سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :10

 

ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي

شاهه لطيف سائين - سراپا سنڌيت

اسان جي هند - پاڪ اُپکنڊ جو اِتهاس ڏاڍو پراڻو آهي. اِها ڳالهه اسان جي فخر ڪرڻ لائق آهي ته دنيا جو پهريون ڪتاب رگ ويد وسيع تر سنڌ (greater Sindh) ۾ سنڌونديءَ جي ڪناري رچيو  ويو. اُهو سنڌو درياهه تبت مان نڪري، هند/ڀارت ۾ ليهه (لداخ) وٽان لهي، پاڪستان ۾ گهڙڻ کان پوءِ سنڌ ۾ وهي ٿو. اَڳي ته اسين اُن کي سنڌ جي شههَ رڳ (jugular vein) چوندا هئاسين. اُميد ته اُن جو جلوو ۽ جمال سدائين قائم رهندو.

وسيع تر سنڌ (greater Sindh) ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري چار ويد رچيا ويا هئا. اُنهن ويدن منجهان پهرئين رِگ ويد ۾ سنڌو نديءَ بابت شلوڪ ڏنا ويا آهن. اِنهن شلوڪن جو سنڌي بيت فارم ۾ (هن بندي جو ڪيل) ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

هي ورُڻَ! نديون سڀُ، خوش ٿي وَهَن ست ئي ٿي،
وڌيڪ وَهين، اي سنڌُو! منجهان لوڪ ٽنهي!

 

سنڌُو، تو هلڻ لاءِ، وَرُڻ راهه وڏي جوڙي،
اُپائين جهجهو انُ، ندين ۾ تون مٿڀري!

 

جيئن رنڀي ڍڳو، سنڌوُ! تون ديولوڪ مان،
گرجي ميگهه ملهار، تون پاڻي پالوٽ سان!

 

وَڇڙڻ ساڻُ گانءِ، نديُن ساڻُ سنڌُو وَڌي،
ميدانِ جنگ ۾ ڪو راجا وَڌي اَڳتي!

 

ترشتاما سان ئي نه، پر اي سنڌُو! وَهين تون،
سُسَرت، رَسا، شويتيا، گومتي، ڪرمُو ٻيون!

 

گوري گوري سنڌوُ! تيز ڌار! چمڪ واري،
گهوڙيءَ جيان چُست، ڦرت، وڏي پاٽ وارِي!

 

سُندر گهوڙن، رَٿن، ڳهِڻن ڪَپَڙن واري،
اَناج، ماکي، پشم، زرخيز زمين سارِي!

 

اَنُ - ڌَنُ ڏي، سنڌُو! گهوڙن رٿن سان هَرُ ڪاهي،
يگيه ۾ سنڌُو رٿ سندو گُڻگان ڳائي!

(رگ ويد، منڊل 10، سُوڪت 75)

انهن شلوڪن ۾ سنڌو نديءَ کان سواءِ ٻين ڇهن ندين جهڙوڪ ترشتاما، سُسَرت، رَسا، شويتيا، گومَتي ۽ ڪرمُو جو پڻ ذڪر ڪيل آهي. ساڳئي رِگ ويد ۾ ڏيکاريل آهي ته اَسان گڏجي هلون ۽ پنهنجي ڳالهه ٻولهه نيڪ نِيَت سان گڏجي ڪريون.

Move together in unison.

(And) Conduct dialogues

Among yourselves with goodwill.

دنيا ۾ اَڄوڪي هِن گڏجاڻيءَ جيان، ڪيترائي سيمينار، ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿين ٿيون، جن جي شروعات ”اَسان گڏجي هلون ۽ پنهجي ڳالهه - ٻولهه نيڪ نِيَتيءَ سان گڏجي ڪريون“ مُراد سا ٿيندي آهي. اَڄ به اَسين سڀ هِتي اِن مُراد سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪٺا ٿيا آهيون.

سنسار ۾ جيڪي ڪجهه سار - تَتُ آهي، سو ورهاڱي (1947) کان اڳ اَڻ - ورهايل هندستان (Undivided India) ۾ هو ۽ اُن کان پوءِ هندستان - پاڪستان اُپَکنڊَ ۾ آهي. جيڪي ڪجهه هِند - پاڪ اُپکنڊ ۾ سار - تَتُ آهي، سو اُن هنڌِ (سنڌو ماٿريءَ ۾) جتي انسان پهريون دفعو اَک کولِي، يا چئجي کڻي ته اُن سنڌ جي سِنڌيت (Primordial Sindhism) ۾ موجود آهي. اسين سنڌي آدجڳاد کان سَناتَن سِنڌي آهيون، ۽ اِن کان سواءِ، (سنڌ - سنڌي - سِنڌيت/ هِند - هِندي - هِنديت جي جَدوَل موجب) آڳاٽي زماني کان هِندو ۽ پوءِ مسلمان آهيون، ليڪن آهيون آدجڳاد کان سِنڌي ئي.

اَوهان ڏٺو، ته اسان پهريائين سنسار جِي، پوءِ ورهاڱي کان اڳ اَڻ - ورهايل هندستان جي، ۽ وري پوءِ هِند - پاڪ اُپکنڊ جي ڳالِهه ڪئي. اُن کان پوءِ به وري اسان هندستان ۽ پاڪستان جي سنڌين جِي، جنهن اُپکَنڊ ۾ اَسان سنڌي آهيون، يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اَسان سنڌي جنهن سنڌو - ماٿري سڀيتا جا وارث آهيون، اُن جي ڳالِهه ڪئي. آهي ڪو اَهڙو بني بشر، جو اِن ڳالهه کي جهُٺلائي سگهي، ته اَسان کي ئي سڀ کان آڳاٽي سنڌو - ماٿري سَڀيَتا جي وراثت ملي آهي؟

اَهڙيءَ ريت، سنڌو ماٿريءَ واري علائقي سنڌ کان پوءِ شهر، قصبي، ڳوٺ ۽ پاڻ/خود (Self) جي ڳالِهه ڪري سگهجي ٿي. ايترو ئي نه، اَسين اِها ڳالهه ٻئي نموني پاڻ/خود کان شروع ڪري جڳت تائين کڻي وڃي سگهون ٿا. دراصل، اِها هڪ ئي ڳالِهه آهي، جدا جدا ڳالهيون ڪين آهن. جيئن هڪ گول چڪر ۾ هڪ مرڪز ۽ اُن جو گهيرو ٿيندو آهي ۽ اَسين ڪڏهن گهيري کان مرڪز ڏانهن (centrifugal) ويندا آهيون، ته ڪڏهن گهيري کان مرڪز ڏانهن (centripetal) وڌندا آهيون، تيئن اسين پاڻ /خود کان جڳت تائين (يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته جيوَ کان برهمانڊ تائين) ۽ جڳت کان پاڻ/خود تائين (برهمانڊ کان جِيوَ تائين) ڳالِهه ڪري سگهون ٿا.

اِهو ائين آهي، جيئن ڌرتي پنهنجي محور تي گهُمندي - گهُمندي سورج جي چوڌاري پڻ گهُمي ٿي. اَسان جو شاهه لطيف سائين پڻ پنهنجي ”سُر سارنگ“ جي هيٺئين بيت ۾ سنڌ ۾ چَوڏِس ۽ چوڌار وِڄُن جي وسڻ جي ڳالِهه ڪري پورب کان پڇم تائين پهچي ٿو، ۽ سنڌ ۾ واپس اَچي اُن ۾ سُڪار هئڻ جي دعا پني ٿو، وري عالم جي آباد هئڻ لاءِ دعاگو ٿئي ٿو:

موٽي مانڊاڻِ جي، واري ڪيائين وار،
وِڄوُن وَسڻ آئيون، چوڏِس ۽ چوڌار،
ڪي اُٿي ويئيون اِستنبول ڏي، ڪي مَڻيون مغرب پار،
ڪي رمِي ويئيون رومَ تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار،
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوس! مِٺا دلدار! عالم سڀُ آباد ڪرين!

جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي ڪوزي ۾ انسان ذات جو سارَ تَتُ ڪَناتار ڀريل آهي. اُن ڪَناتار ڀريل ڪوزي مان انسانيت وهي نڪتي ۽ دنيا ۾ دور دور تائين ڦهلجي ويئي. اَڄ گيان وگيان جي کيتر ۾ جو ڪجهه اهميت ڀريو ڪم ٿيو آهي، تنهن جي شروعات سنڌو نديءَ دئاران پوِتر ڪيل کيتر ۾ ٿي هئي. اَسان جي اَڳوڻن دارشَنِڪَن ۽ فيلسوفن، آچاريَن ۽ اُستادن پنهنجين تخليقن ۾ هِن ڪائنات جي گيان - وگيان، سج - چنڊ، گرمي - سردي، رات - ڏينهن، جنم - مرڻ، ڌرتي - آڪاس، وحدت - ڪثرت، شفي - نفي، روايت - جدت، روحانيت - ماديت، پروِرتي- نِورتي، سينٽريفيُوگل - سينٽريپيٽل هلچل وغيره ڏسڻ ۾ ايندڙ تضادن يا وِروڌن (آپوزٽس) کي ڄاتو  - سڃاتو، ۽ ٻڌايو ته ڏسڻ ۾ ايندڙ تضادن جي بنياد ۾ ميل - ميلاپ (Harmony) آهي ۽ انسان پنهنجي تصور جي قوَت (ڪلپنا شڪتيءَ) دئاران تضادن ۾ هم - آهنگي پيدا ڪري سگهي ٿو. هُنن وحدت الوَجود (Unity of Existence) جو سبق سيکاري هاڻوڪن دانشورن جهڙوڪ سَر جگديش چندر بوس، آئنسٽين وغيره لاءِ رستو صاف ڪيو ۽ گذريل زماني جي روايت کان هاڻوڪي زماني جي جدت ۾ بدلايو.

سنڌيت ڇا آهي؟ هِند - پاڪ اُپَکنڊ جي سار - تَت جو ٻيو نالو آدجڳاد کان مليل سنڌيت (Primordial Sindhism) آهي. اِن سارَ - تَتَ ۾ هِن اُپکنڊ جا قدر (Values) اَچي وڃن ٿا. جڏهن اسين چئون ٿا ته شاهه لطيف سائين ”سَراپا سنڌيت“ آهي، تڏهن اَسان جو ڇا مطلب آهي؟ هِتي مون کي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پڙهيل پنهجي ئي هڪ پرچي مان ڪجهه حصو پڙهڻ جي، ان حصي جي وڌيڪ تشريح ڪري چوڻ جي اِجات ڏني وڃي. اُن پرچي ۾ به مون چيو هو، ته شاهه لطيف سائين ”سراپا سنڌيت“ آهي. اُن وقت جي سرڪاري ٻولي فارسيءَ کي ڇڏي، سنڌ ڀُونءِ جي سنڌي ٻولي اَپنايائين. فارسي لوڪ ڪٿائن کي تِلانجلي ڏيئي، (”تِلانجَلي ڏيڻ“ - اِهي سخت لفظ آهن، انهن جي بجاءِ مون کي تڏهن به ”ڇڏي“ لفظ لکڻ کپندو هو) پنهنجين ڄاتل - سڃاتل سنڌي لوڪ ڪٿائن جون تمثيلون جوڙيائين، ۽ سرحد - پار جي هڪ ڌارئي علم عروض جي بجاءِ پنهنجن ئي سنڌي هِندي ڇندن تي آڌاريل سنڌي بيتن ۽ وايُن ۾ تخليق ڪيائين. مون اُن حصي ۾ اِهو ٻُڌائڻ چاهيو هو ته شاهه لطيف سائين سنڌ - ڀُونءِ ۾ جيڪي ڪجهه (اُهو جيڪي ڪجهه، گهڻو ڪجهه آهي) سُڀاويڪ هو، اُهو ڪجهه ڪارگر -ڪارآمد ڄاتو.

سندس اِها ”سنڌيت“ وسيع شيءِ آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي سَڀيَتائن (هندو، ٻُڌ، عيسائين، اسلام، سِک) جا، انهن سَڀيتائن سان وابسته ٻولين (سنسڪرت ۽ سنسڪرت مان نڪتل ٻولين، پالي، فرنگي ٻولي اَنگريزي، عربي - فارسي ٻولين، پنجابي) جا جذبا ۽ خيال نمائندگي پائين ٿا. اَچو ته هن صاحب جو گهڻ - سڀيَتائي نظريو (multi-culturalism) ڏسون. سندس شاهه جي رسالي ۾ هندو ٻانڀڻ سَسئي ۽ مسلمان ٻروچ پنهونءَ ۾ پريت جو پيچ اَڙيل ڏيکاريل آهي. هُو صاحب چوي ٿو:

ڪِنِيزڪ ڪيچين جي، ٻانهي، ٻانهوٽي،
ٻئي ٻاروچي هٿ ۾، چڳن سر چوٽي،
ٻانڀِڻ کي موٽي، پاڻهي پڄندو پَٻ ڌڻي.

(سُر ڪوهياري).

اِهو بيت ته ٺيهو، اَسين سندس هيٺئين بيت ۾ ڏسنداسين ته ٻڌ ڌرم جي اثر هيٺ برپا ڪيل گورکناٿ جي پنٿ جو ذڪر پڻ ڪيل آهي:

جتي عرش نه اُڀُ ڪو، زمين ناههِ ذرو،
نڪو چاڙهائو چنڊ جو، نڪو سِج سَرو،
اُتي آديسئن جو الڳ دنگ دَرو،
پري پيُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائون ناههِ ۾.

(سُر رامڪلي).

اَهڙيءَ ريت شاهه لطيف سائينءَ کي سنڌيت جو ورثو مليو، ۽ هُن صاحب ان وراثت کي پنهنجي جاچنا شڪتيءَ دئاران، ايندڙ نسلن جي ضرورت کي ڌيان ۾ رکي، پنهنجي وقت ۾ اَهڙيءَ طرح جدت ۾ بدلايو، جو اَڄ به اُها وراثت اَسان سنڌين جي زندگيءَ ۾ ڀرپور لياڪا پائي ٿي ۽ اَسان سنڌين جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور اِشارا ڪري ٿي.

توهان پڇندا ته ڇا اسين سنڌيت جو بيان اُپ - سَڀيَتا (sub-culture) جي روپ ۾ نه ڪريون؟ هائو، ٻيُن اُپ - سڀيَتائن جيان، سنڌيت جو بيان به اُپ - سڀيَتا جي روپ ۾ ڪري سگهجي ٿو. دراصل، جيئن مون اڳ ۾ ئي چيو آهي، ته هِند - پاڪ اُپَ -کنڊ جي سارَ - تَتَ جو ٻيو نالو آدجڳاد کان سنڌيت آهي، اِها سنڌيت اُپَ - سڀيتا (over-arching culture) يا پورڻ - ريت سڀيتا (full-fledged culture) آهي. جهڙي نموني مٿان - ڪمان - واري سڀيتا سان گهڻ - سڀيَتائي نظريو (multi- culturism) گڏجي هلڻ کپي، تهڙي نموني اسان جي سَناتَن سِنڌيت سان پڻ آهي. اُن ۾ اُپَ سڀيتائن (sub-cultures) کي پنهنجيون - پنهنجيون خاصيتون برقرار رکڻ جا موقعا ملڻ کپن. شاهه لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ”اِهو“ ائين ٿيو آهي. پر ڇا سنڌي لوڪن ۾ پڻ ”اِهو“ ائين ٿي سگهيو آهي؟ اَسان ڏٺو آهي ته ڪڏهن ڪنهن مذهب جي نالي ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي نالي ۾ اِهو ائين ٿي نه سگهيو آهي. پر اِن لاءِ شاهه لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کان اُتساهه پائي، اَسان سڀني کي ”اِهو“ ائين ڪرڻ کپي. جيستائين سندس شاعريءَ جو اعليٰ ترين نمونو (آدرش) اَسان جي سَماجي ڍانچي ۾ ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، تيستائين اَسان کي سک سان سمهڻ نه کپي. اَسان کي کپي، ته اَسان سڀيئي سندس شاعريءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اُتاريون.

جُڳن کان هِند - پاڪ اُپَ - کنڊ جو اِهو عقيدو پئي رهيو آهي ته سموري ڌرتي هڪ ڪٽنب آهي. وَسُڌئيوَ ڪُٽُمبَڪَم. اسان سڀ هِن ڌرتيءَ جا باشندا هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهيون، پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀينر آهيون. شاهه لطيف سائينءَ جي هيٺئين بيت مان اِها ڳالهه واضح آهي ته نه صرف هِن ڌرتيءَ جا باشندا، بلڪ ڪائنات جا فرشتا وغيره رهاڪُو پڻ هڪ ئي ڏور ۾ ٻڌل آهن. مسلمان ڀائرن جي عقيدي موجب، جڏهن مرده سسئيءَ کي قبر م داخل ڪرڻ کان اَڳ کانئس مُنڪر ۽ نَڪير نالي ٻن فرشتن اَچي پڇيو ته تنهنجو ربُ ڪير آهي ۽ تنهنجو دين ڪهڙو آهي، ته هن کين ”اَدا“ ڪوٺي (فرشتن سان پڻ ڀاءُ - ڀيڻ جو رشتو جوڙي) سندن سوال جو جواب، سوال ۾ ئي ڏنو، ته ”اَدا، ائائين ڪو ويو ساٿُ سڄڻ جو؟“

منڪر ۽ نڪير کي، جڏهن ڏٺائين،
اَڳيان اُٿي، اُن کي، پُنهون پُڇيائين،
اَدا! اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو؟

(سُر سسئي آبري)

سنڌيت سسئيءَ سان وابسته ان سُر ۾ اِهو ڪٽنبي رشتو قائم ڪرڻ ۾ ئي نه آهي، بلڪ اِها شاهه لطيف سائينءَ جي ستن سُورميُن جي خصلتن ۾ پڻ عيان آهي. سنڌيت هن صاحب جي ستن سورمين - سُهڻي، سسُئي، ليلا، مومل، مارئي، نُوري ۽ سورٺ، جي خاصيتن جو مرڪب آهي. اِهو مرڪب اِسان جي مايه ناز شاعر ڏنڊي - ڪونڊي جي مدد سان، هِماليه پهاڙن تان وهندڙ ۽ مانسَرووَر ڍنڍ مان نڪرندڙ سنڌو نديءَ جي ڏنڊي سان، ۽ سِنڌو ماٿريءَ جي ڪونڊي ۾ پيهي ٺاهيو آهي. ان مرڪب جو نالو آهي. ”پاڻ سُڃاڻڻ“، جو شاهه لطيف سائينءَ پنهنجيُن سورمين جي ذريعي اَسان جي آڏو رکيو آهي.

هو صاحب اَڻ - ورهايل هندستان (Undivided India) جي آڳاٽي رهسيَوادي (mystic) طريقي کان متاثر هو، جنهن طريقي موجب پاڻَ اِهي سورميون بڻيون - جيڪو مطلوب خدا جي نمائندگي ڪن ٿيون ۽ پنهنجن پنهنجن پريتمن کي پائڻ لاءِ ڪامياب (يا پنهنجي پنهنجي ڪنهن غلطيءَ وچان ناڪام) ڪوششون ڪن ٿيون. اهي سورميون هن صاحب لاءِ روح جي علامت آهن، جي خدا کي پائڻ چاهين ٿيون. اِهو هندستاني طريقو عربستان - ايران جي طريقي کان الڳ آهي، جنهن طريقي موجب اُتان جا شاعر، سورمين جي بجاءِ سُورما بڻجي، پنهنجين - پنهنجين پريتمائن کي (جن ۾ کين خدا جو نُور ڏسڻ ۾ اَچي ٿو) پائڻ لاءِ سَرگردان هوندا آهن.

شاهه لطيف سائين ست سورميون بڻيو آهي. سي سڀيئي اَزخود سُهڻيون آهن. ليڪن هو صاحب سندن سونهن جو وَرنن نٿو ڪري. هو ٻڌائي ٿو، ته سندن پريتمَ (جي خدا جي علامت آهن) اَزحد سهڻا آهن. سندس شاعريءَ ۾ ميهار، پنهون، چنيسر، راڻو مينڌرو، عمر، تماچي ۽ راءِ ڏياچ سونهن جا جيئرا - جاڳندا مثال آهن. سُر سُهڻيءَ ۾ هن صاحب سُهڻيءَ جي واتان ميهار جي سونهن جي هيئن واکاڻ ڪئي آهي:

ڏٺي جن هيڪارَ، صورت ساهڙ ڄام جي،
سُک ٿي سُتيون ڪين ڪي، ڀِري ساڻ ڀتارَ،
گهِڙيون گهَڙنِئان ڌار، ڪاهي پيئون ڪُن ۾.

جڏهن سُهڻي وچ سير ۾ گهَڙو کڻي گهِڙي ٿي، ته هوءَ پاڻ سان پاڻُ نٿي کڻي. سنساري وسيلن تان ڀروسو هٽائي، سڄا ڪم سُبحان جي مرضيءَ حوالي ڪري ڇڏي ٿي. شاهه لطيف سائينءَ سندس اِن توڪل جو ذڪر هيٺئين بيت ۾ ڪيو آهي:

پاڻُ مَ کڻِج پاڻَ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻُ اُٺاءِ، پير پِرِيان جي پارَ ڏي.

هن صاحب جي هڪ ٻي سورمي سَسُئي آهي، جنهن لاءِ ”شاهه جي رسالي“ ۾ پنج سُر وقف ڪيل آهن. سُر سَسُئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حُسيني. اَسان کي لڳي ٿو ته شاهه لطيف سائينءَ جي سڀ کان پياري سورمي سسئي آهي، جا پنهنجي ڀتار پنهونءَ جي تلاش ۾ پَٻَ جبل جا ڌِڪا - ڌچِڪا کائي ٿي. هوءَ اِن تلاش ۾ هڪ گهڙي به سُک چين سان نه ٿي ويهي.

شاهه لطيف سندس فطرت ڄاڻي چوي ٿو:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاههِ، ڪانهي ويل وِهڻ جِي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

(سُر حسيني)

شاهه لطيف سائين سسئيءَ سان وابسته سُرن جي ذريعي سنڌيت جو پرورتي مارگ وارو هڪ اَهم سنيهو ڏنو آهي. پرورتي مارگ (Path of life-affirmation) اَسان کي پنهنجي ڪرم جي راهه تي اَڳتي ۽ اَڳتي وڌڻ لاءِ چوي ٿو.

هو صاحب ”سُر ليلا چنيسر“ جي ذريعي، پنجن وڪارن مان هڪ اَهم وڪار - لوڀ لالچ - نه ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. لِيلا هڪ راڻي هئي، جا پنهنجي ڀتار راجا چنيسر سان، سُکيا ڏينهن گذاريندي هئي، پر هُن هڪ راجڪماريءَ جي ويس ۾ سندس محل ۾ آيل پنهنجي داسي ڪؤنروءَ کان مڻئيءَ جو هار وٺي لوڀ لالچ ڪئي ۽ کيس پنهنجو ڀتار چنيسر، هڪ رات لاءِ ئي سهي، وڪڻي ڇڏيو. پوءِ هوءَ پڇتائي رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي:

مڻئي مٿي جي هئا، تِن چِتن ڦيريُم چِتُ،
هار کٽنديس هوڏَ ۾، نيبهه ٿيندُم نِتُ،
ڪؤنرُوءَ جو ڪِرتُ، مُونهان مَٿانهون ٿيو.

جڏهن اسين ادوئت يا وحدت الوجود کي ڌيان ۾ رکنداسين، ته اسان کي لڳندو ته مومل جي ڪردار ۾ ڪا وڏي ڪَمي رهجي ويئي هئي. هوءَ پنهنجي ڀتار راڻي مينڌري جو اوسيئڙو ڪندي، پنهنجي ڀيڻ سُومل سان سُمهي پيئي ۽ اهڙيءَ ريت راڻي مينڌري سان سندس يڪ وجودگيءَ ۾ خلل پيدا ٿيو. هن راڻي کي راند ڀانيو، جُڙتو راڻي (سندس ڀيڻ سُومل) کي ريجهايو. سندس ڀتار هونئن ئي ڏُکِڻو، ويتر جڏهن ڏٺائين ته کيس ڌاريو شخص (سُومل) پاندِ پيو آهي، ته ساڻس هيڪڙائي ٽوڙي ڇڏيائين. هاڻي ته هوءَ راڻي مينڌري کي گهڻو گهڻو ياد ڪندي رهندي:

راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِيو ڪيئن وِڙُ رائيين؟
وَرُ وِڏوُڻو ايهين، جئن پَرُ پُڄتوءِ پاندِ،
هيءَ! ڀَڳيءَ هيڪاندِ، سوڍو ساريندينءَ گهڻو.

هِتي اسين ڏسنداسين ته لِيلا پڻ لوڀ - لالچ ۾ اَچي ڪري پنهنجي ڀتار چنيسر جو پيار ونڊيو هو. شايد انڪري اِها ڳالهه شاهه لطيف سائينءَ جي تحت الشعور ۾ آئي هوندي، ۽ هن صاحب جتي ٻين سُرن جا سِرا عدد واحد ۾ (جهڙوڪ سُر سُهِڻي، سُرمارئي) ڏنا آهن، اُتي ليلا ۽ مُومل سان وابسته سُرن ۾ عدد جمع (سُر ليلا چنيسر ۽ سُر مُومل راڻو) ڪم آندا اَٿس.

سُر مارئيءَ ۾ حُب الوطنيءَ جي جذبي کي واکاڻيو ويو آهي. عمرڪوٽ جو حاڪم، عمر، مارئيءَ کي سندس ڳوٺ جي کُوهه تان کنڀي/ڀڄائي کڻي ويو. هتي مان ”ڀڄائي وٺي ويو“ جي بجاءِ ”ڀڄائي کڻي ويو“ جا لفظ ڪم آڻڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ ته ”وٺي وڃڻ“ ۾ مارئي هڪ شخص ۽ ”کڻي وڃڻ“ ۾ هوءَ هڪ سامان (cargo) جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. هُو کيس ”ڀڄائي“ ته کڻي ويو، پر هوءَ سندس محل ۾ پهچي وري هڪ شخص بڻجي پيئي. هن سندس اُچا ڪپڙا پائڻ ۽ لذيذ کاڌا کائڻ کان صاف اِنڪار ڪري ڇڏيو. هوءَ پنهنجي وطن ملير کي ساريندي رهي ۽ پنهنجي مڱيندي کيت سينَ کي ياد ڪندي رهي:

واجهائي وطن کي، ساري ساههُ ڏيان،
هيءُ سِرُ ساڙيهه سامهون، منهنجو نِجِ، ميان!
مُيائي جيان، جي وڃي مڙههُ ملير ڏي.

نُوري مُهاڻي هئي. مهاڻي ته هئي، نِماڻي به هئي. ڄام تماچي نِماڻي مُهاڻيءَ تي هِرک هاري ويٺو ۽ کيس پَٽ راڻي بڻايائين. هوءَ کيس وَر - وَر ڪري چوي ٿي:

تون سَمو، آءٌ گندِري، مون ۾ عيبن لَکَ،
ڪارڻ رب اَلَکَ، متان ماگُرِ، مَٽِئين!

سندس اِها نِهٺائي ڏسي، ڄام تماچي ساڻس ايتري محبت ڪئي جو هڪ دفعي هو ڄار ڪُلهي تي ڪري مُهاڻن جي وچ ۾ ويٺو. واقعي، عشق اونچ - نيچ سڀ ٻوڙي ڇڏي ٿو.

وري اَوهين سورٺ جو ڪردار ته ڏسو: دانوير راءِ ڏياچ ٻيجل کي سِرُ وڍي ڏئي ٿو، ته سورٺ پنهنجي ڀتار راءِ ڏياچ جي محبت وچان پاڻُ قربان ڪري ڇڏي ٿي. هونئن راءِ ڏياچ پنهنجي هوندي يا اَڻ - هوندي، سورٺ جي قرباني ڪين چاهِي هئِي. پر هوءَ پاڻ مٿس، قربان ٿِي هئِي. شاهه لطيف سائين سُر سورٺ جي آخري وائيءَ ۾، سورٺ کان چوائي ٿو:

اَلوداع، وو! اَلوداع، جاني ڪيو جُدا،
هئي! هئي! سورٺ ٿي ساري،
سورٺ سَرتين وچ ۾، وو! اُڀي اوساري،
ڪنڌ منهنجو ڪاٽِيو، نينهن سندي نعري.

پنهنجي ڀتار جي وڇوڙي ۾ سندس ”وو!“ جي صدا، ٻڌندڙ/پڙهندڙ جي دل جي واديءَ ۾، پڙاڏا ٿي ڪري.

آخر ۾ هڪ دفعو وري اَسين سمجهون، ته هِن بندي سنڌيت کي اُپَ - سڀيَتا (sub-culture) نه چئي، اُن کي پُورڻ، ريت سَڀيَتا (full-fledged culture) جو درجو ڏنو آهي. حقيقت ۾ شاهه لطيف سائينءَ جي پيرن جا نشان کڻي، مون سنڌيت کي گيان، ڪرم ۽ ڀڳتيءَ جو يوگ (ميلاپ) چيو آهي. سمورو ”شاهه جو رسالو“ نه صرف گيان (معرفت) سان ڀرپور آهي، بلڪ اُن جي سُر ڪاپائتي، سُر سامونڊي وغيره سُرن ۾ ڪرم يوگ ۽ ڀڳتي يوگ جا پڻ بي - بها مثال آهن. ”ڏات نه آهي ذات تي، وهي سو لهي“ ۾ ڪرم يوگ ۽ ”ڦير  مَ هنئون، ڪنڌُ، ڪياڙي، ٿيندءِ هاج هِئائين“ ۾ ڀڳتي يوگ ڏيکاريل آهي. اِن پرمپرا ۾ اَڳتي هلي، چئنراءِ ساميءَ صاف صاف چيو، ”ڪرم، ڀڳتي، گيان، ڳالهه چون ٿا هڪڙي“. اَسان سنڌين ٽنهي يوگن کي هڪ يوگ ڄاڻي اُن کي پنهنجي پنهنجي شخصيت ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ دنيا ۾ سنڌيت جو نادُ وڄايو آهي.

Dr. Motilal Jotwani,

B-14 Dayanand Colony,

Lajpat Nagar, New Delhi-110024

Telephone: 26414044

email: motilal@jotwani.com

.......

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com