الطاف شيخ
آمريڪا ۾
سواريءَ جو مسئلو
نيويارڪ جي بندرگاهه بروڪلن ۾ پهتاسين ته اسان جي
مڪاني آفيس وارن نصيحت ڪئي ته هي ڪارن (شيدين) جو
علائقو آهي، سج لٿي کان پوءِ اڪيلا نه نڪرجو. پر
جي نڪرو ته به پيدل يا بس ۾ وڃڻ بدران ٽئڪسيءَ ۾
سواري ڪجو. جيڪڏهن ڪو شيدي ڦر لاءِ سامهون ٿئي ته
مقابلو يا بحث ڪرڻ بدران هڙ ۾ جيڪي ڪجهه هجي سندس
حوالي ڪري ڇڏجو.
بروڪلن ۾ انهن نصيحتن تي عمل ڪندي ڪيترائي ڏينهن
گذارياسين. ان بعد آمريڪا جي هڪ ٻئي بندرگاهه
چارلسٽن ۾ آياسين ته ان جي آفيس وارن به اها ئي
نصيحت ڪئي. بروڪلن جو بندرگاهه ته وري به شهر کي
ويجهو هو ۽ ٻه اڍائي ڊالر ٽئڪسي واري کي ڏيئي پيا
شهر ايندا ويندا هئاسين. پر چارلسٽن جي بندرگاهه
کان شهر ايترو پري هو جيترو پورٽ محمد بن قاسم کان
صدر يا طارق روڊ. نتيجي ۾ اسان جهڙن جونيئرن مان
پنهنجي خرچ تي ڪنهن به وڃڻ نه ٿي چاهيو. شهر کان
اڳ - گهڻو اڳ هڪ وڏي سپر مارڪيٽ هئي، جنهن ۾ هر
شيءِ ملي ٿي. اوستائين ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ يا اچڻ ۾ فقط
ڇهه ڊالر ڀاڙو آيو ٿي. اها ائين هئي ڄڻ پورٽ قاسم
کان پپريءَ جو ڪو دڪان هٽ. سو اسان ٻه ٻه يا ٽي ٽي
ٿي ٽئسڪيءَ ۾ شهر وڃڻ بدران ان سپر مارڪيٽ ۾ ويندا
هئاسين ۽ اوٽ موٽ جو ڀاڙو پوءِ جهاز تي پهچي پاڻ ۾
حصا پتيون ڪندا هئاسين. ان ڪم يا ٻي ڏيتي ليتيءَ
جي حساب لاءِ عاشق ميمڻ کي اڳواڻ ڪيو هئوسين. هو
به اسان وانگر ففٿ انجنيئر هو. کيس اسان ان ڪم
لاءِ سندس قدبت يا مٿاهين رئنڪ ڏسي نه ڪيو هو، پر
حساب ڪتاب ۾ ڀڙ هجڻ ڪري انچارج ڪيو هو. جيڪي ڪجهه
اسان وٽ ٿورا گهڻا ڏوڪڙ هوندا هئا اهي هن وٽ ائين
سوگها هوندا هئا ڄڻ سئٽزرلئنڊ جي بئنڪ لاڪرن ۾. هڪ
دفعي ته بندرگاهه ڇڏڻ وقت ٻه ڊالر بچيا هئا تن کي
به ٻن ٽن پوٽڙين ۽ لفافن ۾ ويڙهي سيڙهي وهاڻي اندر
لڪائي رکيائين. خبر ناهي ڪنهن کان ڊپ هوس ته چوري
ڪندو. اسان کان گهٽ پگهار ته ٻئي ڪنهن جو نه هو.
بهرحال پئسي جي حفاظت سان گڏ عاشق اهو به خيال
رکندو هو ته ڪنهن شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ نه چڙهجي.
پر مجبوريءَ ۾ ٻي ڪا ٽئڪسي نه ملندي هئي ته شيديءَ
جي ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ڀاڙي جو هن کان اڳواٽ
ٻولائيندو هو ته جيئن منزل تي لهڻ وقت ڦڏو فساد يا
کِٽ پِٽ نه ٿئي.
اهڙيءَ طرح ان بندرگاهه ۾ هڪ دفعي هڪ شيدي ڊرائيور
جي ٽئڪسيءَ ۾ اُن سپرمارڪيٽ کان جهاز ڏي موٽياسين.
ڊرائيور ڪو نئون هو يا ٻئي شهر جو، يا ٿورو گهڻو
پيتل جو بندرگاهه جي ويجهو پهچڻ باوجود کيس
بندرگاهه جو رستو ئي هٿ نه پئي آيو. جيتوڻيڪ ڪنهن
پل يا مٿاهين رستي تان لنگهيو ٿي ته سامهون اسان
وارو جهاز به پئي نظر آيو. جنهن ڏي اشارو ڪري کيس
ٻڌايوسين ٿي ۽ هن ساري! ساري! چئي ان طرف رخ رکڻ
جي ڪئي ٿي، پر وري ساڳي ڪار! هڪ هاءِ وي تان لهيو
وڃيو ٻئي تي چڙهي. ۽ پوءِ واپس عام رستن تي ورڻ
لاءِ وڌيڪ ٻه ٽي ميل ڪرڻا پئجي ويس ٿي. نيٺ مس مس
اچي جهاز تي ڪڍيائين.
ظاهر آهي گهڻي هلڻ ڪري ميٽر تي ڇهن ڊالرن بدران
تيرهن ڊالر ٿي ويا هئا. پر ڀاڙي لاءِ عاشق کيسي
مان فقط ڇهه ڊالر ڪڍيا جنهن لاءِ اڳواٽ ٻول ٿيل
هئي.
شيدي ڊرائيور ڇهه ڊالر ڏسي چوڻ لڳو: ”تيرهن ڊالر
ڪڍو.“ اسان سان گڏ ٽيون راجا رفيق هو. شيدي
ڊرائيور جو رنگ هاٺي ۽ قدبت جو جائزو لڳائي اسان
ته چپ ٿي پوين صفن ۾ بيهي رهياسين ۽ اڳيان بيٺل
پيش امام عاشق کي آهستي تيرهن ڊالر ئي ڏيڻ لاءِ
صلاحون ڏيڻ لڳاسين، پر عاشق ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه
وڃي.“ جهڙو قول ڳنڍ ۾ ٻڌي هلندو هو. تنهن بحث ڪندي
چيس: ”اسان هر روز ڇهه ڊالر ڏيئي ايندا ويندا
آهيون ۽ پنڌ به ڇهن ڊالرن جيترو ئي آهي.“
”پر منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ تيرهن ڊالر بل آيو آهي.“
ڊرائيور ضد ڪيو.
”ته پوءِ تون غلط رستن تان وٺي ڇو آئين؟“ عاشق
وراڻيس.
”مڃان ٿو ته غلطي منهنجي آهي پر پليز گِوِ مِي
ٿرٽين ڊالرس.“
”پر توسان رستي يا ميٽر جو نه پر ڇهن ڊالرن جو
ٻولايو هئوسين.“
”اهو به صحيح آهي، پر گِوِ مِي ٿرٽين ڊالرس.“
اسان جهاز جي ڀر ۾ ئي بيٺا هئاسين. شيديءَ جي
دانهن تي ڪيترائي جهازي جهاز جي بل ورڪ ۽ گئنڪ وي
تي اچي گڏ ٿيا. سو اهو مڙيئي اسان کي ڏڍ هو ته
پنهنجا ويجها آهن. ۽ ان ڏڍ تي ئي شايد عاشق به
مڙيو نٿي. جيتوڻيڪ ڊرائيور کي ان ڳالهه جي پرواهه
ئي نه پئي ٿي ۽ جيئن عاشق چيس ٿي ته کپنئي ته ”ڇهه
ڊالر کڻ وڌيڪ نه ڏينداسين“ تيئن ڏاڏي ڊرائيور
ويسٽرن فلمن جي ولين وانگر خوفناڪ رڙ ڪري چيو ٿي:"give me Thirteen Dollars"
ٿوري دير ساڳين ڊائلاگن ۽ نظارن جو ائڪشن
Replay
ٿيندي ٿيندي اوچتو ئي اوچتو
سين بدلجي ويئي. ڊرائيور تي جهڙي کنوڻ ڪري جو هڪدم
پلٽو کائي، ولين واري ائڪٽنگ ختم ڪري منٿ واري
نموني سان بيحد نرمائي ۽ ڌيرج سان چوڻ لڳو:”اوڪي!
مئن ميڪ اٽ سيون.“
ڊرائيور جي ان جملي تي عاشق کي پهرين ته يقين ئي
نه آيو پر پوءِ هن جي وري ورجائڻ تي عاشق جهٽ پٽ
ڇهه ڊالر سندس هٿ تي رکي چيس:”کپنئي ته کڻ نه ته
اسان وڃون پيا.“
ڊرائيور نڪا ڪئي هم نڪا تم. ڇهه ڊالر کيسي ۾ وجهي
روانو ٿي ويو. ان ئي وقت مڙي کڻي ڏسون ته اسان جي
پويان بندرگاهه جا ٻه پوليس وارا ويسٽرن فلمن جي
هيرو وانگر، پستولن تي هٿ رکي پيا اچن. راجا رفيق
چيو:
”آءٌ به چوان ته ڊرائيور کي اوچتو ڪهڙي نانگ کاڌو
جو تيرهن ڊالرن مان هڪدم ستن تي لهي آيو ۽ خوشيءَ
مان ساڳيا ڇهه وٺي ويو.“
***
آمريڪا جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي عاشق ۽ آءٌ بيمار
ٿي پياسين. بلڪه بيماريءَ جو بهانو ڪري آفيس جي
ايجنٽ سان ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي وچ شهر ۾ آياسين. ڊاڪٽر
وٽ ڪجهه مريض اڳ جا ويٺل هئا سو ايجنٽ پاڻ هليو
ويو ۽ اسان کي سمجهائي ويو ته جڏهن واندا ٿيون ته
ٽئڪسي گهرائي جهاز تي پهچي وڃون. نرس کي پڻ چئي
ڇڏيائين ته جيئن اسان واندا ٿيون ته هوءَ اسان کي
ٽئڪسي گهرائي ڏي. اسان اسپتال مان واندا ٿي، پهرين
شهر جو چڪر هڻي پوءِ نرس وٽ آياسين، جنهن ٽئڪسين
جي آفيس ۾ فون ڪري اسان لاءِ ٽئڪسي گهرائي. ٽئڪسي
ڊرائيور عورت هئي - پر شيدي عورت. يعني ڏسڻ ۾ ته
چڱي خاصي ماڻهوءَ مار هئي، پر وري به آمريڪا جي
جهڳڙالو شيدي مرد کان گهٽ شيدي عورت ٿي. اسان جي
ويهڻ مهل نرس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان پاران اسان جي
فلاڻي آمريڪن ڪمپني ڏيندي - جنهن جو سامان اسان
پنهنجي جهاز تي کڻڻ آيا هئاسين. پنهنجي خاطر جوئي
- ۽ وڏي ڳالهه ته حبشڻ ڊرائيورياڻيءَ کي پڪ ڪرائڻ
لاءِ اسان هڪ دفعو رستي تي به کيس ٻڌايو ته ڀاڙو
اسان کان نه پر ڪمپنيءَ کان ملندءِ. اسان کي ڊپ هو
ته متان لهڻ وقت ڪو ڦڏو ڪري ۽ هيڏي فاصلي جا ويهه
ٽيهه ڊالر ڀرڻا نه پون. سو ان کان اڳ فيصلو ڪرڻ ٿي
چاهيوسين ۽ جي هوءَ ڳالهه نه ٿي سمجهي ته اڳتي وڌڻ
بدران اوستائين ٿيل ٽي چار ڊالر ڀاڙو ڏيئي لهي
پئجي پر هن مولائڻ ڪو اعتراض نه ڪيو.
FM ريڊيو تان ڳري ميوزڪ وارن گانن تي
سڄي واٽ ڪنڌ ۽ مٿيون ڌڙ ڌوڻيندي هلي. عاشق چيو:
”خوش آهي يا شايد گونگي آهي. ڳالهائي نه ٿي سگهي.“
آخر ڪلاڪ مُني بعد بندرگاهه ۾ گهڙياسين ۽ ان بعد
جيٽيءَ ڏي جتي اسان جو جهاز لنگر انداز هو. جيٽيءَ
جي شروعاتي ڪنڊ وٽ پبلڪ ٽيليفون هو جنهن کان هوءَ
ڪا اڳهين واقف هئي جو پري کان ئي بريڪ هڻي پورو ان
وٽ اچي بيٺي. اسان کيس ٻڌايو ته ٿورو اڳيان جهاز
جي ڏاڪڻ وٽ هل. پر اسان جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري
پنهنجو سيٽ بيلٽ کولڻ لڳي. عاشق چيو: ”ايترو به
صحيح آهي، باقي ڪجهه پاڻهي هليا هلنداسين.“ ان تي
اسان به پنهنجا بيلٽ ڍرا ڪري لهڻ لاءِ دروازو
کوليو ته کلي نه. ان ڪار ۾ دروازو مڪينيڪل نه پر
اليڪٽريڪل هو ۽ هئنڊل سان کلڻ بدران ڊرائيور وٽ
سئچ دٻائڻ سان کليو ٿي. ڊرائيورياڻيءَ پنهنجو
دروازو کوليو ته اسان اشارو ڪيس ته اسان جا دروازا
به کول.
هيترو وقت جيڪا گونگي ٿيو پئي هلي تنهن ڇڙٻ ڏيندي
چيو:
Wait till I confirm.
(ترسو جيسين آءٌ پڪ ڪريان) ته توهان جي ڪمپني ڀاڙو
ڏيندي يا نه.“ ان بعد کيسي مان ڏهه سينٽ ڪڍي
ٽيليفون ڪرڻ لڳي. تيسين اسان ٽيئي ڄڻا جيڪي ان وقت
جهاز جا سڀ کان جونيئر آفيسر هئاسين، ميٽر ۾
ڏيکاريل ستاويهه ڊالرن کي ٽن سان ونڊ ڪرڻ لڳاسين.
جيڪو ڀاڙو تنهن زماني يعني 1968ع جي ماهياني پگهار
چار سؤ رپين تي ملندڙ ٽيهه سيڪڙو فارين ايڪسچينج
يعني چوويهه ڊالرن کان به مٿي هو. آفيس ۾ ڪو صحيح
دماغ وارو ماڻهو فون تي ملي ويس جو ان ئي گهڙيءَ
شيدياڻي ڊرائيور فون واپس رکي موٽڻ لڳي. اسان جا
دروازا هڪ ئي وقت کولي چيائين:”اوڪي. يو ڪئن گو -
توهان وڃي سگهو ٿا. ڀاڙو توهان جي ڪمپني ڏيندي.
باقي مهرباني ڪري فون جا ڏهه سينٽ ڏيندا وڃو،
پليز.“
اهڙن تجربن بعد جڏهن آمريڪا جي ٽئين بندرگاهه
بالٽيمور ۾ پهتاسين ۽ هڪ هنڌ گهڻي سامان وٺڻ ڪري
ٽئڪسيءَ جي ضرورت پيئي ته منجهي پياسين ته ڇا ڪرڻ
کپي. نيٺ سامان وٽ رفيق ۽ مون کي ويهاري عاشق مين
روڊ تان ٽئڪسي آڻڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جهڙيون ئي
ٻه چار وکون کنيون ته رفيق رڙ ڪري چيس: ”اهڙي ڪا
ٽئڪسي نه آڻڄانءِ جنهن جو شيدي ڊرائيور هجي.“
انهيءَ گهڙي رفيق کي وري ڪو ٻيو خيال اچي ويو، سو
ساڳي ساهه ۾ رڙ ڪري چيس: ۽ ”ها. نه وري ڪا شيدياڻي
هجي.“
***
بالٽيمور بعد فلڊلفيا آياسين. اتي به جهاز وچ شهر
کان تمام گهڻو پري بيٺو. هڪ ته جونيئر هجڻ ڪري
انجڻ روم جو اسان لاءِ ڪم گهڻو هو. ٻيو پگهار
ٿورو. ٽيون وري شهر گهمڻ جو شوق به پورو ڪرڻ
چاهيوسين ٿي. جو اهو سمجهيوسين ٿي ته جهازن جي پڪ
نه ٿيندي آهي ته ٻئي سفر ۾ به ساڳي ملڪ ۽ بندرگاهه
۾ اچي. عاشق ميمڻ - بقول سندس ملين ڊالر جي ڳالهه
ٻڌائي ته ٻين ملڪن ۽ بندرگاهن وانگر فلڊ لفيا ۾ به
ضرور عيسائين جو ڪو ”سي مين ڪلب“ هوندو، جيڪي هر
وقت ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته بي گهر جهازين کي ريهي
ريڀي ڪلب ۾ آڻجي جيئن ظاهري طرح ته هو وندر جون
گهڙيون اتي مفت گذارين: رسالا ڪتاب پڙهن، ٽي وي
ڏسن، رانديون ڪن وغيره. پر اندروني طرح هنن کي
عيسائيت جي ترغيب ڏجي.
اسان اهو فيصلو ڪيو ته جي سي مين ڪلب طرفان بس آئي
ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو بچائڻ خاطر ان ۾ ڪلب هلي، ٿوري
دير ويهي پوءِ شهر جي چڪر تي نڪري پئبو ۽ ٻڌايل
وقت تي موٽي واپسيءَ جي بس ۾ جهاز تي هليو اچبو.
ڪلب ۾ اهڙي بس موڪلڻ لاءِ فون ڪيوسين ته انچارج
چيو:”بس خراب ٿيل آهي. باقي ٿوري دير بعد ڪار
موڪليون ٿا پر ان ۾ فقط چئن ماڻهن جي ويهڻ جي
گنجائش آهي، وڌيڪ نه.“
اسان هئاسين ئي ٽي ڄڻا سو کين پڪ ڏنيسين ته هو بي
فڪر ٿين. وڌيڪ ويهي ڪار جو چالان نه ڪرائينداسين.
۽ پوءِ کيسي ۾ هٿ وجهي وڏن رئيسن وانگر شوفر ڊرون،
مفت جي - بلڪه خيراتي ڪار جو انتظار ڪرڻ لڳاسين.
ٿوري دير بعد جهاز جو ريڊيو آفيسر عبدالحئي صاحب
جهاز جي ڏاڪڻ لهندو ڏٺوسين. کيس پاڻ ڏي سڏي وڏي
آڪڙ مان چيوسين: ”عبدالحئي صاحب! شهر ڪونه ٿا
وڃو-؟“
”بلڪل وڃڻ چاهيان ٿو، پر خبر ناهي بس اسٽاپ ڪٿي
آهي.“
”فڪر نه ڪريو، توهان کي ڪار ۾ وٺي ٿا هلون.“ اسان
ٽرڙپائي ڪندي ٻٽاڪ هنئي، ”بس ڪار اجها آئي ڪا
آئي.“
عبدالحئي صاحب جيڪو اسان کان عمر، سامونڊي نوڪري ۽
پگهار ۾ گهڻو مٿي هو سو اسان جي ڳالهه تي اڌ شڪ اڌ
پڪ جي حالت ۾ بيهي رهيو. عبدالحئي صاحب جا اسان
مڙني تي ٿورا ٿيل هئا سو اڄ ڪجهه ٿورا لاهڻ جو سٺو
موقعو هو. نقصان اسان کي به نه هو جو عبدالحئي نه
اچي ها ته هڪ سيٽ هونءَ ئي خالي وڃي ها. سيٽون
پوريون هجن ها ته پوءِ کيس صلاح هرگز نه ڪريون ها.
جيڪو وقت ”سي - مين“ ڪلب وارن ٻڌايو هو ان ۾ هاڻ
ڪي ٻه ٽي منٽ وڃي بچيا هئا ته اتي ڏسون ته جهاز جو
ڪرسچن ڊيڪ آفيسر مائيڪل پيو اچي. مائيڪل کي ڏسي
اسان سڀ منجهي پياسين ته ڪجي سو ڪجي ڇا. ڄاڻ ته
ڪار به آئي. چئن کان وڌيڪ بنهه نه کڻندي ۽ مائيڪل
کي جي نٿا کڻن ته اهو ڪم به خراب جو اصل عيسائي
جنهن لاءِ سي مين ڪلب آهي اهو پٺيان رهجي وڃي باقي
اسان ٺڳ ٺهي ٺڪي ڪار ۾ روانا ٿيون.
بهرحال ان بعد اسان سي مين ڪلب ۾ پهتاسين جو اتان
پوءِ شهر جا خوب چڪر هنياسين. پر اهو ياد نه ٿو
اچي ته مائيڪل جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو هئوسين. ان کي
ٽيهه (30) سال اچي ٿيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ عاشق
ميمڻ سان ملاقات ٿيڻ تي کيس اهي ڏينهن ياد ڏياريم
ته ڪيئن اصلي ڪرسچن کان وڌيڪ وڏا پادري پاڻ ٿي
ڪرسچنن جي ڪلب ۾ پهتاسين. پر افسوس جو کيس به اهو
ياد نه آيو ته مائيڪل کي ڪهڙي گولي ڏني هئيسين.
لڳي پيو ته ان وقت مينهن وسڻ ڪري ريڊيو آفيسر ترسي
پيو هو. يا شايد ڪار بدران وئن آئي هئي جنهن ۾ سڀ
اتي پهچي ويا هئاسين يا ڪو ٻيو چڪر ٿيو هو، جنهن ۾
لعل به لڌو هو ته پريت به رهجي آئي هئي. |