سوچ
ويچار
پورهئي - پورهيت جو قدر ۽ مڃتا
اسان جي ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ آباديءَ جو حصو عورتن
تي ٻڌل آهي، ڪنهن به سڌريل سماج جو اهو گُڻ آهي ته
هُو پنهنجي ملڪ جي عورتن کي زندگيءَ جي مڙني شعبن
۾ برابريءَ جي بنياد تي گڏ وٺي هلي ۽ ترقيءَ جون
منزلون طيءِ ڪري ڇو ته عورت جي شموليت کان سواءِ
پائيدار ترقي ممڪن نه آهي. اسان جو موجوده سماج پڻ
ان ڳالهه تي عمل پيرا ٿيندي زندگيءَ جي سڀني شعبن
۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻائيندي، ترقيءَ جي
طرف وڌي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ عورتون
زندگيءَ سان لاڳاپيل هر شعبي جيئن علم، ادب،
شاعري، ڊاڪٽري، انجنيئرنگ، جهاز اُڏائڻ، سياحت،
صحافت، سياست وغيره ۾ پنهنجا فرض سچائيءَ ۽
سهڻائيءَ سان نڀائي رهيون آهن.
سرتيون، اسان کي انهن عظيم عورتن کي به وسارڻ نه
گهرجي جن جي محنت جو تعلق قلم سان نه، پر نجي هٿ
جي محنت سان آهي. جن جا هٿ زخمي آهن، پيرن ۾ پٿون
اٿن پوءِ به ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ
جي“.
اُهي عورتون جيڪي ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿيون جيئن
رونبو، لابارو، ڳاهه ڳاهڻ وغيره ته ڪي وري روڊن تي
پٿر ڪٽين ٿيون ته ڪي سِرن جي بَٺي تي ڪم ڪن ٿيون
ته ڪي وري سيبي ۽ ٽوپي جو ڪم ڪري ڳاٽي ڀڳي
مهانگائيءَ کي مُنهن ڏيندي ٻچن جو پيٽ قُوت ڪن
ٿيون.
اسين پهرين مئي پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي
سان اهڙين پورهيت عورتن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اها
پڻ سڀاويڪ ڳالهه آهي ته موجوده حڪومت عورتن جي هٿ
جي هنرن کي هَٿي وٺرائي رهي آهي. محنت مزوريءَ سان
لاڳاپيل ڀينرن کي اهو به چونداسين ته ڪڏهن به پاڻ
کي ٻين کان گهٽ نه سمجهن.
ساڳئي وقت پوري سماج کي به اهو عرض ڪنداسين ته
پورهئي جو قدر ڪيو وڃي ۽ پورهيت جي عظمت کي مڃيو
وڃي. پورهئي جو قدر ۽ پورهيت جي عظمت جي مڃتا ئي
اصل اُجورو آهي، جيڪو اسان کي ادا ڪرڻ گهرجي.
ايڊيٽر
خط ايڊيٽر ڏانهن
اوهان پنهنجون ادبي ذميواريون سنڀاليون آهن، اوهان
کي ڀليڪار سان گڏ دِلي دعائون ۽ مبارڪون ڏيان ٿي.
اوهان جي ادبي مُحبتن، محنتن، سچائين رنگ لاتو ۽
سچ جي جيت ٿي. منهنجي دعا آهي ته اوهان جي سچائين
کي ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳي، اڃا وڌيڪ اُمنگ ۽
محبت سان خدمت ڪري ادبي افق تي نانءُ ڪمائينديون.
نجمه نُور ڦلپوٽو
e.mail:najma_noor@yahoo.com
najmanoor361@hotmail.com.
Phone #: (0792)552673
جيئي سنڌ. وڌي ويجهي سنڌي ٻولي ۽ ساهت. اميد ته
پنهنجون ذميواريون نڀائيندي، بهتر مستقبل لاءِ
محنت جاري رکنديون. ”سرتيون“ اپريل 2006ع جو پرچو،
سواءِ هڪ اڌ لکڻيءَ جي، پڙهيو اٿم. ٽائيٽل ڏاڍو
خوبصورت آهي. ساجده يوسف کي ان لاءِ جس هجي. ان جو
عنوان ”پاڻي“ بدران ”پاڻياري“ هئڻ گهرجي ها. ”سوچ
ويچار“ ۾ ”اچو ته لطيف سائينءَ جو پيغام عام
ڪريون.“ ۾ لطيف شناسيءَ بابت ڪارائتيون ڳالهيون
ڪيل آهن. ”ڪارو ڪاري“ لاءِ ”پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو
ويڄ نه طبيب“ وارو پهاڪو سونهي ڪونه ٿو. ان موضوع
تي مان گذريل ويهن سالن کان لکندو، پڙهندو ۽
ڳالهائيندو رهيو آهيان. اها ڪُڌي رسم نه رڳو سنڌ ۾
ٻاهران آيل آهي، پر ان جا اصل سبب جاگيرداراڻي
سوچ، قومي غلامي ۽ معاشي ڦرلٽ آهي. سو، اسان جي
لاءِ واقعي لطيف سائينءَ جو فڪر ئي ٻاٽ واٽ ۾ لاٽ
آهي.
توهان منهنجي خط ۾ ”ناريون“ کي ”خواتين“ ڪيو آهي،
اهڙي ٺاهه ٺوهه صحيح نه آهي.
هر لکڻيءَ هيٺان لکندڙ جو فون/موبائيل نمبر،
اِي-ميل، ٽپال ائڊريس ڏيڻ کپي.
اپريل جي ”سرتيون“ ۾ پروفيسر مريم نوحاڻيءَ سان
ملهايل شام، عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان
پريس ڪلب ۾ ميڙاڪي، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۾ لطيف -
ڏهاڙي، سنڌ جي قديم ورثي ”رني ڪوٽ“، بابت رپورٽون
لاڀائتيون آهن. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، حبيب الله
صديقي، تنوير جوڻيجي، ريٽا شهاڻيءَ جون لکڻيون
ڏاڍيون معلوماتي آهن. بيگم زينت عبدالله چنا جي
ڪهاڻي ”مِٺي“ سٺي چونڊ آهي. اهڙيون سماجي جاڳرتا ۽
شعور پکيڙيندڙ لکڻيون وڌ ۾ وڌ ڇاپڻ کپن.
حسين سارنگ
e.mail:hsaarang@yahoo.com
mobile:0300-3298966
مان پنهنجي ڪجهه چونڊ شاعري اُماڻيان پئي، اميد ته
توهين ڇاپيندا، ڇپڻ کان اڳي ڏسي وٺندا.
پارس عباسي/اسلام آباد
توهان ڏانهن هي منهنجو پهريون خط آهي. ”سرتيون“
هميشه کان منهنجو پسنديده رسالو رهيو آهي.ويتر ان
۾ پنهنجا گهريلو ڏَسَ پڙهي وڌيڪ وڻي رهيو آهي. مان
”بچت“ جي موضوع تي مختصر مضمون موڪلي رهي آهيان.
يقيناً اها وقت جي ضرورت آهي. اميد آهي ته جاءِ
ڏيندا. هن رسالي ۾ اڄڪلهه منهنجو سڀ کان وڌيڪ
پسنديده سلسلو آهي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“، جيڪا
رتنا گوديا رولاڪ جي جدوجهد جو داستان آهي. اهو
يقيناً ٻين عورتن لاءِ حوصلي جو سبب بڻبو. ٻيا سڀ
سلسلا به تمام سٺا آهن. الله ڪري ته هي رسالو اڃا
به ترقي ڪري. جيڪڏهن توهان چاهيو ته گهريلو موضوعن
تي مختصر تحريرون توهان کي موڪلي سگهان ٿي. ان جو
جواب ضرور ڏجو. چڱو هاڻي موڪلاڻي ڪانهي.
(مواد ضرور موڪليو - ايڊيٽر)
نسرين طاهر وفائي
B/8 Prince Town
Phase II Wadhu Wah Road
Hyderabad
Sindh.
”سرتيون“ اپريل خوبصورت ٽائٽل سان گڏ بهترين لڳو.
ان رسالي کي خريد ڪرڻ کان اڳ آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ”نصرت
لاشاريءَ“ جا ڪالم پڙهندو هوس. ان ٻڌايو ته منهنجو
ڀارت جو سفرنامو ”سرتيون“ رسالي ۾ شايع ٿي رهيو
آهي، پوءِ ته مون کي رسالو هر صورت ۾ وٺڻو پئجي
ويو، ڇو ته مون ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته اسان جي اديبن جو
ڀارت جو دورو ڪيئن رهيو. جڏهن منهنجي نظر اسٽال تي
پيل سرتيون رسالي جي ٽائٽل تصوير سان گڏ نصرت جي
تصوير تي پئي ته مان هڪدم رسالو ورتو.
حيدرآباد کان ڳوٺ ايندي مون سفرنامو ته رستي ۾ ئي
پڙهي ورتو، تمام بهترين لڳو. پر اڃا ته سفرنامي جي
شروعات هئي ۽ شروعات ۾ ئي لکڻ واريءَ جيڪا لفظن جي
ترتيب ڏني آهي، اها ساراهه جوڳي آهي، ليکڪا لکڻ جي
ته پاڻ اڳي ئي ماهر آهي، بهرحال ڏسون ته سفرنامو
اڳيان ڪهڙا رنگ ٿو پَسائي. اسان جي اديبن کي ڀارت
ڪيئن لڳو؟ اتان جا سنڌي هنن کي ڪيئن لڳا؟ اسان جي
ادب ۽ هنن جي ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اميد آهي ته
ليکڪا وٽان اسان کي سٺي ڄاڻ ملندي --!
جڏهن گهر پهچي رسالو پڙهيم ته نه صرف سفرنامو سٺو
لڳو، پر ٻيو ڪافي گهڻو ڪجهه هو. ڪزبانو سنڌو جو
ناول به پنهنجو مٽ پاڻ هو، جڏهن ته مون ان جي
پهرين قسط به ڪانه پڙهي هئي، پر پوءِ به سٺو لڳو.
اڳين قسط جو انتظار آهي. بيگم زينت عبدالله چنا جي
”مِٺي“ خبر ناهي ته اڳ مون ڪنهن رسالي ۾ به پڙهي
هئي پر ٻيو دفعو پڙهڻ جو پنهنجو هڪ الڳ مزو آهي.
بهرحال رسالو سٺو لڳو. سرتيون واقعي سنڌي ادب ۾
عورتن لاءِ هڪ بهترين رسالو آهي. سفرنامي جي حوالي
سان منهنجي هڪ گذارش آهي ته ان جون تصويرون رنگين
ڇاپيون وڃن ته اسان پڙهندڙن تي توهان جا ٿورا
ٿيندا.
اصغر علي سٺيو
ڳوٺ عمر سٺيو ٽنڊو محمد خان
e.mail:sathio26@hotmail.com
sathio26@yahoo.com
Mobile#: 03332667862
ولي رام ولڀ
ڪتاب: بهترين
دوست آهي
ڪتاب لِکجندا رهن ٿا. ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. ڪتاب
پڙهجندا رهن ٿا. ڪتاب لکڻ لاءِ لکندڙ گهرجي. ڪتاب
ڇپڻ لاءِ ڇپيندڙ گهرجي. ڪتاب پڙهڻ لاءِ پڙهندڙ
گهرجي.
جيستائين ڪتاب مسودي جي صورت ۾ موجود آهي،
تيستائين ته اُهو ليکڪ جي ملڪيت آهي، پر جڏهن اهو
ڇپجي ٿو وڃي تڏهن سڄو جڳ جهان اُن جو وارث آهي.
پوءِ به، ڪتاب ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اُن ۾ ڳڻ آهن
ته ان جي ساراهه جو حقدار ليکڪ آهي ۽ اُن ۾ جي
اوڳڻ آهن ته به اُهي ليکڪ جي ئي کاتي ۾ ويندا.
ڪتاب مختلف ٻولين ۾ هوندا آهن، اُهي ٻوليون اسين
نه ڄاڻندا آهيون. انڪري انهن ڪتابن، انهن جي ليکڪن
کان به اسين واقف نه هوندا آهيون. انهن ڪتابن کي
پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ لاءِ ترجمو ڪندڙ گهرجن. اهو
به سچ آهي ته اصلوڪين تصنيفن سان گڏوگڏ ترجمو ٿيل
تصنيفن جي به هڪ خاص اهميت آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ترجمي
جي اهميت تخليق کان به وڌيڪ آهي.
ورهاڱي کان اڳي ترجمي جي ڏس ۾ شاندار ڪم ڪيو ويو.
پوءِ اُهي درسي ڪتاب هجن يا علمي ادبي ڪتاب.
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ
جو نالو سونن اکرن ۾ لکڻ جهڙو آهي. موجوده دور ۾
ولي رام ولڀ گهڻي ۾ گهڻا ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ جي
جهوليءَ ۾ رنگارنگ گل ڀري ڇڏيا آهن. تازو پاڻ سنڌي
ادب ۾ ”ڪَوِتا - ڦلواڙي“ کڻي آيو آهي. ان ”ڪوِتا -
ڦلواڙي“ ۾ 19 ملڪن، پنجن کنڊن جي 26 ٻولين جي 112
شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي.
”ڪوِتا - ڦلواڙي“ جو مهاڳ آصف فرخيءَ لکيو آهي،
اُهو به پڙهڻ جهڙو آهي، بئڪ ٽائيٽل تي محمد
ابراهيم جويي ساهه سان سانڍڻ جهڙيون سِٽون لکيون
آهن.
”ڪوِتا - ڦلواڙي“ ۾ رنگ رنگ جا گل آهن، جن جي
پنهنجي پنهنجي سڳنڌ آهي. هي ڪتاب اسان جي عام
پڙهندڙ ۽ خاص طور تي، اُهي جيڪي شاعريءَ سان شغف
رکن ٿا، تن لاءِ هڪ نصاب جو درجو رکي ٿو، خاص ڪري
نثري شاعري ڪرڻ وارن لاءِ.
اهو کٽڪو بهرحال موجود آهي ته نثري شاعري ڪندڙ ان
۾ ڏنل ڪوتائن کي به ڪاپي ڪرڻ لڳندا! پر اهو اردوءَ
مان ڪاپي ڪرڻ کان وري به چڱو آهي، ڇاڪاڻ ته ائين
هو ”ڪاپي در ڪاپيءَ“ کان بچي پوندا. هتي اسين
”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ”ڪَوِتا - ڦلواڙي“ مان
ڪجهه ڪَوِتائون ڏئي رهيا آهيون. ”ڪتاب - بهترين
دوست“ جي عنوان هيٺ. توهين به ڪنهن ڪتاب جو تعارف
ڪرائڻ چاهيو ته ڏاڍو سٺو._ امداد حسيني. |