سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :10

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم:امر سنڌو                                                    حصو ستون

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانھن آھي. پر سنڌ جي عورت ايڪھين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگھي آھي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گھڻيون اڳتي ھجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل ھيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواھشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگھجي.“ عورتن جي جدوجھد جي تاريخ بار بار اھو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به ھڪ قدم پوئتي ھيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنھنجي جدوجھد جي حوالي سان گھڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آھن. عورت جي حقن لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجھد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جئين اھڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنھڻ جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آھي. سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آھي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙھندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آھي.

(امرسنڌو)

 حرم جي اندر

فيض ۾ اسان جي حرم جي چؤڌاري وڏيون ديوارون ۽ اڱڻ ھو، جتان آسمان جو ھڪ ننڍڙو ۽ چؤڪنڊو ٽڪرو نظر ايندو ھو، اُن کان علاوه ڪو به قدرتي منظر اسان کي ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. ھا، پر جيڪڏھن توھان ڇت تي ھليا وڃو ته معلوم ٿيندو ته آسمان واقعي گھر کان وڏو آھي، پر گھر جي اڱڻ ۾ اِن جي فطرتي حسن کي ڪائي معنيٰ نه ھئي. ھِتي گُلڪاري ۽ رنگن واري چٽسالي اِن فطرتي/قدرتي حسن جي جاءِ والاري چڪي ھئي. ڪاٺ تي، فرش تي ۽ پلستر تي، معنيٰ ته ھر جاءِ تي قدرتي نقش سان ڀريل چٽسالي ڪيل ھئي. اسان وٽ خوبصورت گلن جو اھو ئي تصور ھو جيڪي اسان صوفن ۽ پردن تي ڀرت جي صورت ۾ ڏسندا ھئاسين. جڏھن توھان جي ٻاھر وڃڻ تي دل چوي ته توھان دريءَ جو پردو کسڪائي ٻاھر ڏسي به نه سگھندؤ. ڇو ته سڀئي دروازا اڱڻ ڏانھن کُلندا ھئا، ٻاھر گھٽيءَ ڏانھن ڪو به دروازو نه ٿي کُليو.

سال ۾ فقط ھڪ دفعو بھار جي مند م اسان پڪنڪ لاءِ فيض ۾ پنھنجي چاچي جي فارم تي ويندا ھئاسين جيڪو شھر کان ڏھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ھو. اسان خصوصي طرح وڏين موٽر گاڏين ۾ ٻار، طلاق شده عورتون ۽ ٻيا مٽ مائٽ وري ڀاڙي جي ٽرڪن تي ويندا ھئا جيڪي پڪنڪ تي وڃڻ لاءِ ڀاڙي تي ورتا ويندا ھئا. پُڦي حبيبه ۽ شمع ته پاڻ سان گڏ دف به کڻنديون ھيون ۽ ايترو ته وٺي گوڙ ڪنديون ھيون جو نيٺ ڊرائيور چوندو ھو ته:

”جيڪڏھن توھان اِھو گوڙ شور بند نه ڪيو ته مان ٽرڪ روڪي سڀني کي ٻاھر ڦٽو ڪري ڇڏيندس.“ پر ھن جي ڪنھن به ڌمڪيءَ جو اثر نه ٿيندو ھو. ڇو ته ھن جو آواز اسان جي تاڙين جي ٺپ ٺپ ۽ دف جي آواز ۾ ئي گم ٿي ويندو ھو!

پڪنڪ ڏينھن سڀ پرھ ڦٽيءَ ئي اٿندا ھئا ۽ اڱڻ ۾ ائين گھما گھمي ھوندي ھئي ڄڻ ڪو مذھبي ڏھاڙو ھجي. ڪير کاڌي جو پيو انتظام ڪندو ھو ته ڪير پاڻي وغيره جو ڪوئي قلين ۽ ڪو وري چادرون پيو کڻندو ھو ۽ امان ۽ شمع جي ذميداري ۾ جھولا ھوندا ھئا. ھو چونديو ھيون ته ”پينگھُن کان سواءِ پڪنڪ ڀلا ڪھڙي ٿيندي!“ جڏھن بابو اعتراض ڪندو ھو ته پينگھ ٻڌڻ ۾ ڏاڍو ٽائيم ضايع ٿيندو آھي ۽ ھو اسان کي چڙ ڏيارڻ لاءِ چوندو ھو ته ”پينگھون ته ٻارن لاءِ ٿين ٿيون ۽ جڏھن وڏا پينگھُن تي لڏن ٿا ته وڻن تي الائي ڇا گذرندو ھوندو!“ بابا ائين چوندو ۽ جھيڙي جو منتطر رھندو پر امان اِتي چپ چاپ پينگھُن جو سامان سھيڙيندي رھندي ھئي ۽ شمع وري زور زور سان ڳائڻ لڳندي ھئي ته:

جيڪڏھن مرد پينگھون نٿا لڳائي سگھن ته اِھو ڪم به عورتون ئي ڪنديون.“ نانو ۽ وڏو چاچو وري سُر ۾ قومي نغمن جون ڌنون ورجائيندا ۽ ڳائيندا ھئا ته ”مغربوتا وطنبوتا اسان جو وطن مراڪش اسان جو وطن.“ ايتري ۾ مان ۽ سمير پنھنجا جوتا ڳوليندا رھندا ھئاسين، اسان جون مائرون اسان جون ذريون به مددگار نه ٿينديون ھيون، اڃا به ھو وڌيڪ مصروف ھونديون ھيون. لاله ماني وري گلاس ۽ پليٽون پئي ڳڻيندي ھئي چوندي ھئي ته ڏسجو ته اڄ ڪيترا ٿا ٿانو ٽُٽن. ھوءَ پاڻ پڪنڪ ۾ شامل نه ھوندي ھئي. سندس خيال ھو ته ”پڪنڪ ھڪ مشڪوڪ عمل آھي ۽ ڪتابن ۾ اِن جو ڪوبه ذڪر ناھي ٿيل.“

سج چڙھندي ئي اسين قالين، صوفا ۽ سگريون، چُلھيون کڻي فارم (ٻنيءَ) تي وڻن ھيٺان پھچي ويندا ھئاسين. قالين وڇايا ويندا ھئا، ڪوئلا ٻاري سيخ ڪباب ٺاھيا ويندا ھئا، جن جي خوشبو سان ماحول واسجي ويندو ھو. چانھن جون ڪٽليون پکين سان گڏ جھونگارڻ لڳنديون ھيون. کاڌي کان پوءِ عورتون، ٻوٽن ۾ حسن جي افزائش لاءِ پڻ ٻوٽا جمع ڪرڻ شروع ڪنديون ھيون ۽ ڪي پينگھُن تي لُڏنديون رھنديون ھيون. اس لھڻ کان پوءِ اسين گھر ڏانھن روانا ٿيندا ھئاسين. گھر ۾ داخل ٿيندي ئي ڦاٽڪ جا در بند ڪيا ويندا ھئا ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين امان افسوس ڪندي رھندي ھئي ته ”جڏھن سڄو ڏينھن وڻن ۽ ٻنين جي وچ ۾ گذاربو ته پوءِ ھن چارديواري ۾ رھڻ ناقابل برداشت ٿي پوندو آھي.“

اسان جي گھر ۾ داخل ٿيڻ جو فقط ھڪ ئي رستو ھو، اُھو ڦاٽڪ وارو جتي احمد دربان نگھباني ڪندو رھندو ھو. پر ھڪ ٻيو رستو به ھو جيڪو ڇت ٽپي ٺاھي سگھجي پيو. پاڙي وارن جي ڇت تي پھچي، انھن جي دروازي سان گھٽيءَ ۾ نڪرڻ ممڪن ھو پر ڇت واري دروازي جي چاٻي به لاله مانيءَ وٽ ھوندي ھئي ۽ شام ٿيندي ئي احمد دربان ڏاڪڻين جي روشني اُجھائي ڇڏيندو ھو. پر ڇت سان ڪيترائي گھرو ڪم وابسته ھوندا ھئا. زيتون جون وڏيون برنيون اُتي پيل ھونديون ھيون. ڪپڙا ڌوتا ۽ سڪايا ويندا ھئا. انڪري ڪيترائي دفعا ان جي چاٻي ڦڦي حبيبه کي ڏني ويندي ھئي. ڇو ته سندس رھائش ڇت تي ئي ھئي.

ڇت واري رستي ڏانھن ڪو خاص توجھ نه ڏنو ويندو ھو ڇوته اتان گھٽيءَ ۾ پھچڻ مشڪل ھو. ان لاءِ ٽئي ھنر ضروري ھئا. چڙھڻ، ٽپ ڏيڻ ۽ ڦڙتيءَ سان زمين تي لھڻ. عورتون اڪثر ڪري ڇت تي چڙھڻ ۽ ٽپ ڏيڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وينديون ھيون پر کين زمين تي لھڻ نه ايندو ھو. ھُو ڌڙام سان پٽ تي ڪري پونديون ھيون ۽ پوءِ ڪنھن جو مُريو مُڙي پوي ته ڪنھن کي موڙي اچي وڃي ۽ ائين سڄو راز کلي پوندو ھو. پھرئين دفعي جڏھن مان ڇت تان زخمي گوڏن سان ھيٺ لٿس ته امان مون کي سمجھايو:

”عورت جو اصل مسئلو ئي زمين تي لھڻ آھي، ياد رک ته اگر ڪنھن مھم تي نڪرين ته واپس پھچڻ جو ڌيان رک. اڏامڻ ڏاڍو سٺو آھي، پر واپس ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، اِھو سوچي وٺ.“

پر ھڪ ٻيو سبب به ھو جنھن جي ڪري امان ۽ شمع اھو رستو استعمال نه ڪنديون ھيون. ڇو ته ڇت وارو رستو خوف ناڪ، خفيه ۽ پر اسرار ھو. ھو ته دليريءَ سان احمد دربان سان مُنھن سامھون ٿيڻ چاھينديون ھيون. آخر عورتن جي آزاديءَ جي مھم ۾ خفيه لڪل رستا ڇو ڳولھجن. لڪ ڇپ ۾ نڪرڻ ۾ نه ته ڪنھن فتحيابيءَ جو احساس ھو ۽ نه ئي زنجيرن ٽوڙڻ جو ڪو جذبو.

پر، ناني ياسمينه جي فارم تي اھڙي ڪنھن به لڪل سازش جو تصور نه ھو. ڦاٽڪ بي معنيٰ ھو ڇو ته ديوارون ئي نه ھيون ۽ مان سوچيندي ھئس ته حرم لاءِ ته در ۽ دريون لازمي آھن. ھن دفعي جڏھن گرمين ۾ ياسمينه وٽ ويس ته مون کيس ٻڌايو ته شمع حرم جي باري ۾ ڇا ٿي چوي. جڏھن مون ڏٺو ته ناني ياسمينه منھنجي ڳالھ غور سان ٻُڌي رھي آھي ته مون پنھنجي تاريخي علم جو مظاھرو ڪرڻ شروع ڪيو. مون روسين جي حرم جي باري ۾ کيس ٻڌايو ته ڪيئن ھارون الرشيد پنھنجي ھزار باندين جي ڪري سلطان بنيو ۽ ڪيئن عيسائين عربن کي ڌوڪو ڏيئي اصول بدلايا. اِھو ٻڌي ناني ياسمينه کلي ۽ چيائين ته پنھنجي جھالت جي ڪري اِن ڪھاڻيءَ جي تصديق ڪرڻ کان ته قاصر آھي مگر کيس اِھو سڀ ڪجھ مضحڪه خيز لڳي رھيو آھي.

پوءِ مون چيو ته ”شمع جي ڳالھ صحيح ھئي يا غلط“ ته ناني ياسمينه چيو ته صحيح ۽ غلط جي چڪر ۾ نه پئو“، ڪجھ شيون ساڳي وقت تي صحيح به ٿي سگھن ٿيون، لفظ بصر جيان مختلف تھن ۾ ويڙھيل ھوندا آھن، ھر تھ جي نئين معنيٰ ھجي ٿي. جڏھن ھڪ لفظ جون ٻه معنائون نڪرن ته صحيح غلط ھونئن ئي بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا. ھيءُ جيڪي سوال تون ۽ سمير ڪندا رھو ٿا سي به درست آھن مگر ھر دفعي نوان سوال اٿندا رھندا، ائين مان تولاءِ ھڪ تھ ٻيو کڻان ٿي پر ياد رک ته اھو به انھن سڀي تھن مان ھڪڙو تھ آھي.

لفظ حرم، حرام جي ئي ھڪ صورت آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”اُھا شيءِ جيڪا منع ڪيل ھجي.“ معنيٰ اِھا حلال جي برعڪس آھي. حرم اُھا جاءِ آھي، جتي مرد پنھنجي زالن، ٻارن ۽ ڪٽنب کي پناھ ڏئي ٿو. پوءِ اُھو چاھي گھر ھجي يا خيمو. حرم جو لفظ جڳھ ۽ خاندان ٻنھي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً ڪير چوي فلاڻو سدي جو حرم آھي ته اُن جي معنيٰ گھر ۽ ڪٽنب ٻئي ٿي سگھن ٿا.“

”مڪو، اُھا جاءِ آھي، جتي قانون ۽ پابنديون لازمي آھن، ان لاءِ شھر ۾ داخل ٿيڻ جو مخصوص طريقئه ڪار آھي. صفائي پارسائي ۽ نيڪي ضروي آھي. اِھو الله جو شھر آھي ان ۾ شريعت جو نظام لاڳو آھي. ائين حرم جا پنھنجا قائدا ۽ قانون ٿين ٿا. گھر جي مالڪ جي اجازت کانسواءِ ڪو به ڪم ٿي نه سگھندو آھي. ھيءُ ھڪ ذاتي علائقو آھي جتي قانونن مطابق زندگي گذري ٿي.“

ناني ياسمينه چوندي ھئي ته جڏھن توکي پتو آھي ته توکي ڪھڙي شيءِ منع ڪيل آھي ته پوءِ ان جي معنيٰ حرم تنھنجي اندر آھي دماغ ۾، مٿي تي رکيل چمڙي اندر.“ اِھو اڻ ڏٺل حرم، اندروني حرم مون لاءِ ڏاڍو خوفناڪ ھو ۽ مون ان کي سمجھڻ چاھيو.

ناني ٻڌايو ته ”فارم ھڪ حرم آھي، جيتوڻيڪ ان کي ديوارون ناھن، ديوارون ته تڏھن لازمي ھجن ٿيون، جڏھن گھٽيون ھجن. جيڪڏھن ٻنيءَ ۾ رھڻ جو فيصلو ڪريو ته دروازن جي ضرورت نه ٿي رھي ڇو ته ٻنين ۾ رستا نٿا ھجن. عورتون بنا ڊپ جي ٻنين ۾ گھمي سگھن ٿيون، ڇاڪاڻ ته غير مرد کين ڪونه تاڙيندا. پنڌ ھلو يا گھوڙي سواري ڪريو، ڪو به غير ماڻھو نظر نه ايندو ۽ جيڪڏھن ڪو ڳوٺاڻو واٽ تي ملي به وڃي ته اُھو بي پرده عورت کي ڏسي خود پنھنجو مُنھن جبي ۾ ڍڪي ڇڏيندو. يعني ڳوٺن ۾ حرم ذھني ھوندو آھي، ھن پيشاني پويان. کيس پتو آھي ته فارم تي نانا تازي جون عورتون آھن ۽ ٻي ڪنھن کي ان جي ڏسڻ جو حق ناھي.

مٿي اندر ذھني حرم مون کي وڌيڪ منجھائي ورتو. مون فوراً ھٿ پيشاني تي ڦيرايو جيئن ڏسي سگھان ته منھنجو مٿو شفاف ۽ حرم کان پاڪ آھي. پر ناني ياسمينه مون کي وڌيڪ پريشان ڪيو اھو چئي ته جنھن به جاءِ تي وڃو ان جا اڻ ڏٺل قانون ٿين ٿا، جي اسان کي سمجھڻ کپن. جاءِ مان مراد آھي اڱڻ، چبوترو، ڪمرو، گھٽي، شھر، جتي به انسان رھن ٿا، ان جاءِ جا پنھنجا قاعدا ۽ قانون ٿين ٿا. جيڪڏھن قاعدي جي پابندي ھجي ته ڪير به توھان جو ڪجھ به نه ٿو بگاڙي سگھي.

عربي ٻوليءَ ۾ ”قاعده“ جا ڪيترائي مفھوم ۽ معنائون ھيون مٽلاً رياضي جو قائدو، فن تعمير جو قاعدو ۽ قانون جو قاعدو. قاعدو ھونئن رواج لاءِ به استعمال ٿيندو آھي، يعني رھڻي ڪھڻي جو قاعدو. پوءِ ھن ھڪ اھڙي ڳالھ ڪئي جنھن مان واقعي به خوفزده ٿي ويس. ھوءَ چوڻ لڳي ته ”بدقسمتيءَ سان اڪثر قاعده عورتن خلاف ھجن ٿا.“

”ڇو؟“ مون پڇيو ”اِھو ته انصاف نه ٿيو.“ مان سندس اڃا به ويجھو سُري ويس، جيئن سندس جواب ٻُڌي سگھان ناني ياسمينه چيو.

”دنيا عورت کي انصاف ڏيڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿي رکي. قاعده ۽ قانون ٺاھيان ئي ان لاءِ ويا آھن ته جيئن عورت کي ان کان محروم رکي سگھجي. مثلاً عورت مرد ٻئي ڏينھن رات ڪم ڪن ته اجرت فقط مرد کي ئي ملي ٿي ۽ عورت کي نه. اِھو به ھڪ قاعدو آھي ته عورت محنت به ڪري ۽ پئسا نه ڪمائي سگھي ته حرم ۾ ڦاسي پوي ٿي پوءِ ديوارون ھجن يا نه ھجن. شايد اِھي جابراڻا قانون ان لاءِ آھن ته اِھي مردن ئي ٺاھيان آھن.“

”پر عورتن ڇو نه ٺاھيا آھن؟“ مان پڇندي ھئس. جواب ۾ ھوءَ چوندي ھئي ته

”جنھن وقت عورت کي اِھو عقل ايندو ۽ ھوءَ ٿانو ملڻ ۽ کاڌي ٺاھڻ بجاءِ اھو سوال ڪري ته پوءِ اُھا ھن نظام کي بدلائي سڀ الٽ پلٽ ڪري ڇڏيندي.“

پوءِ مون کانئس پڇيو ته ”نئين جڳھ تي داخل ٿيون ته ان جي قاعدن کي ڪيئن سمجھون، ڇو ته اھي لکيل ته نه ٿا ھجن.“

”بدقسمتيءَ سان ان جو سراغ انڪري نه ٿو لڳائي سگھجي ته ان عمل کان پوءِ تشدد ٿئي ٿو. پر قاعدن جي خلاف ورزي ڪئي وڃي ته نقصان پھچي ٿو. دراصل اھي اڻ ڏٺل قانون ۽ قاعدا ھنن در دروازن ۽ ديوارن کان بدتر آھن. گھٽ ۾ گھٽ ديوارن سان اھو پتو ته پوندو آھي ته حدون ڪٿي آھن.“

ان لمحي ۾ مون سوچيو ھو ته سڀئي قاعدا مضبوط ديوارون بڻجي وڃن پوءِ مون کي خيال آيو ته ناني ياسمينه جي فارم تي ديوارون ناھن، پوءِ آزاديءَ جو پتو ڪيئن پوندو. آزاديءَ جي معنيٰ ڇا ٿيندي. جڏھن مون ناني ياسمينه سان پنھنو خيال اوريو ته ھوءَ ڪجھ پريشان ٿي ۽ چوڻ لڳي ته ”ڪاش تون به ٻين ٻارن جيان راند روند ۾ لڳي وڃين ۽ ھنن ديوارن، آزادين ۽ قاعدن قانونن کي وساري ڇڏين.“

ڇو ٿي اِھي ڏک کڻين. پياري ڌيءُ، عورت جي زندگيءَ جو مقصد خوشي آھي. تون ديوارن سان مٿو ھڻي رھي آھين.

مون کي وندرائڻ ۽ کلائڻ لاءِ ناني ياسمينه ڊوڙي ديوار سان مٿو ٽڪرائيندي ۽ ھاءِ ھاءِ ڪندي چوندي ته

”ھيءَ ديوار منھنجي دشمن آھي ۽ مون کي ڏک ڏيئي رھي آھي.“ مان کِل ۾ ٻڏي ويندي ھئس ۽ سوچيندي ھئس ته خوشي ممڪن آھي ۽ پوءِ لونڊڙيءَ تي آڱر رکي چوندي ھئي ”سمجھين ٿين ته ڇا ٿي چوان..؟“

”ھا ياسمينه مان سمجھي رھي آھيان ته خوشي ممڪن آھي حرم کان سواءِ به ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل حدن يا وجود به .“

مان ڊوڙي وڃي ناني سان چنبڙندي ھئس ۽ چوندي ھئس ته: ”مون کي پنھنجي پيارين موتين سان کيڏڻ ڏي، مون کي توسان پيار آھي، ڇا عورت ٿي به مان خوشي حاصل ڪري سگھان ٿي!“

ھائو ڇو ته تون خوش وخرم رھندينءَ. ھڪ تعليم يافته جديد عورت. تون قوم پرستن جي خواب کي سچو ٺاھيندينءَ. ڪيتريون ئي ٻوليون سکندينءَ. تو وٽ پاسپورٽ ھوندو. ڪتاب ھضم ڪري ھڪ مذھبي عالم جيان ڳالھائيندينءَ. گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ماءُ کان به بھتر ٿيندينءَ ياد رک ته مان جاھل ۽ روايتن ۾ ڦاٿل عورت ھوندي به ھن منحوس زندگيءَ کان خوشيون چورائڻ ۾ ڪامياب ٿيان ٿي. ان لاءِ مان نه ٿي چاھيان ته تون ھر وقت حدن ۽ سرحدن جو سوچين، خوش باش ھج، کيڏ ۽ کل خوشيءَ ۾ وقت ڪٽ. ھيءُ ھڪ امنگن سان ڀريل عورت لاءِ سُٺي رِٿا آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com