جاويد عباسي
پيڙائن جي ڳولا
مان گذريل پندرهن منٽن کان ريسٽورنٽ جي ڪنڊ واري
ٽيبل تي ويٺي وشال جو انتظار ڪري رهي هيس، ويٽر کي
چانهه جو آرڊر ڏئي مان وشال متعلق سوچڻ لڳس.
”سوري ڊيئر“ هڪدم وشال مٿان اچي بيٺو ۽ مون کي خبر
ئي نه پئي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، مان موڊ آف ڪري
ويهي رهيس.”ڏس هاڻي، موڊ خراب نه ڪر، سوري چيم نه،
اصل ۾ بريف ڪيس ٺاهڻ ۾ دير ٿي وئي“ وشال هٿ ٻڌي
مون کي پرچائڻ لڳو.
”تون هر دفعي مون کي انتظار ڪرائيندوآهين، هيڏن
ماڻهن وچ ۾ اڪيلي ويٺي مان سٺي ٿي لڳان.“
”سائين هاڻي ڪاوڙ ڇڏ، معافي ڏي.“
”۽ هي بريف ڪيس ڇا جو“.
اصل ۾ ڪراچي ٿو وڃان، آفيس جي ڪم سان، صرف هڪ ڪلاڪ
لاءِ تو وٽ آهيان.“
”بس صرف هڪ ڪلاڪ، مون لاءِ تو وٽ صرف هڪ ڪلاڪ
آهي.پوري هفتي کان پوءِ اڄ مليا آهيون،وشال،اهو به
صرف هڪ ڪلاڪ لاءِ،“
ڏس ڊيئر، تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، جاب ته ڪرڻي آهي
نه.“
”ها، تو کي ته گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، بس مان ئي چري
ٿي ويندي آهيان.“
”هاڻي ناراض ٿي وئين“.
”نه ناراض ته ناهيان. ڀلا گهڻا ڏينهن لڳائيندي.“
”بس هڪ ٻه ڏينهن“.
”مان به تو سان هلان.“
”تون چري ڇا هلي ڪندينءَ.“
بس دل ٿي چاهي، تو سان گڏ هلان، گڏ گهمان.“
”سائين مان ڪو گهمڻ نٿو وڃان. ڪم سان ٿو وڃان.“
مون وشال کي گهڻو ئي چيو، کيس ڪيتريون نه منٿون
ڪيون پر هو انڪار ڪندو رهيو، مان هن سان گڏ نه وڃي
سگهيس، اسان ٿوري دير ريسٽورنٽ ۾ ويهي پوءِ اتان
اٿياسين. وشال ڪراچي هليو ويو ۽ مان اتان ئي اڪيلي
پنهنجي وجود جي بار کي گهليندي گهليندي گهر آيس.
ڪيڏي نه گهٽ ۽ ٻوسٽ هئي. خبر ناهي اها گهٽ اندر جي
هئي يا سڄي وايو منڊل تي اهڙي ڪيفيت طاري
هئي.سوچيان ٿي انسان جو پورو وجود ئي ڏکويل آهي،
انسان ڏک جي مٽيءَ جي پيداوار آهي شايد ان ڪري ئي
هو هن جهان ۾ رڳو خوشين جي ڳولا ۾ رهي ٿو. مون کي
ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو، جنهن چيو هجي مون کي درد
جي ڳولا آهي. مونکي ٻڌايو درد ڪهڙي بازار ۾ ٿو
ملي،هونئن به هر وجود جي تخليق سان ئي هن جو ڏک به
جنم وٺي ٿو. هو تخليق جي پهرين مرحلي ۾ ئي روئي ٿو
۽ هن جو انت به ڏک تي ٿئي ٿو، هو جنم جي پهرين ڏک
کان وٺي انت جي آخري ڏک تائين صرف خوشين جي ڳولا
ڪري ٿو. پوءِ مان ائين ڇو آهيان، مان هر وقت
پيڙائن جي ڳولا ۾ڇو ٿي رهان، پيار ته خوشي آهي،
پوءِ مان پنهنجي وجود اندران خوشي کي ڇو محسوس
نٿي ڪيان وشال مون سان ڪيڏو نه پيار ٿو ڪري، پوءِ
مان ائين ڇو ٿي ڪريان. اڳ ته ائين نه هو. مان هن
سان ڪيڏي نه زيادتي ٿي ڪريان، نه هن ڏي فون ٿي
ڪريان، نه ڪو خط ٿي لکان، نه هن سان ملڻ جو ڪو
بهانو ٿي ڪريان. عجيب لاتعلقييءَ وارو احساس اندر
۾ سمائجي ويو آهي، پيار ۾ پنهنجو پاڻ تي جبر ڪرڻ ۾
ڪيڏي نه وڏي لذت آهي، شايد مان ان لذت جي عادي ٿي
ويئي آهيان. پنهنجي پيار تي جبر، پنهنجي سوچن ۽
خواهشن تي جبر، ائين ٿو لڳي ڄڻ پيار جي حوالي سان
لاڳاپيل سمورا احساس، سمورا جذبا ننڍي ٻار وانگي
فيڊر ملڻ کان پوءِ بي خبري واري ننڊ سمهي پيا هجن.
هن جي پيار ۾ ملندڙ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن منهنجي جذبن
۽ احساسن کي ٿڦڪي ڏيئي سمهاري ڇڏيو آهي. مان اڄ به
هن لاءِ سوچيان ٿي، هن سان ملڻ چاهيان ٿي، هن کي
ڇهڻ چاهيانٿي، پر منهنجي انهن سمورين خواهشن پويان
ڪو اتساهه ناهي، بلڪه ڏک جون ڊگهيون سيمائون آهن،
جيڪي مان اورانگهڻ نٿي چاهيان؟ ان ڪري جو خوشي مٺ
۾ ڀڪوڙيل واريءَ وانگر ٿيندي آهي، جيڪا گهڻي دير
مُٺ ۾ جٽاءُ ناهي ڪندي، هن کي پائي، هن کي ڇهي ڪٿي
مان پنهنجي درد جي دنيا وڃائي نه ويهان، هن جي
پيار ۾ مليل پل پل جون ڀوڳنائون مون کي وڌيڪ عزيز
آهن.
اڄ وشال وري پورن پندرهن ڏينهن کان پوءِ مون سان
اتي ئي ساڳي ريسٽورنٽ جي ساڳي ڪنڊ واري ٽيبل تي
ويٺو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ صدين کان پوءِ مليا هجون.
هن کي ڏسڻ کان اڳ دل ڪيڏي نه تيزيءَ سان ڌڪ ڌڪ ٿي
ڪيو، ڄڻ پهريون ڀيرو محبوب سان ملندي هجان، پنهنجي
انهن احساسن تي سوچيان ٿي، فاصلا ڪيئن نه پنهنجن
کي اجنبي بڻائي ٿا ڇڏين. وشال مون سان ملي ڪيڏو نه
خوش ٿيو هو،هو گذري ويل هڪ هڪ پل متعلق مون کي
ٻڌائي رهيو هو ۽ مان خوش، بس مشڪندي هن کي ڏسي رهي
هيس، ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ ”ها“ ”هون“ ڪري هن کي پنهنجي
هجڻ جو احساس ڏياري رهي هيس.هو ڳالهائيندو آهي مان
هن جون ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌندي آهيان، پر ڪڏهن
ڪڏهن مون کي عجيب وحشت جو احساس ٿيندو آهي، هن جي
ڳالهين مان، چند گهڙين جي هن ملاقات ۾ مان هن کان
هن جون ڳالهيون ٻڌڻ چاهيندي آهيان، هن سان پيار
ونڊڻ چاهيندي آهيان، هن کي پنهنجن مسئلن، اندر جي
اڌمن متعلق ٻڌائڻ چاهيندي آهيان پر هو مون سان
انهن موضوعن تي ناهي ڳالهائيندو.هو صرف پنهنجن
مصروفيتن تي ڳالهائيندو آهي، اڄ آفيس ۾ هيئن ٿيو،
فلاڻي سان مليس، هن هيئن چيو، مون هي ڪيو ۽ الائي
ڇا ڇا. ڪيڏو نه عرصو گذري ويو آهي اسان کي ملندي،
مونکي ياد آهي اڳ اسان پيار تي ڪيڏو نه ڳالهائيندا
هئاسين، پنهنجي مستقبل متعلق ڪيڏو نه سوچيندا
هئاسين، نظرن ئي نظرن ۾ ڪيڏيون نه هڪ ٻئي سان
شرارتون ڪندا هئاسين، راهه ويندي ڪنهن دڪي تي ويهي
ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ بيهي پهرن جا پهر رڳو هڪ ٻئي
کي تڪيندا هئاسين، ڪجهه به نه ڳالهائيندا هئاسين،
پر گهڻو ڪجهه ڳالهائي ويندا هئاسين ۽ اڄ ايترو
ڪجهه ڳالهائندي به ڄڻ من ۾ ڪا خلش رهجي ٿي وئي.
او تون ڪجهه نٿي ڳالهائين“ مان جيڪا پنهنجي سوچن
جي دلدل ۾ ڦاسي وئي هيس، هن جي اوچتي سوال تي ڇرڪي
ويس.
”جي – “ منهنجي بي ڌيانيءَ تي، هن جو منهن لهي
ويو.
”وشال، اسان پورين سچائين سان هڪ ٻئي سان پيار ڪيو
آهي، ڪيو آهي نه“
”ڇا، ان ۾ ڪو شڪ آهي“
”ڏس، پيار ڪرڻ وارن جون دليون مندر ۽ مسجدون
ٿينديون آهن، انهن ۾ ڪنهن به پاپ جو احساس جاڳي
پوي ته انهن جو تقدس پائمال ٿيندو آهي ۽ اهي ڪنهن
وئشيا جو اڏو بڻجي پوندا آهن. تون چوڻ ڇا ٿي
چاهين.“
ڪافي عرصي کان تنهنجي پيار هوندي به منهنجي من تي
پيڙائن جي ڇايا ڇانيل رهي ٿي، الائي مون کي لڳي ٿو
اسان جي پيار ۾ ڪو ڪوڙ شامل ٿي ويو آهي ڪو پاپ ٿي
ويو آهي.“
”تون ائين ڇو ٿي سوچين“؟
”مون کي الائي ڇو لڳي ٿو تون مون کي بي وقوف ٿو
بڻائين، جڏهن کان تون ڪراچي مان موٽيو آهين، تو ۾
بناوٽ اچي وئي آهي، تنهنجون ڳالهيون ڪوڙ ٿيون لڳن.
تون مون کان ڪجهه لڪائي رهيوآهين.ان کان پوءِ تون
هميشه مون کي ڪوڙو لڳو آهين تون شايد هاڻي مون تي
اعتماد نٿو ڪرين، جي ڪرين ٿو ته ٻڌاءِ سچ ڇا هي،
ڪو ڪوڙ آهي يا اهو منهنجو وهم آهي“
پر وشال خاموش رهيو، هڪ ڊگهي خاموشي اسان ٻنهي جي
وچ ۾ حائل ٿي وئي.
”ڇا ان خاموشيءَ کي تنهنجي ڪنهن ڏوهه جو اقرار
سمجهان“
وشال ڪنڌ کڻي هن ڏانهن نهاريو، هن جي اکين ۾
جرڪندڙ لڙڪ هن جي بي وسي ۽ مجرم هجڻ جو ثبوت بڻجي
پيا.
”تون مون کي ٻڌائين ڇو نٿو، جي هاڻي به تو نه
ٻڌايو ته مان رڙيون ڪندس، دانهون ڪندس“ وشال هڪدم
منهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جڪڙي ورتو، ٻئي سڏڪي
پياسون آس پاس جي ماحول کان بي خبر.
”تون مون تي شڪ ٿي ڪرين“
”نه، ڪڏهن به نه، مون تو سان پيار ڪيو آهي وشال ۽
مون پنهنجي پيار کي ڪڏهن به تنهنجي پيرن جي ڪڙي
ناهي بڻايو، مون ڪڏهن به تو کان پنهنجي پيار جي
موٽ ناهي گهري، مان ته بس پنهنجي ئي اعتماد ۾ ڪا
ڪمي ٿي محسوس ڪريان، مان شايد تو کي اوترو اعتماد
ڏئي نه سگهي آهيان.“
تنهنجون سموريون ڀوڳنائون سچيون آهن، اسان جي پيار
۾ هڪ ڪوڙ اچي ويو آهي، پر مان تو کي ٻڌائي نه
سگهنديس، جي مون کي معاف ڪري سگهين ته معاف ڪري
ڇڏ.“
مان هن کي جهنجهوڙڻ لڳس، منهنجو آواز غير معمولي
تيز ٿي ويو.
”ڇو نٿو ٻڌائي سگهين، تو ڇا ڪيو آهي، ڪنهن ٻي عورت
سان پيار ڪري ويٺو آهين، ڪنهن ٻي عورت جي جسم کي
ڇهيو اٿئي، مون کان نفرت اٿئي، مون سان گڏ رهڻ نٿو
چاهين تو ڇا به ڪيو هجي يا ڇا به چاهين ٿو، مون
کي ٻڌاءِ، منهنجي اعتماد کي ائين نه ٽوڙ. مان پوءِ
به تو سان اوتروئي پيار ڪندي رهندم، جيترو اڄ- اهي
ڳالهيون مون لاءِ اهم ناهن.
تون مون کي اعتماد ۾ وٺي ته ڏس. تون ٻڌاءِ ته سهي،
نه ته مان هتان هلي ويندس“ ته به ٻنهي وچ ۾
خاموشي، ۽ ان خاموشيءَ ۾ وشال جا دٻيل دٻيل سڏڪا
منهنجي اذيت ۾ اضافو ڪري رهيا هئا، ماڻهو سموري
جهان سان وڙهي سگهي ٿو، سموري جهان جا عذاب ڀوڳي
سگهي ٿو پر محبوب طرفان مليل ٿوري ۾ ٿوري پيڙا به
هن جي سموري وجود کي ريزه ريزه ڪري ٿي ڇڏي. تون سڏ
ڪندو رهئين ۽ مان اتان هلي آيس. ان ڏينهن کان پوءِ
مون خوشين جي جستجوڇڏي ڏني ۽ پنهنجي وجود کي
پيڙائن جي چادر ۾ ڍڪي ڇڏيو. هونئن به جڏهن ماڻهو
خوشين جي ڳولا ۾ رهندوآهي ته هن جا احساس ۽ جذبا
به تمام حساس ۽ سجاڳ هوندا آهن، ان راه ۾ ملندڙ
ٿوري به اذيت هن کي پهاڙ لڳندي آهي پر جڏهن ماڻهو
پيڙا جي ڳولا ۾ رهندو آهي ته هن جا احساس ۽ جذبا
بي حس ۽ بي خبر رهندا آهن، هو ڏک جو دريا پار ڪري
ويندو آهي ۽ کيس محسوس به نه ٿيندو آهي.
ٻئي ڏينهن مان تنهنجي آفيس آيس. مونکي ڏسي تنهنجي
چپن تي مرڪ تري آئي، مان بلڪل تنهنجي سامهون ويهي
رهيس.
”مون کي پڪ هئي صوبي، تون ضرور موٽي ايندينءَ.“
ها، مون کي اچڻو هو، ڇاڪاڻ جو وشال! مون تو سان
پيار ڪيو آهي“.
پوءِ ڪافي دير تائين اسان ويٺي ڳالهايو، پر ان جي
باوجود به مان پيار ۾ مليل ڏک جي چادر کي اڄ تائين
پنهنجي وجود جي ڪلهن تان لاهي نه سگهي آهيان. مان
اڄ به پيڙائن جي ڳولا ۾ آهيان ۽ انهن کي پنهنجي
چادر ۾ لڪائي رکندي آهيان، اهي پيار ۾ مليل
سموريو پيڙائون مون کي بي حد عزيز آهن. |