سوچ ويچار
سرتيون، اپريل 2005ع جو شمارو ”سرتيون“ اوھان جي ھٿن ۾ آھي. اھو
اوھان سڀني جو سھڪار آھي جو پرچو بلڪل وقت تي پڌرو
ٿي پڙھندڙن تائين رسي ٿو. انھيءَ ڏس ۾ اسين اوھان
سڀني لکندڙن/ پڙھندڙن جا ٿورائتا آھيون. ۽ اوھان
جي سھڻي سھڪار کي شاھه سائينءَ جي ھن سٽ سان ڀيٽا
ڏيون ٿا ته ”ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.“
سرتيون، صدر جنرل پرويز مشرف چيو آھي ته ملڪ کي ترقي ڏيڻ لاءِ
ضروري آھي ته جنسي اڻ برابري ختم ڪئي وڃي، انڪري
اسان کي حدود آرڊيننس ۾ تبديليون آڻڻ تي غور ڪرڻو
پوندو. مذھب جي نالي تي جن روايتن کي غلط انداز
سان استعمال ڪيو وڃي ٿو، انھن جي خاتمي لاءِ ڪم
ڪرڻو پوندو. عورتن بابت گھڻن معاملن تي مذھبي
تشريح صحيح نموني پيش نه ٿي ڪيئي وڃي. جيڪڏھن زنا
جي ڪيس ۾ جوابدارن کي گھٽ شاھدين جي بنياد تي ڇڏيو
وڃي ته اھو صحيح نه ٿيندو ۽ اھڙيءَ ريت زنا جي
جوابدارن کي ڇڏي ڏيڻ اسلامي روايت نه آھي، انڪري
ئي اسان قانونن مان اھڙيون خرابيون ختم ڪري رھيا
آھيون. قانون جي جوڙجڪ صرف ڪاغذن تي ٿئي ٿي ان تي
عمل ڪرڻ به ضروري آھي. عورتن جي مسئلن جي خاتمي
لاءِ 10ڪروڙن جي ماليت سان صدارتي فنڊ قائم ڪيو
ويو آھي.
اسان پارليامينٽ مان غيرت جي نالي تي قتل خلاف بل پاس ڪرايو
آھي. اسان حدود آرڊيننس جو جائزو وٺي رھيا آھيون
ته جيئن ان ۾ مثبت تبديلي آندي وڃي. مذھب جي نالي
تي جن روايتن کي غلط استعمال ڪيو پيو وڃي ان جو
خاتمو ضروري آھي.
اسين سرتيون جي پليٽ فارم تي صدر صاحب جي ھن بيان جو خير مقدم
ڪندي ان تي عمل ڪرڻ جي گھر ڪريون ٿا.
محسن ڪڪڙائيءَ جو وڇوڙو: گذريل ڇنڇر تي سنڌ جو سڄاڻ شاعر، نياز
علي شاھ ”محسن ڪڪڙائي“ لاڏاڻو ڪري ويو. اسان اداري
طرفان سندس پونئرن سان تعزيت ڪندي ساڻن ڏک ۾ برابر
جا شريڪ آھيون. ڌڻيءَ در دعا آھي ته الله تبارڪ
وتعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ۽
سندس پونئرن کي صدمي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا
فرمائي!
_______گلبدن جاويد مرزا
***
پڙھندڙن جا خط
محترم ايڊيٽر صاحبه!
سرتيون رسالو اتفاقاً ڪنھن سرتيءَ ھٿان مون تائين پھتو، پڙھندي
ڏاڍو مزو ڏنائين. منھنجي خيال ۾ اسان جون ڀينرون
جيترو شعور، جيتري ذھني سگھ رکن ٿيون، ان مطابق
سندن من پاتال جي احساسن ۽ جذبن جا اولڙا سندن
لکيل تحريرن ۾ واضح نظر اچن ٿا. عورت، جيڪا صدين
کان ”کامان، پچان، پڄران“ واري ڪيفيت مان گذري پئي
تنھن کي اوھان جي ڪوشش سان ڇپجندڙ ”سرتيون“ رسالو
ھڪ رھبر، ھڪ رھنما جي صورت ۾ مليو. ڇو ته سندن
اندر جا درد، سُور، اُڌما، سندن سڏ، سندن پڪارون،
سندن پُور، سندن لڙڪ ۽ آھون، جيڪي صدين کان اڻ
اظھاريل رھيا، تن کي اظھارڻ لاءِ سندن اندر ۾ ھمت
۽ حوصلي جا ڪيئي ديپ ٻري پيا، جيڪي وري رسالي ۾
ستارن جيان جڳ مڳ لايو بيٺا آھن. منھنجي دعا آھي
ته لفظن جا اھي ديپ سدا روشن رھن، جن جي روشنيءَ
جي سگھ سان جھالت ڏانھن ويندڙ سمورا پيچرا واضح
نظر اچن ۽ اسين سموريون ”سرتيون“ گڏجي پنھنجا گس
پاڻ چونڊيون، جتي جھالت جي ٻاٽ رات بجاءِ صبح جو
سونھري سوجھرو ھجي، جيڪو اسان جا ذھن روشن ڪري
ڇڏي.
ڪجھ اندر جا اظھاريل احساس لفظن جي صورت ۾ موڪليان پئي اميد ته
مانُ مٿانھون ڪندا.
کوڙ سارين دعائن ساڻ.
توھان ڀيڻ ”پناھه لغاري“
ضلعو ميرپورخاص
جواب: توھان جي شاعري ايندڙ شماري ۾ ضرور شايع ڪنداسين.
مانواري ايڊيٽر صاحبه!
اميد ته توھان بلڪل خيريت سان ھونديون.
”مارچ“ جو ”سرتيون“ مليو آھي. اڃا پورو پڙھيو نه اٿم. پڙھڻ کان
پوءِ ئي راءِ ڏئي سگھنديس. توھان اڳئين پرچي ۾ خط
جي جواب ۾ چيو ھو ته، ناوليٽ موڪلي ڏيو. مان توھان
جي چوڻ مطابق ناوليٽ اُماڻيا پئي. جيڪڏھن ناوليٽ
شايع ڪندا ته وڏا وَڙَ، نه ته، اُن کي رديءَ حوالي
نه ڪندا، مون ڏانھن واپس موڪلي ڏيندا، ٽپال خرچ
مان پاڻ ادا ڪنديس. مواد جي حوالي سان ڪا ڳالھه
ڪرڻي ھجي ته
SMS
ذريعي آگاھه ڪجو. يا پنھنجو فون نمبر يا موبائيل
نمبر موڪلي ڏجو. مان اپريل ۾ حيدرآباد اچڻي آھيان،
ڇا توھان سان ملاقات ٿي سگھي ٿي؟ ڪٿي؟
جواب جو شدت سان انتظار رھندو.
شبانه سنڌي.
جواب: ناوليٽ، مئي واري شماري ۾ ھلائينداسين. اسان جا فون نمبر
رسالي ۾ ڏنل آھن. اسان جو آفيس ٽائيم 3:00 تائين
آھي. اوھان جڏھن به چاھيو ته آفيس اچي سگھو ٿيون.
بھرحال فون ڪري اينديون ته بھتر ٿيندو.
توھان جي چٺي ملي پڙھي خوشي ٿي ۽ ان کان پوءِ توھان سان فون تي
ڳالھائڻ ٿيو. مان توھان جي ٿورائتي آھيان جو توھان
مون کي ايترو ھمتايو ۽ ان قابل سمجھيو ته آءُ ڪجھ
ڪري سگھان ٿي. توھان جي سرتيون لاءِ ڪم ڪرڻ واري
آڇ تي مان ۽ پارس خوش آھيون ۽ پوري ڪوشش ڪنديوسين
ته توھان کي ڪا مايوسي نه ٿئي ”توھان جي آفر ڪرڻ
تي ته سرتيون لاءِ ڪم ڪيو. ”ان سلسلي ۾ اسان رڳو
توھان جي ڪري سگا جون ميمبر به ٿيون آھيون ته جيئن
Social contacts
۽
communication
سان ڪجھ پرائي وٺون. اڄ وڏي
پئماني تي سگا وارن ھڪ
Inagural Function
رکيو آ جنھن جو چيف گيسٽ سينيٽ جو چيئرمين محمد
ميان سومرو آ.
ھاڻي مان توھان کي پنھنجو تعارف ۽ فوٽو گراف به موڪلي رھي آھيان
دير سان جواب موڪلڻ لاءِ معافي
رخسانه سومرو
اسلام آباد
شگفته جبين، سيما سيال، سونھن سنڌي، امينا سومرو، سرھاڻ، شبانا
شيخ، فوزيا گوھر، گلبانو ناز ۽ ٻين جا خط پھتل
آھن.
***
ريحانه نظير
سرتيون فورم
ڀيڻ ماھوار رسالي ”سرتيون“ جو مارچ وارو شمارو منھنجي نظر مان
گذريو. تمام سٺو ۽ معياري مواد منھنجي علم ۾ آيو.
پڙھي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ۽ ان ڳالھه جي پڻ خوشي ٿي
ته اديءَ جي لکڻي ٽيچر ڊي تي لکيل منھنجي تنقيدي
خط جي جواب جي جواب ۾ پڻ خط شامل ھو. جيڪو پڙھي
مون کي ڏاڍو تعجب لڳو تعجب ان لاءِ جو بحيثيت ھڪ
استاد مان پنھنجي پيشي جي باري ۾ جيڪي سچايون
ڄاڻان ٿي. مون اِھي بيان ڪيون آھن پر ادي ته ھڪ
گھريلو عورت آھي ان کي ڪھڙي خبر ته استاد جا فرض ۽
ذميواريون ڪھڙيون آھن. بلڪل ائين مون وٽ ڪو مريض
اچي ته مون کي ڪيئن خبر پوندي ته ھن کي بيماري
ڪھڙي آھي؟ ۽ ان جي ڪھڙي دوا ٿيندي! اھو ته ھڪ
ڊاڪٽر ئي ٻڌائي سگھندو ته فلاڻو مرض آھي ۽ ان جي
فلاڻي دوا ٿيندي. باقي مان ته ائين ئي چوندس ته
منھنجي ٻار کي بخار ٿيو ھو ته مون ھيءَ دوا ورتي
ھئي ته ان کي فائدو ٿيو ھو. تون به اھا ئي دوا
استعمال ڪر ته ٺيڪ ٿي ويندي. پوءِ ڀلي منھنجي ٻار
کي مليريا ھجي ۽ جڏھن ته ھن کي مڙئي معمولي بخار
ٿيو ھجي.
اديءَ جي چوڻ مطابق ته صحت جو عالمي ڏينھن اتي ڇو ملھائجي، جتي
روزانو 3000 ٻار صحيح علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ مري
وڃن ٿا. ته ڇا ڀيڻ اسان ان ڳالھه تي فخر ڪرڻ لاءِ
صحت جو ڏينھن ملھائيندا آھيون ته ڀائرو ۽ ڀينرو!
اچو ته گڏجي ان خوشيءَ تي خوش ٿيون ته اسان وٽ
روزانو 3000 ٻار مرن ٿا! نه بلڪل نه..... ڀيڻ اسين
صحت جي ڏينھن کي ان لاءِ ملھائيندا آھيون ته جيئن
ان شعبي جي ماھرن کي گڏ ڪري
ان ڳالھه تي ويچاريو وڃي ته ھن افسوسناڪ صورتحال
کي ڪيئن منھن ڏجي؟ ۽ اھڙا ڪھڙا اُپاءَ وٺجن جن سان
انھن بيمارين جو خاتمو اچي ۽ ملڪ کي ان صورتحال
کان ڪيئن پاڪ ۽ صاف رکجي.
ان کان پوءِ عورتن جو ڏينھن اسان اِھو ڏينھن ان لاءِ ملھائيندا
آھيون جو اسان جو سماج جنھن ۾ عورت کي صرف ڪم جي
مشين سمجھيو وڃي ٿو ان سماج ۾ اھو احساس پيدا ڪيو
وڃي ته عورت به بلڪل ائين سماج جو حصو آھي جيئن
مرد... ان کي ڪنھن ڏوھي وانگر لڪائي نه رکيو وڃي.
تنھنڪري ان کي اھي موقعا فراھم ڪيا وڃن جيڪي ھڪ
مرد کي سماج ميسر ڪري ٿو. باقي ادي عورتن جو ڏينھن
ان لاءِ نه ملھائبو آھي ته اچو ته گڏجي بيگناھه
عورت کي ڪاري ڪري مارڻ جي خوشيءَ ۾ يا بنان علاج
معصوم ٻار ۽ ماءُ جي موت جي خوشيءَ جو جشن
ملھايون.
ھاڻي وري ٻارڙن جو ڏينھن. ادي ننڍڙن ٻارن جي باري ۾ اوھان جي
راءِ پڙھي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي پر ڀيڻ جيڪڏھن توھان
پنھنجي گھٽيءَ ۾ ڪو ٻار رلندي ڏسو ٿيون ته ڀيڻ
اڳتي وڌي ان جي مدد ڪريو. جيڪڏھن ڪو ٻار نٽ بولٽ
کوليندو گئرج ۾ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو ته ان جي
ذميواري انتظاميان جي ته نه چئبي! بلڪ سماج جي ئي
چئبي. سماج جا فرد گڏجي ان ٻار جي ڪم ڪرڻ جي
مجبوريءَ کي سمجھي ان جي مالي مدد ڪن باقي پري
ويھي ان جي نماڻن نيڻن ۽ معصوم ھٿڙن تي افسوس
ڪجي....!
پر افسوس ان ڳالھه تي به ڪجي ته ان تباھيءَ جو ڪنھن قدر ذميوار
ڪٿي اھو پاڻ ته نه آھي...؟؟
۽ اسان ھرو ڀرو ان جو ذميوار ٻئي ڪنھن کي سمجھون. ڪڏھن پنھنجي
اندر ۾ به ليئون پائي ڏسجي.
باقي رھي پَرُو ڌاڙيل جي ڳالھه. سو بدقسمتيءَ سان پَرُو اسان جي
ڳوٺ جو رھاڪو ھو. ھن جيڪي ھاڃا ۽ ظلم ڳوٺ وارن تي
ڪيا اھي ھميشه ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ کي ياد رھندا.
مون کي خود چڱيءَ طرح ياد آھي ته ھن شخص جي ڪري
ڳوٺ جا ماڻھو ڪيترن ڏينھن تائين بک ۾ رھيا. ڇاڪاڻ
ته ھو گھرن ۾ ويھي مورچا سنڀالين يا ڪم ڪار تي
وڃن!
ھن ۽ ھن جي ساٿين جي ڪري ڳوٺ جي شريف ماڻھن پنھنجا ڪک ڇڏي وڃي
شھر وسايا ۽ اھو ڳوٺ ويران ٿي ويو. ٻن ٽن ڏينھن
تائين جنھن ماڻھوءَ جي تلاش کي ڪوبه وارث کڻڻ ڪونه
آيو ان تي ڪير پڙ وجھندو!؟
توھان جي چوڻ موجب سنڌي قوم قبر پرست آھي. ادي ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ
جي قبر تي پڙ وڌا ويندا آھن، جي اوھان جي نظر ۾ ڪي
ٻيا به ھجن ته ضرور ٻڌائجو. ان سان اسان جي
معلومات ۾ پڻ اضافو ٿيندو. باقي موت جسماني نه، پر
روحاني ھوندو آھي، ان لاءِ مان اوھان کي اھو ئي
چونديس ته صرف ھڪ يا ٻن ماڻھن جي خراب ٿيڻ سان
اسان پوري سماج کي خراب نه ٿا چئي سگھون. جسم جو
ڪو عضوو خراب ٿي ويندو آھي ته ان عضوي لاءِ دوا
ورتي ويندي آھي، ائين نه چئبو آھي ته ڊاڪٽر صاحب،
منھنجي ٻانھن يا ٽنگ ڀڄي پئي آھي، جنھن ڪري مان
ختم ٿي ويس. ھاڻي مون کي زھر جي انجيڪشن ھڻي ماري
ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو منھنجو ھڪ عضوو خراب ٿي ويو آھي.
بلڪل ائين جيڪڏھن اسان جي سماج ۾ ڪو ھڪ استاد يا ھڪ انجنيئر يا
ھڪ ڊاڪٽر ايماندار نه آھي ته اسان پوري نظام جي
استادن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن کي ته بي ايمان نه ٿا
چئي سگھون.
ٻيو ته ادي توھان لکيو آھي ته انسان جڏھن پنھنجي اک کولي ٿو ته
پھرين ھو پاڻ کي ٿو ڏسي، پوءِ پنھنجي ماحول کي،
پوءِ سماج جي ٻاھرين دنيا کي ڏسي ٿو. ان ڳالھه جو
مون کي افسوس آھي ته اديءَ جي مشاھدي ۾ صرف نا اھل
استاد ئي آيا آھن يا ته وري اديءَ کي پنھنجي آس
پاس شايد ڪو به ايماندار استاد نظر نه آيو آھي
تنھنڪري اديءَ پنھنجي انھيءَ مشاھدي تي ئي ڀاڙيو
آھي.
آخر ۾ مان اديءَ کي التجا ڪنديس ته ڪنھن به موضوع تي ڳالھائڻ يا
لکڻ کان پھرين ان جي باري ۾ صحيح يا غلط ٻنھي
ڳالھين جي پرک ۽ پروڙ ڪري پوءِ ئي پنھنجي راءِ جو
اظھار ڪري. |