امرتا پريتم/ گوري ولڀ
هڪ حسرت- هڪ آهه
ڪرمو لوٽي ۾ لسي وجهرائي ۽ پوءِ اڌ کان به وڌيڪ
ڀريل لوٽي ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي، ”اڄ وڏي سردارڻ
ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هوءَ ٺيڪ ته آهي نه؟“
سردارڻ نهال ڪؤر، جيڪا ڪجهه منٽ اڳ رڌڻي ۾ آئي
هئي، چُلهه تي چڙهيل کيرڻيءَ جي هيٺان باهه جو
ڀنڀٽ ڏسندي، ڪاٺيون پويان سوري ورتيون هيون.
”ويروُ، کيرڻي ڪڏهن ايتري باهه تي به پچندي آهي؟
کيرڻيءَ جي هيٺان ته تمام ڌيمي باهه ڏبي آهي.“
هوءَ ائين چئي، پوءِ چلهه جي ڀرسان ڪاٺ جي صندلي
رکي، مٿانئس ويهي کيرڻيءَ جي ديڳڙيءَ ۾ ڪُڙڇي
گهمائڻ لڳي هئي. صبح جو هُن ڏهيءَ جي چاڏي پاڻ
ولوڙي هئي، پر لسيءَ کي ڇاڻڻ لاءِ ويرؤ کي چيو
هئائين، ڇاڪاڻ جو هن هاڻي ڪجهه دير ساهي پَٽڻ ٿي
چاهي. ڪو غريب غربو آيو ٿي ته ويرُو کين لسي ڏيئي
ڇڏي ٿي.
ڪجهه ٻين غريبن به سوال ڪيو هوندو، پر نهال ڪؤر کي
انهن جي خبر نه هئي. هو اندر ڪمري ۾هئي. پر هن
ڀيري جڏهن هوءَ رڌڻي ۾ ويٺي هئي ته چانئٺ کان ٻاهر
ويٺل ڪرمو جو آواز هن پاڻ ٻُڌو.
”ٺيڪ آهيان، ڪرمو. تون ته خوش آهين نه؟ نهال ڪؤر
اندران ئي وراڻي ڏني. ڪرمو تيزيءَ سان چانئٺ جي
ويجهو اچي اندر جهاتي پاتي ۽ پنهنجي هڪ هٿ سان نرڙ
کي ڇهندي چيائين، ”سردارڻ“ خير هجيئي. سلامت هجين.
اڄ تون ڏسڻ ۾ نه آئينءَ ته مون سوچيو ته سردارڻ
خيريت سان هجي.
نوڪر چاڪر ۽ ڪمي ڪاسبي سڀ سردارڻ نهال ڪؤر تان
گهور ويندا هئا ۽ صدقي ٿيندا هئا. اها ڪا نئين
ڳالهه ڪا نه هئي. پر پوءِ به نهال ڪؤر کي ائين
محسوس ٿيو ته ڪرمو لسي وٺندي ياد ڪيو هو، اُن ۾
ضرور ڪا ڳالهه آهي. نهال ڪؤر جڏهن ڏانهس ڏٺو ته
ڪرمو لوٽي جو منهن ڏانهس ڪري رکيو هو. نهال ڪؤر
سمجهي ويئي ۽ ويرُو ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳي، ”ٻُڌ،
ڪرمو جو لوٽو ڀري ڏيندي ڪر. هن جا لسي، پيئڻ وارا
ننڍا ننڍا ٻار آهن.“
”خدا تو کي گهڻو ڏي. تنهنجي هٿن ۾ ايتري ته برڪت
آهي جو ٻار ٻه ٻه ڀيرا لسي پيو ڇڏين. ”ڪرمو وڌيڪ
لسي وٺندي چيو. جيتوڻيڪ ان مهل لسي ڏيڻ وارا هٿ
ويروءُجا هئا، پر ڪرمو اُن مهل جيڪي ڪجهه چئي رهي
هئي، اُهو نهال ڪؤر جي باري ۾ چئي رهي هئي.
ڪرمو هلي ويئي ته نهال ڪؤر کي سندس دعائون وسري
ويون. پر سندس چيل هڪ لفظ ياد رهجي ويس. ”وڏي
سردارڻ. . .“
نهال ڪؤر هڪ ڏينهن ۾ ”سردارڻ“ مان ”وڏي سردارڻ“
بڻجي ويئي هئي. خبر ناهي ته کيس وڏي سردارڻ چوڻ جو
خيال سڀ کان اڳ ڪنهن کي آيو هو. شايد سڀني کي گڏ
ئي آيو هو. گهرجي نوڪرياڻيءَ کان وٺي ڪارخاني جا
سڀ مُنشي منيب ۽ مزدور کيس ”وڏي سردارڻ“ چوڻ لڳا
هئا. ايتري قدر جو گهر جي مالڪ سردار جيءَ به
ڪالهه کيس ”وڏي سردارڻ چئي سڏيو هو. پوءِ نهال ڪؤر
کي اهو خيال آيو ته ٽيون ڏينهن هن پاڻ ئي ته
نوڪرياڻيءَ کي چيو هو ته وڃ، ”ننڍي سردارڻ“ کي
سندس ڪمري مان سڏي اچ. ننڍي سردارڻ جي موجودگيءَ ۾
سندس وڏي سردارڻ بڻجڻ ضروري هو. نهال ڪؤر کي اهو
خيال آيو ۽ پوءِ ڪيترائي خيال ننڍن ننڍن چانورن
وانگر سندس من جي کير ۾ پچڻ لڳا.
پچندڙ خيالن ۾ هڪ خيال اهو به هو ته ويرُو جڏهن
کان هن گهر ۾ ننڍي سردارڻ بڻجي آئي هئي، تڏهن کان
هوءَ سمهڻ کان اڳ، هڪ فرض وانگر سندس ڪمري ۾ ايندي
هئي ۽ سندس کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي سندس پير
دٻائيندي هئي، نهال ڪؤر کي نه ڪنهن ڌيءَ جي شادي
ڪرائي ساهوري گهر موڪلڻو هو ۽ نه ئي ڪنهن پٽ کي
پرڻائي، ننهن گهر ۾ آڻڻي هئي. پر جڏهن سندس پنهنجي
هٿان پرڻايل پهاڄ سندس پير دٻائيندي هئي ته نهال
ڪؤر کي هاڻي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هُن ڌيءَ به
ڏسي ورتي ته ننهن به، ۽ نهال ڪؤر هڪ ڊگهو ساهه کڻي
مرڪندڙ چپن سان پنهنجو پاڻ کي سرچائي ڇڏيو هو ته
ويرُو سندس ڌيءَ به هئي ته ننهن به.
نهال ڪؤر پنهنجي سردار جيءَ جي ٻي شاديءَ جي لاءِ
اها ڇوڪري ويروُ پاڻ ڳولي هئي، مائٽيون ته سُٺن
گهرن مان به مليون ٿي، پر اهي سڀ مائٽيون سردار
جيءَ کي نه پر سردار جيءَ جي حويليءَ کي ٿي مليون.
سردارجيءَ جي ڪراڙپ کان ڊڄندي جيڪي ماڻهو به مائٽي
کڻي ايندا هئا، اُنهن مائٽي طئي ڪرڻ کان اڳ، حويلي
پنهنجي ڌيءَ جي نالي ڪرائڻ چاهي ٿي. سردار جيءَ
پنهنجي حويليءَ جو وارث ضرور ڳولي رهيو هو، پر هو
حويلي انهيءَ عورت جي نالي نٿي ڪري سگهيو، جنهن کي
وارث شايد الائجي ڪڏهن جنم ڏيڻو هو ۽ في الحال کيس
وارث جي باري ۾ رڳو اڳڪٿي ڪرڻي هئي.
سردار ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. پر
انهيءَ انڪار ۾ هڪ حسرت ۽ هڪ آهه لڪل هئي. نهال
ڪُور اها آهه ٻڌي هئي ۽ هن هڪ غريب گهر جي هيءَ
ويروُ ڳولي پنهنجي سردارجيءَ کي ڏيئي ڇڏي هئي ۽
اُن جي بدلي ۾ سندس حسرت ۽ آهه وٺي ڇڏي هئائين.
هڪ ڏينهن سردارجيءَ ڀت ۾ لڳل پنهنجي لوهي الماري
کولي ۽ گهڻي دير تائين انهيءَ الماريءَ جي اڳيان
بيهي ڪجهه سوچيندو رهيو. ”وڏي سردارڻ ڪيڏانهن ويئي
آهي، سردارجيءَ پريشان ٿي پڇيو.
سردارڻ گهر ۾ نه هئي. سردار جيءَ الماري بند ڪري
چاٻي کيسي ۾ وڌي ۽ ڪارخاني ڏانهن ويندي ويروُ کي
چئي ويو ته نهال ڪؤر جڏهن به گهر ۾ اچي ته هوءَ
هيٺ منشيءَ کي سڏي، سندس هٿان ڏانهنس ڪارخاني ۾
نياپو موڪلي ڏي. جڏهن نهال ڪؤر ويرُو کي ٻانهن کان
جهلي ورتو. سندس ڪلهن کي ٿورو دٻايائين ۽ کيس اندر
وٺي کٽ تي ليٽائي ڇڏيائين. پر ويروُ ڪنبندي ڪنبندي
پنهنجا پير کٽ تان هيٺ لاٿا ۽ رڙي وڃي نهال ڪؤر جا
پير پڪڙيائين.
”سردارڻ، تو مون کي هڪ ڏينهن چيو هو ته مان تنهنجي
ڌيءَ به آهيان ته ننهن به اڄ مون کي پنهنجي ڌيءَ
سمجهي بچاءِ يا ننهن سمجهي.“ ويروُ ٻاڏائڻ لڳي.
هٻڪندي ۽ شرم وچان نهال ڪؤر کي ٻڌايائين ته ڪجهه
ڏينهن اڳ جڏهن سندس ڀاءُ ساڻس ملڻ آيو هو ته کيس
ڪجهه پيسن جي ضرورت هئي. هُن کيس ڪجهه پيسا ڏنا
هئا، پر اُهي تمام گهٽ هئا. انهيءَ ڪري هن
سردارجيءَ جي کيسي مان الماريءَ جي چاٻي ورائي
الماري کولي هئي ۽ منجهانئس چانديءَ جا ٿانوَ ڪڍي
پنهنجي ڀاءُ کي ڏنا هئا.
هيءُ تنهنجو پنهنجو گهر آهي، ويرو، جيڪڏهن تون
پنهنجو گهر پنهنجي هٿن سان برباد ڪندينءَ....“
ڳالهه اڃانهال ڪؤر جي چپن ۾ ئي هئي ته ويرو ڇرڪ
ڀريو.”هيءُ گهر نه مون کي پنهنجو لڳو آهي ۽ نه
لڳندو پر مان تو سان وعدو ٿي ڪريان ته آئيندي مان
هن گهر جي ڪا به شيءَ ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏينديس.
مون انهيءَ ڏينهن غلطي ڪئي. ائين ئي ڪري ڇڏيم. مون
اُن کان پوءِ ڏاڍو پڇتايو هو. اوهان کي خبر آهي ته
منهنجي پيءُ منهنجي شادي مهل منهنجي ڀاءُ جي
ڪاروبار لاءِ اوهان کان ٻه هزار رپيا گهريا هئا ۽
اوهان ٻه هزار رپيا ڏيئي ڇڏيا هئا. منهنجي پيءُ
منهنجي شادي ڪري ڇڏي. مون کي وڪڻڻ ۾ ڪهڙي ڪمي رهجي
ويئي. ٻن هزار رپين عيوض مون کي پوڙهي سردارجيءَ
جي حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجو پيءُ توڙي منهنجو ڀاءُ
منهنجا سڳا ڪٿي آهن. . . . ڪنهن جو گهر ويران ڪري،
سندن گهر ڇو ڀريان....“
”ويروُ!“ نهال ڪور ڇرڪي ويرو جي منهن ڏانهن ڏسڻ
لڳي.
نهال ڪؤر ويرو جي عزت رکي ۽ سردارجيءَ کي چيائين
ته الماريءَ ۾ پيل چانديءَ جا ٿانو ڪڍي پاڻ وٽان
ڪجهه چاندي وجهي، سوناري کي نوان ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ
ڏيئي ڇڏيا اٿم.
سردارجيءَجي پريشاني ختم ٿي ويئي، پر نهال ڪؤر
جڏهن به ويرو ڏانهن ڏسندي هئي ته سندس دل ۾ بي
چئني شروع ٿي ويندي هئي. ويروءَ جون اکيون ڪاريون
۽ ڀوريون هيون. رنگ ڪجهه ڪڻڪائون هئس، پر سانوري
رنگ ۾ جواني سخت اٽي وانگر ڳوهيل هئي. سندس ٻانهون
ويلڻ وانگر گول ۽ سخت هيون. سندس گوشت چپٽيءَ ۾
نٿي آيو. نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ
سردارجيءَ جي جيڪا آهه هن پنهنجي مٿي تي کڻي ورتي
هئي، ويرو اها آهه کانئس وٺي پنهنجي مَن ۾ رکي ڇڏي
هئي.
. . . . ۽ پوءِ ويرو جا ڏينهن ڀرجڻ لڳا. حويلي
ڏاڍي وڏي هئي. پر مبارڪون ايتريون گهڻيون هيون، جو
منجهس ماپي نٿي سگهيون. سردارجيءَ جو پير زمين تي
نٿي پيو ۽ نهال ڪؤر ويرو کي پير پٽ تي رکڻ نٿي ڏنو
پر ماڻهن ايتريون مبارڪون نه سردار کي ڏنيون ٿي ۽
نه ويرو کي جيتريون نهال ڪؤر کي ڏنيون ٿي.
”مان ته ڄمڻ سان ئي کيس پنهنجي گود وٺندس. پوءِ نه
چئجانءِ.مان وڏي سردارڻ آهيان ۽ تون ننڍي. پهريون
ٻاروڏيءَ جو پوءِ جيترن کي جنم ڏيندينءَ، اُهي سڀ
تنهنجا. ”نهال ڪؤر کي خود سمجهه ۾ نٿي آيو ته سندس
دل ۾ به لڪل ڪو ٿورو به دک ڇو نه هو. هن پنهنجي
هٿن سان پنهنجو مڙس هڪ پرائي عورت کي ڏيئي ڇڏيو هو
۽ هاڻي کيس سموري زمين ۽ دولت به هڪ پرائي عورت کي
ڏيئي ڇڏڻي هئي.
اڙي جادوگرڻ مون ڪهڙي گهڙي تو کي پنهنجي ڌيءَ۽
ننهن چيو هو! مان ته سچ پچ هڪ سس ۽ ماءُ وانگر خوش
آهيان. مون کي ته ڪنهن وقت به ياد نٿو رهي ته
تون منهنجي . . . .“ نهال ڪؤر جي انهيءَ ڳالهه تي
ويرو ٽوڪيو هو ۽ کلندي چيو هو، ”سردارڻ، مان کڻي
تنهنجي ڪجهه به نه لڳان، پر اها مون کي خبر آهي ته
مان تنهنجي پهاڄ ناهيان.“
نهال ڪؤر واڍي کان جيڪو پينگهو ٺهرايو هو، انهيءَ
۾ چانديءَ جون گهنڊڻيون ٻڌي ڇڏيائين. بخمل جي ننڍي
سوڙ ٺهرايائي. شهر جو هڪ انگريز آفيسر مهيني جي
موڪلتي ولايت وڃي رهيو هو. ”ولايتي سويٽر ريشم
وانگر نرم هوندا آهن“ . نهال ڪؤر چيو ۽ انهيءَ
انگريز کي ٻه ڀيرا ياد ڏياريو ويو ته هو ننڍا ننڍا
ٻه سويٽر اُتان ضرور وٺيو اچي.
نهال ڪؤر پنهنجي وقت تي پنهنجو پاڻ کي سمجندار ۽
تجربيڪار داين کي ڏيکاريو هو ۽ شهرن جي ڊاڪٽرن کي
پڻ، پر پنهنجي وقت تي هن ڪنهن ديوي يا ديوتا تي
باس نه باسي هئي، جڏهن پورا ٽي ڏينهن ويرو جي
چيلهه ۾ سور ٿيندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن رت جو داغ به
ٿي پيو ته نهال ڪؤر اُنهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو
پنهنجي زندگيءَ ۾ باس باسي.
اهو ناز ڪرڻ جو وقت هو. ويرو جيڪڏهن چاهي ها ته
ڏورانهين هنڌ جي ڪنهن شيءِ جي فرمائش ڪري سگهي ٿي.
سردارجيءَ هاڻي سندس منهن ڏانهن ڏسندو هو ۽ سندس
وات مان نڪرندڙ ڳالهه جو به انتظار ڪندو هو. پر
نهال ڪؤر کي خبر هئي ته ويرو جو مطالبو هاڻي به
ايترو هو ته جيڪڏهن کيس آچار جي ڦاڪ به گهرڻي
هوندي ته هو نهال ڪؤر جي منهن ڏانهن ڏسندي. انهيءَ
ڪري نهال ڪؤر پاڻ ئي ويرو جي دل جي ڳالهه جو خيال
رکندي هئي. انهيءَ وچ ۾ ويرو جيڪڏهن ڪا ڳالهه زور
ڏيئي چئي هئي ته اها ئي چئي هئي ته اڱڻ ۾ گوگڙن جا
ٽنگيل هار لاهي رکو. انهن کي ڏسي منهنجي من ۾ ڪجهه
ٿيڻ لڳي ٿو. گوگڙن جون سُڪل ڦاڪون مون کي ائين
ٿيون لڳن ڄڻ ڪنهن جو گوشت لڳڙو ٿيندو هجي.“ ويرو
ايترو چيو هو ۽ سڪل گوگڙن ڏانهن ڏسي کيس الٽي اچڻ
لڳي هئي.
۽ پوءِ ويرُو جي دل ۾ نه ڄاڻ ڇا آيو. جڏهن کيس
نائون مهينو هو ته هو ضد ٻڌي بيٺي ته هوءَ ويم جا
ڏينهن پنهنجي پيڪي گهر گذاريندي. سردارجيءَ سندس
ضد کي نٿي مڃيو. نهال ڪؤر کيس واسطا وجهندي رهي،
پر ويرُو هٺ چڙهيل هئي ته سندس پيڪي ڳوٺ ۾ هڪ
پوڙهي دائي رهي ٿي، جيڪا ڏاڍي ڏاهي ۽ سمجهدار آهي،
رڳو کيس انهيءَ دائي ۾ ويساهه آهي ۽ ٻئي ڪنهن تي
به نه، کيس اها پڪ هئي ته جيڪڏهن هوءَ هِتي رهي ته
شهر جي ڊاڪٽرياڻين جي هٿان مري ويندي. ”اهو ڊپ
ڏاڍو خراب ٿيندو آهي.“ ڊاڪٽرن به سردارجيءَ کي
صلاح ڏني. پر سردارجيءَ جي دل ۾ ڪو ٻيو ئي ڊپ هو
نهال ڪؤر کي اڪيلائي ۾ وٺي وڃي چيوته ”مون کي ڊپ
آهي ته جيڪڏهن کيس ڌيءَ ڄائيءَ ته سندس ماءُ- پيءُ
اُها ٻئي، ڪنهن جي پٽ سان تبديل ڪري ڇڏيندا. مون
اهڙيون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، کين لالچ هوندي
آهي ته جيڪڏهن پُٽ هوندو ته وڏوٿي ملڪيت جو وارث
ٿيندو.“
”پوءِ انهيءَ جو ته علاج اهو آهي ته ساڻس گڏجي هلي
ٿي وڃان. جيڪڏهن مان ساڻس گڏ هونديس ته دايون ڪجهه
نه ڪري سگهنديون“ نهال ڪؤر سوچيندي چيو.
سردار مڃي ويو. ويروُ به ڪو اعتراض نه ڪيو. نهال
ڪور گهر جي نوڪرياڻيءَ کي به پاڻ سان گڏ کنيو ۽
ويروُ جي پيڪي گهر هلي ويئي.
ويرُو جو ويم مُشڪل ثابت نه ٿيو.هوءَ نوجوان هئي
ته تندرست پڻ. سندس ماءُ ۽ ڀاڄائي ساڻس مذاق
ڪنديون هيون: ”هيءَ ته ائين ئي ڊڄي ٿي. پٽ کي جنم
ڏيڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي. هڪ ڀيرو رڙ ڪري پُٽ کي جنم ڏيئي
ڇڏيندي.“
نهال ڪؤر ويروُ جي پيڪن تي ڪو به بار پوڻ نه ڏنو
هو. هوءَ کُلئي هٿ خرچ ڪندي هئي. سڀئي کيس سردارڻ
سردارڻ چوندي ٿڪبا ئي نه هئا. نهال ڪؤر کلندي
چوندي هئي، ”هڪ ڀيرو رڙ ڪري پُٽ کي جنم ڏي. پر
جيڪڏهن ڌيءَ کي جنم ڏيڻو هجيس ته.....“
”ويروُ جي ڀاڄائي کلندي کلندي چيو، ”ٻه ڀيرا رڙ
ڪري ۽ ڌيءَ کي جنم ڏي.“
”ڌيءَ جي ويل ٻه ڀيرا رڙ ڇو؟، نهال ڪؤر کلندي
پڇيو.
هڪ رڙ تڪليف جي، ٻي رڙ ڏُک جي.“ ويرُو جي ڀاڄائي
چيو، ”خوشي ته پُٽن جي ٿيندي آهي. ڌيئن جي ڪهڙي
خوشي؟“
نهال ڪؤر جي دل ۾ جيتوڻيڪ هڪ ڀيرو سخت سُور جي
سُوٽ اُڀري، ”مون نه هڪ ڀيرو رڙ ڪئي، نه ٻه ڀيرا.
. . “ پر هن پنهنجي مُرڪندڙ چپن سان اها سُوٽ پي
ڇڏي جو سندس سُوٽ سندس منهن ڏانهن ڏسي شرمندي ٿي
ويئي.
۽ پوءِ رات جو ويرُو کي سُور ٿيا ۽ سندس ڏندن
هيٺان دٻيل چپن انهيءَ سُور کي ائين سَٺو جو ٻي
ڪنڊ تائين آواز نه پهتو. سندس رڙ رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻ
۾ آئي ۽ پوءِ دائي ويروُ جي سيرانديءَ کان ويٺل
نهال ڪؤر کي ڏسي چيو، ”سردارڻ، مبارڪ هجيئي. اچ ته
تنهنجي جهولي پُٽ سان ڀري ڇڏيانءِ.“
نهال ڪور پٽکي ۽ مبارڪن کي به جهوليءَ ۾ وجهي
ڇڏيو. ۽ صبح جو جڏهن هوءَ سردارجيءَ کي تار موڪلڻ
لڳي ته ويرُو نهال ڪؤر کي پاڻ وٽ سڏي پنهنجا ٻئي
هٿ سندس پيرن تي رکي ڇڏيا. ”سردارڻ، مان سموري
دنيا، اڳيان ڪوڙ ڳالهائي سگهان ٿي، پر تنهنجي
اڳيان نه. هيءَ پٽ تنهنجي سردارجيءَ جو ناهي.....“
”ويرو!“ نهال ڪؤر کي ائين لڳو ڄڻ سندس زبان ۾ هٻڪ
پيدا ٿي ويئي هجي.
”مان سردارجيءَ سان سچي ناهيان. تو سان سچي آهيان.
جيڪڏهن هن ڇوڪري کي رڳو سردارجيءَ جي اڱڻ ۾ کيڏڻو
هجي ها ته مون کي ڪو به اعتراض نه هو. پر مان
تنهنجي گود ۾ نٿي ڏيئي سگهان. هيءَ تنهنجي گود
لائق ناهي.“ ”هي تون ڇا ٿي چئين،ويرو؟“
”مون جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اهو مذاق مذاق ۾ ڪيو هو.
پر ڪئين ڀيرا مذاق شايد ائين مصيبت بڻجي ويندي
آهي. مان ته توکي سچ ٻڌايان- مان پڇتايان نه پئي.
مون کي ڪو به پڇتاءُ ناهي. جيڪڏهن ڪو پڇتاءُ آهي
ته تولاءِ اٿم.“
”وي .. . رو....“
”سردارڻ، تو کي ياد هوندو ته هڪ ڀيري مان پيڪن
ويئي هيس. گذريل ڀيري. . . اوهان جو منشي مون سان
گڏ آيو هو، مون کي پيڪن سان ملائڻ. . . . هتي سڄي
ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي هئي ته منهنجي مائٽن
پيسا وٺي مون کي هڪ پوڙهي سردارجيءَ سان پرڻائي
ڇڏيو آهي. سردارجي هن ڳوٺ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو.
منهنجو پيءُ مون کي اوهان جي شهر وٺي ويو هو. مان
جڏهن ڳوٺ آيس ته هر ڪنهن مون کان اهو پڇيو ته
سردارجي ڪيترو پوڙهو آهي. مون کي خبر ناهي ته
منهجي من ۾ ڇا آيو، جو مون ڳالهه ٺاهڻ لاءِ چئي
ڇڏيو ته منهنجي شادي ڪنهن پوڙهي سان نه ٿي آهي.
اوهان جو منشي جوان هو. خوبصورت به هو. مون پنهنجي
ساهيڙين کي ٻڌايو ته هُو ئي منهنجو مڙس هو. سڀئي
منهنجي قسمت تي حيران ٿي ويون. منشيءَ کي به اها
ڳالهه ٻڌائي ڇڏيم. هو به چپ رهيو. جڏهن منهنجي
ساهيڙين کانئس ڇَلا گُهريا ته هن سوناري کان
چانديءَ جا ڇلا خريد ڪري کين ڏنا، مان هتي پنج ڇهه
ڏينهن ٽڪيس. هر روز کل مسخري ڪندي مون کي به ائين
محسوس ٿيڻ لڳو ته منهنجي شادي هن سان ئي ٿي هئي،
ڪنهن ٻئي سان نه.“
”اسان جو منشي مدن سنگهه؟“
”هاڻي مان سردارجيءَ جي گهر واپس نه وينديس، ۽ نه
هن ڇوڪري کي وٺي وڃڻو اٿم. مان انهيءَ ڪري ضد ڪري
آئي هيس. منهنجو ڪيتو منهنجي آڏو آيو. سردارڻ مان
تو کان ٻيو ڪُجهه نٿي گهُران، رڳو هڪ شيءِ گُهران
ٿي ته سردارجيءَ کي انهيءَ منشيءَ جو نالو نه
ٻُڌائج، نه ته هو کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندو.“
”پر مدن سنگهه جي ته شادي ٿيل آهي. ويرو، کيس ته
ٻه ٻار به آهن.“
”انهيءَ ڪري ته هو ڊڄي ٿو ته جيڪڏهن سردارجيءَ کي
خبر پئجي ويئي ته هو کيس نوڪريءَ کان جواب ڏيئي
ڇڏيندو. هو مون کي پنهنجي گهر ڪٿي رهائي سگهندو؟
مان کيس نوڪريءَ کان جواب ڇو ڏياريان؟ هو جتي به
هجي، خوش هجي. . . ڇا ٿيو. . . مون هڪ ڀيرو اهو
ته ڏسي ورتو ته جوان ماڻهو ڪهڙو ٿيندو آهي. . . .“
نهال ڪؤر گهٻرائجي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ جڏهن
اکيون کوليون ته ويروُ جي هنج ۾ پيل سندس پٽ سندس
ڇاتيءَ جو کير ڌائڻ لاءِ منهن هڻي رهيو هو.
. . . .۽ نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيو ته سردارجيءَ
جي جيڪا آهه هن پنهنجي ذمي کنئي هئي، ويرو اُها ئي
آهه کانئس وٺي پنهنجي من ۾ رکي هئي ۽ اهو ڇوڪرو
اُن وقت اُهائي آهه ويروءَ جي ڇاتيءَ مان پيئڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو هو.
|