سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :14

بهزاد سنڌي

اڃا ياد آهين

شايد هن سڀ ڪيل واعده وساري ڇڏيا. . . سڀ جو سڀ، مون کي ياد آ. مان اونهاري جي موڪل ۾ (جڏهن ڪاليج بند ٿيا هئا) ڪراچي وڃان پيو. بابا چيو  هو ته مامهن وارن کان ٿيندو اچجانءِ. . . پوءِ آئون ڪراچي ماما وارن وٽ وڃي رهيو هئس، رات جو شاهده مون سان ملي ڪا نه سگهي هئي، صبح ٿيڻ تي جنهن ڪمري ۾ آئون ستو پيو هئس ان ۾ ماميءَ سان گڏ شاهده آئي. کلندي چيائين چڱو آيو آهين، امان کي ڦريون، ڦوٽا به کارائي وئين؟ مون ڳوٺاڻي زندگيءَ جي مجبورين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڦريون ڦوٽا ته نه پهچائي سگهيس، پر بِهه کڻي آيو آهيان. پوءِ مان  باٿ مان هٿ ڌوئي اچي ڪمري ۾ويٺس، جتي شاهده چانهه کڻي آئي اڄ منهوڙو گهمائيندينءَ نه . . . .مون هٻڪي هٻڪي چيو. منهوڙو ته ڇا جتي به گهمڻ جو موڊ هجئي. آئون ساٿ ڏيڻ جي موڊ ۾ آهيان. شاهده مون ڏانهن ڏسندي چيو ۽ پوءِ ڊائننگ هال ۾ ناشتي لاءِ سڏ ٿيو. ناشتو ماما، مامي، شاهده ۽ مون گڏجي ڪيوسين. ارباب، شاهده ۽ تون ڀلي منهوڙو گهمي اچو پر منجهند جي مانيءَ تي ضرور پهچجو. . . . ماما سلائيس کڻندي چيو. پوءِ ڊرائيور، شاهده ۽ مان گاڏيءَ ۾ چڙهياسين، اڃا ڪياماڙي بندر تي پهتاسين ته شاهده ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو کولي ڏنو، جنهن ۾ لکيل هو. ساٿ ڪو ڪو نڀائيندو آهي.

ساٿ ڏاڍو نڀائڻ ڏکيو آ

پيار پيارو آ هر هڪ کي پر،

پيار پختو بنائڻ ڏکيو آ.

شاهده، هي به ڪنهن تو جهڙي اڌ مغزيءَ جو شهر هوندو. پوءِ هلڪڙو گلڙن جي  پنکڙين جهڙو ٽهڪ ڏنائين،اوهان سچ کي سمجهو به ڇو. اوهان کي ڪنهن جي احساسن جي ڪهڙي خبر مون مرڪي چيو. . . . اچو. . . .اچو. . . .اچو . . . صاحب هن لانچ ۾ ويهو. هڪڙو ملاح ڇوڪرو سڏڻ لڳو. پوءِ مان ۽ شاهده لانچ ۾ وڃي ويٺاسين. لانچ ۾ شاهده مون ڏانهن ڏسندي ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو. مون شاهده ڏانهن ڏٺو ته سندس ڇاتي سمنڊ جي ڇولين جيان اڀري آئي هئي. سندس چهرو گل مان گلستان ٿي چڪو هو. لانچ ڪناري لڳي گڏجي لٿاسين. ماڻهو ٽولن ۾ ورهائجي ويا، اسان ٻئي سڀني کان بي نياز پوئتي رهجي وياسين. شاهده ننڍپڻ وارا واعده ياد اٿئي، جيڪي ڳوٺ منڇر جي ڪپ تي ويهي ڪيا هئاسين. ها . . .. ها. . . تڏهن ننڍي هئس جو هٿ هٿ ۾ جهلي واعدا وٺندوهئين، هاڻي سوچي سمجهي واعدا ڪبا، شاهده مرڪندي چيو. ٻئي سمنڊ جي ڪناري پاڻيءَ پاند پهچي وياسين. شاهده منهنجي هٿ  ۾ هٿ ڏنو پاڻيءَ جون ڇوليون پوئتي موٽي رهيون هيون، ۽ اسان اڳتي وڌي رهيا هئائسين. اوچتو ڇوليون تڪڙو ڪنارو قبض ڪرڻ لڳيون اسان کي گوڏن کان مٿي پاڻي آيو شاهده مونکي چنبڙي پئي مون کيس آغوش ۾ آڻي چيو ته هاڻي واعدو پڪو يا ڪڍانءِ هٿ. . . نه. . .. نه . . . هٿ نه ڪڍجانءِ پر تون هٿ ڪڍندين ته به مان تو کي ڪٿي ڇڏيندس. . . . مان ته ٻڏنديس پر تو کي به پاڻ سان گڏ وٺيو وينديس. وري جلدي ئي وير واپس هلي ويئي. اسان ڪناري تي ئي  بيهي رهياسين. ارباب . . . .مون پنهنجي واعدن کي وساريو نه آهي، نڪي وسارينديس. باباچاهي  ٿو ته آئون ايم. اي. سي ڪري پوءِ پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪريان پر مون ته اڳي ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. مان تنهنجي آهيان، تنهنجي رهنديس. هي منهنجي پڙهائي جو آخري سال آهي. دلجاءِ ڪر شاهده طنزيه انداز ۾ مون کي طعنو هنيو. مان تنهنجو آهيان، تنهنجو رهندس. دامن تنهنجو ڪين ڇڏيندس. مون شاعرانه انداز ۾چيو. هاڻي ڇڏ اها شاعري هل ته اٺ تي چڙهي سمنڊ جي ڪناري جو سير ڪريون. شاهده سنجيده ٿي چيو. ”اٺ جي مهار مان وٺندس ۽ تون اٺ تي هلي چڙهه.“ شاهده ياد اٿئي ڪيئن پڦڙ غلام جي اٺ تي چڙهي هُئينءَ ۽ اٺ تڪڙو اٿيو تو وڃي ڦهه واريءَ تي ڪيو پوءِ مون ڊوڙي تو کي کنيو هو مون چيو. ها . . . ها. . . اها توئي ته شرارت ڪري اٺ کي چهبڪ هنيو هو. شاهده کلندي چيو. پوءِ اُٺ واري اٺ جهڪايو اٺ جي مهار مون ورتي موٽ تي مان به اٺ تي چڙهيس. ڪيڏو نه وڻندڙ وقت هو. . . موٽي مامي جن وٽ شام جو 4 وڳي پهتاسين. مان ٻئي ڏينهن ڳوٺ روانو ٿيس. شاهده مون کي بس تي ڇڏڻ آئي بس ڇٽڻ ۾ ڪافي دير هئي، اسان ٻئي مٿي سيٽ تي وڃي ويٺاسين دنيا کان ڄڻ دور، بي خبر، بي نياز پتو ئي ڪو نه پيو. . . .خدا حافظ. . . .باءِ . . .. باءِ. . . گاڏي هلي آئون دريءَ کان شاهده کي ڏسندو رهيس. سفر جي دوري آهستي آهستي شاهده جي تصوير کي ڌنڌلو ڪندي نيٺ منهنجي نظرن کان غائب ڪري ڇڏيو. مند ڦري مانڌاڻي وانگر، وقت وهي ويو پاڻي وانگر. . . . سال گذري وياشاهده به ايم .ايس. سي ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. مان ڳوٺان سوکڙيون پاکڙيون کڻي شاهده کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ڪراچي پهتس. پهرين مامي سان مليس. . . . هن وقت ماما جي سلوڪ ۾ قدري تبديلي هئي، جا اڳ محسوس نه ڪئي هئم. مون مبارڪ ڏئي ماما کان پڇيو ماما شاهده ڪٿي آهي.وئي هوندي ڪنهن سهيليءَ سان ملڻ، مان ماميءَ جي ڪمري ۾ ويس اتي شاهده جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ تي ان کي به مبارڪ ڏني، ڪلاڪ جي انتظار کان پوءِ شاهده پهتي. مون کيس هڪ هار به ڏنو ۽ آندل سوکڙيون به سندس سامهون رکيم. شاهده تمام خوش هئي هوءَ، رات جو مون کي فلم ڏيکارڻ ڊرائيوان سئنيما وٺي وئي. انگريزي بهترين فلم هئي. اها پهرين فلم هئي، جنهن جي ڏسڻ سان مون کي به اداڪاريءَ جو شوق جاڳڻ لڳو بهرحال موٽ تي مون شاهده کي پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ۽ ٻڌايو ته مان مٿي ته پڙهي نٿو سگهان ۽ هاڻي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان. تنهنجو ڇا خيال آهي. . . . مسٽر ارباب ايتري جلدي ڇو آهي. آئون به ته نوڪري ڪنديس. ڪراچيءَ ۾ شاهده مرڪندي چيو.  صبح ٿيڻ تي مان ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هئس شاهده کي مامي پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو موٽ تي شاهده مون کي چيو ته مان توهان سان بس تائين نٿي هلي سگهان.  . تون پڦيءَ کي موڪل بابا سان ملي وڃي. . . مان وڌيڪ تو کي ڇا چوان . . . مون فقط هن ڏانهن گهوري ڏٺو هوءَ تمام تڪڙو تبديل ٿي چُڪي هئي.. . . . آئون ڳوٺ واپس آيس ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي مون امان سان شاديءَ جو ذڪر ڪيو، ابا مامهن اڳين ڇوڪري صائمه لاءِ ئي مون کي موٽايو هو، اها تنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالله لاءِ پئي گهريم، ننڍي لاءِ نالي ڪري جڏهن صائمه جوان ٿي ته ڌارين ۾ ڏئي ڇڏيائين. پڻهين ته ان ڏک کان وڃي ئي ڪونه، امان ڏکاري ٿيندي چيو پر امان صائمه ته ادي عبدالله سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هئي.

پر شاهده ته . . . .ها ۽ مان به شاهده سان ئي شادي ڪندس. . . .ابا . . . ڌيئر ڇا چونديون ته مون کي هي يا هو مڙس ڏيو ڌيئر ته شاديءَ جي معاملي ۾ گونگيون گايون هونديون آهن، (امان پنهنجي زماني جي ڳالهه سوچي چيو.) امان. . . . هاڻي ائين ناهي شاهده لکيل پڙهيل ڇوڪري آهي هوءَ پنهنجو آئيندو پاڻ سوچي سگهي ٿي، مون چيو. ابا چوين ٿو ته ترس پڻهين کي راضي ڪريان ته ٻئي گڏجي وڃون. امان آسرو ڏيندي چيو منهنجي گهڻي ستائڻ تي امان بابي کي به راضي ڪيو ۽ ٻئي گڏجي ماما ڏانهن ڪراچي ويا. مگر ماما ڪجهه آسرو ڏئي بابا ۽ امان کي موٽايو، ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ڪارڊ شاهده اوچتو مون ڏانهن موڪليو ڪارڊ جي پٺ تي لکيل هو. ارباب تون منهنجي خوشيءَ ۾ ضرور شامل ٿجان، مون کان ڪارڊ هٿ مان ڪري پيو. امان ڪارڊ کڻندي پڇيو ”ابا ڪنهن جو ڪارڊ آهي“ مان بنا جواب ڏيڻ جي ڪمري مان ٻاهر هليو ويس. رات جو الائي ڪهڙي ٽائيم ننڊ آئي. صبح ٿيو ته امان چانهه کڻي آئي. امان چانهه  رکي منهنجي منهن ڏانهن ڏٺو سڄي رات رئڻ جي ڪري منهنجيون اکيون ڳاڙهيون هيون. ابا مون تو کي پهرين نه چيو هو ته مامهن منهنجي ڳالهه اڳ ئي نه مڃي هئي سو هاڻي ڪيئن مڃيندو. هاڻي ته، مرڻ، جيئڻَ کان به وياسين، امان اهي لفظ چئي روئڻ لڳي مان هٿ منهن  ڌوئي گهران نڪري ويس. اهڙيءَ ريت ويا ورهه لنگهي، پن ڇڻ جي موسم ۾ هڪ ڏينهن آئون نم هيٺان ڪتاب پڙهي رهيو هئس. ارباب. . . او ابا ارباب هاڻي منهنجي هڪڙي آخري خواهش آهي، اڄ ضرور ها ڪرڻي اٿئي، امان اچتو مون کي سڏيندي چيو. امان تو چوندينءَ ته ناناڻن ڏي وٺي هل. آئون ڪو نه هلندس. مون چيو، اڙي نه ابا، مان چاهيان ٿي ته هن ئي مهيني ۾ تنهنجي شادي ڪريان. ابا حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي. ابا مان چاهيان ٿي ته تنهنجي ڪنوار ڏسيو وڃان. اڙي ابا. . . شاهده تنهنجي نصيب ۾ ئي ڪا نه هئي. لکئي جا ليک آهن. . . . سؤ منڱي هڪ پرڻي. . . ان وقت منهنجي ننڍي ڀائٽي روزي امان جي اها ڳالهه ٻڌندي چوڻ لڳي. ”موڙ چاچي جا لاڙئون آڻايان. . . .پارئون گهرايان. . . .امان به لڙڪ اگهي کلي ويٺي، چنڊ جي 15 تاريخ رات جو برادري کي گهرائي تٿ ٻڌي ويئي. سڏ سلو ڏيڻ شروع ٿيا، شاديءَ ۾ اڃا هفتو بچيو ته امان روئي بابا کي چيو ارباب جا پيءُ ادي کي سڏ ته ڏيو متان ڪا ڳڻ ڳڻي. پوءِ سڏڪڻ لڳي. . . ڀلو ٿئي مان ته ويندوسانءِ ڪونه؛ باقي پٽ ۽ تون توهان جي مرضي، وڏي پٽ کي ڀلي موڪل، جيڪڏهن وڃئي! بابي امان کي جهڄندو ڏسي اها اجازت ڏني، صبح ٿيڻ تي ادي عبدالله کي ڪراچي موڪليو ويو. ٻئي ڏينهن شام جو مون دڳ پير تي ادي عبدالله سان ٽانگي تي ٻه پرده پوش عورتون ڏٺيون مان رستي کان پري هئس، منهنجي دل الائي ڇو وسامڻ لڳي. مان ٿوري دير کان پوءِ گهر پهتس. ڏٺم ته مامي خيران ۽ سندس وڏي ڌيءَ صائمه گهر ويٺيون هيون. مون دل کي پڪو ڪري ٻنهي جي مٿي تي هٿ رکيو. . . ابا گهوٽ راجا خوش آهين نه. . . ؟ ماميءَ مون کان پاٻوهه مان پڇيو؛ الحمدالله مامي ٺيڪ آهيان. ڀاڄائي شاهده کي ڪو اولاد آهي؟ امان ماميءَ کان پڇيو. ادي، ٽي ٻار ٿيا اٿس، هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئرون. ان کي ڪا نه وٺي آئينءَ، امان پڇيس. ادي ڀاڻهين مس مس پرتو آهي. شابس هجي ابي عبدالله کي جو ڇڙٻون سهندو رهيو،پر چيائينس تو توکي ڀت ضرور کارائيندس. ڀلي ڇا به چئو پر خالي ڪو نه ورندس. پوءِ ڀاڻج سان ڳراٽي پائي روئڻ لڳو ۽ چيائين ته ٻار ڀلي وٺي وڃ پر آئون نه هلندس. (شاهده وئي هئي ساهرن جي ڳوٺ) ماميءَ سڀ احوال امان سان ڪيا. شادي رات صائمه منهنجا پلو ٻڌا ۽ رئي جو پلاند منهنجي مٿان رکيو. (منهنجي ڀيڻ نه هئڻ ڪري ڀيڻ جا فرائض صائمه بجا آندا) شادي ٿي گذري ٻه ڏينهن صائمه ۽ مامي اسان وٽ رهيون ٽئين ڏينهن امان ۽ بابي کي چوڻ لڳيون ته اسان گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڪراچيءَ وٺي وينداسون. امان چين ته ارباب ساهرن کان ستاوڙو ڪري اچي پوءِ ڪراچي وٺي وڃجو. مامي نه مڙي ان چيو ته مان ٿي ارباب جي ساهرن سان ڳالهايان. صبح ٿيڻ تي ڪراچي وڃڻ جو فيصلو ٿي ويو. صبح جو سوير ٽرين ذريعي ڪراچي روانه ٿياسين. سج لٿي جو ماما جن  جي گهر پهتاسين. ماما مون کي ڀاڪر پائي مليو. مبارڪ ڏنائين ۽ منهنجي ڪنوار کي مٿي تي هٿ رکي چيو ”مائي زرينه ننڍي هئينءَ ته پنهنجي پيءُ اسماعيل سان هت آئي هئينءَ وري اڄ آئي آهين. ماميءَ ماسي (گهر جي نوڪرياڻي) کان پڇيو ”شاهده آئي آهي يا نه. . . ؟ اڄ اچڻي آهي. ڪالهه سندن نوڪر جانو آيو هو. ساهي کڻو  ته فون تي ٻڌايونس ٿا ته ادي ارباب کي ڪنوار سميت وٺي آيا آهيون. صائمه کلندي مون ڏانهن ڏسي چيو، ايتري ۾ ٽيليفون جي رنگ وڳي ماما چيو ارباب پٽ ڏسجان ڪير آ. مون رسيور کنيو. . . هيلو.. . آواز آيو. شاهده پئي ڳالهايان. امان ۽ صائمه آيون آهن؟ آئون دل جو دل ۾ خبر ناهي ڇو هراسجي ويس. ها آيون آهن. تون ڪير پئي ڳالهائين. شاهده تڪڙو رسيور رکي ڇڏيو. ڪير آهي ادا، صائمه پڇيو. شاهده هئي ڀيڻ توهان جو پئي پڇي صائمه ٽيليفون کنئي ۽ شاهده جي گهر جو نمبر ملايو. ۽ شاهده کي ٻڌايو ته اسين آيا آهيون. ارباب کي به ڪنوار سميت وٺي آيا آهيون، تون ڪيڏي مهل ٿي اچين. منهنجي طبيعت خراب آهي. صبح جو ايندس، شاهده چيو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون آئي ته شاهده جي طبيعت خراب آهي، چاچيءَ کي موڪليو. مامي شاهده ڏانهن وئي پر رات تائين ڪا نه موٽي. صبح تي جيئن آئون وهنجي ماما جي ڪمري ۾ويٺس ته مامي به آئي ”ارباب شاهده کي وٺي آئي آهيان. توهان کي دعوت ڏيڻ آئي آهي. سندس مڙس به آيو ٿي پر چيائين ته اڄ ٺٽي ضروري ڪم آهي. شام تي موٽي مهمانن سان ملبو، مامي تڪڙ ۾ سڀ ڪجهه چئي وئي. مامي توهان جا مهمان آهيون. ساڳي ڳالهه آهي، زرينه ۽ ادي صائمه چڪر ڏئي اچن منهنجي دل ۾ سستي وڌندي پئي وڃي آئون اتي آهيان. بابا ڳنڍيو اٿو ته انهن جي سار به لهڻي اٿو. . . مان به ڪاوڙيل ڀيڻ کي پرچائڻ اوهان سان هلندس، ماما چيو: ماما اهڙي ڳالهه نه آهي. آئون وڃان ٿو. (منهنجا چپ خشڪ ٿيڻ لڳا) ابا تو کي ڪنوار گهرايو آهي. آئون ان ڪمري ۾ ويس، جتي زرينه ۽ شاهده ويٺيون هيون. مون جيئن ڪمري ۾ قدم رکيو. شاهده ارباب مبارڪون هجنئين. . . خير مبارڪ اوهان کي به شاديءَ جون مبارڪون هجن، مون به چيو، شاهده مرڪي رهي هئي. مگر سندس مرڪ ڦڪي پئي لڳي. زرينه بي سرتيءَ جي عالم ۾ اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو پئي، منجهند جي ماني تائين اوڀاريون لهواريون ڳالهيون پئي هليون زرينه صائمه سان وڃي ويٺي شاهده مون ڏانهن گهوريندي چيو ”ارباب نه تنهنجي خطا آنه منهنجي خطا آ اسان جي ئي قسمت! منهنجو وياڪل وياڪل چهرو ڏسي شاهده جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. چوڻ لڳي منهنجو ڪو به ڏوهه نه آهي. ۽ هاڻ ماضيءَ کي واري ڇڏ. شاهده ماضيءَ کي وسارڻ تنهنجي وس ۾ آهي ٻڌاءِ تون وساري سگهندينءَ، مون سان گهاريل گهڙيون.

تنهنجي تمنا جو قسم،

مشڪل اٿئي هي مرحلو

مون کي وساري تون ڇڏين،

ايڏو ڪٿي ٿئي حوصلو

سيني ۾ غم جو سلسلو، لب تي تبسم ٿي ڏسين. ڪيڏي نه تون معصوم هئينءَ.

آئون جذبات ۾گهڻو ڪجهه چئي ويس. ايتري ۾ زرينه آئي شاهده تڪڙ پڪڙ ۾ لڙڪ اگهندي چيو مائي ڪنوار بک ته ڪا نه لڳي اٿئي نه، هلو هلو. . . . بابا ماني رکيو ويٺو آهي. صائمه چيو اسان مانيءَ جي ٽيبل تي پهتاسين. ماما انتظار ڪري رهيو هو. امان تون منهنجي ڀرسان ٿي ويهه متان حجاب مان ماني لاهين ئي نه ماما گهڙي گهڙي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. ماني کائي اڃا چانهه پئي پيتي سين ته هڪ پينٽ شرٽ ۾ پوري قد سان شخص آيو سڀ کان اڳ مون سان مليو. هلو پروفيسر قادر. . . . مون به هٿ ملائيندي کيس ”ارباب واهڻي“ چئي پنهنجو تعارف ڪرايو. پروفيسر سڀني کي چئي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته بندو مهمان کي وٺي هلڻ لاءِ حاضر ٿيو آهي. گهر ڌياڻي ته نه هلي نه، صائمه مرڪندي چيو. گاڏيءَ ۾چڙهي شاهده جي گهر پهتاسين. گهر تمام خوبصورت نموني سجايل هو گهر ۾ ويٺاسين ڪچهري ڪندي پروفيسر چيو ”شاهده کان ڪافي اوهان جي شاعري ٻڌي اٿم، ڏاڍو سٺو لکندا آهيو اوهان“ ايتري ۾ ڪافي آئي ۽ پروفيسر پنهنجي هٿن سان ڪافي ٺاهي ڏني ڪافي پيتي سين ڳالهين ڪندي رات ٿي ويئي. شاهده ماني ميز تي لڳائي چيو اچو ماني جو ٽائيم ٿي ويو آهي. اوهان لاءِ مون پاڻ ماني تيار ڪئي آهي. ماني کائيندي پروفيسر چيو ”ڏاڍي شرميلي آهي اوهان جي ڪنوار، ڇا پڙهيل آهي“، سنڌي پنج درجه، مون چيو. ڇو؟ توهان اڃا نياڻين کي پڙهائڻ ۾ عار پيا سمجهو، پروفيسر. سر اسان جي ڳوٺ ۾ ته پرائمري اسڪول به نه آهي. مون چيو ائين ڪچهريءَ ۾ رات گذري ويئي. صبح ٿيڻ تي پروفيسر چيو ته شاهده تون مهمان کي منوڙو گهمائي اچجان، آئون اڄ به ٺٽي پيو وڃان. ناشتو ڪري پوءِ زرينه صائمه شاهده ۽ مان ڪياماڙي بندر تي پهتاسين، لانچون بيٺيون هيون، اسين سڀئي هڪ لانچ ۾ ويٺاسين. اڄ شاهده جي هنج ۾ سندس پٽ انور هو. مون جڏهن شاهده کي گهوري ڏٺو ته سندس جسم ماٺي سمنڊ جيان لٿل هئو، پر سندس چهرو اوترو ئي جاذب نظر ۽ پرڪشش هو. هن ننڍڙي انور کي کلائڻ لاءِ پنهنجو منهن ان جي منهن سان ملايو مون کي اهي سڀ منظر هڪ هڪ ٿي ياد اچڻ لڳا، لانچ ڪناري لڳي ته سڀ کان اڳ صائمه لٿي ۽ پوءِ زرينه به لهي پيئي. مون شاهده کان انور ورتو  جيئن هوءَ آسانيءَ سان لهي سگهي. صائمه ۽ زرينه اڳتي وڌي رهيون هيون مون انور کي کنيو ۽ مان شاهده سان گڏ هلي رهيو هئس. سمنڊ جي ڪناري تي بيٺاسون ”شاهده سمنڊ ۾ هلبو“. نه انور پاڻيءَ کان ڊڄي ٿو، زرينه کي ٿورو پاڻيءَ ۾ اڳتي وٺي وڃي هوءَ به پير ڀڄائي، شاهده چيو، پوءِ زرينه صائمه ۽ مان اڳتي وڌياسين. اڄ پاڻي ڪجهه چڙهيل هو. سمنڊ مست پيو محسوس ٿئي. جيئن ئي هڪ زوردار ڇولي وڌي آئي زرينه هڪدم مون کي چنبڙي ۽ پنهنجو ٽڙيل گل جهڙو چهرو منهنجي ڪنڌ تي رکي بيهي رهي. ايتري ۾ صائمه به رڙ ڪئي ادا ارباب مون کي به هٿ ڏي. مون ان کي به هٿ ڏنو ۽ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري آياسين. مون شاهده ڏانهن نهاريو ته سندس گلابي  ڳلن تان شبنم جا موتي ڪري رهيا هئا. هوءَ هڪدم ٽشو پيپر سان لڙڪ اگهي مون کي سڏڻ لڳي. مون اچڻ سان ئي شاهده کان پڇيو ”اٺ تي چڙهبو“ نه انور ڊڄي ٿو. پوءِ زرينه ۽ صائمه اٺ تي چرهيون ۽ شاهده ۽ مون کي اڪيلي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ جو موقعو مليو. ”ارباب منهنجي دل کي صدمو رسائڻ لاءِ منوڙي تي وٺي آيو آهين ڇا؟ شاهده مرڪندي پڇيو. مون ته ڪو نه چيو هو ته منهوڙي هلون، تنهنجي ڪنوار کي جو گهمائڻو هو، شاهده چيو. تون ته چئين پئي ته ماضي وساري ڇڏيو اٿم، پوءِ ايترو مايوس ڇو آهين، مون چيو. ارباب ماضي وسري نه سگهندو اڄ به سڀ يادون تازيون ٿي ويون آهن. منڇر جي ڪپ تي ڪيل واعدن کان وٺي منهوڙي تي ڪيل اقرار سڀ ياد اٿم. بس اهي يادون ئي ياد رهنديون ڀلا ٻيو ٿيندو به ڇا. پر ارباب ناتن جا سلسلا ٽوڙجانءَ نه، هڪ ٻئي کي ڏسندا ته رهون، مان ڳوٺ اينديس ۽ تون ڪراچي اجانءِ. پاڪ پيار کي ڪو به روڪي نٿو سگهي. ٻي خبر اٿئي ارباب ”هڪ ڏينهن پروفيسر تنهنجو هلچل رسالي وارو شعر کڻي آيو“ جنهن ۾ تو  لکيو هئو (اڃا ياد آهين، اڃا ياد آهين. . . .) چيائين ته شاهده ڪيترو نه سادو آهي جو ماضيءَ کي وساري نٿو سگهي. مون کلندي چيو هو ”پروفيسر صاحب ماضيءَ کي وسارڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي“ ته هن هڪدم مون کي چيو ڇو تون ان کي سڃاڻين ٿي ڇا. ها. . . .! هو منهنجو پڦاٽ آهي. . . .؟ پروفيسر چيو آئون ان جي شاعري پڙهندو آهيان، ڏاڍو ڏکي لکندو آهي. مان لاشعوريءَ جي حالت ۾ چئي ويٺس ”ها هن جي ڏک جي مون کي خبر آهي. ريئلي. . . توکي خبر آهي، ته هو ڪيئن ڏکي ٿيو آهي پروفيسر ڳنڀير ٿيندي چيو. ”ڏک واهڻيءَ جو مقدر ٿي چڪو آهي. . .  شاهده مان ان ماڻهوءَ سان ملندس، تنهنجي شادي ۾ ڪو نه آيو هو؟ پروفيسر پڇيو هو. نه نه منهنجي شاديءَ ۾ نه آيو هو. بس هن جي ماءُ آئي هئي، منهنجي پڦي. . . مون ڳالهه لڪائيندي چيو هو. تو ائين ته نه چيو هو ته ان کي مون ڏک ڏنا آهن، مون هن سان انتها ڪئي آهي، مون هنسان واعده نه پاڙيا آهن، مون شاهده کان سوال ڪيو، ۽ هوءَ چپ ٿي وئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ارباب ڀيرو نه ڀڃجانءِ، ارباب منهنجي عيبن کي نه ڏسجانءِ پوءِ انور جو واسطو وجهڻ لاءِ انور کي منهنجي جهوليءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. مون انور کي  هٿن ۾ کڻي چميو ۽ هر هر چميو.

 

شاعري

استاد بخاري

وائي

 

سِڪَ ۾ ساڳيا ساءَ نه سِيلَ

 

تون تبديل يا مان تبديل؟

تون منهنجي جَرَ ڄَرَ جو ڄائو، توکي ڏيان ڪهڙا تفصيل!

تون تبديل يا مان تبديل؟

مون کي تنهنجي دل ٿي گهرجي، دل ڏي دلبر، ڏي نه دليل!

تون تبديل يا مان تبديل؟

شاهه شهنشاهه سو به گداگر، ڪاٿي ڪيهر، ڪاٿي ڪيلَ!

تون تبديل يا مان تبديل؟

محبت ڌاران ماڻهوئڙي جو، نانءُ نِنائون، ذات ذليل،

تون تبديل يا مان تبديل؟

عشق برابر بيماري، پر، اُن بن آءُ بنهه اڻ کِيلَ،

تون تبديل يا مان تبديل؟

عشق عقل جو بحث ”بخاري“، ڪو به ڪري ڇو ڪنهن جي اِيلَ،

تون تبديل يا مان تبديل؟

 

ليکڪ امتياز ڌارڪر                    مترجم: تنوير جوڻيجو

۽ هڪ ٻي عورت

اڄ صبح جو مارڪيٽ مان هُن سائي ميٿي ورتي

سائي ميٿيءَ جي تازي مُوڙي

۽ پوءِ. . . .

هڪڙي مُوري کنيائين.

تصور ۾ ان جو ذائقو چکيو

ڏندن ۾ خستگي محسوس ڪئي

”پر . . . نه“

”فضول خرچي ٿيندي“

هن ويچاريو.

موري واپس رکي

احتياط سان پئسا ڳڻيا

ساڙهيءَ جي پلاند ۾ ٻڌا

هوءَ واپس آئي

گهر جي ڏيڍيءَ تي.

سس جو ڪروڌ ڀريل مک پسيو

پر ڪا نه ڪڇي

چپ چاپ . . . .رڌڻي ڏانهن آئي

ميٿيءَ جا پن چونڊڻ لڳي

پوءِ هُن

بصر وڍيو.

جيرو ۽ لوڻ ان ۾ وڌو

هنڍيءَ کي چلهه تي رکيو

انهيءَ عرصي اندر

هوءَ لڪائيندي رهي پنهنجو مک باهه جي شعلن کان.

حسب دستور.

شڪايتون ٿينديون رهيون

فضول خرچيءَ جا طعنا ملندا رهيا

مائٽن کي پاراتا ملندا رهيا.

جن کيس

نحوست ڦهلائڻ لاءِ

پرائي در تي اماڻيو هو

حسب معمول . . . ويٺي رهي

چلهه اڳيان. . . .

چپ چاپ. . . ڪنڌ جهڪائي

سندس ور . . . . سندس پتي

واپس وريو.

پر هِنَ، سندس نيڻن ۾ ڪو نه ڏٺو

سندس ڪنڌ ويتر جهڪي ويو

ڇاڪاڻ ته . . . .اُتِ

اوپرائپ هئي . . .ڌاريائپ

ڪجهه به ته . .. نه هو

جو کيس، ڪُڇَڻ جو حق عطا ڪري!

تحفظ جو احساس ڏئي.

هوءَ ڏسندي رهي.

پراڻيءَ هنڍيءَ ڏانهن

۽ ڏسندي رهي

شعلن جو رقص؟

هي ته اهو گهر هو

جت کيس اماڻيو ويو هو

هي ته اهو مرد هو

جنهن سان کيس ٻڌو ويو هو

هي ته اهو متقبل هو

جو کيس ارپيو ويو هو

۽ پوءِ. . .. .

جڏهن هن تي . . . .

تيل هاريو ويو

ته هڪ لمحي

فقط هڪ لمحي. . . .!

سندس اکين ۾ حيراني ٽپڪي

پر کيس، ڪو اختيار به ته نه هو

ڪو به نه.

۽ پوءِ

انڌيري ۾ ڀڙڪندڙ

هڪڙي مشعل

هڪڙي عورت!

جا شعلن جو کاڄ بڻي

اسان پنهنجو مک

پنهنجن هٿن سان

لڪائي ٿا ڇڏيون

ته ڪٿي اها باهه

اسان کي به نه ڳڙڪائي وجهي!

(امتياز ڌارڪر جي شعري مجموعي ”پڙدي“ مان ورتل)


 

 

ارم حسن

ان کان اڳ جو. . . . .

 

ان کان اڳ جو پاڻ وساريون. . . .

ڇو نه  گڏجي يادون ٻاريون؟

جدا جدا جيون راهن تان لنگهندي،

ان کان اڳ جو ساريون يادون.

باقي جيون رک بڻائين،

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

ڪومل ڪومل پنهنجون يادون،

پوپٽ رنگ جهڙيون يادون.

ان کان اڳ جو رنگ وڃائين

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

ان کان اڳ جو گذريل منظر

ايندڙ هر پل زهر بڻائين

هڪ وار ئي گڏجي ڇو نه ڀوڳيون

جو نه گڏجي يادون ٻاريون؟

دل کان روحن تائين جو. . . .

گهاريل گهاريل امر سفر. . . .

ڇو نفرتن ۾ بدلائي،

پنهنجو پاڻ جلايون،

انکان اڳ جو پاڻ وساريون

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

 

 

پشپا ولڀ

منهنجي اندر جي ننڍڙي رُڪي

تنهنجي سهڻي ۽ آسائش واري گهر ۾

رهڻ نٿي چاهي

نفرت آهي هن کي

تنهنجي گهر کان جنهن ۾ سڀڪجهه آهي

ٽي. وي، ڊيڪ، فرج،

ڪچن جي سڀني

شيشي جي المارين ۾ بند

ولايتي گڏين جي رنگين اکين کان

Calculated ۽ Automatic گفتگو کان

Planned گهرن کان

جيڪي پولٽري فارم وانگر آهن

جتي مُرغيون سڀ ڪم ٽائيم ٽيبل تي ڪرڻ کان

سواءِ

ٻارن کي به Planned ۽

ٽائيم ٽيبل تي پيدا ڪنديون آهن

اُها رُڪي وڏي ٿي ساره شگفته بنجي ويندي

۽ گاڏي هيٺ اچي پنهنجي سڀن خوابن کي

هڪ دفعي ۾ چچري ڇڏيندي.

 

 

زيب نظاماڻي

غزل

نيڻ ٿا مرڪن ٻهڪيو من.

ڇيرڙي ڇمڪي ڇنن ڇن ڇن.

 

ڪول ٽڙن ٿا گيت ٻُرن ٿا،

سُرنهن ڦولاري برسيو بن.

 

بسنت رُت جو چولو پائي،

مهڪيوآهي گُلابي بدن.

 

ڪوئل ڪوڪي سُر آلاپي،

سُک جا سانول ساز سُرن.

 

ساڀيا بڻجي ساجن آيو،

چاهه جا چوڏس چنگ چُرن.

 

پريت جي ڌرتي جهمريون پائي،

آس اڱڻ تي دهل وڄن.

 

ڪينجهر بلوچ

غزل

 

روز سپني ۾ اچي ٿو،

ڪيترو پنهنجو لڳي ٿو.

 

ڪيڏو بي قياس آهي،

چين ئي کڻي وڃي ٿو.

 

ڪهڙي ڪارڻ هر گهڙي هُو،

منهنجي سوچن ۾ رهي ٿو.

 

رات جي چانڊوڪيءَ ۾،

چنڊ ڇو مون ڏي تڪي ٿو.

 

هُن کي ڏسندي ئي ڪينجهر،

شعر ڪو سرجي پوي ٿو.

 

فياض مهر

ارپنا

تنهنجن يادن جي نانءُ

جيڪي هر پل، هر گهڙيءَ ۽ هر لمحي

 منهنجي جيءَ ۾ رهن ٿيون ۽

روح ۾ اٿل پٿل پيدا ڪن ٿيون.

تو سان گهاريل پل پل جي نانءِ

جن مون کان

منهنجون ننڊون کسي ڇڏيون آهن

۽ سُک آرام وڃائي ڇڏيو آ.

تنهنجي ان مُرڪ جي نانءِ

جيڪا تنهنجن چپن تي

بهار جي پهرين مکڙيءَ وانگر

ٽڙي پوندي آهي، جڏهن

تون مون وٽ ايندي آن-

لُڙڪن ۽ مُرڪن سميت

ٽهڪن ۽ سڏڪن سميت

منهنجي سڄي حياتي

تنهنجن سڪ ۽ پيار سان ڀريل

انهن نيڻن جي نانءِ

جن مون کي جيئڻ سيکاريو.

 

مسعود لوهار

انڪار

تون،

منهنجي من جي

ويڪرائپ ۾

وڃائجي وئي آهين

پوءِ به پاڻ کان پاڻ

ٿي لڪائين.

۽ ڄاڻي به ٿي

زندگي جا رستا سڀئي

نيست ڏانهن لڙندا وڃن ٿا.

پوءِ به گهوڙن جي ٽاپولين منجهان

خواب پنهنجاٿي ڇڪين

۽ شهر جي هر قصر تي

پنهنجي نالي جي تختي ڏسڻ لاءِ

تون به ڪيڏا ٿي ڏوهه ڪرين

تون جي مون کي

هڪ دفعو

پنهنجي اکڙين ۾ اچڻ ڏين

مان صدي جا سڀ سمنڊ

اڪري وڃان،

۽ تو کي سکن جي شاخ ۾

گلڙو بناءِ، مان ڇڏيان.

پر مون کي آهي پتو

ڪنڌ جي ڌوڻ سان

انڪار جي گولي هڻي

تون ڇڏي ويندين هلي

تون ڇڏي ويندين هلي.

 

ساگر ڀٽي

غزل

آهن ڏينهن ڏکيرا سائين!

وقت جا آهن ڦيرا سائين!

 

جيڪي ٻَهران سُندر ڀاسن،

اندر تن جا ميرا سائين!

 

جيون ٻاٽ انڌيرو، جنهن،

ايندا نيٺ سويرا سائين!

 

صحرائن ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي،

ٿي پيا آهيون کيرا سائين!

 

زخمي دل کي ڪري ويا هاءِ،

تنهنجا نظرن ڇيرا سائين!

 

تو وٽ روز ڏياري پيارا،

مون وٽ گهور انڌيرا سائين!

 

پنهنجي هر هڪ ماڳ مڪان تي

ڌارينجا ڇو گهيرا سائين!


 

 

 

باري ابڙو

وائي

 

ڳل ۾ پارايل

تنهنجن هارن کي

لاهي نه سگهندس

ٻه ٽي ٿورا ڪر!

هيئن هزارن کي

لاهي نه سگهندس

وٺ نه امتحان،

آئون ستارن کي

لاهي نه سگهندس

نڙيءَ ۾ اٽڪيل

تن اظهارن کي

لاهي نه سگهندس.


 

 

خير محمد چنه

غزل

 

لڪير جو مان فقير ناهيان،

نظرن جو مان حقير ناهيان،

 

وڪيل وانگي آڏي پڇا ڪيان،

ڇو ته منڪر نڪير ناهيان.

 

ووٽ هڪ تي قسم کڻان ڇو؟

مان ته مرده ضمير ناهيان،

 

عشق جي ويزا گهري ٿو عاشق،

حسن جو مان سفير ناهيان.

 

پلاٽ پرمٽ مفت ملي پر،

ميمبر يا ڪو وزير ناهيان.

 


 

 

منور ابڙو

غزل

 

يادون ۽ مان ڳالهايون ٿا،

پَرپُٺِ تو سان ڳالهايون ٿا-

 

توڙي ڪوهين ڏوُر هليو وئين،

پوءِ به ڀرسان ڳالهايون ٿا-

 

تو بن ڪيڏو تڙپيو آهيان،

تو وٽ پهچان ڳالهايون ٿا-

 

ڏينهن ٻُسا، راتيون ويڳاڻيون،

موٽي اَچجان ڳالهايون ٿا-

 

پنهنجا سُور، پراوَن ماڻهن،

ساڻ نه سَلجان ڳالهايون ٿا-

 

وڃ ڀلي پر گهڻا ڏهاڙا،

ڏوُر نه رَهجان ڳالهايون ٿا-

 

الطاف سُرهيو

وائي

الاءِ ڇو

سدائين تو

خواهشون منهنجون لتاڙيون اٿئي

وَسِ هوندي

ته بهِ تو

خواهشون منهنجون لتاڙيون اٿئي

پرين آخر

ائين ڇو

خواهشون منهنجون لتاڙيون اٿئي

ڄاڻين ٿي

آهيان تُنهنجو

خواهشون منهنجو لتاڙيون اٿئي

ڇا ٿيو

مون کان ڏوهه؟

خواهشون منهنجو لتاڙيو اٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com