سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :4

بينا بيدل

زلزلي ۾، مظفرآباد جي هڪ ڊٺل گهر هيٺان آخري چُمي

 

هڪ پيارو گهر

محنتن ۽ محبتن سان

تولئه جوڙيو هئم پرين!

گهر جنت بڻجي ويو اُن پَل

جڏهن

تو پير چانئٺ تي رکيو

تڏهن

اسان جي ٽهڪن ۾ شامل هئا

ڄڻ هزارين جلترنگ!

اُهي سياري جون ساريون طويل راتيون

منهنجي ڀاڪرن ۾ مون سان

چنبڙي سمهندي هئينءَ تون

۽ اڪثر ڇرڪ ڀري جاڳي پوندي هئينءَ

۽ ڍڪيندي هئينءَ مون مٿان

سِرڪي ويل سَوَڙ

۽ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي

سمهي پوندي هئينءَ

اڄ به

ساڳئي انداز سان

منهنجي ٻانهن ۾

منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي چنبڙي سمهي پئي آهين

سدا لاءِ تون

موت به توکي مون کان جدا ناهي ڪري سگهيو

محبتن جو ڪاڪ محل جو جوڙيو هو مان چاهه مان تولئه

سو پل هڪڙي ۾ اچي آهي پَٽ پيو

هي زلزلو هو يا قيامت جي گهڙي

اگهُور ننڊ ۾ خبر ئي نه پئي

شايد ڪنهن ڇِپ هيٺان تون ۽ مان آهيون دٻيل

چُپ آهن تنهنجا چَپَ

نه سُڏڪو نه ڪائي رڙ

بس خاموشي ئي خاموشي آهر طرف

رڙ منهنجي پڙاڏو بڻجي موٽي ٿي اچي

ڄڻ راڪاس گهمي ويو آهي شهر مان

ڏينهن آهي يا رات؟ ڪا ناهي خبر

ڪالهه تائين جو گهر هو اڄ آهي قبر!

مڻين مٽيءَ هيٺان

زندگيءَ جي موت سان ويڙهه آ

پر خوش آهيان مان ان احساس سان

ناهين تون مون کان پري - تون مون سان ساڻ آن

ها، پر هيءَ منهجي ٻانهن ڇو ساڻي ٿيندي پئي وڃي؟

ساهه ڇو ٻوساٽبو وڃي!

اڄ وقت به مون تي

بُک جا اُڃ جا

هٿيار پيو استعمال ڪري!

 

نيٺ مان جنگ اِها کٽي ويم

اُڃ بُک کان نيٺ بي نياز ٿي ويم!

روشنيءَ جو ڪو به ڪِرڻو نه ٿو ڦُٽي

(هڪ) طويل رات آ جا نٿي کُٽي!

جسم بي جان ٿيندو پيو وڃي

ننڊ گهري آ اکين ۾

بس خمار ئي خمار آ پرين

ڏي اجازت هاڻ مان به سمهان

پر سمهڻ کان پهرين

تنهنجن ٿڌن چپن تي

پنهنجا ٿڌا چپ رکان ٿو پرين!

****

ڌرتيءَ کي ڇِڪِي

ڌرتي تنهنجي ڪُک ۾

ڪيترا ارمان کڻي

پلجي پئي جا زندگي

قدرت آڏو

فقط هڪ ڇِڪِيءَ سان

خاموش ٿي وَئي زندگي!

***

8 - آڪٽوبر جا يتيم

معصوم اکين ۾

نه ختم ٿيندڙ سوال

زبان خاموش آهي

ڪنهن وٽ ناهي جواب

سُڪل ڳوڙهن جا نشانَ

گلابي ڳلن تي رهجي ويا

اُگهڻ وارا هٿ،

اهي اُگهڻ کان پهرين ڇڻي پيا!

سُڏڪا سُڏڪندا رهيا

معصوم ٻاتا ٻول سَڏَ بڻجي ويا

ڀاڪُر، پيار ۽ پاٻوهه

مڻين مٽيءَ هيٺان دفن ٿي ويا

هڪ لحظي ۾

مُرڪندڙ زندگيءَ جي

معنيٰ بدلجي وئي!

****

وقت جي راند

موت کي ساٿي ڪري

وقت (جيڪو ڪٿي بيهي نٿو!)

زندگيءَ سان

راند ڪا اهڙي رَچي

موت جنهن کي ويو کَٽي

وئي زندگي هارائجي!

****

هر ڪَتبو هڪ ڪهاڻي

منهنجو سينو ڄڻ ڪو قبرستان آ

جنهن ۾ آهن دفن

ڪيتريون ئي خواهشون، يادون

يادن جا ڏک

پنهنجن جا سُورَ

ڪڏهن ڪڏهن

تنهائي ۽ بيخودي هٿ کان جهلي

اِن قبرستان ۾ آڻي ٿي بيهاري

۽ هتي هر قبر تي هڪ ڪتبو آهي لڳل

۽ هر ڪتبي تي هڪ ڪهاڻي آ درج ٿيل!

 

زيب نظاماڻي

تاريخ جا ڪارا باب

(آزاد نظم)

زندگي ماتمڪدو!

۽ موت آ رقصان جتي

درد جو ڪاٿو نه ڪو

آه ڪنهن جي....!؟

دانهن ڪنهن جي....!؟

ڪو ماٺ ۾ سڏڪي پيو....

ڪوهه قاف جي پَرِيُن مٿان

قهر اهڙو ڪڙڪيو.

سونهن سڏڪي دانهن ڪَئي

حُسن جي وادين ۾ سهسين

سون ورنيون سوڍيون شهزاديون

پٿرن جي ڍير ۾ دٻجي ويون

مُرڪون مٺيون لُٽجي ويون

معصوم مُرڪن جي چپن جا

گيت، پوپٽ، هاءِ! سڀڪجهه دفن ٿي ويو

پيءَ پوڙهي جي ڪُلهي تي

نوجوان لاشا ڏسو

ماءُ جي جهولي آ خالي

ڀيڻ جي پوتي ڪٿي!؟

هر ڪنوار جو جوڀن

صدين جي ماٺ آ بڻجي ويو

جهانجهرن جا سُر سڀئي

ڌرتيءَ اندر گهُٽجي ويا

ٻار کي پينگهي ۾ لوڏيندي

ماءُ پڻ دٻجي وئي!

هو جو ٻالڪ هيکلو

ڪنهن کي سڏي

ڪير آ

ڏُکُ اُن جو ڪو ٻُڌي!

آهي ڪو جو نينگريءَ کي

ماءُ پيءُ جو ڏس ڏئي

ڪير آ

ڪير آ

ٽيڪ ٿئي جيڪو ٻڍاپي جي

ڀلا هت ڪير آ جو هن لڄ جو رکوالو ٿئي

جو حوالو ٿئي ڀلا انسانيت جو

ڪير آ

ڪير آ

ڍُڪ پاڻي ٿي گهري! اڄ زندگي هُن ديس ۾

جت نديون جهومي نچي

چَپَ چشمن جا چُمي

وهنديون هيون جهوليون ڀري

مات ڏينديون بُک کي ۽ اُڃ کي جيڪي هيون

هاءِ اُت مانيءَ ڳڀي لئي

زندگيون تڙپن پيون

سڏڪن پيون ڦٿڪن پيون

صحت افزا جي هوائون هت هيون

جت اگهائي ڪانه هئي

دارون دوا جي ڪا به حاجت ڪانه هئي

ان ماتريءَ ۾

چاڪ ٿي پوندو هيو بيمار ڀي

اڄ اُتي ناهي دوا جي ڪا ڦڙي

زندگيون تڙپن پيون

سڏڪن پيون ڦٿڪن پيون

هي ڍير مٽيءَ جا ڏسو

ڄڻ ته ڪي آثار ماضيءَ جا هجن

اي خدا

تون رحيم آهين ڪريم آهين

ائين معصوم جيون ڇو ڀلا

جهوري وڌئي!

پل اَپل ۾ زندگيءَ جا سڀ ڏيا

ويا اُجهامي

ڄڻ ٻريائي ڪونه هئا ڪڏهين اُهي

هو ٻارڙو ڇا ٿو چوي

ڪَن ڏئي هن کي ٻُڌو!

صبح جو پهريون پهر

جو نويد آڻيندو آهي زندگيءَ جي

اُن صبح جو سج اَڀاڳو

پر هيءُ ڇا

موت جا ڪارا ڪفن ڪشمير کي پهرائي ويو

حسن کي ڌرتيءَ مٿان

ويو هميشه لاءِ ميساري

کُليو هي آسمان

ڌرتيءَ جي ڇاتي ڏار ڏار

ڪوئي در ديوار آهي ۽ نه گهر

دفتر نه آ

بس رڳو

پٿرن جو قبرستان

اجتماعي ميتن جو آهه مسڪن!

هُن ٻارڙيءَ معصوم ٻُڪ اُڀ ڏانهن کنيا

اي! خدا! منهنجا خدا

رحم جي ڪا ڪر نظر

بي گهر بُکيو آهيان

خدا! منهنجا خدا!

رحم جي ڪا ڪر نظر

نيلم سندي واديءَ جو حسن

جهلم جي ماٿر جو چمن

ترت موٽائي ڏجان

منهنجا خدا!!

درد جنهن جو

وقت ڀي مرهم ڪڏهن

ٿي نه ٿو اُن جو سگهي

ماني ڳڀي جي لئه اجهي لئه

تڙپندڙ هي زندگيون ماٺيون اکيون

جن ۾ لڙڪن جون نديون

وييون سُڪي

هُو ٻڌو خاموش سُڏڪا

ڪنهن جي اچڻ جي لاءِ آتو آهه هر ڪو

زندگي ڪيڏي بڻي آهي حقير

خيرات توکان ٿي گهران

اي خدا! منهنجا خدا!

 

منهنجي جيجل ماءُ ڌرتيءَ تي

ڏمر اهڙو نه ڪڏهين آڻجان. ڪو قياس اهڙو ڌارجان

هي زلزلن جو داستان

هيئن نه تون دهرائجان

هيئن نه تون ورجائجان

بس ٺَپي ڇڏ

باب هي

تاريخ جا هي ڪارا باب!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com