مترجم: مسعود لوهار
اردو افسانه نگار عصمت چغتائيءَ جي آتم ڪهاڻي
منهنجي ڏاڏاڻن جو خيال هو ته آئون سڄي پنهنجي
ناناڻن تي وئي آهيان، ٺپ شيخ، پاڻيءَ جهڙي دال
کائڻ وارا! پر منهنجي ناناڻن جو خيال هو ته آئون
سئو سيڪڙو پنهنجي ڏاڏاڻن تي وئي آهيان،اُها ئي پڦي
جهڙي وال کن ڊگهي زبان واري!
چنگيز خان جي اولاد مان ٻي اميد ڪهڙي ٿي رکي
سگهجي. پر جيڪڏهن امان کان ڪير پڇندو هو ته ٿڌو
ساهه ڀري چوندي هئي: ”نه ڏاڏاڻن جو ڏوهه آهي نه
ناناڻن جو اهي سڀ قسمت جا چڪر آهن“
اهڙي حالت ۾ ڪنهن کي ڏوهه ڏيان. اهو ٻج جنهن مان
منهنجي هستي وجود ۾ آئي، قطئي ٽيڙو ڦڏو نه هو.
ضرور نيپاج ۾ ئي ڪا چڪ ٿي وئي هوندي.
پر مون کي ذاتي طور تي ان ماحول کان ڪا به شڪايت
ڪونهي، جتي منهنجو نيپاج ٿيو. مٽيءَ هاڻن ٻارن جي
وڏي ٽولي ۾ هڪ پيرن اگهاڙي سپاهيءَ وانگر تربيت
پاتم، نه لاڏ ڪوڏ نه نخرو نه تعويذ ڌاڳا ٻڌا ويا ۽
نه ئي ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪنهنجي زندگي جو اهم حصو
محسوس ڪيم.
وڏيون ڀيڻون ته اڳ ۾ ئي پرڻجي ويون، ان ڪري ڀائرن
سان پلجي وڏي ٿيس، راند روند جو زمانو انهن سان
گذريو، ڪڏهن اٽي ڏڪر، ڪڏهن فٽ بال ته وري ڪڏهن
ساڻن هاڪي کيڏي وڏي ٿيس. پڙهائي به انهن سان گڏ
ٿي، سچي پڇو ته اصل ڏوهاري منهنجا ڀائر آهن، جن جي
صحبت ۾ رهي، انهن وانگر ئي آزاديءَ سان سوچڻ لڳس.
اهو ئي سبب هو جو اهو شرم حياءُ، جيڪو وچين طبقي
جي ڇوڪرين ۾ هوندو آهي، مون ۾ پيدا ٿي نه سگهيو.
ننڍي عمر ۾ ئي پوتي اوڍڻ، جهڪي سلام ڪرڻ، شادي
وهانءُ جي ذڪر تي شرمائڻ جي عادت، ڀائرن ڇيڙ ڇاڙ
ڪري پوڻ ئي نه ڏني، سواءِ عظيم ڀاءُ جي سڀ گهر
وارا چاڪ ۽ چوبند هوندا هئا. سڄو ڪٽنب ڀوڳائي ۽
چرچائي هوندو هو. پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چرچا
هنيا ويندا هئا.
بابا پينشن وٺي آگره جي مائٽاڻي گهر ۾ رهڻ لڳو،
کليل هوائڻ ۾ رهڻ ڪري سوڙهي گهر جي نهايت گهٽ واري
ماحول ۾ قطعي مزو ڪو نه ٿي آيو.
ڪٿي فٽ بال ۽ اٽي ڏڪر راند ۽ ڪٿي آگره جي پنجه
شاهي محلي جون پراڻيون گهٽيون ۽ ان ۾ پلجي وڏيون
ٿيندڙ جهڪيل نظرن واريون شرميليون ڇوڪريون، جيڪي
پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ کان ئي ڊچي وڃن، منهنجي انهن
ڇوڪرين سان قطئي نه پئي ۽ نه ئي انهن پوڙهين سان
به جيڪي کُڏ تي مون کي آزاديءَ سان گهمندي ڦرندي
ڏسي حيرت ۾ پئجي وينديون هيون.
”اڙي نوج بُوا! نڇو جي ڇوري به واهه جو سڌري آهه؟“
۽ منهنجي ماءُ نصرت خانم جنهن کي ماڻهو پيار مان
”نڇو“ چوندا هئا، اهي ڳالهيون ٻڌي شرم کان پاڻي
پاڻي ٿي ويندي هئي.
۽ آگره جي انهن مئل گهٽين ۾ مون کي پهريون ڀيرو
ڇوڪريءَ هئڻ جو صدمو پهتو.خدا عورت ڇو پيدا ڪئي؟
مئل، نِستي محڪوم هستيءَ جي آخر ڪهڙي ضرورت هئي؟
ڌوٻڻ روز رات جو مار کائيندي هئي، ڪنڀارڻ کي
روزانو جوتا ملندا هئا، اوڙي پاڙي جون سڀ عورتون
پنهنجي مڙسن کان روز پادر کائينديون هيون ۽ آئون
خدا کان روئي دعا گهرندي هيس ته اي الله سائين مون
کي ڇوڪرو ٺاهي ڇڏ ته آئون به کڏ تي لغڙ اڏائي
سگهان ۽ مارکان. بچيل رهان. گهٽين ۾ ڪوڏي ڪوڏي
کيڏي سگهان ۽ آزاديءَ سان ڀولڙن پويان ڀڄندي
گهمان، پر آگري ۾ رڳو گنديون گهٽيون ئي ڪو نه
هيون، پر ويجها ۽ پري جا سڀ مائٽ به رهندا هئا، جن
کان منهنجي امان ڏاڍي ڊڄندي هئي. جيستائين ٻين
شهرن ۾ رهياسي، آزاد رهياسين، پنهنجي خاندان وارن
۾ اچي ڄڻ ته اسان کي ڏنڊا ٻيڙيون پئجي ويون.
پر مون کي آگره جي انهن شرميلن ۽ دٻيل دٻيل ڇوڪرين
کي مجبورن سرتيون بڻائڻو پيو. مون کي پتو پيو ته
اهي ظاهر ۾ معصوم نظر ايندڙ ڇوڪريون، ڏاڍيون چالاڪ
هيون، لڪي لڪي اهڙا پيون رنگ ڪڍنديون هيون، جو
مولا رحم ڪري! پوڙهين کي چپٽين ۾چريو بڻائي، گهٽين
جي ڇوڪرن سان پيون اکيون ملائينديون هيون.مون کي
ٻچاپڙائي کان ڏاڍي ڪراهت آئي.
آگره جي مڪروهه فضا کان جلد ئي جان ڇٽي ويئ ۽ اسان
عليڳڙهه لڏي وياسين. امان جي به خاندان وارن سان
مڙئي ڪجهه گهٽ لڳندي هئي، عليڳڙهه جي کلي فضا ۾
اسان جي پراڻي زندگي ڄڻ واپس اچي ويئي. . . . اهي
ئي ڪکاوان گهر ۽ نهر جو ڪنارو ۽ سبز ٻنيون ۽ انهن
ٻنين مان ونگيون ۽ بادرنگ چورائڻ، وڻن تي چڙهڻ. .
. .۽ پوءِ مون کي ڇوڪري هجڻ جو افسوس نه رهيو، پاڻ
ڇوڪريءَ هئڻ جا ڪجهه فائدا نظر اچڻ شروع ٿيا.
جهڙوڪ بابا جو حڪم هو ته ڇوڪرين جون چوٽيون نه
پٽيون وڃن ۽ نه ئي انهن جي وارن ۾ آڱريون وجهي
جهٽڪا ڏنا وڃن. ڇوڪريون جيڪڏهن مارين به ته بابا
سان اچي شڪايت ڪرڻ کپي ته انهن کي مناسب سزا ڏني
ويندي، ڇوڪريون ٻيون ڪٿي هيون، هڪڙي آئونئي هئس،
جنهن جون شڪايتون بابا وٽ هر ڏينهن پهچنديون
رهنديون هيون، پر جيئن ته ڀائر ايترا بدنام ٿي
چُڪا هئا، جو سزا انهن کي ئي ملندي هئي، الٽو دڙڪا
به انهن کي ملندا هئا،
علي ڳڙهه اچي عظيم ڀائي جي وجود جو احساس روز
بروز وڌڻ لڳو. خدا ڄاڻي ڇو هن کي هڪدم مون سان
دلچسپي پيدا ٿي پيئي، مون کي ته وڏو ڀاءُ نسيم
شروع کان سٺو لڳندو هو. ان کان مار کائڻ ۾ به ڏاڍو
مزو ايندو هو، ڇو ته هو پئسا ۽ مٺايون به ته ڏيندو
هو. عظيم ڀائي نه ته پئسا ڏيندو هو ۽ نه ئي
ٿڦڙيون هڻندو هو، بنهه سنجيدگيءَ سان ڳالهائيندو
هو.
۽ پوءِ هن مون کي تاريخ ۽ انگريزي پڙهائڻ شروع
ڪئي. اهو ياد نه رهيم ته ابتدا ڪيئن ٿي، پر ايترو
ياد اٿم ته شام جو جڏهن ڪم تان ٿڪجي ٽٽجي گهر
ايندو هو ته اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽي پوندو هو ۽ مون کي
چوندو هو ”زور زور سان پڙهه.“ پوءِ ترجمون درست
ڪندو هو. صورتخطي لکائيندو هو ۽ ان کان پوءِ
ڳالهيون ڪندو هو.ياد ڪو نه اٿم ته ڪهڙين ڳالهين
کان شروعات ٿي. پوءِ ته حديث ۽ قرآن جي باري ۾
ٻڌائيندو هو. سندس پڙهائڻ جو طريقو عجيب هو. ڪو
ناول ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ان جو ترجمو ڪري وٺ،
انگريزي مان اردو ۾ ۽ اردو مان انگريزيءَ ۾ڏهه ڏهه
صفحا ترجمو ڪرائي وٺندو هو. ناولن جي ترجمن ڪرڻ ۾
ڪيترا فائدا هئا، هڪ اهو ته سڄي ناول جي ترجمي ڪرڻ
کان پهرين سڄو ناول پڙهڻو پوندو هو، انهيءَ زماني
کان مون کي ناول پڙهڻ جو شدت سان شوق پئجي ويو.
سڄي سڄي رات ناول پڙهيم، پر ڪجهه سمجهه ۾ ڪو نه
آيم. ان ڪري ٻيهر پڙهڻا پيا. هارڊي اهو پهريون
ناول نگار هو، جنهن کي مون بقول عظيم ڀائي جي پاڻي
۾ ڳاري پي ڇڏيو.
ان زماني ۾ عظيم ڀائي مون کي ايترو متاثر ڪيو جو
آئون بلڪل ان جو نقل بڻجي ويس. جڏهن آئون ڳالهايان
ته سڀ ڇيڙائن ته اها تون نه پر عظيم ڀائي پيو
ڳالهائي ۽ عظيم ڀائي به منهنجي بي سمجهي مان فائدو
ورتو. اها ڳالهه جيڪا هو پاڻ نه ڪري سگهندو هو،
نهايت هوشياريءَ سان منهنجي ڪنن ۾وجهي ڇڏيندو هو ۽
آئون جهٽ م چئي ڇڏيندي هيس، ان دؤر ۾ بقول خاندان
وارن جي هن مون کي خوب ڀڙڪايو منهنجي طبيعت، جيڪا
پهرين ئي خود سر ۽ ضدي هئي، جي پٺڀرائي تي اڃا به
وڌيڪ قابو مان نڪري ويئي.
هو انهن ڏينهن ۾ قانون پئي پڙهيو ۽ گڏوگڏ هڪ
ڪارخاني ۾ نوڪري به پيو ڪندو هو. مضمون به لکندو
رهندو هو. ايتري محنت ڪرڻ جي باوجود رات جو مون کي
ڪيترائي ڪلاڪ پڙهائيندو هو، ڪڏهن بخار ٿي پوندو
هو، ڪڏهن ڇاتي ۾ سُور ٿيندو هو. هن جي زال ۽ ڌيءَ
سندس ڇاتيءَ کي ٽاڪور پيون ڪنديون هيون ۽ هو مون
کي پڙهائيندو هو. هن ڪڏهن به مون کي مٿي ۽ ٽنگن تي
زور ڏيڻ لاءِ نه چيو. ۽ مون به ڪڏهن هن جي ڪنهن
ڪم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. وڏو ڀاءُ هو، مون
کي پڙهائڻ هن جو فرض هو. هڪ ڀيري هن کي ڏاڍي شدت
سان کنگهه جو دورو پيو. ٻه ڪلاڪ ٿي ويا ۽ چند صفحن
وارو ترجمو اڃا پورو نه ٿيو هو ۽ آئون بيزار ٿي
پيس.
”آئون نه ٿي پڙهان توهان وٽ، توهان ايترو کنگهو
ٿا.“ مون سڙندي چيو.
”بيوقوف، ڇا آئون ڄاڻي واڻي ٿو کنگهان“ هن کلي چيو
۽ وعدو ڪيائين ته هاڻ نه کنگهندو. خبر نه آهي، هن
کي منهنجي مستقبل سان ڇو دلچسپي ٿي ويئي هئي.
ميٽرڪ ڪرڻ تي ته ايترو خوش ٿيو جو پنهنجي پٽ جي
پيدا ٿيڻ تي به نه ٿيو هوندو، موڪلن ۾ هن مون کي
پنهنجي گهر گهرائي ورتو، ڇاڪاڻ ته هو انهن ڏينهن
جوڌپور ۾ وڪالت ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ هن مون کي
قرآن جو ترجمو ۽ حديث پڙهڻ ۾ مدد ڪئي،
۽ شايد هن جا افسانا پڙهي پاڻ به لڪي لڪي لکڻ شروع
ڪيم. حجاب اسماعيل، مجنون گورکپوري ۽ نياز فتح
پوري جا افسانا پڙهي ائين لڳندو هو ته اهو سڀ ڪجهه
مون تي گذري رهيو آهي. ۽ پوءِ پاڻ کي افساني جي
هيروئن تصور ڪري نهايت دلچسپ قسم جا واقعا لکڻ
شروع ڪيا.
جهڙوڪ . . . . آئون ڏاڍي خوبصورت آهيان، بلڪل حجاب
اسماعيل جي هيروئن وانگر سنهري وار نيريون اکيون.
. . ڳاڙهي رنگ جي چادر، اوڍي نيم دراز آهيان، هيرو
اچي ٿو. . . . منهنجو پهريون هيرو هميشہ ڊاڪٽر
هوندو هو، شايد انهيءَ ڪري جو ان زماني ۾ صرف
ڊاڪٽر ئي اهڙو غير مرد هو جو گهر ۾ اچي نبض ڏسي
سگهيو ٿي. اهو ڊاڪٽر لازمي طور تي ڏاڍو حسين هوندو
هو. سڄي سڄي رات منهنجي سيراندي کان ويهندو.
منهنجي حالت خراب ٿيڻ تي زارو قطار روئندو ۽
بيتاب ٿي ويندو ۽ منهنجي سهڻي موت تي اوڇنگارون
ڏيئي روئندو ۽ گهڻو ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيندو.
ڪيتريون نه مزيدار هيون اهي ڪهاڻيون! ۽ انهن جي
لکڻ ۾ به ايترو ئي مزو ايندو هو،جيترو دلچسپ
ڪهاڻين پڙهڻ ۾ ايندو هو. جيئن رومانوي ناول هيرو،
هيروئن جي محبت جي گهرائي محسوس ڪري پڙهڻ وارن کي
پگهر اچيو وڃي، اهو حال لکڻ ۾ به ٿئي ٿو. عام طور
تي اهڙيون ڪهاڻيون لکي آئون هميشہ ڦاڙي ڇڏيندي
هئس، ڇو ته مون کي خبر هئي ته اهي ”گنديون“ هيون ۽
جيڪڏهن ڪنهن پڙهي ورتيون ته موچڙا ملندا ۽ بس!
پر خبر ناهي ڇو وري وري لکي ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا پڙهڻ
۾ مزو ايندو هو.ائين لڳندو هو ڄڻ مون نه پر ڪنهن
ٻئي لکيون هجن ۽ واقعي به اهي منهنجيون لکيل نه
هيون ۽ نه ئي منهنجوروزنامچو هيون. پر اهي انهن
ڪهاڻين جو نچوڙ هيون، جيڪي مون کي ڀانءِ پئجي ويون
هيون.
اهڙين ڪهاڻين جو منهنجي سيرانديءَ کان ڍڳ گڏ ٿي
ويو ۽ اهو ئي ٿيو جنهن جو مون کي خوف هو. هڪ ڏينهن
منهنجو ڀاءُ شميم،جيڪو ڄمار ۾مون کان سال ڏيڍ وڏو
هو، منهنجي پلنگ تي ليٽي پيو. سيراندي کان ڪاغذن
جو کڙڪو ٻڌي ڪڍي پڙهڻ لڳو: ”او هو. ..هن جنڙي
ڪهڙيون نه گنديون گنديون ڳالهيون لکيون آهن“.
شميم زور زور سان پڙهڻ لڳو:
”ڊاڪٽر جميل پنهنجو سهڻو هٿ منهنجي سيني تي رکيو ۽
منهنجي گلابي چپن تي......“
آئون پاسي ۾ ئي وهنجڻ جي جاءِ ۾ وهنجي رهي هئس.
مٿي ۾ بيسڻ وجهي چُڪي هئس. افوهه بيان نه ٿي ڪري
سگهان ته منهنجي ڇا حالت ٿي رهي هئي. . . . يا
خدايا! جيڪڏهن هڪڙي سٽ وڌيڪ پڙهيائين ته ٻڏي مرڻ
کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪو نه رهندو
هيبت زده ٿيندي مون وهنجڻ جاءِ مان زور زور سان
رڙيون ڪيون، جو سڄو گهر ڏڪي ويو. ماڻهن سمجهيو ته
نيساري مان نانگ نڪري آيو ۽ مون کي ڏنگي وڌائين.
شميم ويچارو ڪاغذ اڇلائي منهنجي خيريت لاءِ سوچڻ
لڳو.مون ابتا سبتا ڪپڙا پاتا ۽ ٻاهر اچي شميم جو
منهن پٽي ورتم. هو ويچارو حيرت مان وات پٽي بيهي
رهيو. اڳيان هن کي پڙهڻ جو هوش ئي نه هو. هو ته
پاڻ مون کي مئو سمجهي ويٺو هو. مون ان مهل ئي سڀ
ڪاغذ ساڙي ڇڏيا. شميم ڪافي چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون
نهايت گنديون ڪهاڻيون لکيون هيون پر ڌيان نه ڏنو ۽
چيو ته اهي ترجما هئا. هو ويچارو وڏي ڪوڙي طور
مشهور هو. انڪري ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. هاڻ ان
خيال کان ڪوفت ٿيندي آهي ته جيڪڏهن شميم جي بجاءِ
ڪو ٻيو پڙهي وٺي ها ته واقعي قيامت اچي وڃي ها! بس
ان ڏينهن کان توبهه ڪيم ته آئينده اهڙيون بيهوده
ڪهاڻيون لکندم ئي ڪونه جيڪڏهن لکيم به ته هڪدم
ڦاڙي ڇڏيندس.حالانڪه هاڻي جڏهن سوچيان ٿي ته کل
اچيو وڃي،
ڪافي سال ڪجهه نه لکيم. بي – اي کان پوءِ ته دنيا
ئي بدلجيو وڃي. چئن سالن ۾ انسان ڪيترو نه وڏو ٿيو
وڃي. مئٽرڪ کان پوءِچار سال مون ڪورس جا ڪتاب
مجبورن پڙهيا باقي شاعري، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ ناول
پڙهيم.
ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ سواءِ افسانن جي ٻيو ڪجهه
به ذهن ۾ نه رهيو. ملڪ ٽٽو، دنيا وکري ۽ ان سان
گڏ ڪيترائي حسين ۽ نازڪ قدر پڻ چُور چُور ٿي ويا،
مقصدي ادب جي نعري اڃا وڌيڪ منجهائي وڌو، ڇو لکون
۽ ڇا لکون؟
ان مخمسي ۾ پئي ماڳهين رستو وڃائي ويٺاسين. ”انجمن
ترقي پسند مصنفين“ گهڻو ڪم ڏنو ۽ ڪافي ڪجهه
همٿايو، ڪافي نوان ساٿي مليا ۽ پراڻا وڇڙي ويا ۽
پوءِ:
وه شاخ هي نه رهي جس پر آشيانه ٿا.
انجمن ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي، بمبئي گروپ، جنهن ڏانهن
ماڻهن جون نظرون هيون، فلمن ۾ غرق ٿي ويو، ظاهر
آهي ته رڳو رسالن لاءِ لکي روزي نٿي ڪمائي سگهجي.
فسادن متعلق تجربو رڳو ٻڌل ڳالهين تي محدود هو. ان
وقت تائين مون جيڪي به ڪهاڻيون لکيون هيون، انهن ۾
ماءُ، پيءُ، هئائي ڪو نه ۽ جيڪڏهن هئا به بنهه
فضول شئي! انهن کي نظرانداز ڪري پنهنجي پر ۾ انهن
تي فتح حاصل ڪري سگهجي پئي، والدين رستي جون
رڪاوٽون ئي ته آهن، جيڪي اولاد جي رستي ۾ اچي ٿيون
وڃن. ”هيءَ نه ڪر“ ”هو نه ڪر“اڃا تائين منهنجي
دماغ ۾ گونجي رهيا هئا. پوءِ اُهو مضمون لکي مون
پنهنجي ماءُ کي ڏيکاريو. سڀ هن کي اڪيلو ڇڏي
پاڪستان هليا ويا. آئون هن سان ملڻ جوڌپور ويس.
امان اسان جي ذاتي گهر جي سامهون هڪ مختصر ڪمري ۾
منتقل ٿي چُڪي هئي ۽ اسان جو وسيع گهر مهاجرن جي
قبضي ۾ هو. آئون پهتس ته اجڙيل ڪمري ۾ امان ويٺي
هئي. امان کي اسان ٻارن کي پيار ڪرڻ جي ڪڏهن فرصت
نه ملي، مون کي ياد نه آهي ته ان کان پهرين هن
ڪڏهن اهڙي محبت جو اظهار ڪيو هجي. ان مهل مون کي
ڏسي ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. منهنجي
رهائش دؤران مون ڪافي دفعا هن کي ڏٺو هوءَ خاموش
خاموش دريءَ مان پنهنجي پراڻي گهر کي گهوريندي
رهندي هئي، جتي ڀريل ڀريل گهر ۾ اسان سڀ کل خوشيءَ
سان رهندا هئاسين.
مون هن جي عمر طرف ڏٺو. ان اڪيلائي کي ڏٺو ٿلها
ٿنڀرا ڏهه ٻار پيدا ڪري به هوءَ اڪيلي هئي، منهنجي
دل ۾ پيار جو طوفان اٿي پيو. مامتا جاڳي پيئي. مون
پنهنجي ماءُ طرف ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ڌيءَ کي ڏٺم ۽
انهن ٻن هستين جي وچ ۾ پاڻ کي جڪڙيل محسوس ڪيم.
امان کي ڏسي مون کي پهريون دفعو سڄي جهان جي
پوڙهين تي پيار اچڻ لڳو، جيڪي دنيائن کي آباد ڪن
ٿيون، پاڻ مري جنم ڏين ٿيون، ٻارن کي پالي وڏو ڪن
ٿيون، جيڪي ڪجهه انهن تي نڇاور ڪن ٿيون، نه انهن
کان اسٽيمپ تي لکرائن ٿيون، ۽ نه پڪي ڪاغذ جي رسيد
لکرائن ٿيون. . . . هاڻي جيڪڏهن انهن جي پوڙهپڻ جو
خيال ڪندي ڪجهه ڏي ته فرمانبردار آهي ۽ جيڪڏهن
پنهنجي ٻارن ٻچن جي خرچ مان ڪجهه بچائي نه ڏئي
سگهي ته مجبور آهي. پراڻي زماني ۾ وڏن کي ماڻهو
فضول سمجهي زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا، اهو سنسان
پوڙهپڻ ڪيتري خطرناڪ شئي آهي.
۽ اهو به اتفاق آهي ته منهنجي امان سان ملاات ٿي
ويئي ۽ ڪجهه ستل تارون جاڳي پيون. اڃا ڪيتريون ئي
تارون آهن، جيڪي خاموش ۽ مرده ستيون پيون آهن.
ڪنهن کي خبر آهي ته اڃا الائي ڇا ٿئي. جن جي ضرب
سان الائي ڪيتريون ننڊون ڦٽنديون؟ بيٺل پاڻي تي
سينور ڄمي ويندي آهي. هڪ ننڍڙو پٿر سطح تي ڪري ٿو.
. . سينور هٽيو وڃي. جڳمڳائيندڙ دنيا جو عڪس پاڻي
جي سطح تي چمڪڻ لڳي ٿو . . .. ۽ انسان هڪ وک اڳتي
کڻي ٿو. |