.
**
آپا روبينه حبيب پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
ڪعبي ڪي رونق ڪعبي ڪا منظر،
ديکون تو، ديکي جائون برابر
الله اڪبر، الله اڪبر، الله اڪبر.
تيري ڪرم کي ڪيا بات هي موليٰ،
تيري حرم ڪي ڪيا بات هي موليٰ،
تا عمر ڪردي آنا مقدر.
**
پڙهو پڙهو محمد تي درود سلام
وجهو وجهو محمد تي گلن جا هار
اچو اچو منهنجا آقا ٿي اڄ تيار
اوهان کي ٿو سڏائي پروردگار،
اوهان کي ٿو سڏائي پروردگار.
**
انيلا ميمڻ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
جسم منهنجو سنڌ ۾ دل منهنجي مديني ۾،
اٿم هيءَ آس شل گهاريان عمر باقي مديني ۾.
وسايان پيار جون بوندون، درود ۽ سلام،
لِڪن بوندون منهنجي هِن نگيني ۾.
مديني جو مسافر، منهنجي منزل مديني ۾،
محمد جي مشتاقن مان، ٿيان شامل مديني ۾.
عنايت جو ڪڪر آهي، نبي آخر زمان يارو،
غريبن کي ٿئي حاصل، سلطاني سهاڳ مديني ۾.
مرادون دل جون ماڻين ٿا، ڪئين سائل مديني ۾،
وڃو اي قافلي وارو - ڇڏيان ڪيئن در محمد جو، لڳي
وئي دل مديني ۾.
**
لک توتي سلام، لک توتي سلام،
منهنجا محمد مير لک توتي سلام.
**
زاهده بنگش پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي
شان ۾ نعت پيش ڪئي:
اس ڪيف سرور ڪي عالم ۾،
صبح ڪا عالم ڪيا ڪهنا،
وه روز تلاوت پڇلي پهر،
وه سورة مريم ڪيا ڪهنا.
**
آپا مريم نوحاڻيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اُها
ڀلاري رات آهي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت
محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي ولادت
باسعادت ٿي.
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي ڪهڙي
تعريف ڪجي. پاڻ سراسر نُور آهن. هِن معتبر هستيءَ
لاءِ زبان کوليان منهنجو رب مون کي توفيق ڏئي. آءٌ
شيدائي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم آهيان، هيءَ
بندي جي وس جي ڳالهه ناهي.
آپا خورشيد ميمڻ منهنجي تعريف ڪئي آهي، درحقيقت
هُن پنهنجو عڪس آئيني ۾ ڏٺو آهي، جيڪي ٻين جي
ساراهه ڪن ٿا، اُهي رب جا پيارا آهن.رب فرمائي ٿو
جيڪو منهنجي پيارن سان محبت ڪن ٿا، اُهي مون سان
محبت ڪن ٿا شيدائي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جَن سان پيار ڪرڻ سعادت آهي.
حضرت بلال حبشي اذان ڏيڻ وقت اشهد ڪين چئي سگهندو
هو.
عربن پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي
شڪايت ڪئي ته بلال اُچار صحيح نه ٿو اُچاري. حضرت
بلال حبشي هڪ رات فجر جي اذان ڪانه ڏني، پر تيسين
صبح نه ٿيو، جيسين بلال اذان نه ڏني. پاڻ سڳورن
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن فرمايو ته بلال جو
اسد چوڻ به مون کي وڌيڪ پيارو آهي.
مولانا قاسمي مون کي ”اُم الڪلام“ جو لقب ڏنو، مون
عاجز جو به اهو حال آهي، نه وقت اٿم، نه صحت اٿم،
رب اڃا توفيق ڏئيم.
آپا مريم نوحاڻي، زينت صديقي ۽ زهره گڏجي نعت پيش
ڪئي:
هو درود تم په ڀي آمنه،
تيري چادر په ڀي سلام.
تيري گود ڪتني عظيم هي،
ملا جسڪو ماهه تمام هي.
بلغ العليٰ بڪمالہ
يه عنايتين يه نوازشين
غم دو جهان سي ڇڙاديا
غم مصطفيٰ تيرا شڪريه
مجهي جينا مرنا سکاديا.
بلغ العليٰ بڪمالہ
مجهي مت ڪهو ڪه غريب هون،
ميرا سڀ سي اونچا نصيب هي،
مين تو بس گدائي رسول هون،
مجهي ڪيا زماني سي ڪام هي،
بلغ العليٰ بڪمالہ
وه گهڙي ڀي آئي خواب مين،
وه دکائين اپني تجليان،
مين ڪهون ڪه آج حضور ني
ميرا سويا ڀاگ جگاديا.
**
لک توتي درود، لک توتي سلام،
منهنجا مديني جا مير لک توتي سلام.
**
انيلا ميمڻ نعت پيش ڪئي:
يا رب مجهي پهنچا دي دربار محمد مين،
مدت سي تمنا هي طيبه ڪا چمن ديکون،
اي جذبه دل لي چل، دربار محمد مين.
آخر ۾ اسٽيج تي ويٺل سڀني آپا مريم نوحاڻي، آپا
خورشيد ميمڻ، آپا زاهده بنگش، مهرالنساءَ،
قمرالنساءَ زهره، انيلا ميمڻ، آپا آمنه بلوچ، مس
روبينه حبيب گڏجي سلام پيش ڪيو.
سلام انهيءَ تي جنهن بيڪسن جي دستگيري ڪئي.
سلام انهيءَ تي جنهن بادشاهي ڏئي فقيري ڪئي.
سلام انهيءَ تي جنهن جي حڪم سان چنڊ ٻه ٽڪر ٿيو.
سلام انهيءَ تي جنهن جي حڪم سان سج موٽي آيو.
سلام انهيءَ تي جيڪو اُمت جي لاءِ راتين جو روئندو
هو.
سلام انهيءَ تي جيڪو گرمين ۾ فرش تي سمهندو هو.
سلام انهيءَ تي جنهن جي گهر ۾ چاندي نه سون هو.
سلام انهيءَ تي جنهن جو بسترو ٻوريون ۽ وهاڻا هئا.
آخر ۾ آپا مريم نوحاڻي ڪجهه ٽيچرن جي مٿي تي دعا
جو هٿ گهمايو، جن ۾ حليما، صفوران، شڪيلا، ضمير،
ثمينا شيخ، هيون. انهن هِن ميلاد منعقد ڪرڻ ۾ جيڪا
محنت ڪئي ان کي آپا مريم نوحاڻيءَ ساراهيو. |