ماڻڪ موتي لعل
*سٺي
يا خراب مستقبل جا اڏيندڙ اسين پاڻ آھيون.
*عظيم
سفر پھرين وِک کڄڻ سان شروع ٿي ويندو آھي.
*اسين پنھنجين ڪاميابين کان گھڻو ڪجھ سکون ٿا.
*پر انھيءَ کان وڌيڪ پنھنجين ناڪامين مان سکون ٿا.
*اھا ئي تمام وڏي ڳالھه آھي ته اسين ننڍي ڳالھه به ڍنگ سان ڪريون.
*زندگي جي ڪو سفر آھي ته پورو ڪريو.
*پر ياد رکجو زندگي آھي اھا جيڪا اوھين ٿا ٺاھيو!
*جيڪڏھن انسان ڪا غلطي نه ٿو ڪري، ته پوءِ ڪجھ به ٿو ڪري سگھي!
*شروعات کان اڳي، چڱي صلاح مصلحت ڪريو ۽ جڏھن فيصلو ڪري وٺو ته پورو عمل
ڪريو.
*ماڻھوءَ جو دماغ ھڪ باغ آھي جيڪو ڏاھپ سان لڳائڻ گھرجي، نه ته اُھو ڪک، پن،
گاھه ۽ ڪنڊا ٿي ويندو.
*شڪر گذار ماڻھو ڀاڻيتي ٻنيءَ وانگر آھن، جيڪي وٺڻ کان ڏھوڻ تي موٽائي ڏيندا
آھن.
*ڪم جو تزپڻو ئي ان جو صحيح معيار آھي، جيڪو توھين حاصل نه ٿا ڪريو، پر ڪوشش
ڪريو ته ان جي ويجھو وڃي سگھو.
*عظيم دماغ آدرشن بابت سوچيندا آھن.
*وچولا دماغ واقعن بابت سوچيندا آھن.
*۽ ننڍڙا دماغ ماڻھن بابت سوچيندا آھن.
*عظيم ماڻھو ڇا آھي؟ جيڪو ڌيرج ڌارڻ ۾ سگھارو آھي.
*ڪاميابيءَ جا سونھري اصول:
اقتدار ۾ ھجو ته ايماندار رھو.
ڪاوڙ ۾ ھجو ته صبر ڪريو.
شڪست کائو تڏھن به ثابت قدم رھو.
ڏکن کي بھادريءَ سان منھن ڏيو.
امير ھجو ته سادگي ڪريو.
با اختيار ھجو ته با فضيلت رھو.
بيضي جو ماسڪ
Egg Mask
1. چِٽا/ڌاٻ/ڇايون ختم ڪرڻ لاءِ:
چِيٽا/ڌاٻ/ڇايون ختم ڪرڻ لاءِ بيضي جو ماسڪ ڏاڍو سٺو آھي.
بيضو 1عدد، ان مان ٽِڪي ڪڍي وٺو ۽ اُن جي اڇاڻ کي چمچي سان
چڱيءَ طرح مڪس ڪريو، ايتري تائين جو گَجِ ٿي پوي.
ان کان پوءِ 5 منٽن تايئن چھري تي ھڻو. ان کان
پوءِ ننھن سُوسڙي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. 15 ڏينھن
کان پوءِ چھري جا چِٽا / ڌاٻ/ ڇايون ختم ٿي
وينديون.
2. چھري تي گھنج ختم ڪرڻ لاءِ مساج:
(الف) ماکي 1 چمچو، ميٽ 1 چمچو، بصر جو عرق ڪجھ ڦڙا، سڀني شين
کي گڏاڙي مِڪس ڪري پيسٽ ٺاھي وٺو. ان پيسٽ کي چھري
تي ھڻي 15 منٽن کان پوءِ ڌوئي ڇڏيو.
(ب) عرق گلاب 100 گرام، ڦِٽڪي 15 گرام، ھڪ عدد بيضي جي اڇاڻ،
روغن بادام 15 گرام. سڀني کي ملائي ھلڪي باھه تي
ايستائين ڪاڙھيو جو گھاٽو ٿي لَئيءَ جي شڪل اختيار
ڪري.
رات جو سمھڻ مھل گرم پاڻيءَ سان منھن ڌوئي خشڪ ڪري، اُن مرڪب جي
مالش ھوريان ھوريان، چھري تي ھيٺان کان مٿي ڪري ۽
صبح جو منھن ڌوئي ڇڏيو.
رابعه سھارڻ
رابيز بيوٽي پارلر
سول اسپتال روڊ، حيدرآباد
***
فھميده قريشي
امڙ ايلسا قاضي
ھُنن
ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن
۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن
تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن
جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽
چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي
ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن
ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن
لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي
موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽
ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي
وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾
سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽
ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ
”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”)
(Elsa Kazi September 1908
سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ
جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.
ھيءَ ڳالھه رڳو ٻن پريمين جو قصو ناھي ھيءَ ھڪ آدرشي عظيم ساٿي
جوڙي جي ڳالھه آھي، جيڪي فڪري روحاني ۽ عملي طرح
سان گڏ ھئا، گڏ رھيا ۽ ھڪ ٻئي جو سھارو بڻجي سنڌ
يونيورسٽيءَ جھڙي ھڪ عظيم درسگاھه جوڙي ويا، ھي
قصو سنڌ جي عظيم فلاسافر امداد علي امام علي قاضي
عرف عام ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ سندس فڪري ۽
روحاني ساٿياڻي امڙ ايلسا قاضيءَ جو آھي، عظيم
موسيقار موزارت جي خاندان سان سان تعلق رکندڙ ھيءَ
خاتون اڄ پنھنجي ور ۽ عظيم انسان علامه آءِ. آءِ.
قاضيءَ جي ڀر ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ آرامي
آھي. ”اسان ۽ پرين. شال ھون برابر ڏيھڙا“
ادب ۽ شاعريءَ جي وڏي آسماني ڪينواس تي ھن ڪيترائي شاھڪار ٺاھيا
آھن. 1923ع واري ڏينھن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي
صاحب خيرپور رياست ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ھئا، تن
ڏينھن ۾ ايلسا قاضي مير علي نواز ناز جي ھڪ سنڌي
عزل جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، نه رڳو ايترو
پر انھيءَ دور ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب سان
گڏجي ھُن سنڌ ۾ پوئٽري سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ان
۾ سرگرم رھي. رڪارڊ مان 11 سيپٽمبر 1952ع تي
پوئٽري سوسائٽي جي حيدرآباد واري شاخ ۾ ميرزا قليچ
بيگ جي صدارت ھيٺ ھڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ پنھنجي جيون
ساٿي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ سان گڏ شريڪ ٿي
پنھنجون لکڻيون پڙھندي نظر اچي ٿي.
1932ع ۾ يورپ جي دانشور جارج برنارڊشا جي ھڪ ڪتاب
“ADVENTURES OF THE BLACK GIRL IN HER SEARCH FOR
GOD”
جي جواب ۾ امڙ ايلسا قاضي ۽ علامه آءِ. آءِ قاضي
“ADVENTURE OF THE BROWN GIRL IN HER SEARCH FOR
GOD”
ڇپرائي پڌرو ٿيو.
1952ع ۾ ھن جي شاعريءَ جو مجموعو
“TERRESTRIAL AND CELESTIAL ECHOES”
پڌرو ٿيو جنھن ۾ 240 شاھڪار نظم آھن.
وفات کان ڪجھ سال اڳ ھن جو شاعريءَ جو آخري مجموعو
“Departure of Disguisted cocscience”
”ڊيپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانشنس“ جي نانءَ سان ڇپجي
پڌرو ٿيو.
سنڌ ۾ رھي ھن تمام وڏو ڪم ڪيو، سندس رڳو ھڪ نظم نم جو وڻ
“Neem Tree”
تعليم نصاب ۾ شامل آھن. جڏھن ته ھن مير علي نواز
ناز جي شاعريءَ کان وٺي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ کي نه رڳو ھن پڙھيو پر ھينئن سان ھنڊئي ان
جا ترجما پڻ ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپرايل اھو
انگريزيءَ وارو لطيف سائينءَ جو ترجمو
Resalo of Shah abdul lateef
آھي. پر سندس انگريزيءَ شاعريءَ ۽ ناول جا ترجما
ٿيڻ کان رھجي ويا. جيڪر اھي ترجما سنڌيءَ ۾ ٿين ھا
ته سندس شاعريءَ جي وڏي ڪينواس، سندس فطرت جي
نرمائي ۽ حساسيت کي عام ماڻھو وڌيڪ سمجھي سگھي ھا.
ان ريت سندس ٺاھيل شاھڪار چتر، تاريخ جي ڪھڙي
ڪٻاڙخاني ۾ رھجي ويا، ان جي به ڳولا ٿيڻ گھرجي
ھڪ استاد جي حيثيت ۾ امڙ ايلسا قاضيءَ جي ٻاجھاري
شخصيت جا اولڙا ھر انھيءَ ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾
نظر ايندا، جنھن ڪي پل ھُن سان گڏ گھاريا ھوندا.
سيد امداد محمد شاھ، سائين جي. ايم. سيد جو ننڍو پٽ جنھن جو
نالو پڻ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي شخصيت کان متاثر
ٿي سائينءَ پنھنجي پٽ تي رکيو. اھو ننڍڙو سيد
امداد محمد شاھ علامه. آءِ. آءِ. قاضي ۽ امڙ ايلسا
قاضيءَ جي گھر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ رھندو ھو. ساڻس
گڏ بلوچستان جو ناميارو ليڊر اڪبر بگٽي ۽ ٻيا
ڪيترائي سنڌي شاگرد رھندا ھئا. سندن يادگيريون
ٻڌائن ٿيون ته: ”امڙ ايلسا قاضي ھڪ استاد کان وڌيڪ
ھڪ ٻاجھاري ماءُ وانگر سندن خيال ڪندي ھئي.“ ھو
روزانو رات جو ٻارن کي
Comics
آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي، جيڪي تمام ڊگھيون ۽ ڪيترن
ھفتن تائين ھڪ ڪھاڻي جاري رھندي ھئي. امڙ ايلسا
قاضي ٻارن کان پڇڻ ۽ سندن ياد ڏيارڻ کان سواءِ
ڪھاڻي اتان کڻندي ھئي، جتي ھڪ رات اڳ ھُن ڇڏي ھئي.
سائين جي. ايم. سيد امڙ ايلسا قاضيءَ بابت ٻڌايو
ھو ته وڏي آرٽسٽ ھئي، ”پنھنجي آرٽ ماڊل کي ڪيترن
ئي ڏينھن کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ سامھون ويھاري، ھن جو
چتر ٺاھندي ھئي، ”ھن جي آرٽ ي خزاني ۾ لطيف
سائينءَ جي سورمين مان ”مارئيءَ کي عمر ڪوٽ مان
وطن ڏانھن واجھائيندي ڏسڻ وارو پورٽريٽ“، سھڻيءَ
کي گھڙو کڻي مھراڻ ۾ لھڻ وارو پورٽريٽ“ ۽ ٻيا
ڪيترائي انيڪ پورٽريٽ ھئا، جيڪي الائي ڪٿي وقت جي
بي رحم ھٿن ۾ گم ٿي ويا. ميڊم تنوير جوڻيجو منھنجي
ڀاءُ عبدالحفيظ قريشيءَ جي امڙ ايلسا قاضيءَ جي
پورٽريٽس کي ڏسندي چيو ھو ته اھڙا ڪيترائي چتر امڙ
ايلسا جي گھر ۾ لڳل ھوندا ھئا. اسين پنھنجي ويجھي
ماضيءَ کي محفوظ ڪري سگھيا آھيون؟ اھو سوال رڳو
تاريخ جي اڀياس ڪندڙن لاءِ ناھي پر اھو سوال سنڌ
جي ھر باشعور انسان لاءِ جيڪو ڌرتيءَ جو درد رکي
ٿو. امڙ ايلسا جي شاعريءَ وانگر ھن جي چترن ۾ پڻ
اوڀر ۽ اولھ جي فني لاڙن جو سنگم چٽو نظر ايندو.
ھُن ھڪ ڀيرو پاٽ شريف کان واپس موٽندي سنڌونديءَ کي سن وٽان
سانوڻيءَ ۾ ڀرپور وھندي ڏٺو ھو، جڏھن نئين سن ۽
نئين رني ٻئي لڏنديون لمنديون سن وٽان گھٽ ڏئي
سنڌوءَ سان ڀاڪرين پئجي رھيون ھيون، تڏھن علامه
آءِ. آءِ قاضي کيس انھيءَ نظاري کي ڏيکاريندي
ٻڌايو ھو ته: اھو جي. ايم. سيد جو ڳوٺ آھي. تڏھن
ٻنھي سن ۾ سيد جي رٿيل ھڪ علمي مرڪزي ”سنڌو وديا
ڀون“ قائم ڪرڻ واري رٿا کي ياد ڪيو ۽ ھن جي. ايم.
سيد کي انھيءَ جڳھ تي ھن آدرشي علمي مرڪز جي قائم
ڪرڻ واري رٿ کي ساراھيو ۽ پنھنجون خدمتون بنان
ڪنھن اجوري جي آڇيون. قدرت ڪجھ عرصي کان پوءِ ھنن
ٽنھي جي انھيءَ آدرشي علمي مرڪز واري خواب جي
ساڀيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾، علامه آءِ. آءِ.
قاضي صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ واري وائيس
چانسلريءَ واري دور ۾ عملي شڪل ۾ مڪمل ٿي.
دنيا جا سمورا اڪابر انھيءَ ڳالھ تي متفق آھن ته: ”ھن دنيا ۾ ھر
ڪامياب مرد جي پويان ڪنھن سگھڙ عورت جو ھٿ ضرور
ھوندو آھي.“ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي ڪامياب
زندگي، سندن عاليشان علمي خدمتن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ
جي شڪل ۾ ھن امر تعليمي يادگار جي پويان امڙ ايلسا
قاضيءَ جو رڳو ھٿ نه پر زبردست ساٿ ۽ سھڪار رھيو
آھي.
قدرت کين ھڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ڪري جوڙيوھو. سنڌ جي علمي
تاريخ ۾ ٻنھي جو ذڪر ھڪ ٻئي ساڻ ايندو رھندو.
اتھاس ۾ ھو ٻئي ائين گڏو گڏ نظر ايندا، جيئن سيد ۽
سنڌ، جيئن مارئي ۽ مارو، جيئن سنڌ ۽ سنڌو، جيئن
ٺٽو ۽ ڄام نظام الدين، جيئن لطيف ۽ سنڌ جو رشتو
اڻٽٽ آھي. ھنن ٻنھي مان ڪڻھن ھڪ جو تذڪرو ٻئي جو
ذڪر ٿي پوندو، ھنن ٻنھي کي پنھنجو ڪوبه جسماني
اولاد ڪونه ھو، پر ھو ٻئي ھن دنيا ۾ پنھنجا انيڪ
روحاني اولاد ڇڏي ويا آھن جيڪي کين ھر ڏينھن، ھر
مھيني، ھر سال ڪٿي نه ڪٿي ياد ڪندا رھندا آھن. ھو
ٻئي اھل ڪتاب ھئا ۽ اھل ڪتاب ڪڏھن به مرندا نه
آھن. ھو سمورن آدرشي انسانن وانگر ھئا، جن جو
موضوع انسان ذات جو ايڪو ڏسڻ، انسان ذات جي ترقي
ڏسڻ چاھيندا آھن. سنڌ جي سمورن صوفين وانگر ھو ٻئي
سنڌ جا جديد صوفي ھئا، جن امن، عالم ۽ انسان ذات
جي ترقيءَ جا خواب جاڳندڙ اکين سان ڏٺا ۽ اھي سبق
ھر وقت ماڻھن کي ياد ڏياريندا آيا. |