سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :7

 

شگفته شاهه

ٽڙي پوند ٽاريئين ...

”ڪھڙا حال آھن توھان جا؟ ايڏا ڏينھن ٿي ويا توھان وري ڪو حال احوال ئي نه ڏنو پنھنجو!“

”توھان به ته وري فون ڪانه ڪئي، آخري ڀيري جڏھن اسان ڳالھايو ته آءٌ شديد ڊپريشن ۾ ھئس ۽ توھان سان صحيح نموني ڳالھائي به نه سگھيس.“

”توھان جو ڏک سمجھان ٿو. پر اجازت ھجي ته ھڪ مختصر نظم

رات ڪيڏي به ڊگھي ڇو نه

ڏينھن ھر حال ۾ ٿيڻو آھي

تيستائين ته ڪڙو ۽ قاتل

رات جو زھر به پيڻو آھي

توکي ھر حال ۾ جيڻو آھي

مونکي ھر حال ۾ جيڻو آھي!

”واھ! ڪيڏو نه خوبصورت نظم آھي!“ رابيل داد ڏيندي چيو ”ڪنھن جو آھي؟“ ”الاءِ“ فيضان چيو ”مون ھڪ ڦاٽل پنو لڌو ھو، جنھن تان شاعر جو نالو ڦاٽل ھو. مون کي پاڻ شاعر جي نالي جي ڳولا آھي.“ ”مون کي مھرباني ڪري اھو نظم لکايو.“ ”ھا ھا، ڇو نه!“ پوءِ فيضان ھن کي نطم لکائڻ لڳو. ۽ پوءِ چيائين ته ”مون ان وچ ۾ ھڪ ٻه دفعو فون ڪئي ھئي پر لائين dis- connect ھئي.“

رابيل: ”ھا، ڊاڪٽر جي ھدايت موجب شديد ڊپريشن ۾ سڪون جون دوائون کائيندي آھيان ته پوءِ ننڊ گھڻي ايندي آھي ۽ گھر وارا مون کي نه اٿاريندا آھن، ڇو ته کين خبر آھي ته دوائون کائڻ بعد ائين اوچتو اٿارڻ سان منھنجي طبيعت وري خراب ٿي پوندي آھي، انڪري آءٌ فون به dis-connect ڪري ڇڏيندي آهيان چـڱو ڀلا.آئون فون رکان ٿي.“فيضان اداسيءَ ۾چيو:توهان جي مرضي هن وقت منهنجا دوست ويٺا آهن آءٌ انھن جي وڃڻ کان پوءِ وري توھان سان ڳالھايان؟!“

رابيل:”ڇو...؟! ڇا ڪا خاص ڳالھ آھي؟“

”نه ڪا خاص ڳالھ ته ڪانھي.“

رابيل: ”پوءِ ڇا ٿا ڳالھائڻ چاھيو؟“

فيضان: ”سچي پڇو ته اھا خبر ته مون کي به ڪانھي ته رابيل کي ھن جي سادگي ۽ سچائيءَ تي ڏاڍو پيار آيو. ھن به پيار ڀرئي لھجي ۾ چيو:

”ته پوءِ پھرين ته ڪجھ ڏينھن ان تي سوچ ويچار ڪريو ته ڇا ڳالھائڻو آھي. پوءِ فون ڪجو...... Take care .“

رابيل فون رکي ته سندس چھري تي بي اختيار ھڪ خوبصورت مرڪ اچي وئي ھئي.

وقت وري ڦيرو کاڌو رمضان مھينو موٽي آيو ھڪ شام رابيل ۽ گلان افطاريءَ جي تياريءَ ۾ مصروف ھيون ته فون جي رنگ ٻڌي رابيل پنھنجي ڪمري ۾ اچي فون جو رسيور کنيو. فيضان جي فون ھئي هن چيو:

”ڪافي ڏينھن ٿي ويا آھن توھان سان ڳالھ ٻولھ نه ٿي سگھي ھاڻي طبيعت ڪيئن آھي؟“

رابيل: الله جو شڪر آھي، ھاڻي ڪافي بھتر آھي . توهان ٻڌايو ڇا پيا ڪريو.“

فيضان: ”بس اھائي روٽين لائيف. ”ان بعد فيضان ٿوري دير خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين:

”رابيل! ھڪ ڀيرو توھان مون کي ھڪ ڳالھ چئي ھئي جيڪا اڄ ڏينھن تائين ڄڻ منھنجي ذھن ۾ اٽڪي پئي آھي.“

رابيل: (حيران ٿيندي) ”ڪھڙي ڳالھه؟“

فيضان: ”ھڪ ڀيرو توھان مون کي چيو ھو ته توھان مون بابت متضاد ڳالھيون ٻڌيون آھن ۽ پوءِ توھان صفيه ناز جو به ذڪر ڪيو ھو پر پوءِ ڳالھ اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏني ھئي.“

رابيل: ”ڇڏيو فيضان صاحب، مون ته ائين ئي کڻي ڳالھ ڪئي ھئي.“

فيضان: ”توھان اڌوري ڳالھ ڇو ڪئي ھئي؟ پوري ڳالھ ٻڌڻ ٿو چاھيان.“

رابيل: ”ٺيڪ آھي ته پوءِ ٻڌو مون کي ڪنھن ٻڌايو ته توھان جو اسٽوڊنٽ لائيف ۽ ان کان پوءِ بابت اھو تاثر آھي ته توھان بگڙيل رئيس زاده رھيا آھيو ۽ ڪجھ ڇوڪرين سان به وقت به وقت توهان جو نالو منسوب رھيو آھي جن ۾ ھاڻي صفيه ناز به شامل ٿي چڪي آھي.“

فيضان: (ڪاوڙ ۾) ”اھو ڪوڙ آھي، فضول ماڻھن جو ته ڪم ئي اھڙيون ڳالھيون ٺاھڻ آھي، منھنجي توھان سان فقط ھڪ Request آھي ته توھان وٽ پنھنجون اکيون آھن ۽ پنھنجو ذھن آھي انڪري مون کي اھڙن ماڻھن جي نظرن ۽ ذھن سان نه پرکجو پر پنھنجون اکيون کولي مون کي ڏسجي ۽ پنھنجي عقل سان سوچي سمجھي مون بابت ڪا راءِ قائم ڪجو.“

رابيل پريشان ٿي وئي پوءِ ھن چيو: ”چڱو فيضان صاحب وري پوءِ آرام سان ڳالھائينداسين. آءٌ ھن وقت افطاريءَ جي تياريءَ ۾ مصروف آھيان.“

فيضان: ”اوھ آءِ ايم سوري، مون توھان کي ڊسٽرپ ڪيو. آءٌ ڪنھن ڏينھن اھڙي ٽائيم تي فون ڪندس جنھن وقت توھان واندا ھجو.“

ھن فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل وري ڪچن ۾ اچي ڪم ۾ مصروف ٿي وئي. ائين وري ڪيئي ڏينھن گذري ويا. رمضان جو آخري ھفتو ھلي رھيو هو. رابيل پنھنجي ڪمري ۾ ھئي ۽ عشاء جي نماز پڙھي اڃا اٿي ئي ھئي ته فون جي رنگ وڳي. ھن فون تي ڳالھايو. فيضان جي فون ھئي. رسمي حال احوال وٺڻ کان پوءِ ھن پڇيو:

”ڏيو خبر عيد جي تياري ڪريو پيا.“

رابيل ڏک مان چيو: ”اسان جون ڪھڙيون عيدون! خير ڇڏيو ان ڳالھ کي مون کي ياد آيو، اڄ اسان جو پٽيوالو جيڪو توھان جي ڳوٺ جو ئي آھي، تنھن ڳالھين ڳالھين ۾ اوچتو توھان جو ذڪر ڪيو ۽ توھان جي ڏاڍي تعريف پيو ڪري. ھن ٻڌايو ته توھان اڪثر غريب ڳوٺاڻن جي واھر ڪندا رھندا آھيو... ۽ اھو به ٻڌايائين ته توھان جي ڳوٺ ۾ ھڪ اسپتال ۽ اسڪول پڻ توھان جي ڪوشش سان ئي کليا آھن.“

فيضان: ”خدا جو شڪر آھي ته توھان سان ڪنھن ته منھنجي تعريف ڪئي ۽ ھڪ ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ ته مون کي مليو.“

رابيل کلڻ لڳي، اڄ فيضان به ڏاڍي موڊ ۾ ھو سو کيس تنگ ڪرڻ واري اسٽائيل ۾ چوڻ لڳو:

”پوءِ ڀلا... ڪڏھن ٿا ملاقات ڪريو؟“

رابيل: ”توھان کي منھنجو جواب چڱي طرح خبر آھي.“

فيضان: (شرارت مان) ”آءٌ ٻڌايان... توھان مون وٽ اچڻ کان ڇو ٿيون نٽايو...!؟“

رابيل: ”ھون!...ٻڌايو.“

فيضان:”ان جو سبب اُھو آھي ته توھان مون کي Face نٿيون ڪري سگھو. ھي جيڪو توھان پنھنجي مٿان ھڪ خول چاڙھي پاڻ کي ان ۾ محفوظ سمجھو ٿيون پر توھان کي خبر آھي ته آءٌ اھو خول ٽوڙي سگھان ٿو.“

رابيل: ”او ھو...! ڏاڍي خوشفھمي پلس غلط فھمي آھي سائينءَ جن کي...“

فيضان ھڪ زوردار ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ خوشدليءَ سان چيائين ”لڳي ٿو توھان سان ڪچھري سٺي رھندي. چڱو ڀلا ھاڻي توھان فون ڪنديون مونکي؟“

رابيل:”آءٌ ڇو ڪريان توھان کي فون؟ مون کي خبر آھي ته توھان پاڻ ئي فون ڪندا.“

فيضان:”اڇا جناب! ته اھا ڳالھ آھي. ته پوءِ ھاڻي جيستائين توھان مونکي فون نه ڪنديون آءٌ به نه ڪندس. ڏسون ڪير ٿو کٽي. چڱو پوءِ تيستائين پنھنجو خيال رکجو.“

رابيل کانئس موڪلائي فون رکي ۽ پوءِ پنھنجو پاڻ کي ڏاڍو ھلڪو ۽ خوش محسوس ڪيائين.

وقت اڃا اڳتي سرڪيو ۽ وري عيد جو ڏينھن آيو. ھن عيد تي رابيل پنھنجي ڀينرن جي گھر وئي ائين ڏينھن ته گذري ويو پر شام ٿيندي ئي کيس فيضان جي فون جو انتظار رھڻ لڳو. شام کان رات ٿي پر ھن جي فون نه آئي.

کيس يادگيري آئي ته ھن چيو ھو ته ھاڻي جيستائين رابيل کيس فون نه ڪندي ھو به فون نه ڪندو، ته ڇا واقعي ھن اھا ڳالھ سنجيدگي سان چئي ھئي.

عيد جي ٻئي ڏينھن ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ئي سندس ذھن تي ڏاڍو بوجھ ھو ۽ طبيعت ۾ انتھائي بي چيني ھئي. ھن ناشتو به نه ڪيو فقط چانھن جو ھڪ ڪپ ٺاھي ڪمري ۾ اچي پيئڻ لڳي ۽ پوءِ ھن پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ڪڏھن ٽي وي ٿي کولي ته ڪڏھن ڪتاب کڻي ڌيان مٽائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين پر اندر م ڄڻ آنڌ مانڌ متل ھئي. عجيب اداسي ۽ غم جي ڪيفيت ھئي. دل چيس ته جيڪر روئندي رھي. ھن کي ٻه ٽي ڀيرا خيال آيو ته فيضان سان ڳالھائي پر ٻه ٽي دفعا رسيور کڻي وري فون بند ڪري سوچيائين ته آخر ھوءَ ڇو ھن شخص جي عادي ٿيندي پئي وڃي ۽ آخر ان ڪھاڻيءَ جو انجام ڇا ٿيندو. پر حقيقت اھا ھئي ته ھو ھاڻي ھن لاءِ انتھائي اھم بنجي چڪو ھو. نيٺ ھوءَ وري فون جو رسيور کڻي فيضان جو نمبر ڊائل ڪرڻ لڳي. ٻئي پاسي فيضان ننڊ ۾ خماريل آواز ۾”ھيلو“ چيو پر ھوءَ الائي ڇو ڳالھائي نه سگھي. فيضان وري ”ھيلو“ چيو ته ھن به ڏڪندڙ آواز ۾ ”ھيلو“ چيو ۽ پوءِ بي اختيار فون بند ڪري سھڪڻ لڳي ۽ پوءِ اچي روئڻ ۾ پئي ۽ پوءِ سوچڻ لڳي ته اھا سندس شڪست يا ڪمزوري ھئي جو ھوءَ غير محسوس طريقي سان فيضان جي ويجھُو ٿيندي پئي وڃي. ھن سوچيو ته مون نه ته ائين سوچيو ھو ۽ نه ئي چاھيو پوءِ ھو ٻئي ڇو ھڪٻئي جي ويجھو ايندا وڃن. ھوءَ خيالن ۾ ھئي ته فون جي گھنٽيءَ تي سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. ھن فون کڻي ”ھيلو“ چيو ٻئي پاسان فيضان ڳالھائي رھيو ھو. ھن چيو:

”رابيل! فون ڪري پوءِ ڳالھايوَ ڇو نه! فون ڇو بند ڪري ڇڏيئي؟“

رابيل: ”ھا ..ھو... دراصل لائين ڪٽجي وئي ھئي.

فيضان:”لائين ڪٽجڻ جو اھو مطلب ته ڪونھي ته وري فون ڪجي ئي نه.“

رابيل ڪو به جواب نه ڏنو ۽ خاموش رھي. فيضان وري چيو: ”ڇا ٿيو آھي توھان کي؟...... جواب ڇو نٿا ڏيو؟“

رابيل کي وري روئڻ اچي ويو. سندس روئڻ ٻڌي فيضان بيچين ٿي چيو:

”رابيل! پليز پاڻ کي سنڀاليو، ڏک سک ته زندگيءَ جو حصو ھوندا آھن. ائين ڪرڻ سان مسئلا ته حل نه ٿيندا. ڏسو! مون اڄ تائين توھان کان توھان جي ماضيءَ بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر اڄ آءٌ خاموش نه رھندس. توھان کي ھينئر سڀڪجھ ٻڌائڻو ئي پوندو. ان سان ٻيو نه ته دل جو بار ئي ھلڪو ٿي پوندو.“

............۽ ..........پوءِ لڙڪن ۽ سڏڪن جي درميان ھن فيضان کي سندس باري ۾ سڀڪجھ ٻڌائي ڇڏيو.

رابيل ھڪ انتھائي سکئي ستابي گھر ۾ اک کولي ھئي. کيس ٻه ڀائر ۽ ڀيڻون ھيو. ڀيڻون ھن کان ننڍيون ھيون. رابيل جي پيءَ جو شمار نه فقط شھر جي بلڪ ملڪ جي وڏن ڊاڪٽرن ۾ ٿيندو ھو. ھن پنھنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري ھئي ۽ کين سٺو ۽ کليو ماحول ڏنو ھو. ڇو ته ھو خود کليل ذھن جو مالڪ ھو. رابيل Born artist ھئي. اڃا اسڪول ۾ ھئي ته ڪيترن تصويري مقابلن ۾ حصو وٺي انعام کٽيا ھئائين. ڪئين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائين. ڪاليج ۾ آئي ته کيس ڪاليج طرفان ۽ ملڪي سطح تي ٿيندڙ مصوريءَ جي مقابلن ۾ موڪليو ويو جتان به کيس سٺي موٽ ملي. ھڪ ڀيري ته سندس پيءَ جي ھمٿ افزائي تي ھن ھڪ بين الاقوامي مقابلي لاءِ پنھنجون تصويرون موڪليون جن کي بيحد پسند ڪيو ويو ۽ کيس ٻاھر به وڃڻ جو موقعو مليو. سندس ماءُ پيءُ سندس ڪاميابين تي فخر ڪندا ھئا. سندس شوق کي ڏسندي کيس فائن آرٽس جي تعليم ڏياري وئي. آرٽسٽ ھجڻ ڪري رابيل ٻين ڇوڪرين کان مختلف ھوندي ھئي کيس نه زيورن سان چاھ ھوندو ھو نه فيشن ۽ ميڪ اپ سان پوءِ به ھوءَ سٺي ۽ پرڪشش لڳندي ھئي. ھوءَ ته بس پنھنجي آرٽ جي ڪم ۾ مگن ھوندي ھئي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائي دوران به ھو تصويرن جي نمائش ۾ حصو وٺندي ھئي ۽ تمام جلد شھرت حاصل ڪري ورتائين. کيس ننڍي عمر ۾ اھا شھرت ۽ مڃتا ملي جيڪا آرٽسٽن کي وڏي عمر ۾ به مس ملندي آهي.  ائين جڏھن ھوءَ Public Figure بني ته ھن محسوس ڪيو ته يونيورسٽيءَ جا ڇوڪرا توڙي ميڊيا جا ماڻھو ھن جي ويجھو اچڻ چاھيندا ھئا ۽ ڪيترائي ماڻھو ته ھن سان دوستيءَ جا خواھشمند ھوندا ھئا. گھر ۾ ھن لاءِ فون ايندا ھئا، وشنگ ڪارڊز ايندا ھئا ۽ ماڻھو بھانن بھانن سان ھن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا تڏھن ھوءَ ڪجھ پريشان ٿي ۽ محتاط رھڻ شروع ڪيائين ڇو ته ھوءَ ان عمر ۾ ئي اھو محسوس ڪري چڪي ھئي ته جنھن معاشري جي ھوءَ فرد ھئي اھو male dominating معاشرو ھو جتي مرد لاءِ الڳ معيار ھوندا آھن ته عورتن لاءِ الڳ... کيس خبر ھئي ته ڪو به اسڪينڊل سندس سڄي زندگي برباد ڪرڻ لاءِ ڪافي ھو.

وڌيڪ ھوءَ تڏھن ڊپريسڊ ٿيندي ھئي جڏھن ھن  کي اھڙن بگھڙ نما انسانن جا جملا ۽ نظرون برداشت ڪرڻيون پيون جن کي ھن احترام لائق سمجھيو ھو. ڇا ڇا نه هن برداشت ڪيو.

طنزيه نظرون، بکيون نظرون، گندا ذھن ۽ دل کي چيريندڙ جملا_ائين به نه ھو ته سڀئي ماڻھو خراب ھئا پر ڪجھ سٺن ماڻھن به ھن ڏانھن وڌڻ چاھيو پر ھن جي دل ۾ ايڏو ته خوف ۽ وسوسا ھئا جو انھن جي خلوص ۾ به ھن کي فلرٽ نظر اچڻ لڳو. سندس بي رخيءَ کان مايوس ٿي اھي به پوئتي ھٽي ويا. پر ھوءَ پنھنجي رويي لاءِ مجبور ھئي ڇو ته کيس خبر ھئي ته شوبزنس، ميڊيا يا آرٽ جي ميدان ۾ اچڻ واري ڇوڪرين کي ھڪ ھڪ قدم احتياط سان کڻڻو پوندو آھي ٻي صورت ۾ ڪا به ڪمزوري ھٿ ايندي ئي ماڻھو الائي ڪھڙيون ڪھڙيون ڪھاڻيون ٺاھڻ لاءِ تيار ويٺا ھوندا آھن.

ھڪ پاسي ته ھوءَ ٻاھرين دنيا جي انھن مسئلن کي منھن ڏيئي رھي ھئي ته ٻئي پاسي سندس سوچ ۽ life style عام ڇوڪرين کان مختلف ھئڻ ڪري انھن مسئلن کي به فيس نه ڪري سگھي جيڪي رشتن ناتن جي حوالي سان ڇوڪرين کي Face ڪرڻا پوندا آھن. ھر گھر جيان جڏھن سندن گھر ۾ به اھڙيون عورتون اچڻ لڳيون جيڪي پنھنجن ڇوڪرن لاءِ چاليھ گھر ڏسنديون آھن تڏھن ڌيئرن جي ماءُ ھجڻ ناتي سندس ماءُ به کيس ڪنھن شو پيس جيان انھن جي سامھون پيش ڪرڻ چاھيندي ھئي ته ھوءَ شديد رد عمل ڏيکاري صاف انڪار ڪري ڇڏيندي ھئي.... ڇوته کيس ان رسم کان شديد نفرت ھوندي ھئي. سندس چوڻ ھوندو ھو ته:

”آءٌ جيڪڏھن سوسائٽيءَ جي ان گندي رسم کي ختم نٿي ڪري سگھان ته نه سھي پر گھٽ ۾ گھٽ خود ان جو حصو نه بنجنديس.“

سندس ماءٌ، ڀينرن ۽ ساھيڙين کيس گھڻو سمجھايو پر ھوءَ پنھنجي ڳالھ تي بيٺي رھي. ائين ڪرڻ سان وقت گذرڻ سان سندس ننڍي ڀيڻن جي ته شادي ٿي وئي پر سندس ٿي نه سگھي. پر کيس ان ڳالھ جي پرواھ به نه ھئي. ھن کي ته فقط پنھنجي فن سان لڳاءُ ھو ۽ دل ۾ اھو يقين ھو ته ڪڏھن ته سندس زندگيءَ ۾ اھڙو ماڻھو ايندو جيڪو ھن جي ذات سان پيار ڪندو. سندس Social Status سان نه. پوءِ چاھي اھو حَسين ۽ رومانوي شھزادو نه ھجي، ڀلي ھڪ عام ماڻھو ھجي، ھو قدم قدم تي سندس لاءِ ڇپر ڇانوَ بنجي. ۽ ھن جي فن ۽ شخصيت تي فخر ڪري. ھن پنھنجي دل ۾ کوڙ سارو پيار، جذبا ۽ خواب سانڍي رکيا ھئا ان اڻ ڏٺل شخص لاءِ پر ..... سندس اھو سپنو ڪڏھن به حقيقت جو روپ وٺي نه سگھيو ڇو ته وقت گذرڻ سان گڏ رابيل اھا ڳالھ محسوس ڪئي ته ادب ۽ آرٽ سان واسطو رکندڙ ڇوڪرين کان متاثر ٿيڻ وارا ته گھڻا ھوندا آھن ۽ دوستي ته سڀ رکڻ چاھيندا آھن پر پوءِ به ھنن کي سٺي نظرن سان نه ڏٺو ويندو آھي ۽ ٺيڪ ٺاڪ انٽليڪچوئل ماڻھو به ڪنھن نمايان حيثيت رکڻ واري ڇوڪري/عورت سان شادي ڪرڻ کان نٽائيندا آھن ته متان ان جي شخصيت ۽ حيثيت آڏو سندن شخصيت دٻجي وڃي. ۽ اھا ڳالھ ھن سماج جي مرد لاءِ گھٽتائي آھي.

بھرحال، وقت گذرندو رھيو. رابيل جي ڀائرن جي به شادي ٿي وئي. ڪجھ عرصو پوءِ سندس پيءَ جي به وفات ٿي وئي ۽ ماءُ ھارٽ پيشنٽ بنجي وئي. ھاڻي کيس ھر وقت رابيل جي شاديءَ جو فڪر رھڻ لڳو. نيٺ ھڪ ڀيرو ھن کيس ايڏو مجبور ڪيو ته ھوءَ سندس آخري خواھش سمجھي شادي ڪري ھوءَ انھن ڏينھن ۾ ڪافي بيمار به رھڻ لڳي ھئي.. انڪري رابيل به ڊڄي وئي. سندس ماءُ کيس اھو به چيو ته يا ته ھوءَ پنھنجي پسند بابت ٻڌائي يا وري سندس پسند کي قبول ڪري. تڏھن رابيل سوچيو ته کيس جنھن قسم جو ماڻھو جي ڳولھا ھئي سو ته کيس مليو ئي نه. پوءِ ھن پنھنجي آس پاس جي انھن ماڻھن بابت سوچيو جيڪي ھن سان محبت جتائڻ ۽ ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ھن سوچيو ته سڀني مان رياض بھتر شخص ھو.جيڪو انجينيئر ھئڻ سان گڏ سٺو ڊرامه نگار به ھو ۽ انھن ڏينھن ۾ ڪافي مشھور به ھو. سندس خيالات تمام اعليٰ ھوندا ھئا. اڪثر ھو کيس فون ڪندو ھو. رابيل محسوس ڪيو ته ھو سندس ويجھو اچڻ چاھيندو ھو ۽ ھن جي ذات ۾ دلچسپي وٺندو ھو پر رابيل جي reserve رويي سبب کيس کُلي ڳالھائڻ جو موقعو نه مليو ھو پر پوءِ به ھن ھر طرح اھو ظاھر ڪيو ھو ته ھو رابيل کي پسند ڪندو ھو. رابيل سوچيو ته ھوءَ ڪا عام ڇوڪري ناھي ھو به اعليٰ تعليم يافته کليل ذھن وارو ۽ رائيٽر ھو، انڪري ھوءَ ان سان شادي جي موضوع تي ڳالھائي سگھي ٿي. ھن سوچيو:

”آءٌ خود رياض سان شاديءَ جو پروپوزل ڇو نه ڏيان.“

ائين ھن اھو بولڊ قدم کنيو ۽ ھڪ دفعي ھن سان ملي ۽ ھن کان پڇيائين: ”رياض! توھان جي رويي مان مون کي محسوس ٿيو آھي ته توھان مون کي پسند ٿا ڪريو.“

رياض: ”بلڪل! اھا حقيقت آھي. آءٌ توھان کي پسند ٿو ڪريان بلڪه مون کي توھان سان محبت آھي.“

رابيل: ”ته پوءِ توھان منھنجي رشتي جي گھُر ڇونٿا ڪريو.“

رياض:”اڙي نه! توھان سان شادي ڪرڻ بابت ته مون ڪڏھن سوچيو به نه آھي.“

رابيل: ”ته پوءِ توھان منھنجي ذات ۾ ايڏي دلچسپي ڇو وٺندا آھيو. توھان مون مان ڇا ٿا چاھيو؟“

رياض: ”فقط دوستي.“

رابيل:”پر جنھن سماج ۾ اسين رھون ٿا اتي عورت ۽ مرد وچ ۾ دوستي ممڪن ئي ڪونھي انھن وچ ۾ يا ته romance ھوندو آھي يا وري فلرٽ.“ _ھلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com