منگليش ڊيرال هندي (ڀارت)
بابا جي تصوير
بابا جي جوانيءَ جون ننڍيون ننڍيون کوڙ ساريون
تصويرون آهن
اُهي سموري گهر ۾ وکريل آهن
سندس اکين ۾ ڪا خوبصورت شيءِ
چٽي چمڪندي ڏسجي ٿي
اُها شايد چڱائي آهي يا ساهس آهي يا اُميد
تصوير ۾ بابا کنگهي نٿو
وياڪل نٿو ٿئي
سندس هٿن پيرن ۾ درد نٿو ٿئي.
هو جهڪي نٿو، ٺاهه نٿو ڪري
هڪ ڏينهن بابا پنهنجي تصوير جي ڀرسان
بيهي رهي ٿو ۽ سمجهائڻ لڳي ٿو
ڄڻ ماستر ٻارن کي
ڪنهن نقشي جي باري ۾ ٻڌائيندو هجي.
بابا چوي ٿو مان پنهنجي تصوير جهڙو نه رهيو آهيان
پر مون جيڪي نوان ڪمرا ٺاهيا آهن
هن پُراڻي گهر ۾ اُهي تون کڻ
منهنجي چڱائي کڻ اُنهن بُراين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ
جيڪي توکي پنهنجي رستي ۾ ملنديون
تون منهنجي ننڊ نه کڻ منهنجا سپنا کڻ
مان آهيان جو فڪر ڪريان ٿو پريشان ٿيان ٿو
جُهڪندو آهيان ۽ ٺاهه ڪندو آهيان
هٿن پيرن ۾ درد کان ڪنجهان ٿو
بابا وانگر کنگهان به ٿو
ساهس ۽ اُميد جي لاءِ
دير تائين بابا جي تصوير کي ڏسان ٿو.
...........
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
ص و ر
ت ح ا ل
(1)
صورتحال اها آهي ته سڄي دنيا جي اَڌ کان مٿي نه
سهي، پر اڌ آبادي عورتن جي آهي. اسان جي ملڪ ۾ به
اڌ آبادي عورتن جي آهي. سڄي دنيا جون عورتون،
زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري
رهيون آهن. ادب، سياست، صنعت، بزنيس، راندين،
پرفارمنگ، آرٽ، سرڪاري/خانگي نوڪرين ۾ - هر هنڌ -
عورت پنهنجي ڀرپور موجودگيءَ جو احساس ڏياريو آهي.
ايستائين جو عورت پولار (Space)
۾ به وڃي چڪي آهي.
اسان جي ملڪ ۾ ان ڏس ۾ صورتحال سُڌاري جي اڃا
جهڙوڪر پهرين تاڪن تي آهي. توڙي جو اسان جي ملڪ جي
عورت به زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجا فرض
سرانجام ڏئي رهي آهي. ٻني ٻاري ۾، سياست ۾،
ڪارخانن ۾، آفيسن ۾، راندين ۾، درس تدريس ۾، طب ۾،
علم ادب ۾، هر هنڌ هوءَ موجود آهي. رستي تي ڏينهن
تتي جَو، پٿرن ڪٽڻ کان وٺي، هوائي جهاز اُڏائڻ
تائين - هوءَ پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي
نمايان ٿي بيٺي آهي.
Women's Expo
عورتن جي ترقيءَ لاءِ، وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر
نيلوفر بختيار ”وِمين ايڪسپو“ منعقد ڪرڻ جو اعلان
ڪيو آهي. عورتن لاءِ اهو بين الاقوامي نماءُ 13
کان 16 اپريل تائين منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ چئني
صوبن جون نمائنده عورتون شرڪت ڪنديون.
نيلوفر بختيار هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستاني
عورت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي
آهي.
هن چيو ته هاڻوڪي سرڪار کي ويساهه آهي ته ملڪ جي
عورتن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ جيڪو بهرو ورتو آهي
۽ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، اُن جي هاڪاري پاسن کان
اُجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان ڏس ۾، انهن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم گهُرجي، جتي
اُهي گڏجي سگهن، پنهنجن مسئلن تي ڳالهائي سگهن،
پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن. پنهنجن ڪارنامن
تي جشن ملهائي سگهن. عورتن جي ترقيءَ ۽
خودمختياريءَ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهن ۽ پنهنجن سماجي
خدمتن کي اُجاگر ڪري سگهن، پنهنجي سڃاڻپ جو اظهار
ڪري سگهن، جنهن جي نتيجي ۾ سماج جي ميمبر جي حيثيت
۾ پنهنجي لياقت ۽ خودمختياريءَ کي خوشي سان ماڻي
سگهن.
نيلوفر بختيار چيو ته وِمين ايڪسپو هڪ اهڙو ئي
پليٽ فارم آهي، جتي توقع آهي ته 100،000 پاڪستاني
عورتون گڏ ٿي سگهنديون ۽ عورتن جي ترقيءَ واري
وزارت وِمين ايڪسپو منعقد ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي.
ان نماءُ جي هڪ مکيه ڳالهه اها به آهي ته ان ڏس ۾
هڪ هال مختص ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي
”هنرمند“. جنهن ۾ چئني صوبن جون هنرمند عورتون
پنهنجون، گهر ۾ ٺاهيل شيون رکنديون.
ان ريت گهٽ ۾ گهٽ اهو ته فائدو ٿيندو ته پورهيت
عورتن کي نمائندگي ڏيڻ سان سندن همت افزائي ٿيندي.
ان ڏس ۾ هڪ ٽرين پشاور کان ڪراچيءَ تائين هلائي
ويندي، جنهن ۾ هنرمند عورتن جون ٺاهيل شيون نماءُ
لاءِ رکيون وينديون. اها ٽرين 11 اپريل تي پشاور
کان هلندي ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ پهچندي.
سيمينار، ورڪشاپن سان گڏ سِکيا جي ويهڪ پڻ رکي
ويندي. ان موقعي تي سڄي ڏينهن جي هڪ ڪانفرنس جو پڻ
اهتمام ڪيو ويو آهي. (”ڊان“ جي ٿورن سان.)
(2)
هاڻوڪي سرڪار عورتن جي ڀلائيءَ، بهتري ۽ ترقيءَ
لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا آهن. جهڙوڪ: قومي توڙي
صوبائي اسيمبليءَ ۾ انهن جو انگ وڌايو ويو آهي،
ضلعي اسيمبلين کان يونين ڪائونسلن جي سطح تي به
عورتن جو چڱو انگ ميمبر طور موجود آهي، پر عورت
جيڪا ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، ڌيءُ آهي، زال آهي. ۽
انهن سڀني حيثيتن ۾ هوءَ پنهنجا فرض سهڻائيءَ سان
نڀائي رهي آهي. اُن جو ”حال“ مجموعي طور اڄ به
”بدحال“ آهي. هُن کي ته اسين اُهي حق به نه ڏئي
رهيا آهيون،جيڪي اسلام کيس ڏنا آهن. فرق رڳو اهو
آهي ته ”دور جاهليت“ ۾ اُڻ کي ڄمندي ئي نڙيءَ تي
ننهن ڏئي دفن ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي اُڌي ساماڻي
نياڻيءَ کي ”ڪاري“ ڪري بنان ڪفن کڏ ۾ ڦٽو ڪيو ٿو
وڃي! ٻيءَ ڌُر جي ڪنهن ڪونڌر کي ڪُهڻو آهي ته
پنهنجي ڌيءَ، ڀيڻ، زال، ايستائين جو ماءُ تي به
ڪارنهن جو الزام هڻي ان جو سِر قلم ڪيو ٿو وڃي!
اهڙي ئي هڪ ڪڌي رسم ضلعي ”ميانوالي“ ۾ به آهي:
وَني يا سوارا! جنهن ۾ ڏوهي قرار ڏنل ڌُر طرفان
”خون بها“ ۾ پنهنجون نياڻيون ڏنڊ طور ڏنيون وڃن
ٿيون.
”ڊان“ ۾ ان وَني/سوارا جهڙي ڪُڌي رسم تي ايڊيٽوريل
به آيو آهي.
(3)
اڃا ڪي آهين
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ڳالهائيندا آهن ته دل
چوندي آهي ته اُهي ڳالهائيندا رهن ۽ اسين ٻڌندا
رهون. انهن سان جڏهن ذاتي ڪچهري ٿيندي آهي ته
هيٺين لوڪ - سِٽ ياد اچي ويندي آهي:
سَٿَ ويهڻ، موتي پُوئڻ، اِيءُ وينجهارن ڪم!
سو پروفيسر سيد قوي احمد به اهڙن ئي ماڻهن مان
آهي. کيس علم ادب، فلسفي، قرآن، فارسي، اردو
شاعريءَ جو گهرو مطالعو آهي. خاص طور حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ کي قوي صاحب هڪ
مختلف نڪتئه نظر سان پيش ڪري ٿو. مان ۽ امداد قوي
صاحب کي سدائين لطيف تي ڪجهه لکڻ لاءِ چوندا
آهيون. پر قوي صاحب هڪ اڪنامسٽ به آهي ۽ لفظن کي
توري تڪي ادا ڪندو آهي. هن اُم الڪلام پروفيسر
مريم نوحاڻيءَ سان ملهايل شام ۾ جيڪي ڳالهايو آهي،
اُهو هِنئين سين هنڊائڻ جهڙو آهي. اهي املهه لفظ
توهين ”سرتيون“ اپريل 2006ع ۾ ڇپي چڪيون آهيون، پر
هتي مان اُهي وري ورجايان ٿي:
”اسان جي معاشري جڏهن کان دولت کي اوليت ۽ علم کي
ٻيو درجو ڏنو آهي تڏهن کان اسين پوئتي رهيا آهيون
جنهن جو شڪار سڄو ملڪ آهي.“
”آپا مريم سلطانه نوحاڻي اسان جي تهذيب جي علامت
آهي.“
”وڏي عرصي تائين عورتن تي ڀروسو نه ڪرڻ سبب مسلمان
عورتون تعليم ۾ سڀني کان پوئتي آهن. اهي پڙهي نه
سگهيون آهن.“
”اها اقتصاديات جي ستم ظريفي آهي جو عورت جو گهر
سنڀالڻ، ٻچن پالڻ وارو پورهيو ڪٿي به نٿو ڳڻيو وڃي
۽ اُن کي معاشيات کان ٻاهر ڪيو ويو آهي.“
سو ويچاري عورت ”پيٽ - گنديءَ“ تي سڄي زندگي گذاري
ٿي ڇڏي!
(4)
سچ ۽ ڪچ جي ويڙهه ۾
ڪلثوم بِيبِي ۽ نصرت بِيبِي - ٻئي ڀينرون - هاڻي
ته هُو ڪاليج جون شاگردياڻيون آهن. پر جڏهن سندن
ڄمار اڃا 6 سال ۽ 8 سال هئي، تڏهن وَنيءَ/سوارا
رسم پٽاندر سندن نڪاح مقتول جي پُٽن سان پڙهايو
ويو.
ٿيو هيئن ته سندن پيءَ کان خون ٿي ويو. خون جي
عيوضي ۾ هُن پنهنجون ڌيئرون مقتول جي پٽن جي نڪاح
۾ ڏنيون
پر جڏهن اُهي ڀينرون - ڪلثوم بِيبِي ۽ نصرت بِيبِي
لائق ٿيون - ۽ نيکيٽيءَ جو وقت آيو، تڏهن هنن وڃڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻنهي ڀينرن سول ڪورٽ ۾، اهڙي پرڻي خلاف، اپيل ڪئي.
ڪورٽ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو. پر ان فيصلي کي ٻنهي
گهوٽن توڙي قبيلن مڃڻ کان نابري واري.
ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته هو ڪاليج ۾ پڙهن ٿيون، جڏهن
ته جن ماڻهن سان سندن نڪاح وڌو ويو آهي، اُهي
اڻپڙهيل ۽ ڄٽ آهن. اها به خبر پئي آهي ته پيش امام
مذهب جي نالي ۾، اُنهن نياڻين کي وَنِيءَ/سوارا
روايت جي پاسداري ڪندي، پنهنجن مڙسن سان وڃڻ لاءِ
زور ڀري رهيو آهي.
(5)
اسان جو سماج
Male Dominated
آهي. مطلب ته اهو مردن جو سماج آهي. سو جيڪڏهن
”عورتن جي ترقيءَ واريءَ وزارت“ تي به مردن جو
غلبو آهي ته ان ۾ اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ان ڏس ۾
قومي اسيمبليءَ کي اهڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. 7 اپريل،
جمعي جي ڏينهن قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو ته
وزارت ۾ ملازمن جو ڪل تعداد 114 آهي، جن مان 98
مرد حضرات آهن، باقي 16 عورتون آهن! اهڙي ڄاڻ ايم
ايم اي جي رڪن سمعيه راحيلا قاضيءَ جي پڇيل هڪ
سوال جي جواب ۾ ڏني وئي.
(6)
ڪلثوم ۽ نصرت
ڳري دِيت انهن ٻن نياڻين کي وَنيءَ/سوارا جي
سوريءَ تي چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي. مٿي نمبر (2)
۽ (4) ۾ اسان ان سلسلي ۾ لکيو آهي. روزاني ”ڊان“ 8
مارچ تي اهڙي خبر ڇاپي آهي ته دائود خيل پوليس ۽
تر جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ پوڻ تي 170،000 رپيا دئيت
اوڳاڙڻ کان پوءِ مڙسن انهن نينگرين کي طلاق ڏني.
رپورٽون اهي آهن ته اپريل 1985 تي، زمين جي تڪرار
تي، امان الله خان کي دائود خيل جي عطاءَ الله خان
جي خون جي ڏوهه ۾ جهليو ويو. ميانوالي جي سيشن جج
هن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني. ان کان پوءِ ٻنهي ڌرين
جا وڏڙا ۽ هڏ ڏوکي وچ ۾ پيا ۽ منجهن اهو ٺاهه ٿيو
ته متاثر ڌر کي
250,000 ڏنا ويندا ۽ قاتل پنهنجون ٻه ڌيئرون به
مقتول جي ٻن پُٽن کي وَنِيءَ طور ڏيندو.
ڇهن سالن جي ڪلثوم بِيبِيءَ جو ستن سالن جي اڪرام
الله سان ۽ اٺن سالن جي نصرت بِيبِيءَ جو ٻارهن
سالن جي سيف الله خان سان 1990ع ۾ زباني نڪاح
پڙهايو ويو. وقت گذرڻ سان گڏ ڪلثوم ۽ نصرت
گريجوئيشن ڪئي، جڏهن ته اڪرام ۽ سيف اڻپڙهيل ئي
رهيا. ڪلثوم ۽ نصرت اين جي اوز ۽ پوليس ڏانهن رجوع
ڪيو ۽ نيٺ ان مامري جو نبيرو ڏوڪڙن تي ٿيو.
هتي آخر ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته انهن ٻن
نياڻين - ڪلثوم ۽ نصرت - وڏيءَ دليريءَ سان انهيءَ
وَنِيءَ/سوارا روايت سان ويڙهه کاڌي ۽ هڪ ڪُڌي رسم
جي خلاف آواز اُٿاريو. ۽ ان ويڙهه ۾ هو سوڀاريون
ٿيون. سو،- سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ باطل،- جي جنگ ۾، فتح
سدائين سچ ۽ حق جي ئي ٿئي ٿي ۽ ڪوڙ جي مُنهن ۾
اُها ئي ڌُوڙ پوي ٿي. |