شبنم گل
تپش
هوءَ خوبصورت هجئڻ سان گڏ سوشل هئي، شخيت وانگر
سندس ڳالهيون به دلڪش هيون، هوءَ ڳالهائيندي هئي
ته لڳندو هو ته لهرن جو ستل ترنم اوچتو جاڳي پيو
هجي، يا ڪينجهر ڪناري ڪنهن بانسريءَ جي سُرن کي
ڇيڙي ڇڏيو هجي. ائين بانسري، لهرون ۽ هوائون هڪ
لئي تي رقصان ٿي وينديون هجن.
سندس زندهه دلي هئي، جنهن دوستن ۾ کيس مقبول
بڻائي ڇيو هو هوءَ چوندي هئي خاموشي ۽ اداسي ڪنهن
مسئلي جو حل نه پر ان مسئلي ۾ اضافي جو باعث آهن.
آزاد خيال ۽ لبرل هئڻ جي باوجود هوءَ ان آزاديءَ
کي پسند ڪندي هئي، جنهن ۾ انساني اختيار انساني
قدرن کي لتاڙي اڳتي نه وڌي وڃن. اهو ئي سبب هو جو
اڄ تائين هن جو ڪو اسڪينڊل نه ٺهي سگهيو هو. فلرٽ
جي ڄار ۾ ڦٿڪندڙ پنهنجي اڪثر دوستن کي سمجهائيندي
هوءَ چوندي هئي، مرد جا ٺهيل سمورا قانون سندس
فائدي ۾ وڃن ٿا، هو ته
پيدائي عورت کي
Expliot
ڪرڻ لاءِ ٿيو آهي پوءِ ڪير ڄاڻي واڻي سندس وڇايل
ڄار ۾ وڃي ڦاسي ته پوءِ ڪنهنجو ڏوهه!
اُها ئي ساڳي حقيقت پسند روشنا اڄڪلهه افواهن جي
گهيري ۾ هئي،سندس دوستن جي حلقي ۾ زبير به شامل
هو. هو روشنا کي پسند ڪندو هو پر روشنا ڪڏهن به
کيس سٺي موٽ نه ڏني، انهن ئي ڏينهن ۾ زبير جڏهن
کيس مختلف جڳهن تي هڪ خوبصورت نؤجوان سان گهمندي
ڏٺو ته رقابت جي باهه سندس سڄي وجود کي وڪوڙي وئي.
هن اها خبر سندس دوستن ۾ عام ڪري ڇڏي.
”نه اهو ناممڪن آهي“ حسينه قطعي قائل نه ٿي.
اڙي ڇڏ گهڻيون ئي ڏٺيون آهن اهڙيون شريفزاديون
جيڪي ٻاهران پاڻ کي پالش ڪري پيون هلن“ نغمه نڪ کي
موڙو ڏيندي چيو،
”ڪجهه ته خيال ڪيو آخر هوءَ اسان جي دوست آهي“
نائله کي ٻنهي جي ڳالهين تي ڪاوڙ لڳي.
”هونهه! دوست آهي ته پوءِ دوستن تي اعتبار به ته
ڪري يا ائين. . . لڪ ۾ عيش ڪندي وتي“ روشنا کي
پنهنجي حلقي جي ماڻهن جا رويا بدليل بدليل لڳا،
ايتري قدر جو سندس دوست به کيس ڏسي ڳالهائيندي
ڳالهائيندي چپ ٿي ويندا هئا.
هڪ ڏينهن سندس حيرت جي انتها نه رهي. جڏهن سڀني
کان ويجهي دوست کيس چيو.
”ايترا ڏينهن ڪٿي غائب هئينءَ“
”ڇو خير آهي“ لبنيٰ جي انداز کيس منجهائي وڌو.
”ٻڌو آهي اڄڪلهه ڪنهن چڪر ۾ آهين.“
”چڪر. . . !! آخر تون چوڻ ڇا ٿي چاهين.“ هوءَ
پريشان ٿي ويئي،
چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪائي نه لڪندا آهن“
”ڇا مطلب. . . !!“
”مطلب اهو ته سڄي شهر ۾ تنهنجي اسڪينڊل متعلق گرم
گرم خبرون عام آهن،
روشنا سندس ڳالهه ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويئي، لبنيٰ
ڳالهه وڌائيندي چيو.
”ٻڌو آهي ڏاڍي باوقار پرسنالٽي اٿس.“
”هڪدم بڪواس“ سندس چهرو ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو.
ماڻهن توکي ان سان گهمندي ڏٺو آهي، هاڻ لڪائڻ مان
ڪو فائدو نه آهي سچ سچ ٻڌاءِ. . . “
”لبنيٰ! اهو سڀ ڪجهه تون چئي رهي آهين!“ کيس يقين
نه آيو. ”تصويرن سميت ثبوت موجود آهن“
”اوهه مائي گاڊ!“ هوءَ مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهي.
مسز احسن جي گهر ڏنل ڊنر تي جڏهن هوءَ بليڪ فل سوٽ
پهريل هڪ خوبصورت نوجوان سان دروازي کان اندر داخل
ٿي ته سڀني جون نظرون ڏانهس کڄي ويون، سرگوشيون
شروع ٿي ويون.
”واقعي سوچي سمجهي هٿ هنيو اٿس“ نغمه جيلس ٿي چيو،
”ماڻهو سچ ئي چوندا هئا“ نائله جي منهن جو پنو لهي
ويو.
زبير، آصف، ارشاد ۽ سليم هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي طنزيه
انداز ۾ مرڪي پيا، زبير جيڪي تصويرون ڏيکاريون
هيون اهو ئي ساڳيو نوجوان آهي. سڀني دل ۾ سوچيو.
”واهه يار تنهنجي جاسوسي!“ ارشاد سندس پٺي ٽپي ۽
زبير جو ڪنڌ فخر وچان اوچوٿي ويو.
”پاڻ کي خبر نه آهي ڇا سمجهندي هئي، ڪرتوت ڏسوس!“
هڪ ميڪ اپ ۾ ٿڦيل ڪرڙوڍ عورت ٻي عورت جي ڪن ۾
سرگوشي ڪئي.
ان وچ ۾ مسز احسن اڳتي وڌي ٻنهي کي کيڪاريو ۽ کين
وٺي سڄي گروپ ڏانهن آئي.
”هن سان ملو هي منهنجو پياري ۾ پيارو ننڍو ڀاءُ
دانش آهي، پندرهن ڏينهن اڳ آمريڪا مان موٽيو آهي،
کيس جلدي ئي واپس موٽڻو آهي. ان ڪري آمريڪن دوستن
جي فرمائشن جي ڊگهي لسٽ مطابق شاپنگ لاءِ ساڻس
رلندي رهيس، دوستو معاف ڪجو جو ايترو عرصو توهان
جي سويٽ ڪمپنيءَ مان غائب رهيس“
سڄي محفل تي خاموشي طاري ٿي ويئي، سمورن دوستن ۽
ڄاڻ سڃاڻ وارن جي چهرن تي ندامت جو عڪس لهي آيو هو
هڪٻئي تان نظرون چورائڻ لڳا، سڀني جون نظرون بي
اختيار زبير ڏانهن کڄي ويون ۽ زبير کي ائين لڳو ڄڻ
ڪنهن ڀريءَ محفل ۾ کيس چماٽ وهائي ڪڍي هجي سندس هٿ
بي اختيار ڳلن ڏانهن کڄي ويا، جتي چماٽ جي تپش
سندس ڳل کي ساڙِي رهي هئي.!
ترجمو: فرزانه ڀٽي
مظهرالاسلام جون ننڍڙيون ڪهاڻيون
جهرڪيءَ جي پيرن ۾ الجهيل ڌاڳو
هُن کي پراڻيون شيون سٺيون لڳنديون آهن هُو پراڻا
خط گڏ ڪندو آهي.
پراڻا ڪتاب پڙهندو آهي
هن ڪيتريون ئي آڳاٽي زماني واريون شيون جمع ڪري
رکيون آهن، پنهنجون جمع ڪيل پراڻيون شيون ڏيکارڻ
جي لاءِ هو هر روز هڪ نئين ڇوڪريءَ کي پنهنجي گهر
سڏائيندو آهي.
ماٺ
هن کي ٻار وڻندا آهن هوءَ ٻارن سان ڏاڍي محبت ڪندي
آهي. پر جيئن ئي هوءَ ڪنهن ٻار کي پيار ڪرڻ لڳندي
آهي.
هو هڪدم وڏو ٿي ويندو آهي.
اُداسي
ڪارا ڪپڙا
ڀُورا وار
ڪنن ۾ واليون
اکين ۾ سوال
پُروف ريڊنگ
رات ڏاڍو مينهن وٺو ۽ انڌاري آئي هئي، صبح جو
دريءَ تي هن جو کڙڪو ڄميل هو، ڀت تي لانگ ڊسٽنس
ڪال چنبڙيل هئي، مان پوءِ به گهر ڪو نه هيس.
ڪو ٻيو
خبر ناهي، هن جو ٽيليفون نمبر ڪهڙو آهي. هوءَ مون
کي اڪثر فون ڪندي آهي، ڏوراپا ڏيندي آهي، ڪهاڻيون
ٻڌائيندي آهي، دڙڪا ڏيندي آهي ۽ رُسي ويندي آهي –
تنهن مهل فون ڊسڪنيڪٽ ٿي ويندي آهي، پر هوءَ وري
ٻيهر ڪال ڪندي آهي ۽ جڏهن مان فون کڻندو آهيان ته
ڪجهه به نه ڳالهائيندي آهي. مان سمجهي ويندو آهيان
ته اِها هُن جي ئي فون آهي، مان هُن کي پرچائيندو
آهيان ۽ هوءَ پرچي ويندي آهي. پر پوءِ به، جڏهن به
هوءَ ڪٿي ملندي آهي ته مون ڏانهن اِئين ڏسندي آهي،
جهڙوڪر چوندي هجي ته مان اُها ناهيان، جيڪا توکي
فون ڪندي آهي.
مان به هن ڏانهن ائين ڏسندو آهيان، ڄڻڪ هن کي
چوندو هجان، جيڪو تنهنجون ڪالس رسيوِ ڪندو آهي سو
مان نه ڪو ٻيو آهي. |