”فقير“ شهمير خان چانڊيو
مسئلي جو حل!!!
مينهن سڄي رات پوڻ جي باوجود به آسمان صاف نه ٿيو
هو، ڪڪر اڃا به پيشقدمي ڪري رهيا هئا.اها رات،
جيڪا نهايت ڊپ جهڙي هئي ۽ اهو ڊپ ۽ خوف، آسمان ۾
ڪڪرن جي هڪ ٻئي سان ٽڪرجڻ ڪري، هڪ ڌماڪيدار آواز
جي حالت ۾ ذهره جي ننڍڙن ٻارن جي دل ۾ گهر ڪري ويو
هو، سڄي رات ڇرڪ ڀري، روئڻ ۾ ئي گذاري ڇڏي
هئائون. ان گهڙيءَ زهره جي ڪاوڙ جو پارو عروج تي
پهچي چڪو هو. جڏهن زاهد جو پيءُ، ڇت مان ٽمندڙ
مينهن جي پاڻيءَ ۾ به دنيا مافيها کان بي خبر ائين
ستو پيو هو، ڄڻ هو بي جان هو.
”مان چوان ٿي، ته تون ايڏو بي حس ڪيئن بڻجي ويو
آهين. تو تي ته ٻارڙن جي آهن، دانهن جو به اثر نٿو
ٿئي!“ ان گهڙيءَ زهره، زاهد جي پيءُ کي ڌونڌاڙي
اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
”وري ڇا ٿيو!؟“ زاهد جي پيءُ پسيل رليءَ کي منهن
تان هٽائيندي زهره کي ڏسڻ بنا پڇيو.
”ٻارڙا سمهن ڪونه ٿا، تون ڀلا زاهد کي ريجهائي
سمهار، ته مان نجمہ کي ٿڃ پياري سمهاريان. زهره
بيزاريءَ مان چيو.
”تنهنجي ڇا مرضي آهي، ته مان صبح جو نوڪريءَ تي نه
وڃان؟!“
”دنيا سڌري وڃي چنڊ تي پهتي آهي، پر تون نه
سڌرندين!“ زهره ڇوهه مان ائين چئي نجمگہ کي ٿڃ ۽
زاهد کي مٿي تي هٿ سان وارن ۾ آڱريون ڦيرائي
سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
چُلهه آلي ٿيڻ کان بچيل هئي. ڇاڪاڻ ته مينهن پوندي
ئي زهره ان تي تئو رکي ڇڏيو هو. پر ڪاٺيون، جيڪي
زهره اڱڻ مان کڻي، اندر ڪمري ۾ رکيون هيون، سي
البته ڇت مان پاڻي ٽمڻ ڪري ڪجهه آليون هيون؛ ڦوڪون
ڏيئي ڏيئي، زهره جو دم اکڙجي چڪو هو. سندس ڪوشش
اها هئي، ته هوءَ جيئن تيئن ڪري ٻه ٽي لولا ٿڦي ۽
چانهه تيار ڪري وٺي، جيئن زاهد جو پيءُ آفيس ۽
زاهد اسڪول وڃي سگهن.
مائٽ به مون مان بيزار هئا، جو ههڙي سڃي جي حوالي
ڪري ڇڏيائون. . . مان انهن تي بار هيس. سلميٰ کي
سولي هنڌ پرڻائي ڇڏيائون. سندس مڙس هڪ معمولي
ڪلارڪ آهي، ڪورٽ ۾! سڄو گهر سونو ڪري ڇڏيو اٿس ۽
هڪ هيءُ آهي، جو جڏهن به چوانس ٿي، ته ڇت ٽمي پئي
۽ اڱڻ جي ڀت ۾ ڏار پئجي ويا آهن، خدانخواسته ڪري
پئي، ته اوگهڙ ٿيندي ۽ گهر جو ماحول، ڪو مهمان مڙو
اچي ٿو ته پوري فرنيچر نه هئڻ ڪري، عجيب نظر سان
ڏسي ٿو ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٽوڪيندا آهن ته ”ڀيڻ!
مڙسهين ته ڪورٽ ۾ سرشتيدار آهي. ڪورٽ ۾ ته رڳو
ڪمائي ئي ڪمائي آهي. پوءِ ڇو اهڙا حال آهن، تنهنجي
گهر جا!؟“ شرم جي احساس سبب، مان انهن کي ڪهڙو
جواب ڏيان، ۽ فقط ٻن لفظن تي اڪتفا ڪندي آهيان:
”ادي الله وڏو آهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. وقت اچڻ تي“.
پوءِ به مُئو چوندو آهي ته: ”اهو معمولي مسئلو
آهي!“
زهره، زاهد جي پيءُ ۽ زاهد کي نيرن ڪرائي کين
پنهنجن پنهنجن ماڳن تي اماڻڻ کان پوءِ پنهنجي
دستوري سوداءِ مطابق ننڍڙي نجمہ کي ٽٽل پينگهي ۾
آرامي ڪري، گهر جي ڪم ڪندي، پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ
ڪندي رهي. اوچتو در تي ڪنهن ٺڪ ٺڪ ڪئي. زهره،
ٻهاري هٿ مان ڦٽ ڪري، در ڏانهن وڌي، در کوليندي ئي
سندس نظرن پنهنجي ابي ڄائي سلميٰ کي ڏٺو.
”ڀلا ڀاڳ منهنجا، اڄ منهنجي ڀيڻ ڪيئن هن غريب ڀيڻ
جي سار لهڻ لاءِ آئي آهي. مهينن کان پوءِ!؟“ زهره
يڪساهي سلميٰ کي حيراني سان ڏسندي چوڻ لڳي.
”ڀلا اندر اچڻ لاءِ به نه چوندينءَ. اتان ئي
موٽائي ڇڏيندينءَ ڇا؟“ سلميٰ شڪايت واري نموني
زهره کي ٽوڪيندي چيو.
”نه ڀيڻ، ائين ٿورو ئي ٿيندو. مان ته تو کي ڏسي،
خوشيءَ ۾ اهو به وساري ڇڏيو هو، ته تو کي اندر اچڻ
لاءِ چوان.“ زهره ڦڪي ٿيندي چيو ته سلميٰ کي هڪ
ڇنل موڙي تي ويهاريندي وري ڀيڻ کان حال احوال پڇڻ
لڳي: ”هاڻ ٻڌاءِ گرما گرم خبرون؟“
”خبرون ته تون ٻڌاءِ، مان ته سڄي رات تنهنجي ئي
باري ۾ سوچيندي رهي هيس، ته صبح ٿئي ته ڀيڻ جو
حال احوال وٺي اچان ۽ پڇي اچان!“
”ڀيڻ، ڪهڙيون ٿي خبرون پڇين، گهر جو ته حال ڏسين
پئي! مُئي کي جڏهن به چوان ٿي، ته چوي ٿو اهو
معمولي مسئلوآهي“. زهره ٿڌو ساهه ڀريندي ڀيڻ کي
ٻڌايو.
”معمولي مسئلوآهي!؟“ سلميٰ ڪاوڙ مان، زهره کان
ٻيهر ورجايو.
”ها ڀيڻ، چوي ٿو ته: معمولي مسئلو آهي!“
”پوءِ ڇو نٿي تون ان معمولي مسئلي جو حل پڇينس؟“
”ٻه ٽي دفعا پڇيو به اٿمانس، پر وري به ساڳيو جملو
رٽيو اٿس!“
”اڄ اچي، ته نه ڇڏجانس ۽ ڪيئن به ڪري ان معمولي
مسئلي جو حل پڇجانس!“ سلميٰ پنهنجن لفظن کي
وزنائتو بڻائيندي زهره کي چيو.
”نه ڀيڻ، اڄ پڇي ئي رهندي مانس. ڀلا ٻڌاءِ تون ته
ٺيڪ آهين ۽ ادا به ٺيڪ آهي نه! ڪائون مهينو اٿئي؟“
”بس ڀيڻ شڪر آهي الله جو، مان به ٺيڪ آهيان ۽ هُو
به ٺيڪ آهي. ستون مهينو اٿم. ننڍڙي نجمہ ٺيڪ آهي“.
سلميٰ پينگهي ۾ ستل نجمہ کي نهاريندي ۽ ڏهين رپئين
جو نوٽ نجمہ جي پتڪڙي هٿ تي رکندي چيو ۽ ڀيڻ کان
موڪلائڻ لڳي!
”هاڻ ئي آئي آهين ۽ هينئر ئي وڃين پئي. نه چانهه،
نه ماني!“
”تڪڙي آهيان؛ وري ڪنهن ٻي ڀيري اينديس. وڏي مشڪل
سان تو تائين پهتي آهيان. ڪو رڪشا وارو هلڻ لاءِ
تيار ئي نه ٿئي. پر انهن جو به ڏوهه ڪونهي. سڄا
رستا، روڊ ۽ گهٽيون پاڻيءَ سان ٽمٽار لڳيون پيون
آهن. آخر مس مس هڪڙي رڪشا واري هام ڀري، تڏهن مان
هت پهتي آهيان. وڏي ڳالهه ته ڀاڄي ڀتي به وٺڻي
اٿم، متان ڀاڻهين ڪاوڙجي نه پوي، ته مانيءَ کي دير
ڇو ٿي!“
”ٻڙي ڏسو، تون ٿي ڀاڄيون وٺين!؟“ زهره نڪ کي موڙو
ڏيندي حيرانيءَ مان چيو.
”پوءِ ڇا آهي- تنهنجي مرضي آهي، ته اسان زالون
ڀتين جو کاڄ بڻجي وڃون. ڀيڻ! هينئر عورتون، مردن
سان گڏوگڏ هلي رهيون آهن. مان ته رڳو ڀاڄي ٿي
وٺان، پر زالون نوڪريون به ڪنديون آهن. اها ڪا
حيرانيءَ جي ڳالهه ناهي.“ ائين چئي سلميٰ تڪڙيون
تڪڙيون وکون ڀري، دروازي کان ٻاهر نڪري ويئي.
سلميٰ جي وڃڻ کان پوءِ زهره هڪ دفعو وري سوچ جي
دنيا ۾ هلي ويئي. سندس سوچ جو اهو سلسلو تڏهن
ٽٽو، جڏهن کليل دروازي مان زاهد ”امي- امي ڪندو،
کيس اچي ڀاڪر پاتائين. اوهه، ڪافي دير ٿي ويئي
آهي. هُو به اچڻ وارو آهي“. زهره سڀني ڪمن کان
فارغ ٿي وري رڌ پچاءَ جي ڪم ۾ رڌجي ويئي.
اندوران زاهد جو پيءُ به اچي چڪو هو. زهره. سندس
اڳيان ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس رکندي ڀيڻ جو ذڪر
ڇيڙيو.
”ڪيئن آئي هئي؟“ زاهد جي پيءُ زهره کان پڇيو.
سار لهڻ آئي هئي ۽ هميشه جيان وري به اندر ساڙي
هلي ويئي.“
”اهو وري سار لهڻ جو ڪهڙو طريقو، جو اندر ساڙي هلي
ويئي!؟“ زاهد جي پيءُ طنزيه نموني زهره کان پڇيو.
”چيائين پئي ته اڃا تائين گهر نه ٺهرايو اَٿوَ ۽
نه ئي ڊيڪوريٽ ڪيو اٿو!؟“
”پوءِ تو ڇا چيس؟“
”مون چيومانس ته ڀاڻهين چوي ٿو ته اُهو معمولي
مسئلو آهي. مان چوان ٿي ته تنهنجو اهو ”معمولي
مسئلو“ ڪڏهن حل ٿيندو؟“
”ڏس، زاهد جي . . . ماءُ. زاهد جي پيءُ مانيءَ جي
گرهه کي نڙيءَ کان هيٺ لاهيندي ”مسئلي جو حل“
ٻڌائڻ لڳو: جڏهن سج اڀرندو آهي ته لهي به ويندو
آهي. اهڙيءَ طرح رات جي پويان روشني، خزان جي
پويان بهار، اس جي پٺيان ڇانوَ، ڏکن جي پويان سک
به ايندا آهن. مان مڃان ٿو ته مون پنهنجي زندگيءَ
جي ايمانداريءَ جي نصب العين تحت، توکي ۽ ٻچن کي
نه سک ڏنا آهن ۽ نه اوهان جي خواهشن جو احترام ڪيو
آهي. توکي ته خبر آهي، ته مان سرڪاري ملازم آهيان.
مان جڏهن رٽاير ٿيندس، ته جام پئسا کڻي ايندس، پر
تون تڪڙ ٿي ڪرين، ته ٻڌ، تو کي منهنجي گريجوئيٽي،
پينشن ۽ گروپ انشوئرنس جا پئسا تڏهن ملندا، جڏهن
تون . . . . !“
”ها – ها، چئو، جڏهن مان. . . “ زاهده تجسس سان
کيس نهاريندي پڇيو.
”تو چيو پي نه، تنهنجي معمولي ”ممسئلي جو حل“ ڇا
آهي، ته ٿورو زهر آڻي مون کي ڏئي ڇڏ ته گهر جا سڀ
مسئلا حل ٿي ويندا!!!“ |